(قسط: 2)
ٻيون ڏينھن
رات دير تائين جنھن جبل جي قديم يوناني وَسنديءَ کي وڏي اُتساھَ ۽ اڪيرمان ڏٺو ھئم، اڄ صبح جو اُٿڻ سان ئي اِھو خيال دل تي چڙهيو بيٺو ھو ته اَڄُ پنڌ اُتي وڃبو. ھاڻي سمجهه ۾ آيو ٿي ته مذھبي ماڻهو پنھنجن تاريخي مذھبي ماڳن ڏانھن وڃڻ لاءِ ايترا پُرجوش ڇو ھوندا آھن؟ فرق رڳو اھو آھي ته ھنن جي اُتساھ جو سرچشمو عقيدا ۽ ’نجات‘ جا خود فريب آسرا ھوندا آھن ۽ اسان جھڙن جي اُتساھ جو سبب فلسفو، سائنس، ادب، فن ۽ انساني تھذيب ۽ تمدن جي تاريخ آھي. اِھو ته مان رات جو ئي سمجهي ويو ھوس ته سڄو شھر لتاڙي ۽ جبل جون وسنديون اُڪاري، چوٽيءَ تي سِڪندر مَقدونيءَ جي جوڙايل قلعي تائين پنڌ وڃڻ لاءِ وڏو جگر گهرجي، جيڪو منھنجي ارادي ۽ سگهه ۾ ته بلڪل موجود ھو. قونيا اچڻ کان اڳ ھڪ ڏينھن مون ۽ امتياز چوويھه ڪلوميٽر اَوجلار ساحل جي پَٽيءَ تي ڊگهو پنڌُ ڪيو ھو. نيٺ سَنبت ڪري نِڪتس ۽ پنھنجيءَ ھوٽل کان جبل جي پاڙَ يعني هيٺاهينءَ تي پھتس، جنھن جي ٻنهي پاسي کان اِزمير جي قديم بازار آھي. تڏھن پوليس واري کان پڇيم ته قلعي ڏانھن رستو ڪھڙو ويندو؟ ته ھن چيو، اھا چاڙھي چڙھندو وَڃُ ته نيٺ قلعي تي پُڄي ويندين، جو سڀ رستا گهُمي ڦِري اوڏانھن ئي ويندا.
مون پنڌُ شروع ڪيو ته جبل جي اندر لڪيل جھانَ کُلندا ٿي ويا. ھيءُ جبل ته خود ھڪ وڏو شھر آھي، جنھن جي کاٻي ساڄي ھر طرف اڻ کُٽ گهٽيون هيون. ھر گهٽي ھڪُ مڪمل پاڙو ھُئي. پراڻا غريباڻا ۽ هيٺئين وچولي طبقي جا گهر، ھر گهر کي ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ ساديون بالڪنيون، درن جي آڏو ڪي ننڍيون ته ڪي وڏيون دِڪيون، گهرن کي ننڍا ننڍا ورانڊا، جن جي چوڌاري ٻُوٽن جون ڪونڊيون ۽ ٻليون ته ڄڻ ھر گهر ۾ لازمي. پڪ اٿم ته تُرڪي، آذربائيجان ۽ ايران ۾ ماڻهو گهريلو ٻلين کي پھرين شُمار ڪري، پوءِ پنھنجا ٻار ڳڻيندا ھوندا، جو ٻليون به کين ٻارن جيان ئي دادليون ۽ پياريون آھن. سڄو ماحول ڪجهھ ڪوھُ مريءَ جي پُراڻن پاڙن جھڙو ھو. ھونئن به واريءَ جي ماڻهن جو مزاج ساڳيو پاڻيءَ جي پاسي ۾ رھندڙ دنيا جا سڀ ماڻهو لڳ ڀڳ ساڳيا، ھارپو ڪندڙن جا موضوع ۽ مِٽي ساڳي، شھرن جي مصنوعي ماحول جا مزاج به مصنوعي ۽ جبل جون وسنديون نٿيا ڳَليءَ جون ھجن يا اِزمير جون، ماحول ساڳيو، يقيني طور مزاج به ساڳيا ھوندا. فرق رڳو اھو آھي ته ازمير جابلو ماڻهو جبل کان هيٺ لھن ته چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ اٿن. اھو ئي سبب ھو جو وڪٽر هيوگو جڏھن ھتي گهمڻ آيو ھو ته ھُن چيو ھو: ’ازمير اُھو شھر آھي، جنھن کي ڳچيءَ ۾ سمنڊ جو ھارُ پاتل آھي.‘ ممبئي به ائين ئي آھي. پھريون ڀيرو جڏھن 1991 ۾ ممبئيءَ وڃڻ ٿيو ھو ته شام جو سمنڊ جي ڪناري تي چادر وڇائي، ووڊڪا جي بوتل کولي، سنڌي ڪھاڻيڪار ۽ دلبر انسان شيام جئي سنگھاڻيءَ چيو ھو: ”جامي! هيءَ اَٿئي نيڪليس بيچ!“ واقعي فطرت ساحل کي نيري سمنڊ جو دنيا جو سڀ کان قيمتي نيڪليس پارائي ڇڏيو ھو. اِزمير به ائين ئي ھو، جتي ڪالهھ شام مون وڏي پَسارَ ڪري، ٿَڌِ ۾ ٿَڌو بيئر پيتو ھو ۽ ٺيلهي تان ٽانڊي جي پڪل مڇي وٺي کاڌي ھُئي. ٿَڌِ ۾ ٿڌو بيئر دراصل پھر کي جدلياتي رنگُ ڏيڻ جي تدبير ھئي معنا نفيءَ جي نفي! مڙئي جدلياتي بَھانا- اصل ڳالهھ گهڙيءَ کي ماڻڻ ۽ چوڙڻ جي ھُئي.

گهرن جي بيھڪ ساڳي پراڻي ھئي. يا ته ماڻهو غريب ھئا يا ھنن ھن قديم شھر جي تاريخي وَسندين جي تاريخي بيھڪ کي نواڻِ جي نالي ۾ تبديل ڪرڻ يعني بگاڙڻ نه ٿي چاهيو. جي مان به ھتي جو رھاڪُو ھجان ھا ته مان به ائين ئي ڪيان ھا. ڏٺم ته ھڪ ڪلوميٽر پنڌ ڪري آيو ھوس. اھو پنڌ ھونئن ته ڪجهھ به ناھي، پر جبل جو ايترو پنڌ سئولو ناھي. ارادو ھو ته ڪٿي ويھي ساھي پٽيان. اھو به خيال دل ۾ ھو ته ماڻهن جا گهر آھن، سو ڪو اعتراض نه ڪري. ڏٺم ته کاٻي پاسي ھڪ اَسي سالن جي لڳ ڀڳ عمر جو ھڪ باوقار پوڙھو پنھنجي ورانڊي ۾ ھڪ ڪُرسيءَ تي وڏو ڪارو ڪوٽ پايو ۽ لَڪُڻ پاسي ۾ رکيو اَڪيلو چانھن پي رهيو ھو. مونکي پھرين نظر ۾ ئي ھن جي خوش لباسي ۽ خوش مزاجي ۽ اُھا به اڪيلائيءَ ۽ واندڪائيءَ ۾ به خوش لباسي ۽ خوش مزاجي بيحد وڻي. اھو زندگيءَ سان پيار ڪرڻ ۽ ان جي حُسناڪين مان ھَٿُ نه ڪڍڻ جو ھڪ اُتساهيندڙ رويو ھو. منھنجو هُڦيل ساھُ ڏسي، ھو سمجهي ويوته ساھي پَٽڻ ٿي چاهيم. اشارو ڪري اندر اچڻ جو چيائين. سندس ڪاٺَ جو ننڍو در ھونئن ئي کُليو پيو ھو. چانھن جو پُڇيائين ته مون به کڻي ھا ڪئي. ھوُ اندرويو ۽ ڪجهھ ئي دير ۾ ھڪ ننڍي ٽِري ۾ پاڻيءَ جو گلاس، مُڱيرن جي لائي، ننڍڙي پياليءَ ۾ ٿورا ڀُڳَلَ مُڱيرا ۽ ٻه چانھيون کڻي آيو. مون کيس بيحد احترام ۽ ٿورائتي انداز ۾ ”تَشڪر تَشڪر“ چيو ته ھن مُرڪي مونکي چانھن کڻڻ جو چيو. تُرڪ به چانھن کي ’چاءِ‘ چون، سو سواءِ انهيءَ ھڪڙي لفظ جي، ٻي ڪنھن به لفظ يا جُملي جي معنيٰ سمجهه ۾ نه ٿي آئي، پر مطلب سمجهه ۾ آيو ٿي. معنويت انسان جي سگهه به آھي ته ڪمزوري به، جو ھو معنويت کان سواءِ رابطو نه ٿو ڪري سگهي. ٻولي معنويت جو قالب ۽ نظام آھي، پر ٻيون سڀ جيوتون معنويت کان سواءِ به ھڪ ٻئي سان رابطو ۽ مڪمل اظھار ڪن ٿيون. اسان به مڪمل ڪچھري ڪئي، جنھن ۾ مفھوم سڀ ھو، پر معنويت کان بي نياز گفتگو ھُئي. دلچسپ ڳالهھ اھا ھئي ته ھن لاءِ اھو احساس ئي ڪافي ھو ته مان ھن کي ڌيانَ ۽ احترام سان ٻُڌي رهيو ھوس ۽ ھو ان خيال کان بي نياز ٿي گفتگو ڪري رهيو ھو ته مان ھن جون ڳالهيون سمجهي به رهيو آهيان يا نه؟ جھان ديده ماڻهو ھو، سو ھن کي اندازو ھو ته مفھوم مونکي سمجهه ۾ اچي رهيو آھي. مون سندس لباس، ميزباني ۽ شخصيت جي تعريف ڪئي ته ھو بيحد خوش ٿيو ۽ ان بي ساخته خوشيءَ ھن جو وقار اڃا به وڌائي ڇڏيو، جيڪو ھن جي شفيق مُرڪَ مان ئي ظاھر ھو. مان کانئس موڪلائي مٿس ۽ سندس ورانڊي تي ھڪ نظر وجهي اڳتي هليس، پر اھا گهڙي هميشه لاءِ حسين يادن ۾ پنھنجي جاءِ والاري وئي. ماڻهو ٻئي جي مَٺائيءَ کي ته زندگيءَ جو تلخ تجربو سمجهي کڻي وساري ڇڏي، پر ڪنھن جي اھڙي مھربان ۽ بي لوث چڱائيءَ کي ڪڏھن به وساري نه ٿو سگهي.
ھن جابلو وَسندين ۾ به اُھو سڀ ڪجهھ ھو، جيڪو اھڙن ننڍن شھرن ۾ ھوندو آھي يعني عام گهرَ، انھن جون ڏيڍيون، ورانڊا، دُڪانَ، حجمَ، ننڍڙيون بيڪريون ۽ انھن مان ايندڙ مَسحور ڪندڙ اَٽي، گيھهَ ۽ محسوس ٿيندڙ ھلڪي مِٺاڻِ جي خوشبو، سبزيون ۽ ميون جا عام دُڪانَ ۽ سادا عوامي ڪيفيز. اسڪول ۽ ڪاليج ايندڙ ۽ ويندڙ ٻارَ، ورانڊن ۾ ڌوتل ڪپڙا سُڪائيندڙ پَڪيءَ عمر جون مايون. بيپرواھيءَ سان ھلندڙ نوجوان ڇوڪريون ۽ گهرن جي دِڪين ۽ بالڪنين ۾ اڪيلا يا گڏجي ويٺل واندا پوڙھا، وَڻَ ۽ انھن تي ويٺل خاموش ۽ ٻوليندڙ پَکي! ائين اِھي سڀ نظارا ڪندو، سوچيندو، ماضيءَ ۾ گُم ٿيندو، نيٺ وڃي جبل جي چوٽيءَ تي پھتس، جتي سڪندر جو ٺھرايل قلعو باقي بچيل آثارن سان موجود ھو.
ھن شھر جي تاريخ به عجيب آھي. شھر آباد ڪيو يونانين، اڳتي ھلي ان تي قبضو ڪيو رومين ۽ شھر ايرانين وٽ به رهيو. سڪندر وري پنھنجي اوڀرائين ڪاھُن دوران انھن ايرانين کان شھر ڇڏرايو. بعد ۾ ائين يونانين کان تُرڪن پندرهين صديءَ جي شروعات يعني 1415 ۾ عثمانيه جي سُلطان محمت شھر پنھنجي قبضي ۾ ورتو ۽ 1426 ۾ اِزمير مڪمل طور تي ترڪيءَ جي عثمانيه سلطنت جي تحويل ۾ اچي ويو، ۽ اھو تُرڪ شھر سڏجڻ لڳو. ھن شھر سان رڳو تاريخ جي سياسي لاھن چاڙھن ئي نه پر فطرت جي حادثن به گهٽ نه ڪئي، جو سمنڊن ۽ جبلن سبب ھي زلزلن جي زد ۾ ايندڙ علائقا آھن. چيو وڃي ٿو ته ھن شھر کي 1688 ۾ ۽ بعد ۾ 1778 ۾ آيل تاريخ جي وڏن زلزلن مڪمل طور تباھ ڪري ڇڏيو ھو. ھن شھر جي مالڪي سدائين سَمُنڊَ پئي ڪئي آھي، جو سامونڊي بندر سبب ھيءُ شھر وري وري آباد ٿيندو رهيو.. ھي ته ان لحاظ کان به ھڪ عجيب شھر آھي جو ھتي ٻه سمنڊ يعني ميڊيٽيرين ۽ ٻئي سَمُنڊَ اچي مِلن ٿا. انھيءَ ڪري ازمير جو ڊيلٽا به تمام وڏو آھي. ھتي جا ڏاڙھون يورپ، يونان، ترڪيءَ ۽ ايران تائين مشھور آھن. شاعرن ازميري ڏاڙُھن تي وڏيون شاعريون ڪيون آھن. ازمير جي ڏاڙُھن تي سينڊرا جو مشھور نظم لکيل آھي. قديم يوناني لوڪ شاعريءَ ۾ حسينائن جي ڳِٽَن کي ازميري ڏاڙھُن سان تشبيھه ڏني ويندي هئي. قنڌار وارا وري چون ته اھڙا ڏاڙھون دنيا ۾ ٻيو ڪٿي به ناھن ٿيندا. محبت جي اھڙي وڌاءَ کي اسانجو پيارو دوست نور احمد خوجو پنھنجي مخصوص طنزیہ انداز ۾ چوندو ھو: ”ادا مڙئي زيبِ داستان!“. زندگيءَ مان جي اھڙا بي ضرر محبت ڀريا رومانوي وڌاءَ ڪڍي ڇڏجن ته باقي ڇا بچندو؟ فطري طور حسين, تاريخي۽ تھذيبي طور مڃيل شھرن کي پنھنجي ھڪ نرگسيت ٿيندي آھي. ازمير کي به اھو رومانوي وڌاءُ سُونھين ٿو. محبت ھونئن به حقيقت پسند نه ٿي ٿي سگهي. اُھا وَڌاءُ ضرور ڪندي. حقيقت پسندي شعور جو ڪم آھي، انسان جي انھن ٻنهي عقلي ۽ احساساتي مظھرن کي سلامت رھڻ گهرجي. ڪنھن به ھڪ عنصر جي کوٽ انسان جي داخليت ۽ خارجيت جو توازن وڃائي ڇڏيندي.

مان ساهيون پٽيندو، نيٺ جبل جي اُنَ چوٽيءَ تي پُڄي ويس جيڪا رڳو جبل جي چوٽي ۽ ھن قديم يوناني، رومي، بازنطيني ۽ ھاڻي تُرڪ شھر جي آخري اُونچائي ئي نه، پر ھڪ قديم ۽ وچولي دورن جي تاريخ جو اھم اُھڃاڻ ھو يعني اُھو قبلِ مسيح دور جو قلعو، جنھن کي يوناني اَگورا سڏيندا ھئا ۽ تُرڪن ان جو نالو چوڏهين صديءَ ۾ مَٽائي ڪادف ڪَلي رکيو، جيڪو سترهين صديءَ جي مشھور تُرڪ سياح آيوليا صليبيءَ موجب دراصل سندن ھڪ حسين راڻيءَ جو نالو ھو. تُرڪن چوڏهين صديءَ ۾ رڳو ھن تاريخي قلعي جو نالو ئي نه مٽايو ھو، پر انکي عارضي طور بند پڻ ڪري ڇڏيو ھو. جبل جي چوٽيءَ تي چڙھي نھاريم ته پھرين نظر ۾ اھو ھڪ وڏو جابلو پارڪ لڳو. کاٻي پاسي کان قلعي جي ديوار جا ڪجهھ آثار نظر آيا. اُتي بيٺل ھڪ مقامي ماڻهوءَ کان پڇيم ته ھن ٻڌايو ته قلعي جو مُک دروازو ۽ گهڻا آثار اڳتي ھلي ساڄي طرف ھئا. قلعي جي مُک دروازي، ديوار ۽ باقي بچيل آثارن طرف دَيار جا گهڻا، ڊِگها ۽ جهُونا وَڻَ ھُئا. جبل جي مٿانھين چوٽيءَ تي ھرطرف کان يا ته سمنڊُ ھو يا ازمير شھر جا نظارا. شھر ۽ سمنڊ تي جبل جي چوٽيءَ تان نظر وڌم ته سوچي، وڪٽر هِيوگو کي ته اھو چوڻ گهربو ھو ته اصل ۾ سمنڊ جي ازميري ساحل کي شھر جي تمدن جو ھارُ پاتل ھو. شھر ۾ گهمندي اندازو ئي نه ٿي ٿيو ته ھي ڪو ايترو وڏو ۽ ڦھليل شھر آھي. جبل جي چوٽيءَ تي واقع قلعي اَگورا جي باقي بچيل اونچائين تان بيھي اندازو ٿيو ته ھي ڪيترو نه وسيع ۽ چئني پاسن کان ڦھليل شھر آھي. قديم شھر ته انهيءَ جبل جي وَسندين ۾ ھو يا ساحلن تي. ان دور ۾ سامونڊي مُھاڻن ۽ واپار سانگي ايندڙن جون ننڍيون ننڍيون وسنديون هيون، جيئن سترهين صديءَ تائين اسان جي ڪَلاچي ھُئي. ميرن به جڏھن ڪراچيءَ کي ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ قلات خاندان کان واپس ورتو ته شھر ايترو ننڍو ھو، جو انکي چوديواري ڏياري ھُئائون يعني شھر جو مطلب ھو مِٺي کُوھَ واري وَسندي، جو مِٺو دَرُ ۽ کاري کُوھ واري وسنديءَ جو کارو دَرُ. مونکي ڪراچيءَ جا اِھي قديم پاڙا زبيده برواڻيءَ ويھه ٻاويھه سالَ اَڳُ گهُمايا ھُئا ۽ کارا در جون ڪمال جون روايتي مانيون کارايون هيون. ھوءَ سنڌ سميت پراڻي ڪراچيءَ جي وڏي عاشق آھي ۽ ھڪ بنھھ سچي، سَدوري ۽ نبار سنڌياڻي ۽ ھاڻي ھڪ مڃيل ليکڪا آھي.

قلعي جا بچيل آثار پنھنجي ساڳي ھَٺَ سان بيٺا ھُئا، جنھن ھَٺَ سان ۽ رياستي طاقت جي علامت طور اُھي ٺھرايا ويندا آھن. وڏا دَرَ، اونچيون ۽ ويڪريون ديوارون ۽ تعمير جي فن جا يادگار پر ڳائيندو ته وري به ھرڪو سڪندر کي جنھن قلعي ۾ لڳندڙ ھڪ پَٿَرُ به پنھنجي ھٿ سان نه کنيو ھوندو، ڪير ياد ڪندو انھن ڪاريگرن، استاد اوستن ۽ غلاميءَ کي جن زندگيون اِھي قلعا ۽ ڪوٽَ تعمير ڪندي ڳَري ويون، مغلن جي دور ۾ به ڳائبو ته شاھجھانُ، انجي تعمير ڪندڙ گمنام پورهيتن ۽ ڪاريگرن کي ته تاريخ به ياد نه ڪندي. ھن قلعي جي تعمير، تباھي ۽ ورائي ورائي تعمير مختلف دورن ۾ ٿيندي رھي آھي. چيو وڃي ٿو ته ابتدائي تعمير هيلنسڪ دور ۾ مڪمل ٿي، بعد ۾ رومن، بازنطيني آئيڊرينو گُلاري ۽ عثمانيه دورن ۾ انجا اندريان حصا گهرج مطابق تعمير ٿيندا ۽ وڌندا رهيا. چيو وڃي ٿو ته ھتي ھڪ مشھور هيگيوز چرچ به ھئي، جنھن جا آثار ھاڻي مڪمل طور وڃائجي چُڪا آھن البته عثمانيه دور جي ٺھرايل ھڪ وڏي مسجد اڃا به جيئن جو تيئن بيٺي آھي. چرچ ته ڊھي وئي باقي مسجد بيٺي آھي ضرور، انجا سبب سياسي ۽ مذھبي ھوندا. تاريخ جا فطري حادثا ته اھو مذھبي فرق نه ٿا ڪري سگهن. تُرڪ مسلمانن جڏھن چوڏهين صديءَ ۾ ھن قلعي تي پھريون ڀيرو قبضو ڪيو ھو ته اُھي ھن قلعي کي وڌائيندا ۽ انجي مرمت ۽ مسلسل تعمير ڪندا رهيا. چون ٿا ته انجي تُرڪن پاران پھرين وڏي مرمت پندرهين صديءَ ۾ ۽ آخري ڀيرو ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري ڪئي وئي ھُئي. اصل ۾ قديم۽ وچولي دورن ۾ اھي قلعا رڳو شاھي خاندان يا حڪمرانن جي رھائش لاءِ ئي نه پر رياست يا شھر جي دفاعي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندا ھُئا، انڪري انھن جي اهميت گهڻ پاسائين ھُئي. جيتوڻيڪ ھي قلعو گهڻو وقت ھڪ ننڍي شھر جي حيثيت پڻ رکندو ھو ۽ ماڻهو ھتي ھڪ وڏي وَسندي طور رھندا ھئا بلڪل ائين جيئن اسان آذربائيجان ۾ پراڻي شھر کي ھڪ قلعي ۽ وڏي ڪوٽ اندر ڏٺو ھو، جتي اڄ به ماڻهن جا شاندار گهر ھئا ۽ اُھا ھڪ جيئري انساني وَسندي ھُئي. وسنديون ته اسان وٽ به حيدرآباد ۾ پَڪي ۽ ڪَچي قلعي ۾ آھن، پر انھن قلعن کي برباد ڪري، ان تي پنھنجيون وسنديون قائم ڪيون آھن. نه وري اھو ڪنھن به حڪومت ۾ افعال آھي ته انھن کي متبادل رھائشون ڏئي، انھن قلعن کي ممڪن حد تائين تاريخي ماڳن طور بحال ۽ محفوظ ڪرڻ جون سنجيده ڪوششون ڪن. ھي قلعو به سورهين صدي کان انهي مقصد لاءِ استعمال ٿيندو ھو، ويندي شاھي خزانا ۽ اميرن جا قيمتي سامان به قلعي جي تَھھَ خانن ۾ رکيا ويندا ھُئا. ھاڻي بس ان جا ڪجهھ آثار ئي بچيل ھئا، جيڪي ڏسڻ به دنيا اچي ٿي. (هلندڙ)
