Homeسنڌنئون نسلمحبت، جنس ۽ جنريشن زِي

محبت، جنس ۽ جنريشن زِي

مترجم: علي حسين

جنريشن زِي‘ هڪ نئون اصطلاح آهي، جيڪو نوجوانن جي ان نسل لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جيڪو 1997 کان 2012ع جي وچ ۾ پيدا ٿيو آهي- هيءُ نسل ڊجيٽل دنيا جو پھريون حقيقي رهاڪو آهي. ٽيڪنالاجيءَ جي حيرت ۾ وجهندڙ ترقيءَ کي ماڻيندڙ يا ان کان متاثر ٿيندڙ هيءُ نسل ورثي ۾ مليل قدرن، روايتن ۽ تصورن کان گهڻو مختلف بلڪ ابتڙ به سوچي ٿو. هن وٽ ٻين ڳالهين سان گڏ عشق محبت جي حوالي سان به پنھنجو نڪتئه نظر ۽ تجربو آهي، جيڪو  گذريل نسلن جي ماڻهن کي عجيب به لڳي ٿو ته ڇرڪائيندڙ به. جنريشن زِي وٽ محبت ۽ جنس جي حوالي سان موجود روين کي آڏو رکي، بي بي سي چائنا هڪ سروي نما مضمون شايع ڪيو آهي، جنھن جو ترجمو سارنگا جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو.)

چين سان واسطو رکندڙ 26 سالن جي زويو (فرضي نالو) پنھنجي هڪ بواءِ فرينڊ کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ئي ماڻهن سان جنسي لاڳاپن تي ٻڌل رشتا جوڙڻ شروع ڪيا. ”مون سيڪس کي جذبات يا محبت کان الڳ ڪرڻ شروع ڪيو.“ هوءَ ڊيٽنگ ائپس تي ماڻهن سان ملي ۽ جڏهن اهي لاڳاپا شروع ٿيا ته ڌرين پنھنجون حدون طئي ڪرڻ شروع ڪيون. جيڪڏهن ڪو اهي حدون ڪراس ڪرڻ ٿي لڳو، ته زويو کيس ياد ٿي ڏياريون.

زويو اڳ ۾ به اهڙن پنجن ڇھن لاڳاپن ۾ رهي چڪي آهي. هوءَ جنس کان آزاد ڪنھن سان به رومانوي لاڳاپا قائم ڪرڻ کي عيب نٿي سمجهي. هن مردن، عورتن ۽ کدڙن سان به لاڳاپا رکيا.

جنريشن زي جنس ۽ جنسي رجحانن جي حوالي سان اڳوڻن نسلن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گوناگون آهي. گئلپ سروي موجب آمريڪا ۾ 23.1 سيڪڙو جنريشن زي پنھنجي هم جنس پرست طور سڃاڻپ ڪرائي ٿي.

گذريل ڪجهه سالن دوران زويو ڪجهه اهڙن مبھم ۽ اڻ چٽن لاڳاپن ۾ به رهي آهي، جن کي واضح طور بيان ڪرڻ مشڪل هيو، پر انهن لاڳاپن جي غير يقيني ڪيفيت کيس ٿڪائي وڌو ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيو.

هن بي بي سي چائنا کي ٻڌايو ته ”ڏيڍ سال تائين اڻ چٽي لاڳاپي ۾ رهڻ، نه هِي نه هُو، مون لاءِ ته اهو لڳ ڀڳ اڻ سونھائيندڙ هيو.“

جڏهن هوءَ انهن مبھم لاڳاپن کي برداشت نه ڪري سگهي، ته هن هڪ ڀرپور ساٿ جي ڳولا شروع ڪري ڏني. تنھن هوندي، کيس ويجهر ۾ اهو احساس ٿيو ته، ان ريت، جڏهن اوهان لاڳاپي جي خواهش لاءِ جنسي طور به ويجها لاڳاپا قائم ڪري ٿا وٺو، ته اهو رشتو بيحد ڪمزور بڻجي وڃي ٿو.

ڪجهه سالن ۾، هڪ نئين قسم جو لاڳاپو ”سچوئيشن شپ“ به سامهون آيو آهي. هي لفظ سچوئيشن(صورتحال) ۽ رليشن شپ يا لاڳاپن سان ملي ٺھيو آهي. هن قسم جي لاڳاپي ۾ ٻئي ڌريون رومانوي تعلق قائم رکن ٿيون، پر پوءِ به تعلق کي واضح طور قبول نٿيون ڪن. اها دوست ۽ محبوب جي وچ واري اڻ چٽي ڪيفيت آهي.

لاڳاپي جو هيءُ قسم جنريشن زي ۾ مقبول ٿي چڪو آهي.

ان جي هوندي، ڊيٽنگ ائپ ’ٽنڊر‘ جي تازي سالياني رپورٽ موجب 18 کان 25 سال جي عمر تائين ڊيٽنگ ڪندڙ نوجوانن ۾ ’واضح لاڳاپي جي وضاحت‘(ڪِليئر ڪوڊنگ) 2026ع جو نئون لاڙو آهي.

’ٽنڊر‘ جو چوڻ آهي ته سنگلز هاڻ ’ڊِي ڪوڊنگ‘ مان بيزار ٿي چڪا آهن ۽ هاڻ اهي ملاقات وقت پنھنجي نيت چٽي نموني ظاهر ڪن ٿا. صاف صاف لفظن ۾ ٻڌائن ٿا ته اهي ڪھڙي قسم جو واسطو رکڻ گهرن ٿا ۽ اندازي تي ٻڌل ڪيفيت کي ختم ڪري رهيا آهن.

”ڪڏهن ڪڏهن مونکي بيحد ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي آهي.“

20 سالن جي سي مس (فرضي نالو) جو واسطو مڪائو سان آهي ۽ هوءَ هن وقت تائيوان ۾ پڙهي پئي. هن بي بي سي کي ٻڌايو ته هوءَ ٽن چئن ويجهن لاڳاپن ۾ رهي چڪي آهي.

مڪائو ۾ رهندي، هوءَ سمجهندي هئي ته لاڳاپن بابت هن جي سوچ ڪافي محدود آهي، پر تائيوان اچڻ کان پوءِ جڏهن هن ڏٺو ته هن جا دوست مختلف قسمن جا لاڳاپا آزمائي رهيا آهن، ته هوريان هوريان هوءَ ڄاڻڻ لڳي ته لاڳاپن جون ڪئين صورتون ۽ امڪان موجود آهن.

گذريل ڪجهه سالن دوران هوءَ اهڙي تعلق ۾ رهي،  جنھن کي هن واضح طور تسليم نه ڪيو. اهو ماڻهو هن جو سينيئر هيو. ٻئي چپ چپ ۾ عاشقن وانگي ڳنڍيل رهيا. ”اسان ڪڏهن به صاف صاف نموني نه چيو ته اسان جو تعلق ڪيئن ۽ ڪھڙو آهي.“

اهو واسطو اٽڪل ٽن مھينن تائين هليو، پوءِ اهو شخص پنھنجي پڙهائيءَ لاءِ ٻئي شھر هليو ويو ۽ اهو تعلق ختم ٿي ويو. ”هو ماسٽرس ڪرڻ لاءِ تائي پي هليو ويو ۽ پوءِ اهو سڀ ختم ٿي ويو. سبب اهو آهي ته جڏهن تعلق چٽو نه هجي ته ماڻهو ڪنھن به وقت لاڳاپو ختم ڪري ٿا ڇڏين.“

في الحال هن سان گڏ اهڙو ساٿي آهي، جنھن سان هوءَ زندگي ونڊي رهي آهي، پر سي مِس جو چوڻ آهي ته هوءَ کيس بواءِ فرينڊ نٿي سڏي.

”اسان روزاني زندگيءَ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيندا آهيون ۽ عام عاشقن کان بلڪل مختلف ناهيون.“

سي مس چوي ٿي ته ٻئي مختلف هنڌن سان واسطو رکن ٿا. ” اسان سوچيو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اسان جي زندگيءَ جا رستا مختلف هوندا. جيڪڏهن تعلق شروع نه ڪجي، ته ان جو خاتمو به نه ٿيندو، ۽ جيڪڏهن واقعي وڇڙي وڃون ته شايد ايڏو ڏک به نه ٿئي.“

هوءَ سمجهي ٿي ته موجود ساٿيءَ سان ڊگهي پنڌ وارو لاڳاپو ممڪن نه آهي، پر پوءِ به هوءَ اهڙي ڪيفيت ۾ آهي، جتي الڳ ٿيڻ به يقيني ناهي.

”ڪڏهن ڪڏهن مونکي پاڻ کي به بيحد ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي آهي.“

هن مشاهدو ڪيو آهي ته گذريل ڪجهه سالن ۾ هن جي هم عمر دوستن مان ڪيترائي ’سچوئيشن شپ‘ معنا اڻ چٽن لاڳاپن ۾ رهيا آهن.

