Homeسنڌسماجسنڌي سماج سان چُهٽيل صديون پراڻي بيماري

سنڌي سماج سان چُهٽيل صديون پراڻي بيماري

سنڌي سماج موهن جي دڙي کان ئي محنت ڪش ۽ هنرمند رهيو آهي، جنھن ۾ موچي، ڪوري، ڪنڀر، لوهار، سونارا، ناکئا، ڌوٻي، رنگساز، هاري ۽ مختلف پيشن وارا شامل هئا. ان وقت اسان جون ذاتيون به پيشي يا ڪِرت جي حوالي سان سڃاتيون وينديون هيون. تنھن زماني ۾ سنڌ جا هنرمند، ناکئا۽ واپاري دريائي توڙي سامونڊي رستن سان پنهنجي ڌنڌي جي سلسلي ۾ ڏيساور ٻه ٻه سال ٽي ٽي سال ھليا ويندا هئا، جن کي ڀٽائيءَ پنهنجي شاعرانه سُرن ۾ به منظر نگاري ڪئي آهي. هونئن به سنڌ جاگرافيائي لحاظ کان اهڙي هنڌ تي واقع آهي، جو عربي سمنڊ مان انڊيا جي مختلف بندرگاهن طرف به وڻج واپار لاءِ وڃي سگھبو هو. دراصل اها سنڌي سماج ۾ پورهيي جي محنت هئي، جنھن کيس سُکيو سماج بڻجڻ ۾ مدد ڪئي. سنڌ جي انهيءَ خوشحاليء تي ڌاريي دشمن جي ته اک رهي ئي آهي، پر پنهنجن جي بدبختي به ڪا گهٽ نه رهي آهي.
سنڌ جي لکيل تاريخ جي جهان ۾ انهن واقعن ۽ سانحن جو هڪ ڊگهو سلسلو آهي. عرب دور ۾ سنڌ سان لاڳاپيل هڪ ڪوڙو يا سچو واقعو اهو به آهي ته سري لنڪا ويندڙ جهاز کي “نڪامره” قبيلي جي سامونڊي سنڌي ڌاڙيلن ڦُريو، جنھن مان هڪ عرب عورت عربن جي بدنام زمانہ عراقي گورنر حجاج بن يوسف کي مدد لاءِ پڪاريو، جنھن تي حجاج بن يوسف راجا ڏاهر کي چيو ته مذڪوره ڌاڙيلن هٿان کنڀيل ۽ ڦريل ماڻهو واپس ڪرائي ڏي. راجا ڏاهر کيس جواب موڪليو ته اهي ڌاڙيل اسان کان به زور آهن، منھنجي ماڻهن کي به لُٽي وڃن ٿا، تنهنڪري کين ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهجي. مبينه طور حجاج کي ان جواب تي ڪاوڙ آئي ۽ هن سنڌ سان جنگ جو اعلان ڪيو. جيڪڏهن اھو بيان درست آهي ته پوءِ سنڌ تي عربن ان واقعي کان اڳ 14 حملا ڇو ڪيا؟ حقيقت اها آهي ته سنڌ جي خوشحالي سنڌ لاءِ مصيبت پيدا ڪئي، جڏهن ته سنڌ جي بدحالي ۾ دسمن سان گڏ سنڌ جي مقامي غداري جو به وڏو هٿ رهيو آهي. ان ڪري ئي گذريل 1500 سو سالن کان
سنڌ وڏو عرصو غلاميءَ ۾ رهي آهي. انهيءَ تسلسل ۾ ئي اڄ جو سنڌي جاگيردار ۽ غدار حلقو پنهنجي خسيس مفادن لاءِ ڌارين کي دعوتون ويٺو ڏئي ته اچي اسان کي لٽيو. سنڌ جي عرب دور کان پوءِ جي تاريخ ۾ چنيسر ساڳي ريت علاءُالدين خلجي ۽ ڄام فيروز ۽ ان جي ماءُ مدينه ماڇياڻي شاھ بيگ ارغون کي دعوت ڏئي، سنڌ لُٽرائي هئي. جيتوڻيڪ ساڳين دورن ۾ دودي، ٻاگهل ٻائي دولھه درياهه خان ۽ مخدوم بلاول سميت ڪيترا ئي وڏا سورهيه ڪردار سنڌ ۾ موجود هئا، پر سندن لاءِ هڪ ئي وقت ڌاريي دشمن ۽ پنهنجي ويري سان منھن ڏيڻ ممڪن نه هو. نتيجي ۾ سنڌ خوشحال هوندي به وڏا عذاب سٺا.
خاص طور سمه حاڪميت جي خاتمي کان پوءِ واري عذابي دور ۾ 50 کان 60 سال ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي وقت ۾ سموري سنڌ واڳونءَ جي وات ۾ هئي.
غلامي هڪ اهڙي بيماري آهي، جيڪا سماج ڇا ، سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جا چھرا ئي بگاڙي ٿي ڇڏي.
انهن دورن ۾ ٿيل ظلم ۽ بربريت جي ڪري اسان جو واپار تباھ ٿي ويو، اسان جا ٻاهرين دنيا سان رابطا ختم ٿي ويا. زراعت، مال، آڏاڻن ۽ اُڻت جي ڪم کي زوال اچي ويو، تان جوڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ ڪجه سک جو ساهه کنيو. خاص ڪري ڪلهوڙن جي دور ۾ آبپاشي سسٽم بھتر ٿيو، جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ جي زراعت ترقي ورتي. نتيجي ۾ ٻيا پيداواري شعبا به سگهارا ٿيا. ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپر اقتدار ۾ آيا، پر پنهنجي شاهاڻي مزاج سبب ٽالپرن ڪلهوڙن جي محنت سان آباد ڪيل زمين جي اڌ کي شڪار گاهه بنائي ڇڏيو. ساڳي طرح انگريزن جي دور ۾ سنڌ ڪجهه سک جو ساهه کنيو ته مملڪت خداداد ۾ سنڌ وري ڦرلٽ جو شڪار ٿي رهيا آهي. ممڪن آهي ته آڳاٽن وقتن ۾ سنڌ جي بدحالي جا سبب ڪجهه ٻيا هجن، پر سمه حڪومت جي زوال کان شروع ٿيل سنڌ جو گذريل 600 سالن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو، ان جي نااهل ۽ موقعي پرست قيادت جو آهي. سومرن جي دور ۾ سنڌ کي وڏو عرصو صالح قيادت ملي، ته ان کي “سونهري دور” جو لقب مليو، سمن جي دور ۾ ڄام نندي جهڙي اهل قيادت سنڌين کي ملي ته ان کي “صاحبي” جو اعزاز عطا ٿيو، ڪلهوڙن جي دور ۾ فقط هڪ ڪارائتو حڪمران غلام شاهه ڪلهوڙو مليو، جنھن ھن ديس کي عزت ۽ مڃتا ڏياري (جيڪڏهن هو اڃا وڌيڪ عرصو اقتدار ۾ رهي ها ته سنڌ جي لاءِ ڪافي سُٺو سنوڻ ثابت ٿي پوي ها) . ٽالپر شخصي طور خراب حاڪم نه هئا، پر منجهن معياري حڪمرانن وارو تدبر نه هجڻ ڪري، مورڳو سنڌ هڪ پرڏيهي پاور وٽ وڃائي ڇڏي.
دنيا جي تاريخ کولي ڏسو، ڪو به خوشحال ملڪ پنھنجي سياسي نظام وسيلي ئي ترقي ڪري سگهي ٿو. ڪنهن به ملڪ جي معشيت به تڏهن سڌرندي آهي، جڏهن اتان جو سياسي نظام سُٺي نموني سان هلندو هجي. پر سياسي نظام معياري حڪمراني ۽ سياسي تدبر سان حاصل ٿيندو آهي، جنھن جي سنڌ صدين کان ڳولائو آهي.
….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا