تازو ’نيٽفلڪس‘ تي اورحان پامڪ جي ناول ”ميوزم آف انوسينس“ تي ٻڌل ھڪ سيريز ڏيکاري پئي
وڃي. ڇھه سال اڳ به پامڪ جي انھيءَ ناول تي ٽيليويزن سيريز ٺاھڻ لاءِ حق ورتا ويا هئا. پر جڏھن
کيس سيريز جو خلاصو مليو ته هُو پريشان ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته ناول کي اسڪرين تي لاءِ آڻڻ لاءِ
اهڙيون تبديليون ڪيون هيون، جيڪي پامڪ جي نظر ۾ حد کان وڌيڪ هيون، ۽ انهن اصل ڪھاڻيءَ
کي مڪمل طور تي تبديل ڪري ڇڏيو هو.

پامُڪ پنھنجي ڪھاڻيءَ جا حق واپس وٺڻ لاءِ پروڊيوسر تي ڪيس ڪري ڇڏيو. هُن 2022ع ۾ اهو
ڪيس کٽي ورتو ۽ پوءِ هڪ ترڪ پروڊيوسر سان گڏ ٻيھر ڪوشش ڪئي، پر هن ڀيري ڪھاڻيءَ تي
پنھنجو ڪنٽرول برقرار رکڻ لاءِ سخت شرط رکيائين. چئن سالن کان پوءِ، هو آخرڪار ان جي نتيجي
مان خوش آهي. ويلنٽائن ڊي کان ھڪ ڏينھن اڳ 13 فيبروريءَ تي ھيءَ منفرد پيار ڪھاڻي ’نيٽفليڪس‘
تي نوَن حصن جي سيريز طور پيش ڪئي وئي آهي.
انهيءَ کان اڳ پامُڪ جي انھيءَ ناول تي ھڪ ميوزم به جوڙيو ويو هو. اھو ميوزم شايد دنيا جو ھڪ
منفرد ميوزم آھي، جنھن ۾ ڪنھن تاريخي دور يا ڪنھن حقيقي شخص بدران هڪ ناول جي خيالي
ڪھاڻي ۽ ڪردارن کي آڏو رکي جوڙيو ويو آھي.

پامُڪ جو ناول ”ميوزم آف انوسينس“ ھڪ وڏ گهراڻي جي نوجوان ڪمال جي پنھنجي غريب مائٽياڻيءَ
فسون سان عشق جي ڪھاڻيءَ تي ٻڌل آهي. طبقاتي فرق واري انهيءَ عشق جا مسئلا ۽ ڪمال جو انهيءَ
عشق ۾ جنون جو داستان بيان ٿيل آھي. ناول ۾ اھو ڏيکاريو ويو آهي ته ڪمال پنھنجي محبوبه سان جڙيل
ھر شئي کي ڪيئن گڏ ٿو ڪري. انھن شين ۾ سگريٽ جا ٽوٽا به شامل ھئا، جيڪي ھوءَ ايش ٽري ۾
اڇلائيندي ھئي ته سندس لباس کان وٺي ٽوٿ برش، ڦڻيون، ماچيس جون دٻيون، رانديڪا، استنبول جي
منظرن جي تصويرن سميت ھزارين شيون شامل هونديون آهن. آخر ۾ جڏھن فسون گذاري وڃي ٿي ته ان
جي ياد ۾ ھُو ھڪ ميوزم ٿو ٺاهي، جنھن ۾ ساڻس جڙيل هر شئي رکي ٿو. هيءُ ناول ھڪ حقيقي
ڪردار تي ٻڌل ھو، جنھن پنھنجيءَ محبوبه سان شديد عشق ٿي ڪيو.
اورحان پامُڪ انھيءَ ناول کي صفحن تي پيش ڪرڻ کان اڳتي وڌي استنبول ۾ ھڪ ميوزم جوڙيو
آھي، جيڪو ھن ناول جي ڪردارن سان جڙيل شين ۽ منظرن جي باري ۾ آھي.
پامُڪ جو ناول نه رڳو ٻن ڪردارن جو قصو ھيو، پر اھو استنبول سان پامڪ جي عشق جو به داستان
آھي. ھن ميوزم ۽ ناول ذريعي هن استنبول جي سماجي تاريخ کي به رقم ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ ھُن
استنبول جي انهيءَ دور جو سامان گڏ ڪرڻ شروع ڪيو.
پامُڪ ناول ۽ ميوزم تي ھڪ ئي وقت ڪم شروع ڪيو ھو. ھُن رڳو ڪھاڻي ٻڌائڻ نه پئي گهُري، پر
ان کي ھڪ جسماني روپ ڏيڻ پئي چاھيو.

ميوزم ناول جي 83 بابن مطابق ترتيب ڏنل ھو. ھر حصي ۾ ناول جي انهيءَ باب سان جڙيل شيون
رکيل ھيون. ڪٿي فسون جي گهر جو سامان پيل ھو، ته ڪٿي سندس ٻالڪپڻ جا رانديڪا. ھڪڙو سڄو
شيلف انھن 4213 سگريٽ جي ٽوٽن تي مشتمل ھو، جيڪي فسون ڇڪي ايش ٽري ۾ اڇلائيندي ھئي ۽
جن کي ڪمال سالن تائين گڏ ڪندو رھيو ھو.
پامڪ ڪنھن هنڌ چيو ھو ته عام طور ميوزم قومن جي شان کي ڏيکارڻ لاءِ ٺاھبا آھن، پر ھيءُ ميوزم
ھڪ تصوراتي فرد جي ياد ۾ ھو. ھن ميوزم ۾ پيل پراڻيون پرفيوم جون بوتلون، رومال، سلائي مشين،
ڦڻيون ۽ ٻيون سامان اصل ۾ ھڪ الميائي قصي سان پڙھندڙ جي وابستگيءَ کي ٻيھر جوڙڻ لاءِ ھيو.
پامُڪ لکيو ھو ته ڪنھن جي سارَ ڪنھن سِڌي لڪير وانگر نه ھوندي آھي، جيڪا اڳيان وڌندي رھي.
پر سارَ وَر وڪڙ ۽ دائرن ۾ ڦرندي رھندي آھي. ميوزم به انهيءَ فڪر تحت ڊزائن ڪيو ويو، جنھن ۾
فسون سان جڙيل شيون وقت جي سڌي ترتيب ۾ نه ھيون، پر ياد جي دائرن ۽ وَرن وڪڙن تي مشتمل

ھيون. جيتوڻيڪ ليکڪن جي گهرن ۽ تخليقن جي حوالي سان دنيا ۾ ٻيا به ميوزم آھن، پر پامُڪ جو
ميوزم انهيءَ لحاظ کان منفرد آھي، جو اھو فقط ھڪڙي ڪردار تي مرڪوز آھي ۽ جنھن ۾ حقيقت ۽
فساني جي وچ واري لڪير ميسارجي ويل آھي.
ناول تي ٺھيل انھيءَ سيريز جو تعلق رڳو ڪتاب سان نه پر ميوزم سان پڻ آھي. سيريز جي ھر حصي
جي اختتام تي انهيءَ کي ميوزم ۾ رکيل ڪنھن نه ڪنھن شئي سان جوڙيو ويو آھي. اھو ادب جي دنيا جو
ھڪ منفرد مظھر آھي، جنھن ۾ ناول، ميوزم ۽ ٽي وي سيريز گڏجي ھڪ تصور پيش ڪن ٿا.