”منھنجي هڪ دوست اهڙي صورتحال ۾ ڪئين سالن کان رهي پئي. هن جو مسئلو اهو آهي ته اها ڪنھن هڪ شخص سان محبت نٿي ڪري سگهي.  ان ڪري اها بواءِ فرينڊ يا گرل فرينڊ جو رشتو قائم نٿي ڪري، ۽ اهو واسطو ڊگهي مدي تائين نٿو هلي سگهي.“

تنھن هوندي به سي مِس اهو چٽيءَ ريت چوي ٿي ته اها ڪيفيت مثالي نه آهي، بلڪ دل کي ٿڪائي وجهندڙ آهي. ”ڪنھن لاڳاپي ۾ جذبات شامل نه ڪرڻ ايترو سولو نه آهي. جڏهن اوهان ڪنھن سان ڊگهي عرصي تائين رهو ٿا ته ماڻهوءَ جو احساسن کان صفا خالي رهڻ لڳ ڀڳ ممڪن نٿو رهي.“ پر جڏهن تعلق جو ڪو نالو، ڪا تصديق يا ڪو آئيندو نه هجي، ته اهڙي رشتي کي قائم رکڻ ۽ هلائڻ سڀ کان ٿڪائيندڙ ڳالهه آهي.

سي مِس مڃي ٿي ته جيڪڏهن ملاقات جي ابتدا ۾ ئي ٻئي ڌريون پنھنجي نيت ۽ گهربل واسطي جي چٽائي ڪري ڇڏين، ته اهو وڌيڪ بھتر عمل هوندو، ۽ غلط فھمين جو امڪان به گهٽ هوندو.

هن جي دل جي ڪنھن ڪنڊ ۾ اها خواهش به موجود آهي ته هوءَ بھرحال هڪ ڊگهو ۽ مستحڪم لاڳاپو چاهي ٿي.”مان شادي به ڪرڻ گهُران ٿي.“

ان جي باوجود جنريشن زي جي هڪ ميمبر جي حيثيت ۾، هوءَ سمجهي ٿي ته اڄڪلھه رومانوي واسطا جڙڻ ڏينھون ڏينھن ڏکيا ٿيندا پيا وڃن. ”جڏهن سڀ ماڻهو گهڻو ڪري ته پنھنجي ذاتي ترقيءَ تي ڌيان ڏين ٿا، ته اهي ڪنھن ٻئي شخص تي اضافي خرچ ڪرڻ نٿا گهرن، ۽ ايئن رومانوي احساسن کي حاصل ڪرڻ جي خواهش به گهٽ ٿيندي ويندي آهي.“

ٽيڪنالاجي جنريشن زِي جي ويجهن لاڳاپن ۾ رنڊڪ ڪيئن پئي بڻجي؟

تائيوان جي نيشنل يانگ مِنگ چيائوتنگ يونيورسٽيءَ جي ڪميونيڪيشن ۽ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ جي ايسوسيئيٽ پروفيسر  چن وي پِنگ، جيڪا ٽيڪنالاجي ۽ ويجهن لاڳاپن جي موضوع تي تحقيق ڪندي رهي آهي، تنھن موجب ته جنريشن زي جي واڌ ويجهه سوشل ميڊيا ۽ ڊيٽنگ پليٽ فارمن وسيلي ٿي آهي.

”هنن لاءِ ويجهن لاڳاپن کي سمجهڻ جو عمل ابتدا کان وٺي مضبوط ڊجيٽل خاصيتن سان جڙيل رهيو.“

چن وي پِنگ وضاحت ڪري ٿي ته نوجوان نسل لاءِ ٽيڪنالاجي فقط هڪ ذريعو يا اوزار نه آهي، بلڪ لاڳاپن کي سمجهڻ جو هڪڙو فريم ورڪ آهي.

”هي نسل الگورٿم جي اثر واري ماحول ۾ ويجها لاڳاپا سکي ٿو، ۽ انهن الگورٿمز جي منطق کي اندروني طور اپنائي وٺي ٿو.“ 

چن وي پِنگ مشاهدو ڪيو آهي ته اڳوڻي نسل جي ابتڙ، جيڪو محبت کي قدرتي طور وڌڻ ويجهڻ ڏيندو هيو، نئون نسل وڌيڪ چٽائيءَ سان سمجهي ٿو ته مختلف مرحلن ۾ هو ڪھڙي قسم جو واسطو يا شدت چاهي ٿو.

ڪجهه ماڻهو ڊيٽنگ ائپس تي پنھنجي تعارف ۾ لکن ٿا ته مان فقط اهڙو دوست چاهيان ٿي/ٿو، جيڪو مون سان گڏ ميلو گهمڻ هلي- يا مان هڪ مضبوط لاڳاپي جي ڳولا ۾ آهيان…مطلب ته واسطن جي باري ۾ پنھنجي توقع واضح طور بيان ڪن ٿا.

