Homeادببلاگبھانا ڇڏيو، ڪتاب پڙھو!

بھانا ڇڏيو، ڪتاب پڙھو!

سفر تي نڪرو ته پاڻ سان گڏ هڪ ڪتاب ضرور رکو. جيڪڏهن ڪتاب گڏ نه به هجي، تڏهن به اهو بھانو هاڻ ڪنھن ڪم اچي نٿو سگهي. يوٽيوب، آن لائن لائبريرين ۽ مختلف ويب سائيٽن تي هزارين ڪتاب ۽ آڊيو ڪتاب مفت ۾ پيل آهن. اهي ڊائونلوڊ ڪريو ۽ سفر دوران ٻڌندا رهو. وقت جي واهپي جو شايد ان کان بھتر طريقو ٻيو ڪوبه نه هجي.

دنيا جي مھذب سماجن ۾ هڪڙو دلچسپ منظر عام جام ڏسي سگهجي ٿو. جاپان جي ميٽرو هجي، لنڊن جي بس هجي يا يورپ جي ٽرام، ماڻهو سفر دوران ڪتاب پڙهندي نظر ايندا. ڪيترا ئي ماڻهو موبائل ۾ اي بڪس يا آڊيو بڪس پيا ٻڌندا. عالمي سروي ٻڌائن ٿا ته يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام کان عام ماڻهو به 10 کان 20 ڪتاب پڙهي وٺندو آهي. فنلينڊ ۽ آئيس لينڊ جھڙن ملڪن ۾ اهو انگ ان کان به گهڻو آهي. جاپان ۾ لکين ماڻهو روزانو پنھنجي سفر جي وقت کي مطالعي لاءِ ڪتب آڻيندا آهن.

۽ اسان وٽ?

سفر گهڻو ڪري ته فضول ڳالهين، بي مقصد موبائل اسڪرولنگ يا فقط وقت جي ذيان ۾ گذرندو آهي.

جيتوڻيڪ جي ماڻهو روزانو اڌ ڪلاڪ ٻه پڙهي، ته هڪ سال ۾ ڪيترا ئي ڪتاب پڙهي پورا ڪري سگهجن ٿا ۽ ڪجهه ئي سالن ۾ سوچ ڪو مڪمل نئون آسمان جوڙي سگهجي ٿو.

اڀياس ڪنھن به مخصوص موضوع تائين محدود ناهي هوندو. جنھن به شئي ۾ اوهان جي دلچسپي آهي، اها پڙهو. تاريخ، ادب، فلسفو، مذهب، سياست يا سوانح عمريون. اصل مقصد اهو آهي ته اوهان جو اڄ ڪلهه کان بھتر هجي.

ان ئي پسمنظر ۾ عظيم عالم ابو حامد محمد بن محمدالغزالي الطوسي(1058ع- 450هه) پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب ‘احياء علوم الدين’ ۾ هڪ روايت نقل ڪئي آهي :

”قال رسولُ الله صلّى الله عليه وسلّم:

مَن استوى يوماه فهو مغبونٌ، ومَن كان يومُه شرّاً مِن أمسِه فهو ملعونٌ۔“

ترجمو: ”رسول الله صه فرمايو: جنھن شخص جا ٻه ڏينھن برابر هجن، اهو خساري ۾ آهي، ۽ جنھن جو ايندڙ ڏينھن گذريل کان بدتر هجي،اهو ملعون (الله جي رحمت کان محروم) آهي.“

محدثن ۾ هن روايت تي اختلاف آهي ۽ ڪي علم وارا هن کي حديث نٿا مڃن، البته هن کي نصيحت ۽ حڪمت طور صوفياڻي ادب ۾ نقل ڪيو ويندو رهيو آهي. امام غزالي به ان ئي انداز ۾ نقل ڪئي آهي.

اصل ڳالهه بهرحال اها ئي آهي ته وقت نه وڃايو.

ڪتاب کان سٺو ڪوبه ساٿي ڪونهي. سطحي معاشري ۾ اڀياس شايد تڪڙي عوامي مقبوليت به نه ڏئي، پر انسان جي سوچ کي وقار، گفتگو کي وزن ۽ شخصيت کي گھرائي ضرور عطا ڪندو آهي. گهٽ ۾ گهٽ پنھنجي ذهني عزت لاءِ ئي ڪتاب کي پنھنجو مستقل دوست بڻايو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا