Homeفنفلم”ميري انگني ۾“ ۽ ساڳئي طرز جي هڪ سنڌي ڪافي

”ميري انگني ۾“ ۽ ساڳئي طرز جي هڪ سنڌي ڪافي

”میرے انگنے میں تمہارا کیا کام ہے“

اتر پرديش جو ھڪ روايتي لوڪ گيت آهي، جنھن پوءِ فلمي گيت بڻجي وڏي مقبوليت ماڻي.

1981ع جي فلم ’لاوارث‘جو هيءُ گيت باليووڊ جي فلمي ۽ گيت سنگيت جي دنيا جي سڃاڻپ آهي. ھيءُ گيت خاص طور تي اميتاڀ بچن جي عورتاڻي ويس ۾ اداڪاريءَ سبب تمام گهڻو مشهور ٿيو. اصل ۾ اھو اتر پرديش جو هڪ مشھور ۽ روايتي لوڪ گيت آهي. هيءُ گيت زالن جي مختلف قسمن کي مزاحيه انداز ۾ بيان ڪري ٿو. فلم ’لاوارث‘ کان اڳ به هيءُ گيت فلمن ”بامبئي ٽاڪيز“ (1970ع) ۽ ”مزے لے لو” (1975ع) ۾ به شامل ڪيو ويو هو.

Sarangaa ”ميري انگني ۾“ ۽ ساڳئي طرز جي هڪ سنڌي ڪافي

ھن لوڪ گيت جي ھڪ پراڻي رڪارڊنگ به ملي ٿي، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ھيءُ گيت مشهور هندوستاني ڪلاسيڪي ڳائڻي گوهر جان راڳ جوگيا ۾ ڪولڪتا ۾ هڪ خيال جي صورت ۾ ڳايو ۽ رڪارڊ ڪرايو. هيءُ گيت اوھان به اڻ ڳڻيا ڀيرا ٻڌو ھوندو، پر ھتي اوهان جي يادگيريءَ لاءِ ٻيھر ھن جا ٻول لکجن ٿا.

 میرے انگنے میں

تمہارا کیا کام ہے

جو ہے نام والا…

وہی تو بدنام ہے

 جس کی بیوی لمبی

اس کا بھی بڑا نام ہے

کوٹھے سے لگا دو…

سیڑھی کا کیا کام ہے

 جس کی بیوی موٹی

اس کا بھی بڑا نام ہے

بستر پہ لٹا دو…

گدّے کا کیا کام ہے

جس کی بیوی کالی

اس کا بھی بڑا نام ہے

آنکھوں میں بسا لو…

سرمے کا کیا کام ہے

جس کی بیوی گوری

اس کا بھی بڑا نام ہے

کمرے میں بٹھا لو…

بجلی کا کیا کام ہے

 جس کی بیوی چھوٹی

اس کا بھی بڑا نام ہے

گود میں بٹھا لو…

بچے کا کیا کام ہے

حيرت جھڙي ڳالهه آھي ته سنڌيءَ ۾ به انهيءَ لوڪ گيت جھڙا ٻول ملن ٿا. اھي ٻول ڪافيءَ جي صورت ۾ آھن، جيڪي حيدرآباد جي ھڪ نابين شيدي شاعر جا ٺاھيل آھن.

’مھراڻ‘ رسالي جي اپريل 1946ع جي  پرچي ۾ ڪافيءَ بابت ٿيل ھڪ پروگرام جو احوال ڇپيل آهي. سنڌي ادب

لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ پاران اھو ادبي ميڙ اپريل جي ۴ تاريخ تي ۱۹۴۴ ۾ ميرپورخاص جي مدرسي ۽ ھاءِ اسڪول ۾ سڏايو ويو، جنھن جو موضوع ’ڪافي‘ ھو. انهيءَ ميڙ ۾ لالچند جڳتياڻي ڪافيءَ بابت پنھنجا خيال پيش ڪيا. ھن ٻين ڳالهين سان گڏ ھيءَ ڳالهه به ٻڌائي ته حيدرآباد ۾ ھڪ نابين اکين سڄو شيدي پنھنجي مستيءَ ۾ محو  رھندو ھو. ھن ھڪ ڪافي ٺاھي ھئي، جنھن کي ٻڌڻ لاءِ ماڻھن جا حشام اچي گڏ ٿيندا هئا. چپٽيون وڄائي ڪافي پيو ڳائيندو ھو.

برما ! ڏاٽو ڪيڏانھن ڪيئي ؟

ڏاٽي سندس ٽيھھ، آيا لاباري ڏينھن

برما ! ڏاٽو ڪيڏانھن ڪيئي ؟

جنهن گهر ۾ ٿلھي زال

تنھن گهر جو چڱو حال

ٿلهيءَ منجهون ٿنڀا ٿيندا

جاين جو سينگار –

برما ! ڏاٽو ڪيڏانھن ڪيئي ؟

جنھن گهر ۾ سنهي زال

تنھن گهر جو چڱو حال

سنهيءَ منجهون ڪاٺيون ٿينديون

چُلهين جو سينگار-

برما ! ڏاٽو ڪيڏانھن ڪيئي ؟

ٽماهي ’مھراڻ‘ ۾ لالچند جڳتياڻي اھا مڪمل ڪافي ناهي ڏني. ايترو لکيو اٿس ته، اھڙيءَ ريت اڇيون، ڪاريون، موٽيون، متاريون مڙني جا چِٽ چٽي ويندو ھو. ماڻهو اھا ڪافي ٻڌي کِل ۾ پيا کيرا ٿيندا ھئا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا