عامر لطيف صديقي – Sarangaa

پاڪستاني سياست ۾” گيم آف ٿرونز“۽ فڪري تسلط
ڇا ملڪ ۾ سڀ ڪجهه صحيح پيو هلي، پر صرف چند مخصوص ماڻهن کي غلط پيو لڳي؟ يا ماڻهو غلط سَھڻ، غلط ڪرڻ ۽ غلط کي صحيح سمجهڻ جا عادي ٿي چڪا آهن؟ يا ماڻهن مان غلط ۽ صحيح جي حس ئي ڇڏائي وئي آهي؟ يا وري سسٽم ئي اهڙو جوڙيو ويو آهي، جيڪو هر سرنديءَ واري جي ذاتي مفادن جو پورائو ڪري ته جيئن هو اجتماعي غلط جو حصو هجي يا ان تي رضامند رهي! بھرحال، هن غريب معاشري جي ايتري رضامندي واري عجيب روش به ڪمال آهي.

اطالوي مفڪر ۽ فلسفي انتونيو گرامشي (Antonio Gramsci) جي مشھور نظريي هيجموني (Hegemony) يعني بالادستي يا فڪري تسلط مطابق، حڪمران طبقا رڳو پوليس، فوج يا لٺ جي زور تي راڄ ناهن ڪندا، پر اهي عوام جي ذهني رضامندي (Consent) حاصل ڪري پنھنجو اقتدار برقرار رکندا آهن. ذهني رضامنديءَ ذريعي هيجموني برقرار رکڻ به اصل ۾ هڪ جادوئي عمل آهي، جنھن تحت حڪمران طبقو معاشري ۾ پنھنجي فڪر، نظام ۽ ترجيحن لاءِ پنھنجو بيانيو اهڙي نموني پيش ڪري ٿو جو عام ماڻهن کي اهو سڀ ڪجهه فطري ۽ عقلِ سليم لڳندو آهي، نتيجي ۾ عوام اڻڄاڻائيءَ ۾ پنھنجي ئي مظلوميت تي رضامند هوندو آهي. اها هيجموني ڪنھن جيل ۾ نه، پر سول سوسائٽي جي ادارن ذريعي پيدا ڪئي وڃي ٿي. گرامشيءَ جو چوڻ آهي ته اشرافيه، ميڊيا، مذهبي، ثقافتي ۽ تعليمي ادارن ۾ مخصوص بيانيي ذريعي عوام جي ذهنن کي اهڙي نموني پيرويءَ جو عادي بڻائي ڇڏي ٿي جو عام ماڻهو موروثي سياست ۽ اميرن جي هن تسلط کي هڪ اڻٽر فطري نظام سمجهي قبول ڪري وٺي ٿو. هو اهو به چوي ٿو ته هر طبقو پنھنجي سوچ کي ڦھلائڻ لاءِ پنھنجا دانشور پيدا ڪندو آهي. مثال طور، جيئن حڪمران طبقي جا نمائندا پاڻ يا سندن درٻاري دانشور، ڪالم نگار، اينڪرز ۽ بيوروڪريٽس حڪومت جي ناقص ايجنڊا ته ٺھيو پر موجوده نظام جي سمورن خرابين کي به جائز قرار ڏيڻ لاءِ دليل ڳوليندا آهن.

گرامشيءَ جي خيال پٽاندر، جيڪڏهن وچولي يا پورهيت طبقي کي تبديلي آڻڻي آهي ته کين پنھنجا آرگينڪ دانشور (Organic Intellectuals) پيدا ڪرڻا پوندا، جيڪي عوام ۾ سياسي شعور بيدار ڪن. سادن لفظن ۾، آرگينڪ دانشور مان مراد اهي ماڻهو آهن جيڪي ڪنھن خاص سماجي طبقي (جھڙوڪ پورهيت، هاري يا وچولي طبقي) جي اندران پيدا ٿين ۽ پنھنجي طبقي جي حقن، تڪليفن ۽ سياسي مفادن کي زبان ڏين. اهي رڳو ڪتابي ڳالهيون ڪرڻ بدران عملي طور تي پنھنجي ماڻهن سان گڏ بيھي حقيقي جدوجھد به ڪن. لڳي ايئن ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ به اهڙي ئي طريقي سان بالادستي ۽ فڪري تسلط قائم آهي، جتي پورهيت ۽ وچولي طبقي کي اهو باور ڪرايو ويو آهي ته سياست صرف وڏن خاندانن جو، اخلاقي اصولن ۽ جمهوري روايتن کان آجو ڪو مھانگو شغل آهي، تنھن ڪري عام ماڻهو اڻڄاڻائيءَ ۾ پنھنجي ئي سياسي محروميءَ تي رضامند آهي. هتي سوال اهو به آهي ته ڇا اسان وٽ پورهيت يا وچولي طبقي مان پيدا ٿيندڙ دانشور موجود آهن؟ جي آهن، ته ڇا انهن جو تعداد گهٽ يا دانش اڻپوري هجڻ ڪري هن هيڏي وڏي بالادستي (Hegemony) سامهون اڃا بي وقعت آهن؟ يا تبديليءَ لاءِ ماحول ۾ اڃا اها مانڌاڻ جي منزل پري آهي، يا ماڳهين ڪو ٻيو جهول آهي؟
جارج آر. آر. مارٽن (George R.R. Martin) جي جڳ مشھور ناول ۽ ايڇ بي او (HBO) جي سيريز گيم آف ٿرونز (Game of Thrones) جو هڪ تمام مشھور جملو آهي ته ”اقتدار هڪ اهڙي راند آهي، جتي يا ته توهان کٽيندا آهيو يا مري ويندا آهيو، وچ وارو ڪو رستو ناهي هوندو.“ اها ڊراما سيريز خيالي ڪھاڻي ويسٽروس (Westeros) جي ستن راڄن ۽ ان جي لوهي تخت (Iron Throne) جي چوڌاري ڦري ٿي. پر جيڪڏهن اسان ڪھاڻي جي ان خيالي پردي کي هٽائي پنھنجي ملڪ جي سياسي تاريخ تي نظر وجهون، ته معلوم ٿيندو ته گذريل اڌ صديءَ کان پاڪستاني سياست به ڪنھن بي رحم گيم آف ٿرونز کان گهٽ ناهي رهي؛ جتي هڪ طرف ته سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ جيل، سزائون، سختيون ۽ موت نظر اچي ٿو، ته ٻئي طرف اقتدار رڳو چند موروثي سرمائيدار خاندانن وچ ۾ گردش ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ڊرامي گيم آف ٿرونز ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن طاقتور گهراڻا (جھڙوڪ لئنيسٽر يا تاريگرين) پنھنجن مفادن لاءِ مذهبي ڪارڊ جو چالاڪيءَ سان استعمال ڪن ٿا، پنھنجي بقا ۽ اقتدار جي توسيع لاءِ خاندان جي عورتن جو سياسي سودو ڪن ٿا، ۽ دولت گڏ ڪرڻ کي پنھنجو سڀ کان وڏو هٿيار بڻائين ٿا. پاڪستاني سياست جو منظرنامو به ان کان مختلف ناهي. هتي به اليڪشن وڙهڻ ۽ اقتدار جو هماءُ پنھنجي مٿان ويھارڻ لاءِ اربين روپين جي سيڙپڪاري گهربل آهي، نتيجي ۾ هر دفعي اقتدار جا دعويدار به اهي ئي سرمائيدار سياسي گهراڻا ٿين ٿا. هاڻي ته انهن وٽ سيڙپڪاريءَ لاءِ نه صرف گهڻو پئسو آهي، پر اثر انداز ٿيڻ لاءِ سياسي ورثو، عوام کي هڪلڻ ۽ تخت لاءِ سودي بازيءَ جو چاليھن سالن کان مٿي جو تجربو به موجود آهي. اها سودي بازيءَ جي مھارت کين گڏيل فائدن ۽ نفعي لاءِ اتحاد ٺاهڻ ۾ مدد پڻ ڏئي ٿي. پر جيئن ڊرامي ۾ ٿيندو آهي، پنھنجن مفادن کي اڳتي وڌائڻ دوران ڌوڪن ۽ بي وفاين ڪري اهي اتحاد هميشه عارضي ثابت ٿيندا آهن.
ان پوري راند ۾ جيڪي پردي جي پٺيان اصل ڪردار هوندا آهن، تن کي ڊرامي جي ٻوليءَ ۾ اسپائي ماسٽرز (Spymasters) يا ڪنگ ميڪرز (Kingmakers) چيو وڃي ٿو، جھڙوڪ ليٽل فنگر يا لاهري ويرس. اسان جي خطي ۾ به سياسي منظرنامو انتھائي غير يقيني ۽ اوچتو تبديلين جو شڪار رهندو آهي. پردي جي پٺيان ويٺل سياسي چالباز اخلاقيات ۽ جمهوري قدرن کي هميشه هڪ اهڙي مبھم خاني ۾ رکندا آهن، جتي صحيح ۽ غلط جي تميز ختم ٿي ويندي آهي. نتيجي طور، اسان وٽ جمهوريت جي تعريف صرف چونڊ عمل دوران اڪثريت جا انگ اکر پوري ڪرڻ تائين محدود ٿي وئي آهي. خاص طور تي پوين ويھن سالن ۾ ٿيندڙ سياسي واقعن ۽ ميڊيا جي بنياد تي ٺھيل مصنوعي بيانيي هن روايتي جمهوريت کي مڪمل طور وائکو ڪري ڇڏيو آهي. قدرن ۽ معيارن کان خالي هيءَ جمهوريت هاڻي هڪ جهور پراڻي پر دلڪش حويلي ٿي چڪي آهي، جنھن جي ڀتين تي يادگار تصويرون ۽ ماضي جي سياسي قربانين جا قصا لکيل آهن. سرمائيدار سياسي پارٽين لاءِ هاڻي هن حويلي جو نماءَ صرف پئسا ڪمائڻ جو ذريعو آهي. هن سياسي گيم آف ٿرونز سڀ کان وڏو نقصان ملڪ جي اخلاقي ۽ جمهوري قدرن کي رسايو آهي. اقتدار جي بک ۽ ذاتي مفادن جي حاصلات لاءِ سياسي چالبازن معاشري مان صحيح ۽ غلط جي تميز کي ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اڄ اسان هڪ اهڙي دور مان گذري رهيا آهيون، جتي سٺي ۽ خراب، رشوت ۽ ايمانداريءَ جي وچ ۾ جيڪا هڪ واضح ۽ نمايان ليڪ هوندي هئي، سا مڪمل طور ميسارجي چڪي آهي. جيڪا شيءِ ڪنھن دور ۾ سماجي ۽ اخلاقي طور تي هڪ عيب يا گناهه سمجهي ويندي هئي، تنھن کي هاڻي سياسي چالاڪي، مصلحت يا وقت جي ضرورت جي خوبصورت اصطلاح طور قبول ڪيو وڃي ٿو.
جڏهن ملڪ جا اعليٰ سياسي ڪردار اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سرعام وفاداريون تبديل ڪن ٿا، نظرياتي سياست جو سودو ڪري پنھنجن ئي اصولن تان هٿ کڻن ٿا، تڏهن سڄي معاشري ۾ هڪ هاڃيڪار نفسياتي تبديلي جنم وٺي ٿي. ان جي نتيجي ۾ ايمانداري ۽ ديانتداري، جيڪي ڪنھن به جمهوري معاشري جا بنيادي ٿنڀ هوندا آهن، تن کي بيوقوفي يا ڪمزوريءَ سان تشبيھه ڏني وڃي ٿي. رشوت، جيڪا سماج جو ناسور هئي، سا هاڻي نظام کي هلائڻ لاءِ هڪ لازمي ”سھولت“ بڻائي پيش ڪئي وڃي ٿي. اڳي ماڻهن جي سڃاڻپ سندن ڪردار، علم ۽ ايمانداريءَ مان ٿيندي هئي، پر هن ڪسٽمائيزڊ سياست معاشري کي اهو سبق ڏنو آهي ته پئسو ۽ طاقت ئي سڀ ڪجهه آهن. جيڪڏهن توهان وٽ دولت آهي، ته توهان جا سڀ عيب، ڏوهه ۽ بدعنوانيون سياسي طاقت جي گندگي هيٺ لڪي وڃن ٿيون. ۽ پوءِ جڏهن اخلاقي ليڪون ميسارجي وينديون آهن، تڏهن عوامي شعور ڌنڌلائجڻ سبب ماڻهو سٺي ۽ خراب جي سڃاڻپ وڃائي ويھندا آهن. ماڻهو بدعنوان ڪردارن کي ”توهان جو چور، اسان جو ليڊر“ چئي مٿن ڀاڙڻ لڳندا آهن. مطلب ته عالم آشڪار نااهل ۽ بدعنوان سياستدان لاءِ به معاشري ۾ هڪ هاڪاري طبقو موجود رهندو آهي. اخلاق جو ھيءُ ابھام (Moral Ambiguity) معاشري کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندو آهي، ڇاڪاڻ ته جتي سچ ۽ ڪوڙ جو فرق ئي ختم ٿي وڃي، اتي ڪنھن به سڌاري يا احتساب جي اميد نٿي رکي سگهجي.

هن ڊرامي گيم آف ٿرونز ۾ جارج آر. آر. مارٽن جو هڪ تمام گھرو جملو آهي ته ”جڏهن وڏا لاهري (Lords) گيم آف ٿرونز وڙهندا آهن، تڏهن سڀ کان وڌيڪ نقصان رڳو عام عوام جو ٿيندو آهي.“ اڄ پاڪستان جو پورهيت ۽ وچولو طبقو به ان عظيم جنگ جو نتيجو ڀوڳي رهيو آهي، جتي اڻھوند، بک، مھانگائي، بي روزگاري ۽ ناانصافي عوام جو مقدر بڻيل آهن، اتي اشرافيه دولت جا مزا ماڻيندي، اٽڪلن ذريعي تخت کي بچائڻ ۾ مصروف آهي. جمهوريت صرف ووٽ ڏيڻ يا پارليامينٽ جي عمارت جو نالو ناهي، پر هڪ اهڙي طرزِ سياست آهي جيڪا ايمانداري، شفافيت ۽ برابريءَ جي اصولن تي بيھندي آهي. پر جڏهن اشرافيه پنھنجي تخت کي بچائڻ لاءِ انهن سڀني اصولن کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏي ٿي، تڏهن سڄو معاشرو اهڙي اخلاقي بحران ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي، جتي قانون جي حڪمراني رڳو ڪمزورن لاءِ، جڏهن ته طاقتور هر ڏوهه کان آزاد هوندو آهي.
ان ڪري، سياسي عمل جي نئين سر وصف جوڙڻ جو مطلب صرف نظام بدلائڻ ناهي، پر ان ميسارجي ويل اخلاقي ليڪ کي ٻيھر واضح ڪرڻ آهي، جيڪا ايمانداريءَ کي رشوت تي ۽ سچ کي ڪوڙ تي برتري ڏياري ٿي. جيڪڏهن اسان کي هڪ منصفاڻي، ترقي پسند ۽ برابري واري سماج جي اڏاوت ڪرڻي آهي، ته پوءِ اسان کي هن سياسي عمل جي نئين سر وصف جوڙڻي پوندي. اسان کي موروثي راڄن جي هن شيشي جي ديوار کي ٽوڙي، وچولي ۽ پورهيت طبقي جي متوازن شموليت کي يقيني بڻائڻو پوندو. جيستائين سياست عام ماڻهو جي ڏاهپ، قابليت ۽ سياسي شعور جي تابع نه ٿيندي، تيستائين ملڪي مستقبل کي تبديل نٿو ڪري سگهجي.

لوڪ موسيقي ۽ معياربنديءَ جو جبر
انسان ايامن کان هن ڌرتيءَ تي ترقيءَ جي نالي ۾ مصنوعيت ۽ معياربنديءَ (Standardization) جو خودساخته قيدي بڻيل آهي، پر بھرحال مصنوعيت ڏي تيز ڊوڙ باوجود به سندس بڻ بنياد پنھنجي جوهر ۾ فطري هجڻ ڪري هو بار بار فطرت ڏانھن موٽ کائي ٿو. سڄو ڏينھن ايئرڪنڊيشنڊ روم ۾ ويھي ڀلي انسان آسائش ته وٺي ٿو، پر کُليل ماحول، ساوٓڪ، ڇَٻر، وڻ، ٻوٽا، وهندڙ پاڻي ۽ پکين جا آواز ئي سندس روح جي رَمز سمجهائن ٿا، انسان ۽ فطرت جي ڳانڍاپي کي سمجهڻ لاءِ اهو هڪڙو سادو مثال ئي ڪافي آهي. اهڙيءَ ريت، جڏهن انسان راڳ جي ڳُتيل گهاڙيٽن، ٻوليءَ جي پيچيده ساختن، لغت جي ڳرن لفظن ۽ درٻارن جي مصنوعي آدابن کان ٿڪجي پوي ٿو ته هو پنھنجي وجود جي اصل سادگيءَ ڏانھن موٽ کائي ٿو، ۽ اها موٽ ئي لوڪ موسيقي آهي. سخت اصولن، قائدن ۽ قانونن کان آجي هجڻ ڪري لوڪ موسيقي پنھنجي اسلوب ۾ آزاد ٿئي ٿي. شايد انهي لچڪ جي ڪري هر خطي ۾ لوڪ موسيقيءَ کي دل جي امنگن جو سادگيءَ سان اظھار سمجهيو ويندو آهي. هن جي سکيا ۽ وڄت جا اوزار به ائين ئي سادگيءَ وارا ٿين ٿا. لوڪ گيت ڳائڻ وارن لاءِ سڄي ڪائنات ئي اڪيڊمي ۽ حيات جا ڏک ڏاکڙا، خوشيون ۽ فطري ماحول ئي استاد ٿئي ٿو. لوڪ موسيقيءَ جا موضوع به عام ماڻهوءَ جي رواجي زندگي، پنھنجي مٽي، ريتون رسمون، خوشين جا ڏڻ، غم، گوندر ۽ محبت جا داستان هوندا آهن. جيئن ڪلاسيڪي موسيقيءَ لاءِ وڏي مھارت سان وڄائڻ وارا ساز جھڙوڪ تانپورو، سارنگي، طبلو، ستار هارمونيم گهربا آهن، تيئن لوڪ موسيقيءَ لاءِ بوڻينڊو، يڪتارو، چپڙي، مٽڪو، الغوزو، مرلي يا دهل وغيره، مطلب ته مقامي ۽ سادا ساز ئي ڪافي آهن.

سخت معياربندي، ضابطا ۽ اصول انسان جي آزاد فطري اظھار ۾ رڪاوٽ بنجيو پون، پر لوڪ موسيقيءَ جي فطري آزادي لوڪ گيت ڳائيندڙ کي پنھنجا سرشار جذبا کليءَ دل سان ٻين تائين پھچائڻ لاءِ نه صرف پنھنجو ڪشادو اڱڻ، بلڪه مٽيءَ جي هڳاءُ، ٻھڪندڙ محبتن ۽ ريشمي احساسن جا جهول ڀري به ڏئي ٿي، ان ڪري ئي شايد لوڪ گيت دل تي سڌا اثرائتا ٿين ٿا. لوڪ موسيقيءَ جي بنيادي حسناڪي سماجي روايتن ۽ روزمره جي زندگيءَ تي ٻڌل تاڃي پيٽو آهي. شاديون ۽ خوشيون هجن ته سھرا ۽ لاڏا، ٻار جي پيدائش هجي ته لولي، غم جي ڪا ڪيفيت هجي ته مورو؛ هر ڪاهڻ، فصل ڪٽڻ، مڇي مارڻ، ڀرتُ ڀَرڻ، جنڊ پيھڻ، مال چارڻ، کٽون ۽ ڪپڙو اڻڻ کان وٺي سنڌوءَ جي تار وهڻ جا گيت! مطلب ته لوڪ موسيقي عملي زندگيءَ ۾ محنت ۽ محبت جي هڪ حسين آميزش آهي، جيڪا نفسياتي، سماجي ۽ ثقافتي طور اسان کي آسودو ڪري ٿي.
لوڪ موسيقيءَ جي سڀ کان وڏي خوبي اها به آهي ته اها اُن خطي جي ثقافت جي جيئري جاڳندي تاريخ ۽ جذباتي سڃاڻپ هوندي آهي، جيڪا ڪتابي طور تي نه بلڪه عملي طرح مٽيءَ جي خوشبوءِ سان گڏ ريتن رسمن کي صدين تائين زنده رکي ٿي. سچي ڳالهه اها آهي ته مارئيءَ جي لوئي، سسئيءَ جو پورهيو، نوريءَ جي سادگي ۽ مورڙي جي بھادري يا اهڙا ڪيئي ٻيا ثقافتي داستان اسان وٽ تاريخ جي ڪتابن بدران لوڪ موسيقيءَ ئي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ پھچايا آهن. سنڌ ۾ اڪثر پروگرامن جي آخر ۾ “هو جمالو” ڳايو ويندو آهي ۽ان وقت ماڻهن جو جوش، خوشي ۽ ٻھڪ ڏسي، حيراني ٿيندي آهي. سالن صدين جي مسافرين باوجود هو جمالي جو منفرد احساس ۽ رچاءُ پنھنجي تازگيءَ سان گڏ اڄ به موجود آهي. انهيءَ ڪري هو جمالو سنڌ ۾ خوشي، جوش، بھادري ۽ فتح جو صرف ترانو نه، بلڪه زندگيءَ جي جشن جو آلاپ لڳندو آهي.پر جڏهن اها لوڪ موسيقي پنھنجي فطري ماحول مان نڪري اسٽوڊيوز جي ڀتين ۽ ڪمپيوٽر اسڪرينس تائين پھچي ٿي ته ان ۾ ڪيتريون ئي تبديليون اچيو وڃن. بنيادي طور تي لوڪ موسيقي فطري ماحول ۾ پلجندڙ انساني روح جي هڪڙي بيساخته ۽ بيقاعده لھر آهي، جيڪا ڪنھن به درٻار، اڪيڊمي يا لکت جي قانون جي پابند ناهي هوندي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڊجيٽل ۽ گلوبلائيزيشن جي هن دور ۾، جتي هر شيءِ کي معياربنديءَ جو پابند ڪيو پيو وڃي، اتي لوڪ موسيقي به ان معياربنديءَ جي عمل کان بچي ناهي سگهي. جڏهن اها آزاد لوڪ موسيقي جديد ميڊيا پليٽ فارمز جھڙوڪ ڪوڪ اسٽوڊيو (Coke Studio) يا عالمي ميوزڪ اسٽريمنگ ائپس (International Music Streaming Apps) تي پھچندي آهي ته پوءِ گهرن، ميلن، واهڻن ۽ وسندين ۾ ڪلاڪن تائين ڳائيندڙ گيتن کي به چار يا پنج منٽن جي ڊجيٽل فارميٽ تي، مغربي ڊرم بيٽس جي پاپ ميٽر (Pop Meter) تي ڳائڻ لاءِ پابند ڪيو ويندو آهي. مٿان وري پيداواري معيار (Production Standards) برقرار رکڻ لاءِ سُرن کي ڪمپيوٽر سافٽ ويئرز (Auto-tune) ذريعي ايترو ته هر لحاظ کا مڪمل، پختو ۽ اصولن جي عين مطابق ڪيو ويندو آهي، جو ان مان لوڪ موسيقيءَ جي لچڪ ۽ مٽيءَ وارو مزاج ئي ختم ٿيو وڃي. الميو اهو به آهي ته ڪو لوڪ گيت ڪنھن عالمي پليٽ فارم تان تبديل ٿيل ڌُن سان تيز لَئي ۾ جڏهن مشھور ٿئي ٿو ته پوءِ فنڪار به هميشه اُنهيءَ گيت کي ساڳي مشھور ڌن ۽ لَئي ۾ ڳائي اڳيان وڌائين ٿا، مطلب ته ان لوڪ گيت جو اصل انگ ۽ رنگ هميشه لاءِ غائب ٿيو وڃي. هن سڄي واردات ۾ چڱي ڳالهه اها آهي ته اسان جي لوڪ موسيقي ترقي ڪري دنيا تائين پھچي پئي ۽ نوجوانن خاص طور تي جين زي (Gen Z) سان اسان جي لوڪ موسيقيءَ جي شناسائي به ٿئي پئي، پر گڏو گڏ ڳڻتي اها به آهي ته اهو عمل ثقافتي معياربنديءَ (Cultural Standardization) ڏانهن حقيقي اڳڀرائي آهي.
انسان کي معياربنديءَ جي ضرورت تڏهن پئي، جڏهن انساني سماج ننڍڙن قبيلن مان نڪري وڏن شھرن ۾ تجارتي مرڪز قائم ڪيا. جيستائين ماڻهو ننڍڙن گروهن ۾ هئا، تيستائين بغير ڪنھن معياربنديءَ جي ڪم هلي رهيو هو، پر جيئن ئي سماج پنھنجي واڌ ويجهه سبب پيچيده ٿيو ته نظام، هڪجھڙائي ۽ جٽاء قائم ڪرڻ لاءِ معياربندي (Standardization) اڻٽر ٿي وئي. جديد معياربنديءَ جو آغاز صنعتي انقلاب کان ٿيو، ان کان اڳ هر شيءِ هٿ سان ٺھندي هئي، تنھنڪري هر ڪاريگر جي ٺاهيل شيءِ ٻئي کان مختلف هوندي هئي ۽ هر شيءِ ۾ ڪاريگر جي نفيس منفرد ڪاريگري ڏسي سگهبي هئي.
اها معياربندي شين، مشينن، روڊن ۽ رستن تائين ته ٺيڪ آهي ۽ سمجهه ۾ به اچي ٿي، پر مسئلو تڏهن پيدا ٿئي ٿو جڏهن طاقتور طبقو انسان جي سوچ، ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي عمل، موسيقي ۽ ثقافت کي به معياربنديءَ جي مشين ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. لوڪ موسيقي جي اصل بقا ڪارپوريٽ اسٽينڊرڊائيزيشن (Corporate Standardization) جي زنجيرن ۾ نه، بلڪه مسلسل تبديل ٿيندڙ آزاد ۽ لوڪ مزاج ۾ آهي. اسان کي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ان کي دنيا تائين پھچائڻو ته آهي، پر ان سان گڏ گهرن، گهٽين، ميلن ۽ اوطاقن ۾ هن جي بيساختگي ۽ مٽيءَ جي سادگيءَ کي به بچائڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته ثقافت جڏهن مڪمل طور اسٽينڊرڊائيزڊ ٿي ويندي آهي ته پوءِ ڪنھن ميوزيم جي زينت ته بڻجي سگهي ٿي، پر زندگيءَ جي حرارت وڃائي ويھندي آهي.

ڍ

فلسطيني مزاحمت جو نئون هيرو
جيئن ڪنھن ڪوجهي سماج ۾ خوش شڪل انسان سدائين ڏچي ۾ هوندو آهي، تيئن ئي ڇسي سماج ۾ گهڻو ڪري ڏاها انسان ڀوڳيندي حياتي گذارين ٿا. تاريخ ۾ اهڙا انيڪ قصا ملن ٿا، سقراط جو زهر پيالو پيئڻ به انهن مان هڪ آهي. هيڏي وڏي زيرڪ انسان کي به ان وقت جي ڪوجهي سماج زهر پي پنھنجي شعوري سوچ کي هميشه لاءِ سمهارڻ تي مجبور ڪيو. البته هر دور ۾ جهيڙو به ان شعور ۽ ڏاهپ ئي اٽڪايو آهي! ثابت قدم سوچ رکندڙ انسان ڀلي پوءِ سياست، ادب يا زندگيءَ جي ٻئي ڪنھن به شعبي سان سلهاڙيل هجي، پر پنھنجي نظرياتي ادراڪ ۽ دانائي ڪري گهٽ يا وڌ ڀوڳي ضرور ٿو. جدلياتي ماديت (Diilectic MateriaLism) جي روشنيءَ ۾ شعور جو اٽڪاءُ يا جهيڙو مادي وجود (Matter/Existance) سان ٿئي ٿو. مارڪسي فلسفي پٽاندر، اسان جو شعور اسان جي وجود جو تعين نٿو ڪري، پر اسان جو سماجي وجود اسان جي شعور جو تعين ڪري ٿو. هيگل ۽ وجودي مفڪرن موجب، شعور جو جهيڙو پنھنجي ئي اندر سان ٿئي ٿو. خاص طور جڏهن انسان جو شعور پنھنجي موجوده حالت مان نڪري، ڪنھن مٿانھين مقصد يا سڃاڻپ جي ڳولا ڪري ٿو. اڪثر مفڪرن جو خيال آهي ته انسان جسماني طور آزاد ته پيدا ٿئي ٿو، پر شعوري آزادي پيدا ٿيندي ئي نٿي ملي، اها حاصل ڪرڻي پوي ٿي. ان جو مطلب ته شعور هڪ ارتقائي عمل آهي ۽ پوءِ جڏهن انسان هن ارتقائي عمل جا ڏاڪا چڙهندي ’مان‘ (مطلب پنھنجي وجود) کان شروع ٿي ’اسين‘ (مطلب سماج) تائين پھچي ٿو ته کيس اڳيان وڌندي، پراڻن قدرن، مدي خارج روايتن ۽ جبري نظام سان اٽڪڻو پوي ٿو ۽ پوءِ کيس ان آزاد خياليءَ جي قيمت به ادا ڪرڻي پوي ٿي. پر اها هڪ مسلسل جنگ آهي، جنھن کي شعوري جهيڙو چيو وڃي ٿو.

ايامن کان هلندڙ هن مسلسل جنگ ۾ ڪيترا ئي پيڙا جا پانڌي اڳيان هلي مزاحمت جا استعارا بڻيا آهن. پيڙا جي اهڙن پانڌين ۾ محبت، مزاحمت ۽ متوازي وقت جو مسافر فلسطين ڄائو وليد دقه به هڪ آهي، جنھن 38 سال اسرائيل ۾ مسلسل قيد ڀوڳي آخر 7 اپريل 2024ع تي زندگيءَ جي جنگ هارائي، پر تڏهن به هن جي شعور ويڙهه ختم نه ٿي. کيس ڏنل اصل سزا 24 مارچ 2023ع تي پوري ٿيڻي هئي، پر 28 مئي 2018ع تي، بير السبع جي مرڪزي عدالت هڪ ٻيو ناانصافيءَ وارو فيصلو ٻڌائي، سندس سزا ۾ ٻه سال قيد جو اضافو ڪيو. مٿس قيدين کي پنھنجن خاندانن سان رابطي ڪرڻ لاءِ غير قانوني طور موبائل فون پھچائڻ جو الزام مڙهيو ويو. نتيجي ۾، سندس آزاديءَ جي نئين تاريخ وڌائي 24 مارچ 2025ع ڪئي وئي. جيتوڻيڪ سندس صحت تيزيءَ سان بگڙي رهي هئي، پر اسرائيل کيس آزاد ڪرڻ ۽ مناسب طبي سھولتون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اختيارين دعوا ڪئي ته سندس حالت ايتري سنگين ناهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل موجب، سندس وڪيل وفات کان ڪجهه هفتا اڳ مٿس تشدد ۽ صحت جي سخت خرابيءَ جون علامتون ٻڌايون هيون. هن 7 اپريل 2024ع تي وفات ڪئي. سندس آخري گهڙيون به جيل جي سخت پھري ۾ گذريون. هو ڪڏهن به پنھنجي ڌيءُ ميلاد کي جيل جي ڀتين کان ٻاهر ڀاڪر نه پائي سگهيو، ۽ نه ئي پنھنجي گهر واري ثناء سان آزاديءَ جو ڪو ڏينھن گذاري سگهيو. موت کان پوءِ به سندس قيد جاري رهيو. اسرائيلي اختيارين سندس وارثن کي مڙهه ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اعلان ڪيو ته اهي سندس مڙهه کي 24 مارچ 2025 تائين (سزا جي مدي تائين) پنھنجي قبضي ۾ رکندا. شايد اهو عمل سندس وارثن کي اڃا وڌيڪ تڪليف ڏيڻ لاءِ هو.
وليد دقه 18 جولاءِ 1961 تي باقه الغربيه (جيڪو هاڻوڪي اسرائيل جي حدن ۾ هڪ فلسطيني شھر آهي) ۾ پيدا ٿيو. هن جو لاڳاپو انهن فلسطينين سان هو، جن وٽ اسرائيلي شھريت هئي، پر هو دل سان پنھنجي ڌرتيءَ جي آزاديءَ لاءِ وڙهيا ٿي. کيس 1986ع ۾ هڪ اسرائيلي فوجيءَ جي اغوا ۽ قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، پر ان الزام جو هو آخر تائين انڪاري رهيو. ان کان اڳ جو سندس مڙهه جي ملاقات وارثن کان پوءِ هميشه لاءِ فلسطين جي مٽيءَ سان ٿئي، سندس شعور سڄيءَ دنيا سان شناسائي ڪرائي چڪو هو. وليد دقه صرف هڪ سياسي قيدي نه پرتخليقي ليکاري هجڻ سان گڏ هڪ ڏاهو انسان هو. جيل اندر پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان سواءِ ڪيترا ئي شاندار علمي ڪم ڪيا هيائين. خاص طور هن جون ٻه تحريرون شعور جو ڳرڻ (The Melting Consciousness) ۽ متوازي وقت (The Parallel Time) ڪمال جون فلسفيانه تصنيفون آهن، جيڪي هاڻي جيل جي لکڻين (ادب) ۾ هڪ علمي حوالو بڻجي چڪيون آهن. هن ٻارن لاءِ ٽي شاهڪار ناول به لکيا، جن ۾ ”تيل جي راز جو قصو“، ”تلوار جي راز جو قصو“ ۽ ”روح جي راز جي ڪهاڻي“ شامل آهن . سياسي ۽ دستاويزي تصنيفن ۾ جنين ڪيمپ ۾ مزاحمت جا داستان ۽ شهيدن جي رم الله واپسي مزاحمتي ادب جو مثالي حصو ليکجن ٿيون.
جيل جي اونداهين ڪوٺڙين ۾ ٻوسٽ، وحشت ۽ ڀتين مان ايندڙ گِهميل تيز بوءِ باوجود، وليد جي دل ۾ پيار جا نرم جهوٽا ان وقت گهليا، جڏهن هن جي ملاقات فلسطين جي هڪ نوجوان عورت ثناء سلامه سان ٿي، جيڪا انٽرويو وٺڻ لاءِ ساڻس جيل ۾ ملڻ آئي هئي. جڏهن هنن ٻنهي پنھنجو اڳتي جو سفر گڏ گذارڻ جو فيصلو ڪيو ته پوءِ سندن هن حسين جذبي جي هاڪ سڄي ملڪ ۾ ڦھلجي وئي. محبت جو هي فيصلو به ڪمال هو، جتي ٻنهي کي جسماني ميلاپ ته ٺھيو پر دل ڀري هڪ ٻئي کي ڏسڻ يا حال اورڻ جو موقعو به ميسر نه هو. وليد جيل انتظاميه کان جيل اندر ثناء سان شادي ڪرڻ جي اجازت حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين جنگ وڙهي. نيٺ 1999ع جي اونهاري ۾ عسقلان جيل جي هڪ ننڍڙي ڪمري مان خوشيءَ جا نغارا گونجي اٿيا، جيڪي هڪ تاريخي شاديءَ جي جشن جو پيغام کڻي آيا هئا. هيءُ غير معمولي جشن ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جنھن ۾ گهوٽ، ڪنوار، وليد جا ڪجهه قيدي ساٿي، سندن خاندانن جا ڪجهه ڀاتي ۽ دوست گڏ ٿيا. ٿورڙي وقت لاءِ ئي سھي، پر هن خوشين جي موجودگيءَ بي انتھا نراسائيءَ واري ماحول ۾ گهيريل هن بي رحم هنڌ کي به خوشبوئن، خوشين ۽ اميدن جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. هن جوڙي جي جنگ شاديءَ تي ئي ختم نه ٿي، هنن پنھنجي اولاد جي حاصلات لاءِ 12 سال جدوجھد ڪئي ته جيئن عدالت مان اولاد پيدا ڪرڻ جو اهو حق به حاصل ڪري سگهن، جيڪو دنيا جي هر عام انسان کي حاصل آهي. پر استحصالي نظام ۽ متڀيد واري عدليه سيڪيورٽي سبب ڄاڻائي سندن اها درخواست رد ڪري ڇڏي. جڏهن عدالت کيس پنھنجي زال ثناء سان اڪيلائيءَ ۾ ملڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تڏهن ڪامريڊ وليد پنھنجي ان ٻار ڏانھن خط لکيو، جيڪو اڃا پيدا به نه ٿيو هو. هونئن ته خط ڊگهو آهي، پر خط مان کنيل، مصنوعي ذهانت سان ترجمو ٿيل ڪجهه سٽون ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو ته جيئن توهان کي هن اعصابي طور مستحڪم انسان جي گھِري پروڙ ۽ لکڻيءَ جو اندزو ٿي سگهي:
“مان ان ٻار ڏانھن لکان ٿو، جيڪو اڃا پيدا ناهي ٿيو… مان هڪ اهڙي خيال يا خواب ڏانھن لکان ٿو، جيڪو حقيقت بڻجڻ کان اڳ ئي اڻڄاڻائيءَ ۾ جيلر کي خوفزده ڪري ٿو. اڄ جيل ۾ منھنجي پنجويھين سال جي پڇاڙي آهي – نوَ هزار، هڪ سئو ايڪٽيھه ڏينھن ۽ چوٿائي (9131)… هي اهو انگ آهي، جيڪو ڪنھن خاص نُڪتي تي ختم نٿو ٿئي. هيءَ منھنجي قيد جي اها عمر آهي، جيڪا اڃا ختم ناهي ٿي. ڏينھن هڪٻئي کي ڳڙڪائي ويا آهن. جيل ۾ گذاريل هر ڏينھن منھنجي زندگيءَ جا ورق ائين پيو اٿلائي، جيئن ڪو ٿيلهو پنھنجي اندر بچيل يادگيريءَ کي خالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. تون مستقبل لاءِ منھنجو پيغام آهين… جيل جي مھينن زندگيءَ جي مھينن جي رَس چُوسي ورتي آهي ۽ جيل جا سال زندگيءَ جي سالن جي برابر ٿي ويا آهن. پيارا، ڇا تون سمجهين ٿو ته مان چريو ٿي ويو آهيان، جو هڪ اهڙي جِيوَ ڏانھن خط لکي رهيو آهيان، جيڪو اڃا پيدا به ناهي ٿيو؟ اسان مان چريو ڪير آهي؟ هڪ ايٽمي رياست جيڪا اڃا تائين هڪ پيدا نه ٿيل ٻار سان وڙهي رهي آهي يا هو جيڪو هڪ معصوم ٻار جو خواب ڏسي ٿو؟“

ٻارنھن سال مسلسل جدوجھد ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ به هن جوڙي، پنھنجي اولاد جي خواهش تان هٿ نه کنيو. اولاد جي پيدائش لاءِ متبادل رستو اختيار ڪندي، وليد پنھنجا توليدي جزا اسمگل ڪري جيل کان ٻاهر پھچايا، جيڪي سندس ونيءَ جي رحم ۾ رکيا ويا. نيٺ، 3 فيبروري 2020ع تي، هن جي گهر واري ثناء هڪ نياڻيءَ کي جنم ڏنو. هنن جيل جي اونداهيءَ ۾ هڪ نئين حياتي سرجي. هيءَ تاريخ وليد جي مزاحمتي اڏول وجود ۽ ثناء جي حوصلي لاءِ هڪ نئين جنم جو ڏينھن هو. وليد سندس نالو اڳ ئي ميلاد رکي چڪو هو، جنھن جي عربيءَ ۾ معنا آهي جنم يا ولادت. شايد هن پنھنجي ڌيءُ جو نالو ميلاد ان ڪري رکيو هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ جيل جي هن اولي دور ۾ به هڪ اميد جي جنم جي علامت هئي. هن عظيم انساني لمحي تي سڄي فلسطين ۾ ميلاد جي پيدائش جو جشن ملهايو ويو. خاندانن، عورتن، نوجوانن، بزرگن ۽ گڏوگڏ جيلن ۾ قيدين به ان خوشيءَ کي ملهايو. ڪنھن قيديءَ جو خواب هڪ ابھم ٻار جي صورت ساڀيان ماڻي چڪو هو. اڻکٽ ذلتن ۽ عقوبتن باوجود حوصلا هالار رکندڙ هن محب وطن جوڙي اولاد جي آس ته پوري ڪئي، پر وليد ڪڏهن به پنھنجي نِياڻيءَ کي جيل جي سلاخن کان آجو ٿي سڪ ۽ پاٻوه مان هڪ ڳراٺڙي به نه پائي سگهيو. ڪڏهن ڪڏهن وقت، حالتون ۽ ڪائنات جو گردان به بي رحم انسانن سان ٻٽ ٿيو وڃن.
وليد جي تفڪر خاص طور مٿي ڄاڻايل ٻن تحريرن جو ذڪر نه ڪجي ته ڳالهه اڌوري رهجي ويندي. وليد وٽ متوازي وقت (Parallel Time) جو تصور به نرالو هو. هن جو چوڻ آهي ته قيدي هڪ اهڙي وقت ۾ رهن ٿا، جيڪو ٻاهرين دنيا جي مقابلي ۾ بي حس و حرڪت هجي ٿو. جيل ۾ رهندڙ قيدي، ٻاهرين دنيا جي وقت کي تڏهن محسوس ڪندا آهن، جڏهن جيل جي ملاقات واري شيشي جي ٻنهي پاسن کان ٻه مختلف زمانا پاڻ ۾ ٽڪرائجن ٿا. توهان لاءِ جيڪو وقت ”زندگي“ آهي، اسان لاءِ اهو رڳو ”انتظار“ آهي. مون لاءِ منھنجي گرفتاريءَ کان وٺي اڄ تائين ڪجهه به ناهي بدليو، سواءِ ان جي ته منھنجن وارن جو رنگ چاندي ٿي ويو آهي. منھنجا ڀائر ۽ ڀينرون، جيڪي منھنجي گرفتاريءَ وقت معصوم ٻار هئا، اڄ اهي پاڻ والدين بڻجي چڪا آهن. پر منھنجي شعور ۾ اهي اڃا تائين ٻار ئي آهن، جن کي مان پنھنجي هنج ۾ کيڏائيندو هوس. جڏهن هو مون سان ملڻ اچن ٿا ته منھنجو ”بيٺل وقت“ سندن ”وهندڙ وقت“ سان ٽڪرائجي ٿو ۽ هڪ عجيب پيڙا جنم وٺي ٿي. اها پيڙا آهي ان حقيقت کي قبول ڪرڻ جي، ته زندگي مون کان سواءِ اڳتي وڌي چڪي آهي. جيل ۾ شين جي اهميت به بدلجي وڃي ٿي. هڪ قميص، ڪو پراڻو فوٽو يا جيل جي ڇت مان ٽمندڙ پاڻيءَ جا نشان رڳو شيون نه ٿيون رهن بلڪه اسان جي وجود جو حصو بڻجيو وڃن. اسان شين سان ڳالهايون ٿا، ڇاڪاڻ ته شين وٽ به پنھنجو ڪو متوازي وقت هوندو آهي، جيڪو اسان سان گڏ قيد هجي ٿو. اهڙيءَ ريت شعور جو ڳرڻ (The Melting Consciousness ) سندس سڀ کان مشھور ڪتاب آهي، جنھن ۾ هن جيل جي نفسيات ۽ قيدين تي ٿيندڙ ذهني اثرن تي گھِرو بحث ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ هو ٻڌائي ٿو ته ڪيئن جيل جو نظام رڳو جسم کي قيد نٿو ڪري، پر انسان جي سوچ ۽ شعور کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن مطابق جيل جو مقصد صرف جسماني قيد ناهي، پر ان جو اصل وار انسان جي شعور تي هوندو آهي. جيل جو نظام چاهي ٿو ته قيديءَ جو شعور پگهرجي وڃي ۽ هو پنھنجي سڃاڻپ، پنھنجي مقصد ۽ پنھنجي قومي جدوجھد کي وساري ويھي. پر اسان جو دفاع اسان جي سوچ آهي. جيستائين مان سوچي سگهان ٿو، جيستائين مان محبت ڪري سگهان ٿو، تيستائين مان انهن جي قيد کان آزاد آهيان. متوازي وقت ۾ رهندي، مون اها ڳالهه سکي آهي ته آزادي صرف جيل کان ٻاهر نڪرڻ جو نالو ناهي. آزاديءَ جو اصل مطلب آهي پنھنجي شعور کي زنده رکڻ ۽ ان نظام کي شڪست ڏيڻ، جيڪو توهان کي محض هڪ بي جان نمبر بڻائڻ چاهي ٿو. مان قيد آهيان، پر منھنجو فڪر هن متوازي وقت جي ديوارن کي ٽوڙي توهان تائين پھچي رهيو آهي.“ وليد جو هيءُ جملو به ڪمال جو آهي ته؛”منھنجي جيلر خلاف، محبت ئي منھنجي معمولي ۽ واحد فتح آهي“.
برصغير جي مشھور شاعر سدرشن فاڪر جي غزل جون هي سٽون جيڪي چترا سنگهه به ڳايون آهن، اهڙن ئي ڪردارن لاءِ آهن.
تم گلستاں سے آئے، ذکرِ خزاں ہی لائے،
ہم نے قفس میں دیکھی، فصلِ بہار برسوں۔

جنوني حاڪمن جي جنگي خواهشن جو ٻليدان بڻجندڙ عام ماڻهو
جنوني، چرين حڪمرانن جي هٻچ، انا ۽ مھم جوئيءَ جي نتيجي ۾ گهڻي ڀاڱي تاريخ عام انسانن جي رت ۾ رڱيل ملي ٿي. منگول سلطنت جو چنگيز خان، جرمني جو ايڊولف هٽلر، سوويت يونين جو جوزف اسٽالن، ڪمبوڊيا جو پول پاٽ، چين جو مائوزيڊونگ هجي يا اٽلي جو بنيتو موسوليني هجي، انهن توڙي انهن جھڙن ٻين حڪمرانن سياسي نظرين، مذهبي جنون، قومپرستي يا اقتدار جي بک سبب ڪروڙين ماڻهو مارائي، انسانيت سان مذاق ڪيا. ويجهي تاريخ ۾ آمريڪا بادشاه ٻين عالمي جنگ ۾ پنھنجن چار لک کن سپاه سميت لڳ ڀڳ ٽيهه لک کن ماڻهو مارايا، جن ۾ ڏهه لک جي لڳ ڀڳ جرمني ۽ اٽلي جا ماڻهو هئا. جڏهن ته ٻيو وڏو انگ جپان جي ماڻهن جو هو. جپان پاران هوائي ۾ موجود آمريڪي اڏي پرل هاربر تي ڪيل حملي کان پوءِ آمريڪا سڌيءَ ريت جنگ ۾ شامل ٿيو. ان کان اڳ آمريڪا جنگ ۾ سِڌو شامل نه پئي ٿيڻ چاهيو، ڇو ته کيس پھرين عالمي جنگ جو تلخ تجربو هو. ان ڪري انهن 1935 کان 1939 وچ ۾ چار ڀيرا غير جانبدار رهڻ لاءِ قانونسازي به ڪئي ته جيئن آمريڪا کي ٻاهرين تڪرارن خاص طور يورپ ۽ ايشيا ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۾ ڦاسڻ کان روڪجي. پر جيئن چوندا آهن ته دهل وڄي ۽ دوسو بيھي، سو جنگ هجي ۽ آمريڪا چپ ڪري ويھي، کوڙو ئي نٿو لڳي. پھرين ته روڪ رقم تي هٿيار وڪرو ڪيائين، وري پنھنجن ساٿين برطانيا، چين ۽ پوءِ سوويت يونين کي وڏي مقدار ۾ هٿيار اڌار (لييز) تي ڏيڻ شروع ڪيائين. سندس اهڙو عمل ئي جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو هڪڙو اهم موڙ چئي سگهجي ٿو. ھوڏانھن جاپان جي قديم مذهب شنٽو جي عقيدي موجب شهنشاه  نه رڳو انسان بلڪه هڪ زنده ديوتا سمجهيو ويندو هو، سو سندن اڌمغزي ديوتا شهنشاه هيروهيٽو به پنھنجيءَ شهنشاهي وڌائڻ لاءِ اوڀر ايشيا ۾ چائنا جو ڪجهه حصو، ڪوريا ۽ هانگ ڪانگ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ٿائيلنڊ، ميانمار، ڪمبوڊيا، لائوس، ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا، ويتنام ۽ فلپائين تي به قبضو ڪيو. نه فقط ايترو پر ھيڏانھن ڏکڻ ايشيا ۾ انڊيا جي انڊمان ۽ نڪوبار بيٽ ته ھوڏانھن پاپوا نيو گني، پئسفڪ ۾ آمريڪا جي ننڍڙن پر تمام اهم گوام ۽ ويڪ ٻيٽن سان گڏ سولومون ٻيٽن تي به قبضو ڪيائين. سندن ويڙهاڪن باه ٻاري ڏني. هنن جي ڪاميڪازي جھڙين خطرناڪ جنگي اڳڀراين عملين دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. اڄوڪي بنا پائيلٽ جي خودڪش بمبار جھازن (ڊرونز) جو تصور به بنيادي طور جپان ئي ڏنو هو، جنھن ۾ سندن پائليٽ تيل ۽ بارود سان ڀريل جھاز دشمن جي جديد ٻيڙن سان ٽڪرائي، کين تباه ڪندا ها. اهڙن جھازن کي ڪاميڪازي سڏيو ويندو هو. جپاني ٻوليءَ ۾ ‘ڪاميڪازي’ جو مطلب ‘مقدس هوا’ آهي ۽ اهو نالو تيرهين صدي ۾ ٿيل واقعي مان کنيل هو. تيرهين صديءَ ۾ چنگيز خان جي پوٽي قبلائي خان جا جپان تي ڪيل ٻه تمام وڏا حملا سامونڊي طوفانن جي ڪري ناڪام ٿيا، تنھن کان پوءِ جپاني قوم جو اهو خيال بنھ پختو ٿي ويو ته انهن ٻنهي سامونڊي طوفانن لاءِ اها ‘مقدس هوا’ اسان جي ديوتائن موڪلي هئي.

بهرحال پرل هاربر تي حملي کان پوءِ آمريڪا جاپان جي جزيري اوڪيناوا تي قبضي ڪرڻ لاءِ تيرهن لکن کان مٿي جاپاني فوجي ماريا. ٽوڪيو سميت ٻين وڏن شھرن تي بمن جان مينھن وسائي، ٽي چار لک ماڻهو مارڻ کان پوءِ به سندس دل تي ڇنڊو نه پيو. نيٺ ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي ائٽم بم ڪيرائي، ٻنهي شھرن سميت ٻن لکن کان وڌيڪ ماڻهن کي ابدي ننڊ سمھاريو ويو. ٻين عالمي جنگ کان پوءِ آمريڪا جي ويٽنام سان ويھ سال کن جنگ هلي، جنھن ۾ هڪ اندازي موجب  ٽيهن لکن کان وڌيڪ ماڻهو مئا. اهڙيءَ ريت ڪوريا جي جنگ ۾ به آمريڪا جو دفاع لاءِ فوجي قوت ۽ سياسي رٿابنديءَ ۾ مکيه ڪردار هو. جيتوڻيڪ اها بنيادي طور گڏيل قومن جي هڪ اجتماعي ڪاروائي هئي، پر نوي سيڪڙو فوج ۽ فنڊنگ توڙي سامان آمريڪا بادشاه جو هو ۽ هن جنگ ۾ به لڳ ڀڳ ٽيهارو لک کن ماڻهو مئا.  ان کان پوءِ نام نهاد دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ افغانستان، عراق، شام ۽ يمن ۾ به هڪ اندازي موجب ڏھ لک ماڻهو ماريا ويا.  آمريڪا بادشاه ڪڏهن ڪميون ازم  کي اوراٽڻ، ته ڪڏهن ائٽمي هٿيارن جي ڦهلاءَ کي روڪڻ ته ڪڏهن دهشتگرديءَ خلاف جنگ ته ڪڏهن نظام حڪومت جي تبديلي (رجيم چينج) جي بيانيي هيٺ الائي ته ڪيترن ملڪن تي جنگيون مڙهي، لکين بي گناه ماڻهو مارايا آهن. حڪومتن جي تبديليءَ لاءِ ايران تي مڙهيل جنگ ڪا پھرين ناهي. ان کان اڳ  ڪيوبا تي 1933، ايران تي 1953، گئاتيمالا تي 1954، سائوٿ ويٽنام تي 1963، برازيل تي 1964، چلي تي 1973، افغانستان تي 2001، ايراق تي 2003، هيٽي تي 2004 ۽ لبيا  تي 2011 ۾ آمريڪا پاران جنگيون مڙهيون ويون  آهن. ان حوالي سان ايران تي حڪومتي نظام جي تبديليءَ (رجيم چينج) نالي هيءَ ٻي جنگ آهي. اڃا ته زميني ويڙه شروع ئي ناهي ٿي، تڏهن به هن سڄي خطي ۾ چار هزارن کان مٿي ماڻهو اجل جو شڪار ۽ لاتعداد زخمي ٿي چڪا آهن.

آمريڪا پنھنجن مفادن پويان هن رجيم چينج  گيم تحت انهن سڀني ملڪن ۾ طاقت ۾  توازن جي بگاڙ کان ويندي سياسي، سماجي ۽ معاشي ڍانچي کي شديد نقصان رسايو آهي. عراق، افغانستان، هيٽي ۽ لبيا اڃا تائين اِن آندل تباهيءَ جي اثرن مان نڪري ناهن سگهيا. آمريڪا هن هيڏي ويڙهاند ۾ هونءَ ته ڪٿي به پنھنجا پڌرا ڪيل مقصد ماڻي نه سگهيو آهي، البته ڦر لٽ جو مال خاص طور تيل ۽ ٻيا معدني وسيلا ضرور ڦٻايا آهن. تازو ايران تي مڙهيل جنگ به ان مھم جي ڪڙي ئي نظر اچي ٿي. جيتوڻيڪ هيل لڳي ٿو ته ايران ماضيءَ مان سبق پرائيندي، آمريڪا ۽ اسرائيل جون الرون سامهون رکندي، ڀرپور تياري سان گڏ، هڪ مربوط قسم جي جنگي حڪمت عملي به جوڙي آهي، جنھن ۾ اسرائيل کان سواءِ وچ اوڀر ۾ موجود آمريڪي اڏن تي حملا، هرموز لڪ بند ڪري دنيا کي تيل، گئس، يوريا ۽ ٻين شين جي رسد بند ڪرڻ سان گڏ پنهنجن اتحادين خاص طور لبنان ۾ موجود حزب الله، يمن جي حوثين ۽ عراق ۾ جنگجوئن جو وقت سر استعمال ڪرڻ جي حڪمت عملي شامل آهي. هن جنگ کي هڪ مھيني کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي، پر آمريڪا ۽ اسرائيل کي تڪڙي ڪاميابي ملندي نظر نٿي اچي. البته آمريڪا پنھنجو ڳجهو مقصد يعني ايران ۾ موجود تيل ۽ گئس جي ذخيرن تي قابض ٿيڻ جي خواهش به لڪائي نه سگهيو آهي. ان ڪم لاءِ آمريڪا سڄي تياري ايران جي کرج ٻيٽ (جتان ايران جو نوي سيڪڙو تيل ۽ گئس نڪري ٿو) تي قبضي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. جيڪو جنگي ماهرن مطابق ٻيٽ جي ڏکئي زمينياتي هنڌ (جيولاجيڪل لوڪيشن) سبب تمام گهڻو مشڪل لڳي ٿو. جيڪڏهن اهو ٻيٽ ايران جي معيشت جو محور آهي ته پوءِ لازمي طور ايران ان ٻيٽ جي حفاظت جو بندوبست به اوترو ئي ڀرپور ڪيو هوندو.

بھرحال، اڳيان ڏسجي ته جنگ ڪھڙي صورت اختيار ڪري ٿي، پر تيستائين لڳ ڀڳ سموري دنيا هن جنگ جي معاشي چٽي پئي ڀريندي. پاڪستان ۾ اوگرا جي انگن اکرن مطابق هر مھيني اٺ سئو ٻٽيه ملين (832,000,000)  ليٽرس پيٽرول ۽ ڇهه سو ستر ملين (670,000,000) ليٽرس ڊيزل استعمال ٿئي ٿو. ان جو مطلب ته پنجونجاهه روپيا في ليٽر تي وڌڻ سان پاڪستاني عوام ٻياسي ارب ايڪهٺ ڪروڙ (82 ارب، 61 ڪروڙن) کان مٿي رقم سرڪار کي پيٽروليم ليوي جي مد ۾ مھيني اندر  سڌي چٽيءَ طور ادا ڪيا آهن. اڃا ته تيل جا اگهه وڌڻ سبب مهانگائي جي ڦهلاءَ جو ڪاٿو ڪرڻ ئي ممڪن نه آهي. هر مھيني جيڪڏهن ڪو ماڻهو موٽرسائيڪل ۾ چاليھ ليٽر ڀرائي ٿوته ان جو مطلب اهو آهي ته اهو ٻاويهه سئو روپيا ان جنگ جي چٽي ڀريندو. اهڙيءَ ريت جيڪو ماڻهو پنھنجي ننڍي مان ننڍي گاڏيءَ ۾ سئو ليٽر مھيني تي وجهرائي ٿو ته اهو ساڍا پنج هزار، جڏهن ته ڪمرشل جھڙوڪ وين وغيره مھيني ۾ ڇھ سئو ليٽر به استعمال ڪندي ته اٽڪل ٽيٽيه هزار اضافي ڀريندي ۽ ظاهر آهي ته اهي پئسا به گهمي ڦري عوام جي کيسي مان ئي نڪرندا. يورپين ڪميشن جي صدر اجلاس اندر پنھنجي تقرير ۾ ٻڌايو ته جنگ جي پھرين ڏهن ڏينھن ۾ ئي گئس جو اگهه پنجاه سيڪڙو ۽ تيل جو اگهه ستاويهه ه سيڪڙو چڙهڻ سبب هتان جي عوام ٽي بلين يوروز يعني پاڪستاني نوَ کرب، پنجهٺ اربن کان مٿي جنگ جي چٽي  ڀري آهي. ھوڏانھن آمريڪا جيتوڻيڪ تيل پيدا ڪندڙ وڏو ملڪ آهي، پر عالمي مارڪيٽ ۽ ايران تي مڙهيل جنگ سبب اتي به صورتحال خراب نظر ٿي چڪي آهي. آمريڪا ۾ تيل جي قيمت چار ڊالر في بيرل تي وڃي پھتي آهي، جيڪا جنگ کان اڳ لڳ ڀڳ ٽي ڊالر هئي. ٻين ملڪن جا به جيڪڏهن انگ اکر کڻي ڏسجن ته ذري گهٽ سڄي دنيا ڪجهه حاڪمن جي جنوني خواهشن جي چٽي ڀريندي نظر اچي ٿي.