Homeادببلاگعورتن جو عالمي ڏينھن: ڇا نمائشي سرگرمين سان عورتن کي حق ملي...

عورتن جو عالمي ڏينھن: ڇا نمائشي سرگرمين سان عورتن کي حق ملي ويا؟


هر سال 8 مارچ تي سڄيءَ دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏينھن ملهايو ويندو آهي۔ هن ڏينهن تي عورتن جي حقن، برابري ۽ بااختياري بابت وڏيون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن، سيمينار ٿيندا آهن، تقريرون ڪيون وينديون آهن ۽ سوشل ميڊيا تي سرگرمين، ريلين ۽ مارچن جون تصويرون شيئر ڪيون وينديون آهن۔ پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان واقعي انهن عورتن جي مسئلن تي ڌيان ڇڪائي سگهيا آهيون، جيڪي سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ڪيون وڃن ٿيون؟
پاڪستان، خاص طور سنڌ ۾، مختلف صلاحيتون رکندڙ عورتون ۽ ڇوڪريون اڄ به ڪيترن ئي بنيادي حقن کان محروم آهن۔ اسان “انڪلوين”، “مين اسٽريم ۾ شامل ڪرڻ” ۽ “وومين ايمپاورمينٽ” جھڙا لفظ ته گهڻو استعمال ڪريون ٿا، پر عملي طور تي اهي عورتون تعليم، صحت، روزگار ۽ سماجي تحفظ جھڙين بنيادي سهولتن تائين پھچ حاصل نٿيون ڪري سگهن۔
هڪ اهم مسئلو اهو به آهي ته اسان وٽ صحيح ۽ صنفي بنيادن تي تيار ٿيل ڊيٽا موجود ئي ناهي۔ نه پاڪستان جي سطح تي ۽ نه سنڌ، ضلعي, تعلقي جي سطح تي. هزارين عورتون مختلف معذورين سان زندگي گذاري رهيون آهن، پر انهن کي ڪھڙين ضرورتن ۽ مسئلن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، اسان وٽ ان جي ڪا به ۽ صحيح معلومات موجود ئي نه آهي. ان صورت ۾ موثر پاليسيون ۽ عملي قدم ڪيئن کڻي سگهجن ٿا؟
ڳوٺاڻن علائقن ۾ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي۔ اتي نه مناسب تعليمي ادارا آهن، نه تربيت جا مرڪز ۽ نه ئي صحت جون مناسب سهولتون۔ نه سڃاڻپ ڪارڊ جي ڊور اسٽيپ سهولت، جيڪڏهن وڏن شھرن ۾ ڪي ادارا موجود به هجن ته به آمد و رفت (موبلٽي) جا مسئلا ايترا وڏا آهن، جو گهڻيون ڇوڪريون ۽ عورتون انهن مرڪزن تائين پھچي ئي نٿيون سگهن۔
گهڻا والدين پنھنجي مختلف صلاحيتن رکندڙ ٻارن سان بيحد محبت ڪن ٿا، پر گهڻو ڪري اهي انهن کي ڪنهن سکيا سينٽر يا تربيت واري اداري تائين وٺي وڃڻ جي قابل ناهن هوندا۔ نتيجي ۾ اهي ٻار ۽ ڇوڪريون گهرن تائين محدود ٿي وڃن ٿيون ۽ انهن جي صلاحيتن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ئي نٿو ملي۔
مختلف صلاحيتون رکندڙ عورتن کي رڳو جسماني مسئلن کي ئي نه پر ڪيترن ئي ذهني، سماجي ۽ صحت سان لاڳاپيل پيچيده مسئلن کي به منھن ڏيڻو پوي ٿو۔ صفائي، ذهني صحت، فزيوٿراپي، بلوغت بابت آگاهي، حيض سان لاڳاپيل مسئلا، ۽ عمر سان گڏ ايندڙ تبديليون جھڙوڪ مينوپاز, انهن جون صنفي يا جنسي ضرورتون يا مسئلا، اهي سڀ موضوع اهڙا آهن، جن بابت اسان جي سماج ۾ نه کلي ڳالهه ٿيندي آهي، ۽ نه ئي ڪي عملي مٿبت پروگرام موجود آهن۔
ان کان به وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته استحصال، هراساني ۽ بدسلوڪيءَ جھڙن مسئلن بابت لڳ ڀڳ ڪا به ڳالهه ٻولهه نٿي ڪئي وڃي۔ مختلف صلاحيتون رکندڙ عورتون ۽ ڇوڪريون اهڙن خطرن جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿيون، پر انهن جي تحفظ لاءِ ڪو مضبوط نظام نظر نٿو اچي، ۽ اهڙا سوين معاملا دٻيل ئي رهجي وڃن ٿا.
گهٽ ۾ گهٽ هاڻ ملڪ جي برابر ٽيڪس پيئرس مختلف صلاحيت رکندڙ ٻارن، ڇوڪرين ۽ عورتن لاءِ حڪومت، سماجي ادارا ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون رڳو تقريرن، تقريبن ۽ نمائشي سرگرمين تائين محدود نه رهن. جيڪو ڏسجي پيو، اهو ئي وڪامجي پيو، جيڪا به هڪ نا انصافي ۽ من پسند ادارن يا ماڻهن کي خوش ڪرڻ جي هڪ شڪل آهي. اهڙا ادارا ۽ مرڪز قائم ڪيا وڃن، جتي مختلف صلاحيتون رکندڙ عورتن کي تعليم، مهارتن جي تربيت، صحت جون سهولتون، تحفظ ۽ روزگار جا موقعا مھيا ڪيا وڃن۔
ان سان گڏ هڪ مضبوط مانيٽرنگ، شڪايت ۽ فيڊ بيڪ جو نظام به قائم ٿيڻ گهرجي، ته جيئن شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائي سگهجي۔
سنڌ حڪومت، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، معذور ماڻهن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن، نادرا، بئنڪن ۽ مالي ادارن کي گهرجي ته اهي گڏيل حڪمت عملي تحت مختلف صلاحيتون رکندڙ عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ آسان شرطن تي قرض، ڪاروباري سھائتا ۽ سماجي تحفظ جا پروگرام شروع ڪن۔
جيڪڏهن بئنڪون ۽ مالي ادارا آسان شرطن تي قرض ۽ ڪاروباري موقعا فراهم ڪن ته ڪيتريون ئي عورتون گهر ويٺي ننڍا ڪاروبار شروع ڪري سگهن ٿيون۔ ان سان نه رڳو انهن جي معاشي خودمختياري وڌندي، پر اهي عزت ۽ وقار سان سماج جو فعال حصو بڻجي سگهنديون.
حقيقي ترقي تڏهن ممڪن آهي، جڏهن سماج جي سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ڪيل طبقي کي به اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏنو وڃي. مختلف صلاحيتون رکندڙ عورتون ڪنھن همدرديءَ جون محتاج ناهن، پر انهن کي رڳو اهي حق، عزت ۽ موقعا گهرجن، جيڪي هر انسان جو بنيادي حق آهن۔
عورتن جي عالمي ڏينهن تي اسان کي اهو عزم ڪرڻ گهرجي ته عورتن جي حقن جي جدوجهد ۾ انهن عورتن کي به شامل ڪنداسين، جيڪي اڃا تائين سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ڪيون ويون آهن۔ ڇو ته حقيقي ترقي يافته سماج اهو ئي سڏي سگهجي ٿو، جتي ڪا به عورت پوئتي نه رهجي وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا