علي دوست عاجز – Sarangaa

ڪَلهہ جِي ڳالهه…!
تڏھن آنءُ ڪوٽڙيءَ رهندو هوس، ڪوٽڙيءَ ۾ بہ ڪراچي واھ واري پاسي ريلوي ورڪ شاپ جي ڀرسان. پوءِ ڪوٽڙي شھر آيس، جو شھر ۽ آفيس جي نفسيات ۽ ٽائيمنگ بيزار ۽ بيمار ڪري ٿي وِڌو…!
اڪيلو رهڻ ڪري، ماني پاڻ ڪبي هئي، نہ تہ هوٽلنگ…!

ڪوٽڙيءَ ۾ وڏي عياشي اها هوندي هئي، تہ سائين علي بابا ۽ سنڌُو درياھ تائين ائپروچ سولي هوندي هئي!
درياھ جو لُڙاٽيل پاڻي ۽ علي بابا جا اُڀريل نَسُن وارا هٿ جيڏي مھل دِل چوندي هُئي، اُنهن کي ڇُھي سگهبو هو. چاهبو هو، تہ مُنھَن سان لائي، چُمي بہ سگهبو هو…!
علي تہ پڙهڻ وارن ڏينھَنِ ۾ بہ، ڪڏهن هاسٽل تي اچي رهندو هو. ڪھاڻي “پَلٽيو چنڊُ پڌام تي” هن اسان جي ڪمري تي لِکي هئي. مان تہ سُمِهي پيو هوس. پاڻ اَلائي ڪيڏي مھل سُتو هو. صبح جو مون ڏٺو، تہ ڪمري ۾ ان ڪھاڻيءَ جا چار پنج بَنچَ ڦاٽل ۽ گُهنجيل سَٽيا پيا هُئا…!
عليءَ جي لفظن تلوارَ ڪاوڙ ۾ قھرُ ڪندي هُئي. توڙي جو سندس ڳالهيون بہ لکڻ جھڙيون هونديون هُيون، پر ڪچھرين ۾ دوستن سان، ٻارن سان اهڙو اِيزي هوندو هو، جيئن ايئر پورٽ تي جھاز هلندا ۽ ڦِرندا وتندا آهن. لکڻ مھل علي پيرن تي نہ، پر پَرَ تي هوندو هو!
علي ڪاوڙ ۾ ڳالهائي تہ ويندو هو، پر لِکڻ مھل لڳندو هو، ڄڻ هي قلم مسُ مان نہ، پر کيرَ مان ٻوڙي لکندو هُجي…!
مون کي ايئن لڳندو آهي، ڄڻ علي بابا کان پوءِ رُڳو اسان جي ئي نہ، پر درياھَ جي دِل بہ ڀَڄي پئي آهي…!

هڪ رات جيئن آنءُ ﷲ واري چئونڪ لڳ، بار بِي ڪيُو هوٽل تي جيڪو ڇت تي هوندو هو، چڙهي، اڃا ويھڻ جي پئي ڪئي، تہ منهنجي نظر سائين وفا ناٿن شاهي ۽ سرور نواز ٻُگهيي تي پئي. مون سِڌو وڃي کين سلام ڪيو. مون سائين وفا کي سُڃاتو تہ پئي، پر ساڻس منھنجي اها پھرين ملاقات هئي. سائين وفا جي هٿ ۾ چار پنج وڏا رجسٽر ۽ ڪنھن ڪتاب جي مسودي جيترو مواد هٿ ۾ هو. سرور نواز صاحب جيئن منھنجو تعارف ڪرائيندي نالو کڻي بس ڪئي، تہ وفا صاحب اهو بنڊل مون ڏانھن وڌائيندي چيو:”تنھنجا اکر سُٺا آهن، هي مون کي فيئر ڪري ڏي…!”

ٿوري حيرت لڳي، پر مون سمجهيو, تہ اهو تعارف اڳواٽ ڪنھن ڪرايو هوندو! مون ڪجهه ڏينھن جي مُھلت گُهري، مواد پاڻ وٽ رکيو، جنجن ۾ سندس آتم ڪٿا ٽائيپ حوال هو. انهن ڏينھن ۾ وفا کي پاڻ تي لِکرائڻ جو خيال حاوي هو. جو تاج جويي صاحب کيس چيو : “وفا! تون جن ماڻهن کي پاڻ تي ڪجهه لِکرائڻ لاءِ چوندو پيو وتين، تون انهن کان تمام وڏو شاعر آهين…!”
وفا کي مون پاڻ وٽ ترسايو، جو سرور نواز وٽ رهائش نہ هئي. دير سان سرور نواز، کيس ٽي لکيل مضمون ڏيئي، صبح جو اچڻ لاءِ چئي تہ ويو، پر آيو ڪو نہ…!
ڇو تہ مون شام جو آفيس کان واپسيءَ تي اچي ڏٺو، تہ وفا ويٺو آهي. چيائين: “سرور نواز تہ ڪو نہ آيو…!”
مون کانئُس پڇيو، ته ان ۾ توهان جو ڪم ڪھڙو ھو…!
ٻُڌايائين تہ: “هنن مسودن/رجسٽرن جي بائينڊنگ ڪرائڻ هُئي حيدرآباد ۾ ڪنھن جاءِ تان…!”
وفا وڏو شاعر هو، پر هُو پنھنجي شاعريءَ جا مَسودا، تہ ڇا، پنھنجي ذات کي سنڀالڻ بہ سندس وَس جي ڳالهه نہ هئي!
اهڙن تخليقڪارن جون تخليقون، وَتنديون آهن، جهنگ جي هرڻيُن وانگر هلنديون، جن کي ڪو ساڃھ وَند جهلي آيو، ته واھ، نہ تہ ڪنھن بہ شڪاريءَ جو سولائيءَ شڪار ٿي وينديُون آهن! سندس رضا سان، ڊاڪٽر اسحاق سميجي هن جي نوٽ بوڪن مان، هڪ ڪتاب جيترا غزل چونڊي هڪ مسودو ترتيب ڏنو. سندس خيال هو، پاڻ ڇپائينداسين، جو پبليڪيشن هن جو پراڻو خواب هو، پر پئسہ نہ ٿيا ۽ ڪمپوز ٿيل مواد، يا بٽر، روشني واري ادي علي نواز کي ڏنائين، اهو چئِي، تہ اسان کي ڇپائڻ ۾ متان دير لڳي، تنھن ڪري توهان ڇپرايو، جيڪو “وفا” جي ٽائيٽل سان ڇپيو!

ايئن سنڌي ادب بورڊ وارو مجموعو بہ ڪنھن ترتيب ڏيئي ڇپرايو هوندو، اهڙي ئي قسم جي رجسٽرن تان!
ذوالفقار گاڏهيءَ بہ پنھنجي هڙان وفا جا ٻہ ڪتاب ڇپرايا. هن تي وارو وارو ٿيو، تہ وفا جا مسودا چورايا اٿس. ذوالفقار تہ ڇا، پر ڪنھن بہ وفا جا مجموعا چورايا نہ هوندا، هن پاڻ ڪنھن کي ڇپرائڻ جي آسري ۾ ٿي سگهي ٿو ڏنا هجن، پو ان واپس نہ ڪيا هجن, اها ٻي ڳالھ آھي…! باقي ڪيرُ. ڪنھن جي شاعري پنھنجي نالي ڇپرائي تہ سگهي ٿو، پر شاعر نہ ٿو ٿي سگهي. اهڙا کوڙ شاعر، اديب آهن، جيڪي سڄي عمر شاعر نہ ٿي سگهيا. پَرائِي پرفيوم لڳائي، ان کي پنھنجي خوشبو سمجهڻ، خوش فھمي ئي سمجهڻ گهرجي. لاڻا ۽ لُوتَ، چَوڻ سان چَندن ناهن ٿي سگهندا…!

ڪوٽڙي ۾ منھنجي رهائش خاص نہ هئي. نوڪري وارا شروعاتي ڏينھن، ٿوري پگهار جي ڪري، گُذارو هوندا هئا. لاهور ۾ ڏيڍ مھيني واري ٽريننگ وارن ڏينھن ۾ مسٽر رام چند ۽ مون ٻِي سنگت کان الڳ هڪ سستو هوٽل ڳولي هٿ ڪيو هو. ھاڙھ جا ڏينھن هئا، تنھن ڪري رات جو ڇت تي پيل کٽُن تي وڃي سُمهندا هئاسين!

منصور سيتائي، شھزاد سيتائي بہ تڏهن ڪوٽڙي رهندا هئا. اسحاق سان ميل ملاقات بہ ڪوٽڙيءَ ۾ ئي ٿي. هي تڏھن گهڻو ڪري پنھنجي مامي يا ماسيءَ وٽ رهندو هو.
هڪ سنڊي تي منصور ۽ مون کيس سڀني ٿاڪن تي ڳوليو، پر نہ مليو. هاڻي اسان آسرو لاهي حيدري هوٽل تي چانھ پيڻ ٿي وياسين، تہ اوچتو ڳليءَ ۾ مُنھِن پئجي ويو. منصور، اسحاق سان گهڻي حُجت ڪندو هو، کيس ڏسندي چيائين: “هي تہ وٺُ, اسان ڳولي ڳولي اڌ مُئا ٿي پيا هُون، تون هينئر پيو ظاهر ٿين…!”
اسحاق منھنجو لحاظ ڪندي، ساڳيي انداز سان رِٽليئيٽ نہ ڪيو، پر کِلندي چيو:
“سائين! تون ڪھڙو چڱو ماڻهو، ڪھڙن ڪنن ماڻهن سان ٿو رَليو وتين،…!”

استاد خادم سخيراڻي، ڪوٽڙيءَ پو آيو، جڏهن اسان حيدرآباد هليا آياسين. هن دادُو وانگر باريجا چئوڪ تي ڪلب بہ قائم ڪئي. وچان درياھ جيتري دُوري سبب ساز سِکڻ ۽ سُرَ ۾ اچڻ واري آس، ايئن جو ايئن اَڌُوري ۽ اَڻ پُوري رهندِي رهندِي پئي اچي…!

سائين اختر رند اسان جي تَر ڳوٺ جو هو، سندس طبيعت بہ ڳوٺاڻي ۽ لحاظ واري هئي. هن جي علي سائين ۽ عبدالڪريم بلوچ صاحب سان لڳندي هئي. هي ڪنهن ڳالهه تي ڪنڌُ هيٺ ڪري مُرڪندو هو، تہ سانجهيءَ ٽاڻي ڪنھن ٽانڊاڻي جو ٽمڪڻ ياد اچي ويندو هو…!

اسحاق ۾ جستجو، تخليقي، انفرادي ۽ اختلافي صلاحيتون موجود هيون، جيڪي نَئن جي پاڻي وانگر پٿرن مان نوان رستا ڳولڻ جي جستجو ۾ رهنديون هيون!
هن وٽ دوستيءَ جا وڻ پوکڻ جو آرٽ هو، جيڪو مون وٽ نہ هو. تنھن ڪري آنءُ بہ آرڙھ جي اُسن ۾، انهن وڻن جي ڇانوَ ۾ ايئن اچي ويھندو آهيان، جيئن ڪاڙهي ۾ ڪاڇي وارو مالُ اچي ڪَنڊن جي ڇانوَ ۾ ويھندو آهي…!

ڪارونجھر جو نئون ھيرو: ڪاڪو الھ رکيو کوسو
سامِي ويئرِي جو سپُوت – ڪاڪو الھ رکيو کوسو…!

“ڪارونجهر، جُملي جيوت جو پالڻھار ۽ پناھ گاھ آهي. اهو اسان جو ماضي، حال ۽ مستقبل آهي..!”

اهي لفظ ڪاڪي الھ رکيي کوسي جو، ڪو خيال نہ، پر ايمان آهن…!

ننگر پارڪر ۾، اسان پارن جي ڏسڻ ۽ ملڻ لاءِ، هڪڙو آهي ڪارُونجهر ۽ ٻيو آهي ڪاڪو الھ رکيو کوسو…!

ڪاڪي الھ رکيي کوسي ۾، هونءَ تہ سڄو ٿرُ ساھُ کڻي رهيو آهي، پر هُو پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو سادو ۽ سِڌو شخص آهي، جھڙو ڪو ڏهرُ ٿيندو آهي، جھڙيون ٿرَ جون ڀِٽُون ٿينديون آهن!

اَٺھٺ سالن جي هن شخص جون ڳالهيون ٻُڌندي، توھان جو اکيون، هن جي اکيُن سان مِلي، جڏهن سندس پُر اعتماد چھري تي پونديون، تڏهن توهان کي ايئن لڳندو، ڄڻ ٿَر جي ٿُوهر تي بھار آئي آهي ۽ سندس هر ٽارَ جي مٿي تي مَنڌِيءَ جا ڳاڙها گُل ڦُٽي آيا آهن، جن ڄڻ کيس نئين جواني عطا ڪري ڇڏي آهي!

سائين الھ رکيو کوسو ، ٿرپارڪر جي سرحدي ڳوٺ سامِي ويئرِي جو سپُوت آهي، جنھن جو جنم 1958ع ۾ ٿيو.

جڏهن ورهاڱي جي ويرِي ڇِڪِي وئي، تڏهن ان سامي ويئري کي بہ دل وانگر ٻہ اڌ ڪري ڇڏيو، جنھن ۾ اندازن 300-350 کن گهر هُئا! ڳوٺ جو اڌ پاسو لَڪير جي هُن پاسي هليو ويو، اڌ هن پاسي رهجي ويو. پر سامي ويئري جي دِل هن پاسي ڌڙڪي رهي هئي، اهو اڌُ، اڌ رنگ جي مريض وانگر جيئڻ جي جنگ جوٽي بيھي رهيو هو!

راجا! تُو پَڙَي، تو ڌارا لاچي،

لنگڙيا ٽانگ سي بِي لَڙ…!

( راجا! جيڪڏهن تون ڪِري پوندين، تہ ڌرتي لَڄائبي، تنھن ڪري لنگڙي ٽنگ سان بہ لڙندو رھ…!)

اهي لفظ شھيد شادي خان کوسي، راجا خان کوسي کي چيا، جيڪو سندس ڀائٽيو هو، جنھن کي جنگ ۾ وِڙهندي، ٽنگ ۾ گولي لڳي وئي هئي. انگريزن سان جهيڙيندڙ ان جنگ ۾ چانڊيا ۽ راجپوت بہ شريڪ هئا.

سامي ويئري جي ان شھيد (شادي خان کوسو) جي مزار ڇَھُوٽڻ جبل (راجسٿان) ۾ آهي، جنھن جي مزار تي نوان پرڻيل جوڙا اچِي، اها دُعا گهرندا آهن، تہ کين بہ اهڙو سُورهيہ پُٽُ پئدا ٿئي…!

ارڙهن سالن تائين ڳوٺاڻا ان لَڪير کي اورانگهيندا ٿي وَتيا، پر پوءِ پنجھٺ واري جنگ پَريين پاسي وارن کي تہ ڇا، اوريين پاسي وارن کي بہ اتان اُٿي وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو! رهيا کُھيا گهر بہ ايڪھتر واري جنگ ۾ اتان لڏي، ٻين ڳوٺن ۾ اچي آباد ٿيا!

سائين الھ رکيي کوسي وارا، سال سوا نئين ڪوٽ ۽ ڏيپلي جي وِچ تي هڪ ڳوٺ ۾ ڪجهه وقت گذارڻ کانپوءِ 1973ع ۾ ننگر پار ڪر ۾ اچي آباد ٿيا…!

ڳوٺ سامي ويئري جو اهو نالو، ڀلي تہ ڪنھن ساميءَ سان منسوب هجي، پر ان ويئريءَ جي پاڻيءَ ۽ مٽيءَ ۾ اهڙي تہ ڪا مَھما هُئي، جنھن جي آويءَ مان ڪو بہ رَڇُ ڪچو نہ نِڪتو…!

سامي ويئريءَ جي کوسن جون مائرُون پنھنجن ٻارن کي، نہ رڳو سنڌي زبان ۾ لوليون ڏينديون هُيون، پر ائين ٿو لڳي، ڄڻ اهي پنھنجن ٻارن کي ٿڃُ ۾ ٿُوهر جي کير جا ڦُڙا بہ ايئن ملائي ڏينديون هيون، جيئن ننڍي هوندي اسان کي امڙ ٿڃُ ۾ اَملتاس ملائي ڏيندي هئي. اهو ئي سبب هو، جو سامي ويئريءَ جو هر سپُوت ان ٿَڃُ ۽ مرکَ کي ايئن موکيندو ۽ ملهائيندو پئي رهيو آهي، جو سندن نالا ڪڏهن نادَن وانگر تہ ڪڏهن ڪليسا جي گهنڊن وانگر وڄندا پئي رهيا آهن…!

سامي ويئريء جي صمد خان کوسي اتي اسڪول کولرايو، جنھن ڊاڪٽر ۽ سماجي شيوڪ پئدا ڪيا. مسڪين جھان خان کوسو ٿر جو خدائي خدمتگار هو.

ڀرسان ئي ڪاپڙي خان کوسي جنم ورتو، جيڪو باغي ۽ بھادر شخص هو. جنھن کي انگريز جڏهن پنھنجي طنبُوءَ ۾ ڳالهيُن لاءِ سڏايو، تڏهن سعيو ڪري ان جو دروازو سوڙهو رکرايائين، تہ جيئن کيس اندر جُهڪي اچڻو پوي. پر هن تلوار سان طنبُوءَ کي چيرُ ڏيئي، ان ۾ سِڌو داخل ٿيو!

تون بہ طَنبُن جا ڀلي دَر هيٺ ڪر،

مان بہ کوسا ڪاپڙي ميڙيان ٿو پيو!

(- استاد بخاري)

ڪاڪو الھ رکيو کوسو چاليھ سالن جو ٿيو، تہ مٿس ڪارُونجهر جو نِينھُن نازل ٿيو!

مون کيس پھريون ڀيرو فقير مُقيم جي ورسيءَ ۾ ڳالهائيندي ڏٺو. هن جو فقير مقيم سان ياراڻو هو. هن ٻُڌايو، تہ سندس مقيم سان پھرين ملاقات 1990ع ۾، دلبر خان جي معرفت عيسن شاھ جي ميلي ۾ عمرڪوٽ ۾ ٿي!

“تڏهن مختلف ڪمپنين کي ليز تي ڏنل ڪارُونجهر جي ٽَڪريُن جي ڪَٽائي شروع ٿي چُڪي هئي. مُقيم پھريون ماڻهو هو، جنھن ان موضوع تي اخبارن ۾ آرٽيڪل لِکي، ان ڳالهه جي اهميت کي اُجاگر ڪيو، احساس ڏياريو، همت ٻڌرائي ۽ اسان سان احتجاجن ۾ گڏُ رهيو. ساڻس وڌيڪ ويجهڙائيءَ جو سبب بہ ڪارونجهر ئي هو. ٻيا سُمِهي پوندا هُئا، اسين سڄي رات پيا ڪارُونجهر بابت ڪچھريون ڪندا هئاسين…!”

هنن “ڪارونجهر سجاڳ فورم” جو بنياد 2017ع ۾ وِڌو. ان پليٽ فارم تان مظاهرا ڪري، پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا ۽ “ڪارُونجهر بچايو” جو آواز بلند ڪندا رهيا!

هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص جي بئنچز پاران، ڪارونجهر جي حق ۾ فيصلو اچڻ کان پوءِ، جڏهن سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ ۾ اپيل فائيل ڪرڻ کان پوءِ, اهو ڪيس جنھن ڏينھن فيڊرل ڪورٽ ڏانھن شفٽ ڪرايو، تنھن ڏينھن (26.11.2025) کان هنن لاڳيتو 86 ڏينھن تائين احتجاج جاري رکيو!

“توهان سمجهو ٿا، توهان جو آواز ڪارونجهر جي متوقع ڪٽائي مڪمل بند ڪرائي سگهندو?!” مون کانئُس سوال ڪيو…!

پاڻ پُوري اعتماد سان وراڻيائين :

“منھنجي آواز سان ٿر ننگر ۽ سموري سنڌُ پنھنجو آواز ملايو بيٺا آهن!

جي سرڪار ڏاڍي آهي، تہ ڏُونگر بہ ڏاڍو آهي…!

تو جي پَھڻ پَٻَ جا، تہ لِڱَ منھنجا لوھُ…!

اسان جو آواز، رڳو احتجاج ناهي، پر اهو احساس پئدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي، تہ ڪارُونجهر رڳو پٿر ناهي، پر اهو هڪ جيئرو جھانُ آهي. اهو وَڍڻ ۽ ويچڻ واري وَٿُ ناهي…!”

ويڪائُو نِي ڪوڻ بَتاوي،

ديس نہ هوءِ وَکر…!

ڏُونگر نَي نِي واڍو، وَيچو،

ڏُونگر مارو ٻاءُ…!

رفعت عباس – نِيريُن سِرُن تي گُلَ چِٽَڻ وارو شاعر
سائين رِفعت عباس کي ڏِسي، درياھ جو اُتر کان ڏکِڻ وَھڻ، ته سمجهه ۾ ايندو آهي، پر اهو به خيال ايندو آهي، ته ڪارُونجهر رُڳو چُوڙيي جبل جي ٽڪريُن تائين ئي نه، پر پري پري مُلتان تائين پکڙيو پيو آهي، جنھن جي لِڇَ مُلتان جي هِن مَست توڪلي سان به ملي ٿي!
جڏهن ڪارُونجهر کيس سڏُ ڪندو آهي، ته هي جُتي به ناهي پائيندو ۽ پندرهن سئو ڪلوميٽرن جو پنڌُ، کيس ايترو پري لڳندو آهي، جيترو ڪنھن ٿرياڻيءَ کي گهر کان کُوھ جو مفاصلو لڳندو آهي ۽ پھچڻ ۾ کيس ايترو ئي وقت لڳندو آهي، جيترو ڪا پاڻياري، وِيريءَ تائين رَسڻ ۾ وٺندي آهي…!
هن جو ناول “لوڻ جو جيون گهر” نوهٽي، ننگر، رڻ کان وٺي ملتان جي وِچ ۾، هڪ ناٽڪ گهرنُما ٻڌل ڳوٺ وانگر آهي…!
جنھن ۾ نه ڪوئي ديوتا آهي، نه موت…!
هِن کي سنڌ جي وَڻن ۽ وَٿاڻن مان واسُ، اهڙيءَ طرح پيو ملندو آهي، جھڙيءَ طرح سسُئيءَ کي ڪيچ جي وڻن مان، آري ڄام جو واسُ ايندو هو…!
هِن جِي دل چوندي آهي، ته ڪارونجهر جي پٿرن ۽ پُورن ۾ ايئن اَکيون اَڙايو بيٺو هجي، جيئن علي بابا، درياھ سان دل لايُون ويٺو هوندو هو…!
هي هر ڀيري پنھنجا پيارَ، ڪارُونجهر تان ايئن پيو نِڇاور ڪندو آهي، جيئن سانوڻ ۾ ڪارونجهر تي ڪَڪر اوھِيرا ڪري پيا بَرسندا آهن…!

ڪارُونجهر جي ڪَٽائي بند ڪئي وڃي، واري احتجاج ۾ سندس شرڪت، اهو احساس ڏيارڻ هو، ته هِي به سنڌ جي مقامي ماڻهن، ميگهواڙن ۽ ڪُولهين سان ايئن گڏ آهي، جيئن ڪارُونجهر ننگر وارن سان گڏ آهي….!!
سائين رِفعت عباس سان جيڪا راھَ جُڙِي آهي، اُن تي ڪڏهن به ڊَڀَ ناهن ڦُٽڻا، نه ئي مُحبت ۽ خُلوص جي ڪاريُن واهيُن ۾ ئِي ڪا ڪَمِي اچڻِي آهي…!
آرٽسٽ جي اندر ۾ ته ڪيئي جھانَ هوندا آهن، پر هُو، نظر رڳو پنھنجي ڏات ۽ ذات جي جھانن منجهان ايندو آهي…!
رِفعت، جن سان پيار ڪري ٿو، تن تي بارش وانگر برسندو رهندو آهي! جِن سان هن جِي لڳندِي ناهي، تِن کان هِي سياري جي سِج وانگر غير محسوس طريقي سان پري ٿيندو ويندو آهي…!
اهو ته سندس ذات جو پاسو آهي، پر ڏات جي معاملي ۾، هي اهو روشن مينار آهي، جنھن جي روشنيءَ مان، پورو هڪ دور روشني حاصل ڪري رهيو آهي…!
سائين رفعت عباس، اهڙن ڀاڳوان تخليقڪارن مان آهي، جن تي شاعري، سانوڻ جي مِينھن وانگر اوڙڪُون ڪري پئِي وسندِي آهي، ته نثُر، پو اهو حِڪايتن جي حيرتناڪ انداز ۾ هجي، توڙي ناولن جي نموني ۾، نازل ٿيندو رهيو آهي…!
سندس خِطابت جو خوبصورت انداز، پڻ دل ۾ گهرُ ڪري ويھڻ وارو هوندو آهي…!
شاعري، اهڙو وڻُ هوندي آهي، جنھن جون ٽاريون، شھرن، ڳوٺن ۽ وطن جون ديواريون اورانگهي وينديون آهن ۽ ان جو ميوو، توڙي مھَڪ، ڪنھن هڪ لاءِ مخصوص ناهي.

جُدائيءَ جي بارش ۾ ڀِڄندڙ شاعر…!
شاعري تہ هن کي ورثي ۾ ملي هئي. نہ بہ مليل هُجيس ها، تڏھن بہ جِتي هن جنم ورتو هو، اتي ناميارن شاعرن جي ڪري اهڙو موزون ماحول ٺھيو پيو هو، جو شاعريءَ جي رنگ ۾ اڳ ئي (فطرتن) رنگيل نہ بہ هُجي ها، تڏھن بہ (عادتن) شاعر ٿئي ئي ٿئي ها…!
علي آڪاش سان منھنجي ويجهڙائي گهڻو دير سان ٿي. آئون ڪنهن جي ويجھو تيستائين نہ ٿي سگهندو آهيان، جيسيتائين ڪنھن نابِين وانگي، کيس دِل جي اکيُن سان ڇُھي نہ ڏِسان!
علي پنھنجي جسم جي فريم کان گهڻو پَرتي بيٺل شخص لڳندو آهي. هن جا تخليق ڪيل شاهڪار، رِٽيل شاپس retail shops تي، اصل رقم کان ڏهُوڻ تي وِڪرو ٿي رهيا هُوندا آهن!
علي نہ ڏيڻ تي اچي، تہ ڪنھن کي سندس شعر تي ڇڙو دادُ بہ نہ ڏئي، ۽ ڏيڻ تي اچي، تہ ڪو نظم تہ ڇا، کيس نظمن جو سڄو ڪتاب اَرپي ڇڏي!
عليءَ جي اَنا، ٻار جي ضد وانگر معصوم آهي. اها راضي نہ ٿئي، تہ چنڊُ لاهي ڏيڻ تي بہ راضي نہ ٿئي، آٽي تان لھي، تہ معمولي رانديڪي تي بہ پرچي پوي!
هن کي روئارڻ لاءِ ضروري ناهي، تہ ڪو سندس دِل کي رَنجائجي، پر اڳ ڏُکوئِي وانگر، فوٽو ڪڍڻ وقت رڳو کيس “سِمائيل پليز” چئجي، تڏھن بہ هي روئي پوندو…!
علي آڪاش جا نظم پڙهندي، توهان کي لڳندو، ڄڻ توهان بيگنار ڍنڍ (نيپال) جي ڪناري، ڪنھن ٻيڙيءَ کي، جنھن ۾ هڪ اڪيلي عورت ويٺل آهي، خاموشيءَ سان ويندي ڏِسي رهيا آهيو…!
سندس محبت واري ڪنھن نظم جِي پُڄاڻيءَ تي، توهان کي”دِي بِرجز آف دِي ميڊيسين” جو آخري سِين رِي ڪال ٿِي سگهي ٿو. جنھن ۾ هِيرو وڏي وقت کان پوءِ تيز بارش ۾ پُسندَي ڏسي ٿو، تہ سندس محبوبہ پنھنجي مُڙس جي گاڏيءَ ۾ ساڻس وڃي رهي آهي. اندر گاڏي جي بئڪ مِرر تي ڪِراس وارو لاڪيٽ لڙڪِي رهيو آهي. سندس محبُوبہ اهڙي اوچتي اتفاق تي، کيس شديد ڏُکارو فِيل ڪري، پنھنجا ڳوڙها نہ ٿي روڪي سگهي، پر بارش ۾ هن (هيرو) جا لُڙڪَ ٻائڙ ٻوڙ ڪري ڇڏيندا آهن…!
“بادلون ڪا دوزخ” ۾، هن روايتي موضوعن توڙي ڊِڪشن کي ٻہ وِکون، بلڪ ٻہ مَنجا پوئتي رهائي ڇڏيو آهي!
نظمن ۾ اهڙو ڌيرج، وزن ۽ رِڌم آهي، جھڙو ھاٿيءَ جي وِکُن ۾ هوندو آهي. نظمن کي مليل اهڙي ٽريٽمينٽ، نظمن ۾ وڌيڪ گھرائي پيدا ڪري ڇڏي آهي.
علي آڪاش پنھنجي طبيعت ۽ ذات کي زندگيءَ جي پُڙن ۾ ايئن پئي پِيٺو آهي، جيئن جنڊ جي پُڙن ۾ جوئر جا داڻا پِيسبا رهندا آهن! هِنيانوَ ٻُڏڻ جھڙي حقيقت جو توانو اظھار، جنھن جي ڪڙاڻ دير تائين زبان تي رهي، اوهان کي علي آڪاش جي نظمن ۾ حيرت جي حد تائين محسوس ٿيندو…!

اُس نَي دل پر ہاتھ رکهنا چاہا
تو وه جيب پر پڙا
جس مين بجلی کا بِل تها
ستر هزار چار سو بيس
اس کو ياد آيا
اس ڪي ادائيگی ڪي تاريخ تهی سولہ اگسٽ
اور وه چوده اگست تھا!

توهان کي هن جي نظمن ۾ غزل جي شعرن وانگر خيال جي لحاظ کان ننڍڙا ۽ مڪمل نظم پڻ پڙهڻ لاءِ ملندا.

مُجَهے معلوم نہ تها
کہ جدائي ڪي بارش
اِتني طويل ہوتي هے!

ايئن ناهي، تہ ڪو هن زندگيءَ جي معاملن کي سُلجهائڻ ۾ دلچسپي نہ ٿي ورتي، پر:

اس کا ماننا تها کہ
معاملات نپڻانَي ڪے ليے
سماجي جانور بننا پڙتا هے.
جانورون سي اسَي پيار تها
ليکن “سماجي جانور” ڪي اصطلاح
اسے بلڪل پسند نہ تهی!

هن جي نظمن ۾ موسيقي جي نوٽيشن جھڙا ننڍڙا نظم، نظمن کي دلڪش بنايو بيٺا آهن.

ميں چاهتی هُوں
جو ميرا ہاتھ پکڙے
وه ميری تهکن محسوس کرے!

علي، روايتي شاعري، ڀلي تہ اها ڪلاسيڪل ڇو نہ هجي، ان کان شعوري طور پنھنجو پاندُ ڇڏائي لِکڻ ۾ رُڌل پئي رهيو آهي. اها ڳالھ ئي هڪ ليکڪ/شاعر کي الڳ سُڃاڻَ ۽ مقام ٿي عطا ڪري، جنهن کي علي اِنجواءِ ڪري رهيو آهي…!

گوگل مئپ ميں
تُمهارا محلہ ديکها جا سَڪتا هے
اور شايد گهر بهی
ليکن تُمهارَے گهر کا
دروازه نہين کهڻکهڻايا جا سَڪتا…!