سنڌي ٻوليءَ ۾ پھرين ڪھاڻي ڪھڙي لکي وئي؟ ان بابت ادبي تاريخن توڙي ڇپيل مقالن ۾ مختلف ۽ متضاد انگ ملن ٿا. منگهارام ملڪاڻي صاحب جي ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ کان علاوھ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب ، ڊاڪٽر تھمينه مفتي ۽ ٻِين محققن ان بابت پنھنجي پنھنجي تحقيق پيش ڪئي آھي. اڪثر محققن ۽ ليکڪن ترجمو ٿيل آکاڻين، قصن ۽ ڪھاڻين کي طبعزاد سنڌي ڪھاڻيءَ جي شروعات ڄاڻايو آهي.مقامي لوڪ آکاڻين ۽ داستانن کي به ان ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
مليل رڪارڊ مان ڇنڊڇاڻ بعد طبعزاد سنڌي ڪھاڻيءَ جي شروعات جو سال 1914ع ظاهر ٿئي ٿو. هن سال ۾ ٻن ڪھاڻيڪارن جي ڪھاڻين جي داخلا ادبي تاريخن توڙي ڇپيل تحقيقي مقالن ۾ ملي ٿي. اهي آهن”حرمکيءَ جا“ لال چند امرڏنو مل ۽ ”شريف بيگم“ ليکڪ مرزا قليچ بيگ . پر هنن ٻنهي مان ڪھڙي ڪھاڻيءَ کي پھرين ڪھاڻي سڏجي؟ اصل تڪرار اھو آھي. ان لاءِ ضروري هو ته بنيادي ماخذن يعني انهن ڪھاڻين جي پھرين ڇپجڻ جي ڳولا ڪري، تاريخ ۽ سال ڏسي، پوءِ حتمي نتيجو ڪڍجي. پر ڳولا باوجود مرزا قليچ بيگ جي لکيل ڪھاڻي”شريف بيگم“ڪنھن تاريخي ڪتب خاني ۾ نه ملي سگهي، نه ئي سندس ذاتي ڪتب خاني ۾ موجود آھي، جتي سندس سمورا ڇپيل اڻ ڇپيل ڪتاب محفوظ آهن. سندس پوٽي مرزا اعجاز بيگ مرزا قليچ بيگ صاحب جي سمورن ڇپيل اڻ ڇپيل ڪتابن جي تشريحي ببليو گرافي ترتيب ڏني آهي، جيڪا مرزا قليچ بيگ چيئر پاران شايع ٿي چڪي آهي. ان ۾ به هيءَ ڪھاڻي ناٽ ٽريسيبل يعني اڻ لڀ ڄاڻائي وئي آهي. هن ڪھاڻيءَ تي صرف هڪ تفصيلي تبصرو رانجهن خان ميمڻ جي ايم.اي لاءِ لکيل مونوگراف ”آزاديءَ کان اڳ سنڌي افسانو“ ۾ موجود آهي، جنهن مان ڄاڻ ملي ٿي ته هيءَ ڪھاڻي 1914ع ۾ شايع ضرور ٿي آهي، پر ڪٿي به محفوظ ناهي ٿي سگهي. جڏهن ته ٻي ڪھاڻي ”حر مکيءَ جا“ جو پهريون ڇاپو تاريخي لائبررين ۾ اڃا به محفوظ آهي. هيءَ ڪھاڻي سنڌي ساهت سوسائٽيءَ جي ماهوار رسالي ۾ سال 1914ع جي جنوري مھيني ۾ شايع ٿي آهي، جنهن جا هيٺ عڪس ڏسي سگهجن ٿا.

محترم شوڪت حسين شوري صاحب سال 2014ع ۾ لکيل پنھنجي مقالي ”سنڌي ڪھاڻيءَ جا هڪ سئو سال“ ۾ هن ئي ڪھاڻيءَ کي سنڌي ٻوليءَ جي پھرين طبعزاد ڪھاڻي ڄاڻايو آهي. سنڌالاجي پاران شايع ٿيل هڪ سئو سالن جي چونڊ ڪھاڻين جي اينٿالاجيءَ ۾ پڻ شوڪت صاحب ”حر مکيءَ جا“ ڪھاڻيءَ کي ترتيب ۾ پھرئين نمبر تي رکيو آهي. ان ڪري، مليل شاهدين ۽ ڄاڻ جي بنياد تي پھرين سنڌي ڪھاڻي لال چند امرڏني مل جي ”حرمکيءَ جا“ ئي آهي. هن ڪھاڻيءَ لاءِ اهو به لکيو ويو آهي ته 1914ع کان اڳ به ڪاليج ’مسلني‘ ۾ شايع ٿي چڪي هئي.

شوڪت شوري صاحب جو سندي ڪهاڻي تي مقالو ۽ سندس ترتيب ڏنل ڪهاڻين جو ڪتاب ڪٿاب ملندا؟