چن وي پِنگ جي چوڻ موجب ’ڪليئر ڪوڊنگ‘ ڏانھن لاڙو رڳو هن ئي سال سامهون ناهي آيو، پر ان مرحليوار ارتقا ڪئي آهي ۽ اها هڪ اهم تبديلي آهي. ”گذريل ڪجهه سالن ۾ ڪووِڊ- 19 جي غير يقينيءَ واري صورتحال ’سچوئيشن شپ‘ معنا اڻ چٽن لاڳاپن کي هٿي وٺائي آهي. ماڻهن کي ڪا خبر نه هئي ته آئيندو ڇا هوندو، ان ڪري واسطي کي واضح طور بيان ڪرڻ کان لھرائيندا هيا، ۽ اها اڻ چٽائي اڃا وڌيڪ غير يقينيءَ واري ڪيفيت کڻي آئي.“

هن وڌيڪ چيو ته ’ڪليئر ڪوڊنگ‘ جو رجحان جنريشن زي جي جذباتي خاصيتن سان ڳنڍيل آهي.

”ڪجهه مھينن تائين اهو جاچڻ کان سواءِ ته ٻيو شخص ڇا ٿو چاهي، سٺو آهي ته اٿندي ئي اميدون چٽيون ڪري ڇڏجن. ان ۾ لاڳاپي جو قسم، آئيندي جا ارادا، ويندي اوهان جو سياسي نڪتئه نظر به شامل ٿي سگهي ٿو، ۽ اهي سموريون ڳالهيون شروع ۾ ئي آڏو رکي ڇڏجن.“ 

هي طريقو اهڙن ماڻهن کي شروع ۾ ئي ڌار ڪري ڇڏيندو آهي، جن جا قدر هم آهنگ ناهن ۽ اهو سڀ نئين نسل جي اثرائتي ڊيٽنگ ڪلچر جي عڪاسي ڪري ٿو.

ان جي باوجود، چن وي پِنگ خبردار ڪري ٿي ته ان جا ڪجهه نقصان به آهن. ”اهڙا ذاتي گُڻ يا جذباتي لاڳاپا جيڪي وقت سان گڏ هوريان هوريان اڳتي وڌندا آهن، ۽ جن کي هڪدم چٽو ڪرڻ ممڪن نه آهي، شايد ڪڏهن به ظاهر نه ٿي سگهن.“

27 سالن جو هوانگ هن وقت تائين ٻه ڀيرا رومانوي لاڳاپن ۾ رهي چڪو آهي. هن وقت هو آمريڪا ۾ پڙهي پيو ۽ هن جي هاڻوڪي محبوبا ٻاهرئين ملڪ جي آهي. سندن اهڙو لاڳاپو چئن سالن کان هلندڙ آهي.

هو اهو چٽيءَ ريت ٻڌائي ٿو ته توڙي جو هيءُ رشتو هڪ حد تائين مضبوط آهي، پر آئيندي جي باري ۾ اڃا به غير يقينيءَ واري ڪيفيت موجود آهي. هوانگ چوي ٿو ته هو ۽ هن جي محبوبا اڪثر آئيندي جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا رهندا آهن، ”۽ يقينن اسان چاهيون ٿا ته ايندڙ وقت ۾ به اسان گڏ رهون، پر اهو سڀ زور زبردستيءَ سان نٿو ڪري سگهجي.“

جنريشن زي جي ڀاتيءَ طور هو مڃي ٿو ته گذريل نسل جي ڀيٽ ۾، جيڪو مضبوط رشتن کي اوليت ڏيندو هيو، اڄوڪي زماني ۾ غير يقينيءَ جي صورتحال وڌيڪ آهي. ” هن ۾ حد کان وڌيڪ بي چيني آهي ۽ ان جي به خبر نه آهي ته استحڪام ڪا حاصل ٿيڻ جوڳي شئي به آهي يا نه-ان ڪري گهڻو تڻو ڌيان حال تي ئي رهندو آهي.“

ٻئي پاسي زويو جي دل ۾ اڃا به اها خواهش موجود آهي ته هوءَ هڪ اهڙو ساٿي ڳولي لھي، جيڪو مستقل هن سان گڏ هجي ۽ جنھن سان ڪو ڳُوڙهو تعلق قائم ڪري سگهجي.

”هڪ ئي وقت ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سان لاڳاپا رکڻ هڪ ٿڪائيندڙ عمل آهي. جڏهن اوهان پنھنجي توانائي اڻ ڳڻين ماڻهن تي خرچ ڪريو ٿا، ته هڪ گھرو لاڳاپو جوڙڻ ممڪن ئي نٿو رهي.“

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا