گارشيا لورڪا کي آئون پڙھندو آيو ھوس. ھن جي شاعريءَ جو مداح بہ ھوس. پر مون کي فيض احمد فيض جي ھڪ انٽرويو ڇرڪايو. ھن کان سوال پڇيو ويو تہ اوھان ڪلاسيڪي اردو شاعريءَ جي اصطلاح مان گهڻو اتساھ ورتو آھي. انھيءَ سوال جي موٽ ۾ ھن جواب ڏنو ھو تہ اھا ڳالهہ ٺيڪ آھي، پر استعارو ڪيئن گهڙجي، اِھا شيءِ مون لورڪا کان سِکي آھي. اِھو ھڪ غيرمعمولي اعتراف ھو. فيض احمد فيض پاڻ وڏو شاعر ھو. ھُو ننڍي کنڊ جي اردو شاعريءَ ۾ مير، غالب ۽ اقبال کان پوءِ وڏي ۾ وڏو شاعر آھي. اُھو جڏھن اِھڙو اعتراف ڪري تہ حيراني اڻٽر ٿيو پوي.
تنھن کان پوءِ مون لورڪا جا ٻئي شاعراڻا مجموعا ”جپسي گيت“ ۽ ”نيويارڪ ۾ شاعر“ ٻيھار پڙھيا؛ ۽ خاص طور ھن جي استعاري جي انداز کي سمجهڻ جي خيال کان پڙھيا. انهيءَ پڙھائيءَ ۾ ھفتو کن لڳو. ھونءَ تہ ڪيئي وھڃائڻ جھڙيون ڳالهيون پلئہ پيون، پر اِھا ڳالهہ سمجهہ ۾ ويٺي تہ گهوڙا گارشيا لورڪا جي شاعريءَ جو خاص استعارو آھن. انهيءَ ڪري، ھُن جي گهوڙن جي حوالي سان استعارا الڳ ڪيا. جيئن:
In the black moon
Of the bandits,
The spurs sing.
Little Black Horse
Where do you take your dead rider?
ترجمو:
ڌاڙيلن جي
ڪاري چنڊ ھيٺ
نعل وڄن ٿا
اي ڪارا گهوڙا
تون پنھنجي مئل سوار کي ڪيڏانھن ٿو نئين؟
اِھي سٽون پڙھندي مون کي ھڪدم شيخ اياز جون سٽون ياد آيون:
”ڪارا ڪميت تون
گهايل سوار کي
ڪيڏانھن نيندين؟
”ڪميت“ گهوڙي جو رنگ بہ ڪارو ٿيندو آھي. انهيءَ مان اِھا ڳالهہ چٽي ٿي ٿئي تہ رڳو فيض احمد ئي نہ، پر شيخ اياز بہ گارشيا لورڪا کان متاثر ھو.
گهوڙن جي حوالي کان سنڌي شاعر حسن درس جا بہ ڪيئي شعر سرجيل آھن. انهيءَ طرح ھڪ عنصر يا اميجريءَ جي ھڪ اوزار طور گهوڙو سنڌي شاعريءَ ۾ شامل رھندو آيو آھي.
گارشيا لورڪا وٽ گهوڙي جو استعارو گهڻ پاسائون آھي. جيئن تہ لورڪا جي بنيادي موضوع ”موت ۽ الميو“ ھئا، تنھنڪري وٽس گهوڙي جو استعارو انهيءَ معنيٰ ۾ گهڻو واھپي ۾ آيو آھي. ٻيو ڪارڻ اِھو ھو جو ڪتاب ”جپسي گيت“ ۾ اندلسي رولاڪ ثقافت جائتي آھي. اُتان جي جپسين جي رھڻي ڪھڻيءَ ۾ گهوڙو وڏيءَ اھميت وارو ھو. ھڪ پاسي، اسپين نئين دنيا کي پنھنجائي رھيو ھو تہ ٻَي پاسي، اندلس جي پرانھَن علائقن ۾ زيتونن جي باغن وچان ڪچن سَڻڪن تي گهوڙا ڊوڙي رھيا ھئا، جن جي ٽاپوليون اُتان جي زندگيءَ جو بنيادي حصو ھيون. جپسي قبيلن جي زندگيءَ جي وھنوار ۾ چُرپُر جو اھم وسيلواُھي گهوڙا ئي ھئا. سندن مقامي ڌنڌا، ڪاروبارَ، ميلن ملاکڙن ۾ شرڪت ۽ مٽن مائٽن توڻي دوستن يارن سان ميل ملاقات لاءِ بہ گهوڙا ڪتب ايندا ھئا.
لورڪا اندلس جي جسپي قبيلن جي چونڊ بہ پنھنجي مزاج پٽاندر ڪئي. ھُو پاڻ آزاد ھو ۽ ڪنھن بہ روڪ ٽوڪ کي کنگهندو بہ نہ ھو، اڃا بہ چئجي، لورڪا اسپيني ڪليسائي قانونن کان صفا چِڙيل ھوندو ھو. تنھن زماني جي اسپيني عوام مٿان ڪليسائي قانونن جو گھرو اثر ھو. تنھن جودنگُ رڳو ڌارمڪ رسمن تائين نہ ھو، پر اُھو سماجي اخلاقيات، تعليم، نجي ڪٽنبي زندگي ۽ خاص طور منفي نموني عورتن تي مڙھيل ھو. مقامي زندگيءَ ۾ گرجا جي مداخلت سڌيءَ ريت ھئي. لورڪا گرجا تي اُھا سموري چِڙ ۽ ڪاوڙ پنھنجن ڊرامن وسيلي ڪڍي، جنھن جا مرڪزي ڪردارَ اسپين جي ٻھراڙين جون اُھي مظلوم عورتون ھيون، جيڪي گرجا جي قانون جي گهيري ۾ عذاب جي زندگي گذاري رھيون ھيون.
تنھن ھوندي بہ، جپسي قبيلا اھڙن قانونن کان آجا ھئا ۽ پنھنجيءَ آزاديءَ، پراچين رسم رواج ۽ خوداختياريءَ سان زندگي گذاريندا ھئا. ھڪ طرح، اِھو بہ چئجي تہ جنھن ڍنگ جي آزاد يا پابندين کان آجي لورڪا گذارڻ پَي گهري، سا تڏھن رڳو انهن جپسي قبيلن وٽ ئي عملي طرح ۽ جيئري جاڳندي روپ ۾ موجود ھئي. ھڪ جپسي جڏھن گهوڙي تي چڙھندو ھو، زين ھن جي ھٿ ۾ ھوندي ھئي، پوءِ ھُن جي مرضي ھوندي ھئي، ھُو ڪيڏانھن بہ انهيءَ کي ڪاھي وڃي. ڪتاب ”جپسي گيت“ ۾ لورڪا جو سڀ کان وڌيڪ سگهاري ۽ مشھور تخليق ”ننڊ ۾ ھلڻ جو گيت“ آھي، جنھن جو مرڪزي موضوع بہ گهوڙو ئي آھي:
”اي ساواڻ مون کي توسان پيار آھي
سائي ھوا، سايون ٽاريون
سامونڊ ۾ جهاڳيندڙ ٻيڙو
۽ پھاڙ مٿان بيٺل گهوڙو
ھوءَ جَهنگلَي وٽ خواب پئي ڏسي
انهيءَ جي چيلهہ چوڌاري ساوا پاڇا
سائو بدن ساوا وار
۽ ٿڌي چانديءَ جھڙيون اکيون
جپسي چنڊ ھيٺان
ھر شيءِ ھن کي ڏسي رھي آھي
پر ھُوءَ سڀني کان بيپرواھ آھي.“
ھِن گيت ۾ ”ساواڻ“ اميد يا بھار جي علامت ناھي. لورڪا جي پوريءَ شاعريءَ ۾ ڪٿي بہ سائو رنگ رواجي معنيٰ ۾ پيش ٿيل ناھي. اُھو سريئل، تجريدي ۽ علامتي آھي. ھن گيت ۾ سائو رنگ، موت کان پوءِ لاش جي ڀُرڻ جُهرڻ جي معنيٰ ۾ آھي، جيڪو سائي ڏِکَ ڏيندو آھي. يعني زندگي ناھي رھي. تنھن کان سواءِ سائو رنگ انهيءَ متروڪيل يا وساريل دنيا جي توانائيءَ کي پيش ڪندڙ آھي، جيڪا ڪليسائي توڻي ٻين جابراڻن قانونن ھوندي بہ ساھ کڻي رھي آھي. سمنڊ، ٻيڙي ۽ ڊوڙندڙ گهوڙا حرڪت ۾ آھن، پر اُتان جي بيٺل زندگي ڪنھن اوسيئڙي ۾ آھي. انهيءَ اوسيئڙي جو رنگ سائو آھي ۽ جهنگلي وٽ بيٺل ڇوڪري، جيڪا ساواڻ يعني نيستيءَ ۾ گهيريل آھي، اُن جي اکين ۾ زندگي آھي ۽ انهيءَ مٿان چنڊ جي روشني آھي: يعني ھوءَ زندگيءَ ۽ موت جي ٻہ واٽي تي بيٺل آھي. ھيءُ گيت گارشيا لورڪا جي خاص ٽيڪنڪ ”ڊوئيندَي“ (Duende) ۾ لکيل آھي. مون انهيءَ جي باري ۾ چڱو پڙھيو آھي. اُھا ڪا باقاعدي ادبي ترڪيب ناھي، رڳو لورڪا سان لاڳاپيل آھي. لورڪا پاڻ بہ انهيءَ انداز کي اھو ئي نالو ڏنو آھي. اِھا ترڪيب مون کي چڱيءَ طرح اڃا سمجهہ ۾ ناھي ويٺي، پر اُھا احساس جي شدت جو ئي ھڪ قسم چئي ويئي آھي. خاص طور ”ڊارڪ، (ڊارڪ لفظ انگريزيءَ ۾ تہ سمجهہ اچي ٿو، پر سنڌيءَ ۾ ان جو ترجمو ”اونداھو يا گھرو” ڪرڻ بہ مناسب ناھي) روح اڀار توانائي آھي، جيڪا سندرتا ۽ موت جي توازن مان پيدا ٿيندي آھي.“
ھاڻي انهيءَ گيت ڏانھن ٿو اچان، جيڪو نہ رڳو لورڪا جي شاعريءَ اھم آھي، پر مون کي لڳندو آھي، انهيءَ نظم جي ڪري ئي کيس ماريو ويو ھوندو. انهيءَ تي پوءِ ٿا ڳالهايون، اڳ ۾ گيت ”اسپيني سول گارڊ جو قصو“ جو خاص حصو پڙھجي:
گهوڙا ڪارا آھن
نعل بہ ڪارا
ھنن جي عبائن تي
مس ۽ ميڻ جا داغ چمڪن ٿا
ھنن جو کوپڙيون سِيھي جون آھن
تہ جيئن اُھي روئي نہ سگهن
چمڙيءَ جا روح ڇاتين ۾ کڻيو
اُھي سڙڪ تان ھلندا ٿا اچن
ڪُٻا ۽ رات جا رھزن جتان مَٽيندا آھن
ڪاري رٻڙ جھڙي ماٺارن
۽ سنهي واريءَ جي ڊپ جھڙو
حڪم ھلائيندا آھن
اُھي اُتان مَٽيندا آھن، جتان بہ اُھي گذرڻ گُهرن
۽ ھنن جي مٿن ۾
ڌنڌلن ستارن جو علم لڪيل آھي
جن ۾ اُھي پستول آھن
جن جو تعين ئي نہ ڪري سگهجي
اي خانہ بدوشن جا شھرَ
گهٽين جي ڪنڊن پاسن تي بينرپيا ڦڙڪن
چنڊ ۽ ڪَدو
۽ محفوظ ڪيل چيري
ڪير توکي ڏسي ڀلا وساريندو؟
غم ۽ کٿوريءَ جا شھر
دالچينيءَ جي مينارن وارا!
جڏھن رات ويجهي آئي
راتيون جيڪي وڌيڪ گھريون ھونديون آھن
خانہ بدوشن پنھنجين بٺين تي
سج ۽ تير تِکا ڪندا ڪرڻ لڳا
ھڪ گهڻو گهايل گهوڙو
سڀني دروازن سان ٽڪر ھڻڻ لڳو
شيشي جا ڪڪڙ ٻانگون ڏيئي رھيا آھن
جيريز ڊي لا فرونٽيرا جي وسنديءَ ۾
مريم ۽ پوتر سينٽ يوسف جون چَڙيون
وڃائجي ويون آھن
۽ ٻئي خانہ بدوشن کي ڳولين ٿا
متان اُھي لڀي پون
مريم کي ميئر جي زال جو ويس پاتل آھي
جيڪو چاڪليٽي ڪاغذن جھڙو آھي
۽ ھن بادامين جو ھار پاتو آھي
ريشمي چوغي ھيٺان
پوتر سينٽ يوسف پنھنجيون ٻانھون پيوھلائي
پويان فارس جي ٽن سلطانن سان گڏ
پيڊرو ڊوميڪ اچي رھيو آھي
اڌ چنڊ ڏٺو
ٻگهن جي وجداني ڪيفيت جو خواب
بينرن ۽ لالٽينن
سڌين ڇتين تي قبضو ڪري ورتو
آرسين جي ھُن پار روئيندڙ ناچڻيون
ڌڙن کان سواءِ ھيون
پاڻي ۽ پاڇا، پاڇا ۽ پاڻي
جيريز ڊي لا فرونٽيرا جي گهٽين ۾
اي خانہ بدوشن جا شھر
گهٽين جي ڪنڊن پاسن تي بينر آھن
پنھنجيون سايون بتيون اُجهايو
جو ”معتبر“ ٿا اچن
اُھي جوڙن جي روپ ۾ جشن ملهائيندا
شھر ڏانھن اچي رھيا آھن
امربيل جون سرگوشيون
ھنن جي ڪارتوسن جي پيٽين ۾ گهڙي آيون آھن
اھي چاليھ سول گارڊ
لٽ مار ڪندا داخل ٿين ٿا
وقت رڪجي ٿو وڃي
۽ بوتلن ۾ ڀريل مڌ
نومبر جي ويس ۾ لڪي ويو
تہ جيئن شڪ پيدا نہ ٿئي…..
اونداھين گهٽين ۾
پوڙھيون خانہ بدوش عورتون ڊوڙي رھيون آھن
پنڪيون ھڻندڙ گهوڙا
۽ سُڪُون جي گهگهين سان
عمودي گهٽين مان
ڊيڄارندڙ عبائون مٿي چڙھن ٿيون
پنھنجي پويان ڇڏين ٿيون
قئنچين جا واچوڙا
بيت اللحم جي ھڪ در وٽ
خانہ بدوش گڏ ٿيا آھن
پوتر سينٽ جو گهاون سان چُور چُور آھي
ھڪ جوان ڇوڪريءَ کي ڪفن پارائي رھيو آھي
ضديرين زائفائن کي
رات سانت ۾ ٽوڙيو پيو وڃي
ھڪ ستاري جي لعاب سان
مريم ٻارن جا گهاءَ پئي ڀري
پر سول گارڊ
باھ وچان اڳتي وڌن ٿا
جتي جوان ۽ اگهاڙين تخيل کي ساڙيو پيو وڃي
ڪيمبوريوس جي روزا
پنھنجا ڪٽيل پستان کڻيو
پنھنجيءَ چانئٺ تي ڪِنجهي رھي آھي
جيڪي ھڪ ٿالهيءَ ۾ پيل آھن
۽ ٻيون ڇوڪريون ڊوڙي رھيون آھن
پنھنجين چڳن پويان
ھن فضا ۾ جتي ڪاري بارود جا
گلاب ڦاٽي رھيا آھن…….
ھن گيت ۾ گهوڙا تہ آھن، پر اسپين جي زندگيءَ خاص طور خانہ بدوشن جي زندگيءَ تي تشدد جا بنھ وحشياڻا منظر بہ آھن. ھيءُ گيتُ ھڪ شھر آشوب آھي. مٿي مون لکيو تہ ٿي سگهي ٿو تہ ھن يا اھڙن ٻين گيتن جي ڪري لورڪا کي ماريو ويو ھجي. اھو مون انهيءَ ڪري لکيو جو ھُن جي موت جو ڪو تز ڪارڻ معلوم نہ ٿي سگهيو آھي.
لورڪا اسپيني گهرو ويڙهہ جي شروع ٿيندي ماريو ويو ھو. تڏھن اسپيني فوج ۾ ٻہ ڌڙا اُسري چڪا ھئا. ھڪ جمھوريت پسند ڌڙو ھو؛ ۽ ٻيو قوم پرست ڌڙو ھو. قوم پرست باغي فوجين اسپين جي مک صوبي اندلس تي انهيءَ جي اتھاسڪ شھرن قرطبہ ۽ غرناطہ سميت قبضو ڪري ورتو ھو.
1936ع ۾ گارشيا لورڪا کي مقامي قوم پرست فوج غرناطہ جي ھڪ علائقي فونٽي ويڪروس مان گرفتار ڪيو ويو ھو. انهيءَ کي ھڪ عام گرفتاري سمجهيو پئي ويو جو انهيءَ زماني ۾ باغي قوم پرست فوجون اھڙيون ڪارروايون ڪنديون رھنديون ھيون. پر غيرمعمولي طرح، مقامي باغي قومپرستن گارشيا لورڪا کي ماريو. چيو ٿو وڃي، ھن کي رڳو انهيءَ نياپي عام ڪرڻ لاءِ قتل ڪيو ويو تہ جيئن ڪوبہ انساني آزاديءَ جي ڳالهہ نہ ڪري. لورڪا جي آتم ڪٿا لکندڙ بہ لکيو آھي تہ جنرل فرانڪو ھن جي قتل جو نہ ذميوار ھو ۽ نہ ھن کي اھڙي سُڌ ھئي. لورڪا کي ڪيٿولڪ قدرن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اڳيئي ھو، ھُو عوام خلاف خاص طور عورتن سان ظلم ۽ زيادتيءَ خلاف ھو، جاگيردار طبقي ۽ اشرافيہ کي اسپين جي مھانتا وڃائڻ جو ڪارڻ سمجهندو ھو. پراچين لوڪن جي رھڻ ڪرڻ جو وڏو حمايتي ھو، جيڪي سماجي قانونن جي پاسداريءَ ابتڙ فطري زندگي جيئندا ھئا. ھن جا ڪردارَ جپسي، خانہ بدوش ۽ رولاڪ قبيلن سان تعلق رکندڙ ھئا. ھُن جي قتل جي اصل محرڪ اِھي ئي ھئا، پر انهيءَ ڪو سياسي ڪارڻ نہ ھو. ھن جي بيباڪي ئي ھن لاءِ موت آندو ۽ مقامي ”ڪارا گهوڙا“ ھن کي پنھنجن وحشي ھيٺ لتاڙي ويا.
لورڪا جي شاعريءَ ۾ ڪن جڳھين تي گهوڙي جو استعارو موت ۽ الميي جي معنيٰ کان الڳ بہ آھي.”ننڊ ۾ ھلڻ جو گيت“جو ھڪ ٽڪرو مٿي ڏنو ويو آھي. ساڳيي گيت ۾ اڳتي سول گارڊن ۽ خانہ بدوشن جي ٽڪراءُ ڄاڻايو ويو آھي، جنھن ۾ پڻ ھن گهوڙي جو ذڪر آيو آھي، جيڪو ھن ريت آھي:
تنھن رات آئون ڊوڙيس
سڀ کان بھترين پيچرن تي
موتين جھڙي گهوڙيءَ تي سوار ٿِي
ڪنھن لغام ۽ رڪاب کان سواءِ
ماڻهوءَ طور آئون اھو سڀ نہ ٿو ٻڌائڻ گهران
جيڪو مون کي ھن چيو
سرت جي جوت
مون کي محتاط بڻائيندي آھي.“
ڪردار، جيڪو پاڻ کي جائز نموني جپسي قرار ڏئي ٿو، اُھو محبوبہ کي نديءَ تي وٺي ٿو اچي. ھن گيت ۾ گهوڙو لذت جي شدت ۽ جوڀن جي بي قابو ترنگ کي ظاھر ٿو ڪري.
لورڪا پنھنجي ”رتوڇاڻ وھانءُ“ ٿيٽر ۾ ھڪ لکي ٿو:
”گهوڙي کي نہ روڪيو
اُھو مقدر پاسي ڊوڙندو آھي.“
ھنن سٽن ۾ ”گهوڙو“ انساني خواھش جي علامت آھي ۽ گڏوگڏ عورتن جي آزاديءَ جو تاثر بہ رکي ٿو. ”جپسي گيت“ ڪتاب ۾ گيت ”ڪاري ڏک جو قصو“ خاص جاءِ والاري ٿو، جنھن ۾ گهوڙي جو ذڪر سريئل انداز ۾ آيو آھي:
”پنھنجي پرھ (جي چوڳي لاءِ)
ڪُڪڙ زمين کوٽين ٿا
انهيءَ وقت سوليداد مونتويا
اونداھي پھاڙ کان ھيٺ لھي ٿي
ھن جو جسم پيلو ٽامو آھي
ان ۾ گهوڙي ۽ پاڇي جي خوشبو آھي
ھن جون ڇاتيون
دونھون ڇڏيندڙ سانداڻ وانگي آھن
گول، گيتن وانگي شوڪارا ڀريندڙَ
سوليداد!
تون ھن وقت ڪنھن کي سڏي رھي آھي، ھيئن اڪيلي؟“
ھيءُ سمورو گيت نسواني حسن جي ابلاغ سان ٽمٽار آھي. ھيءُ لورڪا جو خاص سريئل انداز آھي، جنھن جو ذڪر مٿي ٿيو. ڇوڪريءَ جو جسم ھڪ مادي شيءِ آھي، پر انهيءَ کي فطري عنصرن وسيلي ڏٺو ۽ ڏيکاريو ويو آھي. ”گهوڙي جي خوشبو“ خانہ بدوشن جي زندگيءَ جي آزاديءَ، سگهہ ۽ جَهنگاڻي مزاج جي علامت آھي، جنھن ۾ ڇوڪريءَ اندر سرڪشيءَ ۽ فطري چَرپَڻ کي چٽي ڪرڻ جو سعيو ڪيو ويو آھي؛ ۽ ”پاڇي جي خوشبو“ موت جي ماحول ۾ موجودگيءَ کي اظھاري ٿو، انهيءَ وسيلي خانہ بدوشن جي سماجي طرح غيرمحفوظ زندگي ڏانھن اشارو ڪيو آھي، جن جي آزاد زندگيءَ تي اسٽيٽسڪو جون طاقتون ڪڏھن بہ حملي آور ٿي سگهن ٿيون.
لورڪا جا گهوڙا ھُن جو سريئل تخيل ۾ ڊوڙندا رھيا ــ آزاد ۽ بيباڪ، سگهارا ۽ اڻسڌريل، جيئن ھُو پاڻ ھو. ھُو باغي ھو. ھُن انهن موضوعن کي ڇھيو ۽ اظھاريو، جن کي ڄڀ مان اچارڻ بہ ڏوھ ھو. عورتن جي ڀوڳنائن کي حاشيي مان کڻي مرڪز تي آڻڻ، جسپي قبيلن جي زندگيءَ کي مثالي زندگيءَ طور پيش ڪرڻ، چرچ ۽ سول گارڊن جي جابراڻي حڪمن کي فنڪاراڻي انداز ۾ پيش ڪرڻُ ھن جي پڌري نہ ڪيل چارج شيٽ جا ڏوھ ھئا. انهيءَ بنياد تي آگسٽ 1936ع ۾ ھن کي ماريو ويو، پر ھن جي شاعريءَ جي ٽاپولي ناھي سُتي. اُھا اڄ بہ اندلسي (اسپيني) عوام جي دلين ۾ ڌڙڪي وانگي آھي؛ ۽ پڻ دنيا ۾ ڪوبہ آزاد خيال، بي مھار ۽ سرڪش روح انهيءَ کي ٻُڌڻ گُهري تہ اُھا ٻُڌڻ ۾ ايندي.

وڻيو.
بھترين