اشفاق لغاري – Sarangaa

عبدالماجد ڀرڳڙي، پنھنجي ئي نالي سان ٺھيل لئنگويج انجنيئرنگ انسٽيٽيوٽ کان لاتعلقي اختيار ڇو ڪئي؟
عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ جي تاحيات شريڪ چيئرمين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب پنھنجي ئي نالي سان قائم ٿيل اداري تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ڀرڳڙي صاحب تاحيات شريڪ چيئرميني واري ذميواري تان پڻ استعيفا جو اعلان ڪيو آهي. هن کان اڳ اداري ۾ مرڪزي ذميواريون ادا ڪندڙ امر فياض استعيفا ڏئي چڪو آھي. امر فياض جي استعيفا ڀرڳڙي صاحب کي گوشــ نشيني ٽوڙڻ تي مجبور ڪيو آهي. پنھنجي گفتگو دوران سائين انتھائي ڏکارو نظر اچي رهيو آهي. ذاتي مشاهدي لاءِ سائين جي نالي سان موجود فيس بڪ اڪائونٽ) https://www.facebook.com/share/v/1HNj6HzuZ3/ (تي سندس موجود وڊيو ڏسي سگهجي ٿي.

سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ داخلا لاءِ سائين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جو باني وارو ڪردار رهيو آهي. ان ڪم جي مڃتا ۾ ئي حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ترقي لاءِ حيدرآباد ۾ جوڙيل ادارو عبدالماجد ڀرڳڙي جي نالي سان منسوب ڪيو.
سنڌ اسيمبليءَ جي رڪارڊ مطابق عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ بل 2019، 28 مئي 2021 تي منظور ٿيو ۽ 15 جون 2021 تي گورنر سنڌ جي دستخط ۽ منظوري کان پوءِ ايڪٽ بڻيو.
ائين سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه، کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري ۽ امر فياض جي ڪوششن سان عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ قائم ٿيو.
اداري ۾ ڇا پئي ٿيو ۽ ڪيئن پئي ھليو؟ ان جي خبر خدا کي، البتہ امر فياض جي فيس بڪ تي آيل براه راست نشريات مان اھو اندازو ٿي ويو ھيو، جنھن ۾ کڻي ھن اصل ڳالهيون کولي سامهون نه رکيون ھيون، ته بہ پنھنجي دامن جا ڳوڙها جھان کي ضرور ڏيکاريا ھيا. اڪثريت جو ڌيان اداري جي ڪاروهنوار، قاعدن، قانونن ۽ بجيٽ وغيره وارن سوالن تي وڃڻ بجاءِ امر فياض جي ڳوڙهن طرف هليو ويو، جن لاءِ قدر ۽ احترام آهي، پر ادارا روئڻ سان نہ ريجهن ٿا، نہ هلن ٿا.
هاڻي جڏهن عبدالماجد ڀرڳڙي پاڻ ڪجهه ڳالهين تان پردو هٽايو آهي ته اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته اداري کي هلائڻ لاءِ قانون مطابق جڙيل بورڊ کان رهنمائي نـ پئي ورتي وئي، جنھن جو شريڪ چيئرمين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب پاڻ آهي.
ھن اداري جي بورڊ جي جوڙجڪ هن ريت آهي: چيئرمين ثقافت کاتي جو صوبائي وزير هوندو، تاحيات شريڪ چيئرمين عبدالماجد ڀرڳڙي هوندو، جنھن استعيفا جو اعلان ڪيو آهي.
وڌ ۾ وڌ چار سرڪاري ميمبر هوندا، جن ۾ ثقافت کاتي جو سيڪريٽري پڻ شامل هوندو.
جڏهن ته وڌ ۾ وڌ پنج غير سرڪاري ميمبر شامل هوندا، جن کي چيئرمين(ثقافت کاتي جي وزير) جي سفارش تي وڏي وزير طرفان مقرر ڪيو ويندو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جا ٻه ميمبر شامل هوندا، جن کي اسيمبليءَ جو اسپيڪر نامزد ڪندو.
عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ کي پھرئين ڏينھن کان ”قناصرا برادران“ جي منشا تحت پئي هلايو ويو آهي، اداري ۾ جيڪي خالي جايون آهن، انهن مان هڪ به ڀري نه وئي. 19 يا 20 گريڊ جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيڻو هو، اهو مقرر نـ ٿيو. امر فياض کي سار سنڀال جي ذميواري ڏئي رکيو ويو ۽ پھريان هن جي پگهار اٽڪل ٽي لک رپين تائين هئي، جيڪا وڌڻ بدران گهٽائي گهٽائي آخر ۾ 40 هزارن تائين آندي وئي. اداري لاءِ ڪو جدا چيف فنانشل آفيسر مقرر نـ ٿيو. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر نه ٿيا. ادارو ٺھڻ کان وٺي تازي بحران تائين ائين ئي هلندو رهيو ۽ ڀرڳڙي صاحب سميت، بورڊ جي ميمبرن ۽ ثقافت کاتي جي اڳوڻي ۽ موجوده وزير تائين ڪنھن بہ ان ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو ته بورڊ جا اجلاس نٿا ٿين، تہ اداري جا فيصلا ڪير ۽ ڪيئن پيو ڪري. ادارو ڪري ڇا رهيو آهي؟ انت بحر دي ڪل نه ڪائي، رنگي رنگ بنايا وارو قصو پئي هليو ۽ ڪنھن ان تي ٻڙڪ نه ٻاڦي.
هاڻ جڏهن ڀرڳڙي صاحب ڳريءٓ دل سان پنھنجي دل ۽ ذهن جو غبار هلڪو ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون آهن، تڏھن ھي ادارو ٻيھر خبر بڻجڻ لڳو آھي. هڪ دفعو وري سوال اٿيا آهن ته ادارو اڳي هليو ڪيئن پئي ۽ ھاڻ ڪيئن ۽ ڪير پيو ھلائي؟ امر فياض استعيفا ڇو ڏني، امر فياض جي پگهارن ۾ ڪٽوتي ڇو ٿي؟ امر فياض جي استعيفا تحريري طور قبولي وئي يا نه؟ امر فياض جي استعيفا بعد اداري هلائڻ يا ان جي سار سنڀال جون ذميواريون منتقل ڪيئن ٿيون؟ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين چارج ڪنھن کان ورتي، هينڊنگ اوور ۽ ٽيڪنگ اوور ڪيئن ٿئي؟ هن وقت عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ جي مٿئين حصي ۾ ٺھيل ڪمرن کي گيسٽ هائوس طور ڪير پيو استعمال ڪري ۽ مٿي ڪنھن جي رهائش آهي؟
مٿي ڄاڻايل سوالن مان ڪجهه جا به جيڪڏهن ٺوس جواب آيا ته اندازو ٿي ويندو ته سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽيشنل ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ ترقي، واڌ ويجهه ۽ بھتر صحت لاءِ خواهشمند ڇا ڪري رھيا آھن ۽ اداري جي موجوده حالت جا اصل ذميوار ڪير آهن. دعوائن ۽ مبالغن ۾ اسان جو ڪو ثاني ڪونهي، پر حقيقتون ۽ انگ اکر ڏاڍا بيرحم ٿين ٿا. ڀرڳڙي صاحب جي استعيفا ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته اداري جو ”گورننس سسٽم ڪوليپسڊ“ آهي. امر فياض جي استعيفا مان پھريون فائدو ان کي ٿيو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ کان وڌيڪ حيدرآباد ۾ رهڻ لاءِ پريشان هو.

سنڌ خلاف نوني، انصافي ۽ ايم ڪيو ايمي استعمال ٿيندا؟
نون انتظامي يونٽن جي نالي جاري منصوبي ۾ سنڌ کي ورهائڻ جو سوچيندڙ پنڊي جا اسٽريٽجڪ پلانر ملڪي آئين جي ڇھين باب تي نظر رکيو ويٺا آهن. هو امڪاني سھارو وٺندا آرٽيڪل 239 جو، سندن اڳين وک لاءِ پنجوڙ بڻيل آهي ساڳئي آرٽيڪل جي شق نمبر چار، جنھن کي ڌر ڌڻي تبديل ڪرڻ ٿا چاهين. پنجوڙ ۾ واضح لکيل آهي ته، آئين ۾ ترميم بابت اهڙو بل جنھن سان ڪنھن صوبي جون حدون تبديل ٿيڻيون هجن، اهو بل صدرِ مملڪت وٽ منظوري لاءِ ان وقت تائين پيش نه ڪيو ويندو، جيستائين اهو بل لاڳاپيل صوبي جي صوبائي اسيمبليءَ طرفان ان جي ڪل ميمبرن جي ٻـ ڀاڱي ٽي واري اڪثريت سان منظور نه ڪيو وڃي.
آئين جو مقدس ڪتاب پنھنجي اکرن جي روح سان چوي ٿو:
(A Bill to amend the Constitution which would have the effect of altering the limits of a Province shall not be presented to the President for assent unless it has been passed by the Provincial Assembly of that Province by the votes of not less than two-thirds of its total membership.)

ڦير ڦار جي نيت سان جن کي آئين جي ويجهو وڃڻ کان سختي سان منع آهي، اهي سنڌ ورهائڻ لاءِ ”آئيني اسڪيم“ جو سھارو وٺڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. پنھنجو گهر فتح ڪرڻ جي تاريخ رکندڙ عادي پيشـ ورن آئين کي رديءَ جو ٽڪرو پئي سڏيو آهي. آيل پلان ۾ چيو پيو وڃي ته وفاقي پارليامينٽ ۾ نونين، انصافين ۽ ايم ڪيو ايم جو ووٽ وٺي آئينِ پاڪستان ۾ ترميم ڪري صوبن جي حدن ۾ تبديلي واري پنجوڙ ٽوڙي ويندي يعني آرٽيڪل 239 جي شق نمبر چار ۾ ترميم ڪري، صوبائي اسيمبلي مان بل منظور ڪرائڻ واري شرط کي ختم ڪيو ويندو.
سنڌ اسيمبلي سنڌ جي وحدت ۽ سنڌ جي جاگرافيائي حدن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي قيام بعد ايستائين 9 قراردادون پيش ڪري چڪي آهي. سنڌي ماڻهن جي ووٽ سان قائم سنڌ اسيمبليءَ جي قراردادن کي جيڪڏهن نونين، انصافين ۽ ايم ڪيو ايم جي مدد وٺي پنڊي اورانگهيو ته سنڌ جا ماڻهو ڪنھن به ريت اها زبردستي قبول نه ڪندا. سنڌ اسيمبلي ٽي سيپٽمبر 2026ع تي يڪراءِ اهو فيصلو ٻڌائي چڪي آهي، سنڌ جا اديب، شاعر، دانشور ۽ فنڪار اهو ساڳيو فيصلو دهرائيندا آيا آهن.
سنڌ مان تحريڪ انصاف کي ويجهو ويٺلن ۽ نون ليگ ۾ ويٺلن کي هاڻي تحريڪ انصاف ۽ نون ليگ کي سنڌ جي وطني وحدت بابت واضح ۽ چٽو ٿيڻ لاءِ چوڻو پوندو. تحريڪ انصاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيل قرارداد دوران پنھنجو ووٽ سنڌ جي حق ۾ نه ڏنو، جنھن بعد اها مشڪوڪ ٿي وئي آهي. نون ليگ کي واضح ٿيڻو آهي. ملڪ اندر وفاقي حڪومت نون ليگ جي آهي. کيئل داس ڪوهستاني کان وٺي شاهه محمد شاهه ۽ شاهه محمد شاهه کان وٺي بشير ميمڻ تائين سڀني کي نون ليگ جي قيادت سان سنڌ جي وحدت واري هن اھم مسئلي تي ڳالهائي ڳالهه چٽي ڪرائڻ گهرجي. جيڪڏهن نون ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جي مدد وٺي قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ ۾ بل آڻي صوبائي حدن ۾ ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي زبردستي ڪئي وئي ته نون ليگ ۽ تحريڪ انصاف ۾ ويٺلن ۽ انهن جي اتحادين لاءِ سنڌ ۾ سياست جو سفر تمام ٿي ويندو.
هن گهڙي پيپلز پارٽي عوامي دٻاءُ بعد سنڌ جي وحدت بابت صفا کلي سنڌ جي وحدت جي پاسي ٿي بيٺي آهي، جيڪڏهن قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ ۾ اهڙو تڪراري بل آندو ويو ته اهو بل سنڌ ۾ نه رڳو تحريڪ انصاف کي مڪمل اجنبي بنائي ڇڏيندو، پر جيڪي قومپرست ۽ کاٻيءٓ ڌر جون جماعتون هن گهڙي تحريڪ انصاف جون همدرد ۽ اتحادي آهن، انهن جو سياسي چھرو به واضح ٿي سامهون اچي ويندو.
هن وقت سنڌ جا ماڻهو ان ڳالهه جو حق رکن ٿا ته تحريڪ انصاف سان گوڏو گڏي ويٺلن کان پڇن ته تحريڪ انصاف سنڌ اسيمبليءَ جي 3 سيپٽمبر واري سنڌ جي وحدت متعلق قرارداد ۾ سنڌ کي ووٽ ڇو نه ڏنو؟ تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي ووٽ جي وقت تي يڪراءِ ٿيو وڃن. سنڌ جي وحدت جي معاملي تي جيڪڏهن تحريڪ انصاف پارلياماني فورمن تي سنڌ جي وحدت جي حق ۾ ووٽ نٿي ڏئي، پنھنجي راءِ نٿي ظاهر ڪري ته پڪ سمجهبو ته اها پنڊي جي اسٽريٽيجڪ ماهرن سان گڏجي وئي آهي. عمران خان جو نالو وٺڻ ۽ هن جو فوٽو هلائڻ جي ٽي وي چئنلن ۽ اخبارن کي جيڪا موڪل ملي آهي، خيبر پختون خواه جي وزير اعليٰ آفريدي کي جيڪو سنڌ جو دورو ڪرڻ جي ڇوٽ ملي آهي، ان کي ڪجهه تجزئي نگار پيپلز پارٽي جي سنڌ جي وحدت بابت موقف جو ردعمل چئي رهيا آهن.
پيپلز پارٽي جي قرارداد ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ بحث مبحاثي کان پوءِ پنڊي وارن اسلام آباد کي ماڊل صوبو بنائڻ وارو پلان بي ظاهر ڪيو آهي، جنھن اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڻي، معدني وسيلن ۽ ناڻي جي ورهاست تي ئي اصل واڳ ڌڻين جي نظر آهي. صوبن ۽ وفاق وچ ۾ پاڻي، ناڻي ۽ معدني وسيلن جي ورڇ جيڪا طئـ ٿيل آهي، ان کي پنڊي تبديل ڪرڻ ٿي گهري. پاڻي ۽ ناڻي جي ورهاست جو موجوده فارمولو، ارڙهين آئيني ترميم اصل واڳ ڌڻين جي راھ جي رنڊڪ آھي، ان ۾ ردوبدل ڪرڻ ۽ ترميمون ڪرڻ لاءِ پنڊي جا پلانر پنھنجا فارمولا ۽ منصوبا سامهون آڻين پيا. اهڙن منصوبن تي عملدرآمد لاءِ سندن پيدا ڪيل سياسي پارٽيون، پيدا ڪيل ٽي وي اينڪر، تجزيي نگار، يوٽيوبر ۽ ڪالم نگار ٿوڪ جي حساب سان دستياب آھن. اصل صاحبن جي برڪتن سان هاڻي سڄو ملڪ ملير لڳو پيو آهي، شال سنڌ کي خدا اهڙن برڪتين کان بچائي رکي.

مقاميت کي مرڪزي حيثيت ڏيندڙ شاعر
ڳوٺ ۾ هوندي ڳوٺ جو سڏڻ استعاري ۾ وڏي ڳالهه آهي. اهڙو تصور صرف محمود درويش ۽ ايڊورڊ سعيد جي خيالن ۾ ئي پسي سگهجي ٿو. درويش پنھنجي ڳوٺ البرواه (Al Birweh) مان نڪتو ته وري کيس ڳوٺ جا رستا، گهٽيون، پاڙا ۽ پنڌ نصيب نـ ٿيا. اسرائيل ٺھيو، درويش جو ڳوٺ ڊهي ويو، خاندان فلسطين مان لبنان لڏي ويو، لڪي سِڪي واپس وريو ته ڳوٺ جو نالو نشان نـ هو. اهڙو ئي ڪجهه قصو سعيد جو آهي، جنھن پنھنجي آتم ڪٿا جو نالو رکيو Out of Place جنھن جو روح مطابق ترجمو اسلام ڪوٽ جي ڳوٺن سنھري درس، وروائي ۽ تل وايي جا ڏوڪرا ئي بھتر ڪري سگهن ٿا. خدا ”وڪڙيو“ تي اهڙا ڏينھن نه آڻي، جن جو خدشو ”پاڻ ته آهيون ڀورا ماڻهو“ ۾ امام علي جنجهي ظاهر ڪيو آهي. پنھنجي ڳوٺ جي رستن، گئوچرن ۽ گهٽين سان امام جھڙو پيار ٻئي ڪنھن کي نصيب ٿيندو.
سِڪ مان اڃايل مور جھڙي اهڙي رڙ هن کان اڳ صرف نارائڻ شيام ئي ڪئي هئي، جنھن کي ورهاڱي جڏهن نوشھروفيروز جي ڳوٺ کاهي قاسم مان لڏايو ته هن لکيو،
الائي ڪھڙي گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين،
وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي.
وڪڙيو ڄائي امام علي جنجهي جي شاعري جو پھريون ڪتاب آيو آهي، جيڪو ”ٿر بدلي گا پاڪستان“ جي نعري سان آيل ترقي جي ڀيانڪ تصوير کڻي آيو آهي. اهڙي ترقي جيڪا مقامي آبادي جي حافظي جون علامتون، نشانيون، اصطلاح ۽ تصور مِٽائي تباهه ڪري ڇڏي، انهي کي انساني الميو چئبو آهي. امام علي جنجهي جي شاعري ۾ جيتري مقاميت آهي، جيترو ٿر آهي، جيترا مقامي ڪردار آهن، جيترو لوڪ ادب جو رنگ آهي. سڀاڻ ڏسي سگهڻ جي جيتري سگهه آهي، اها هن جي ڀوري هجڻ جو نه پر ڏاهي هجڻ جو ثبوت آهي، ترقي جي تباهي جيئن امام ڏسي ٿو، ائين نه ڏسي سگهندڙ ڏاها آهن ۽ امام ڀورو آهي،
هل زمانا تنھنجي، چالاڪي.

پنھنجا روح پراڻا آهن
پنھنجا کوهه پراڻا آهن
هاڻ نه اُن تي وارا وربا
قادو ڪنڀر جا گهڙا به ويندا
وروائي وارا ونگ به ويندا
دَلُو وارا چنگ به ويندا
پانڌي لنجو ۽ پاوا ويندا
محب ڏهر ڏي من ٿيندو
هاڻ وڏن جون قبرون وينديون
پاڻ کان تن جون خبرون وينديون
هاڻي پنھنجي مسجد ڊهندي
هاڻي پنھنجو مندر ڊهندو
پاڻ ٻنهي جو اندر ڊهندو
پنھنجو ماڳ مڪان ڪٿي آ
پنھنجو نانءُ نشان ڪٿي آ
هي پورو نظم ترقي جي نالي انساني الميي مان گذاريل ٿر جو شاعراڻو ڪيس آهي، جنھن تي بھترين ڊاڪيومينٽري ٺھي سگهي ٿي.
اڃايل مورن، زخمي هرڻن ۽ ترقي جي ماريل ماڻهن جي هن شاعر جي زرخيز شاعراڻي زمين کي شاعريءَ جو فصل تـ بمپر نصيب ٿيو آهي، پر ڳوٺ ۾ هوندي ڳوٺ کان پري ٿيڻ جو خوف کائيندو پيو وڃي.
امام انهن سمورن مقامي ماڻهن تي مياري آهي، جيڪي هرڻن ۽ مورن جا سودار گر آهن.
تنھنجي غيرت ڪالهه مري وئي
تون ڇا ٿوڻيون هاڻي ڏيندين
ڪونج هنسليون مور هرڻيون
تحفي خاطر تاڻي ڏيندين
عشق جي ڪکيل امام کي ڪارونجهر جو عاشق چاچو الهه رکيو ڪنهن ٻي بلا هٿان ڪکجڻ کان بچڻ جون پيو دعائون ڏيندو آهي، دعا صرف ان ڪري جو هن نظم لکيو ”ڪارونجهر جا هڏ ڀڳائون“
لِيزن وارا لِيڪا ڪڍندا
هر ڪِنھن جو پيو حصو ٿيندو
ٿِي ٽَڪري ٽُڪر ٽيلي ويندِي
بک وطن کي ڀيلي ويندِي!
امام ڪارونجهر جي نيلامي ۽ قتل عام خلاف رڳو نظم نـ لکيو پر پنھنجي هٿ ۾ چاچي الهه رکئي سان گڏ پلي ڪارڊ کڻي بيھي رهيو، چئي ڪارونجهر ڪيئن وڪبو؟ پليجي جڏهن گوڙاڻي کان ڪراچي تائين پنڌ ڪيو امام لکيو
تو جو پوڙها پنڌ ڪيو آ
ڌرتي اوچو ڪنڌ ڪيو آ
مٺي پاڻي جي رسائي نـ ٿيڻ ڪري اڃارو وحشي سمنڊ ڪيئن سنڌ جي زمين ڳڙڪائيندو پيو وڃي، انهي منظر کي به امام چٽيو آهي. ”سمنڊ ٿو سازش ڪري“ هن نظم ۾ بدين ۽ ٺٽي جا اهي ماڳ مڪان آهي جيڪي سمنڊ ڳھي ويو ۽ ٻيا سندس سازشي اک ۾ آهن.
هڪ صدي کان پوءِ نه هوندا
هي ٿانڪون ۽ هي ٿر
ڪنھن ڏٺي هئي مارئي
ڪنھن ڏٺو هو عمر
ڪونه هوندي ڪا قبر
ڪونه هوندي ڪا خبر
نظم ۾ ڪنھن وارتا ۽ قصي بيان ڪرڻ جو امام وٽ جيڪو ڏانءُ آهي، جيڪا ڏات آهي، اها هن جي شاعريءَ جو ديرپا اثر قائم ڪريو ڇڏي. امام علي جنجهي جي شاعري جي خاص ڳالهه مقاميت آهي. ”ڳوٺ ٿو مونکي سڏي“ ڪتاب ۾ هن مقامي ڪردارن جون ڪھاڻيون ۽ قصا بيان ڪيا آهن. ماڻهن ۽ علائقن کي ائين ئي پيار سان سڏيو اٿس، جيئن ڳوٺ کيس سڏي ٿو. ڄاٽن تڙ جون ڄاريون، وينجهو سوڍو، سيڻي چارڻ، ڳوٺ مان لڏي ويل لڇمي ۽ هانسو ريٻارڻ جھڙا ڪردار امام جي شاعريءَ جو جوهر ۽ حُسن آهن.
جن نينھن لائي پوءِ ناتا ڪٽيا امام انهن کي به ياد ڪيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اڃا به هن کي ڪنري وڃڻ جو خيال اچي ٿو. ڪنري جتي امام لاري ۾ اکيون رهائي آيو.
امام پنھنجو پيار جي پورهيو ارپيو آهي.
ڌرتيءَ ڌڻين جي نالي
جن جي پيرن هيٺان زمين،
هٿن مان وسيلا ۽ جيئڻ جا جواز
هوريان هوريان کسجي رهيا آهن!

ٿڌي سڙڪ تي ويٺل سنڌ جو آئيندو
حيدر جو آواز سڻندڙ سنڌ جو آئيندو ميرپورخاص وارن جي ننھن ۽ سيوهاڻي سرڪار جي “سسٽم” خلاف حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ تي ويٺل آھي. ھيءُ احتجاج رڳو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميرٽ دشمن امتحاني نتيجن خلاف ناھي، پر ھي احتجاج پنھنجن پٽن، ڌيئرن، ڀائيٽن، ڀاڻيجن ۽ ٻين ويجهن عزيزن کي 16ھين ۽ 17 گريڊ جون نوڪريون “ادي” جي منظوريءَ سان “پارٽي ۽ فيملي سيٽون” چئي ڏياريندڙ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن ۽ چونڊيل نمائندن خلاف بہ آھي. ھيءُ احتجاج انهن سڀني جي خلاف آھي، جيڪي حاجي صاحب ۽ اديءَ جي منظوري ۽ مرضيءَ سان ھلندڙ “منظم سسٽم” جا حصيدار آھن. “ادي” رڌڻ واري آھي ۽ “ادا” کائڻ وارا آھن.
جهڏي واري لالڻ سائين جون بد دعائون ڪميشن ۽ ڪرپشن سسٽم ھلائيندڙن کي لوڙھين يا نه، پر حيدر بخش جتوئي، فيض، جالب ۽ اياز جا گيت ڳائيندي ۽ رقص ڪندي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندڙ سنڌ جي ڳاڙھن ڳڀروئن جي مزاحمت کين سک سان ويھڻ نه ڏيندي.

ميرٽ جي لتاڙ، پنھنجا نوازي ۽ ڪروڙن جي اگهه تي نوڪريون کپائيندڙن جو ھيءُ سسٽم اجهو ڪي اجهو ڊھڻ تي آھي. اھو يقين احتجاج ۾ شامل ھر نوجوان کي آھي. تڏھن ته ھو ايڏي اعتماد سان نعرا هڻندي ٻڌجن ٿا: “ھو نيٺ ته توکي چاھيندا” “ھم نھين مانتي، ايسي دستور ڪو” “
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ” “اھو جام مينا ٻه ٽي ڏينھن آھي مگر پوءِ ڀي ڇا ڇا ٻه ٽي ڏينھن آھي”…..
فيلڊ مارشل کي تاحيات قبولي ويٺل موجوده حڪمران سمجهن ٿا ته ھاڻي ھي به شايد تاحيات اسيمبلين ۽ وزارتن ۾ رھندا، ۽ ڇو ته تاحيات کين لھر لوڏو نه آهي، ان ڪري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جھڙن ادارن کي وڏيرڪي انداز ۾ پيا ھلائيندا. پر نوجوانن جي مستقل مزاجي اھو ثابت ڪيو آهي ته اھو سندن وھم آھي. سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر ادي سسٽم وسيلي اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار ۽ ڊي ايس پي جون سيٽون وٺڻ بعد ھاڻ ته پنھنجي نااهل اولاد لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ايجنٽن ۽ ميمبرن کان به پئسن تي نوڪريون خريد ڪن ٿا، جو ڪروڙ کان ساڍن ٽن ڪروڙن ۾ سندن جڏي ڪٽنب مان ڪو نه ڪو ھمراھ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊي ايس پي ٿيو وڃي، جيڪو سودو ھنن لاءِ ڪو گهڻو مھانگو نه آهي.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف اٿيل ھن نئين لھر بابت تاثر اھو ھيو تہ شايد ھي احتجاج به ڪجهه ڏينھن کان پوءِ ٿڌو ٿي، ختم ٿي ويندو. پر ايئن ناھي ٿيو ۽ اھا لھر ھوريان ھوريان ھڪ سگهاري تحريڪ جو روپ ڌاري رھي آھي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مرڪزي آفيس ٻاھران رڳو حيدرآباد جا ئي نه پر قمبر شھدادڪوٽ، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد جا ئي نوجوان به ويٺل آھن. اھي ايترا ڏينھن ويھڻ باوجود ٿڪا ناھن. احتجاجي ڪئمپ تي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جيئن پر امن احتجاج رڪارڊ ڪرائي رھيا آھن، ڪتاب پڙھي رھيا آھن، گيت ڳائي رھيا آھن، رقص ڪري رھيا آھن، اھا ئي محبت ۽ جذبي ڀري مزاحمت سندن مثبت روپ ۽ اصل سگهه آھي. لائبريريون ڇڏي ھو جيئن ناانصافيءَ ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف اچي روڊ تي ويٺا آھن، سا ڪا عام ڳالهه نه آهي. انھن جي ڪاوڙ، غصو ۽ نفرت ٻڌائي پئي ته سنڌ بدلجي پئي. پر جي سنڌ حڪومت ۽ ان جي حڪمران جماعت اڃا به اکين تي ٻڌل پٽيون نه لاٿيون ته جھڙيءَ ريت حڪمران جماعت جو نوجوان قائد پنجاب ۾ پيپلز پارٽي ۽ جيالا پيو ڳولي، ڪٿي ائين نه ٿئي ته ايندڙ ڏھن سالن دوران ھن کي سنڌ اندر به پيپلز پارٽي ۽ جيالا ايئن سرچ لائٽ کڻي تلاشڻا پون.
ڪتابن سان دوستي ڪرڻ وارا نوجوان پبلو نرودا ۽ اياز جي شعرن جي سگهه ۽ ھمت سان ويٺا آھن، انھن جا سينا مزاحمتي ادب سان سرشار آھن.

ڪميشن ۽ ڪرپشن ڪلچر جي چمتڪار سان طبقو مٽائيندڙ ڪامورا نوجوانن جي ھن احتجاج تي چٿرون پيا ڪن، پر کين ياد رکڻ گهرجي ته توھان جي سسٽم جو دور ماضيءَ جو قصو ٿي ويندو ۽ تخليقي صلاحيتن سان ڀرپور احتجاج ڪندڙ نوجوان تازي ھوا جي جهوٽي جھڙو زمانو پنھنجي تحريڪ ۽ ثابت قدميءَ سان کڻي ايندا.
جيڪڏھن ھن تحريڪ کي بنگلاديشي نوجوانن جي تحريڪ ۽ ڪاڪروچ جنتا پارٽي وانگي ڪا مستقل صورت ملي ته لڳي ٿو ھي ويھن کان ٽيھن سالن جي عمر وارا آزاد روح ملڪ ۾ ايندڙ حڪومتن ۽ حاڪمن بابت بہ فيصلا ڪرڻ جي اھل بڻجي ويندا.

چمبڙ مدرسي ۾ زيادتي بعد فوت ٿيل معصوم عمران جو نوحو
چمبڙ کان سنجر چانگ طرف ٿورو اڳتي زرداري وارو پڪو(روڊ) آھي. ان تي نئين دمبالي کان ٿورو پھريان گشڪورين جا ڳوٺ اچن ٿا. انھن ڳوٺن وٽان ھڪ لنڪ روڊ نڪري ٿو، جنھن جي ٻنھي پاسي مرچن ۽ چھچ ساون وونئڻن جا فصل پوکيل آھن.
ھي ان ئي سائي ستابي علائقي جي اذيتناڪ ڪھاڻي آھي، جتي مدرسي ۾ الزام ھيٺ آيل ساٿي کٿاڀي نور علي ٻٻر ھٿان مسلسل زيادتي جو شڪار ٿيندڙ ٻارنھن سالن جو عمران ڪورائي چمبڙ جي بنيادي صحت مرڪز اندر وحشتن جو ھيءُ جھان ڇڏڻ جو اعلان ڪري ويو.
ھيءُ اھو علائقو آھي جتي ڄام عبدالواحد ھاليپوٽي جا روڊن تي تصويرن وارا بورڊ نظر اچن ٿا. ڳوٺ سونو خان ڪورائيءٓ واري رستي تي ھڪ ھنڌ ڄام عبدالواحد ھاليپوٽي جي اوطاق جو بورڊ به نظر ايندو ھي اھو ئي عبدالواحد ھاليپوٽو آھي جنھن وٽ بلاول ڀٽو اچي رات رھيو ھو. سنڌ حڪومت ۾ وڏي وزير جي خاص معاون جون ذميواريون به ڄام صاحب حوالي آھن. ميڊيڪل رپورٽ ۽ اسپتال جي ڊاڪٽر راڻي مطابق فوتي ٻار جي جسم تي اھڙا نشان ۽ شاھديون مليون آھن، جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته ھو ڪنھن وحشيءٓ جي چنبي ۾ ھو. پوليس جاچ مطابق گرفتار ملزم نور علي ٻٻر مدرسي ۾ عمران جو ساٿي طالب آھي ۽ ان فوت ٿيل ٻار سان پندرنھن ڏينھن کان زيادتي ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آھي.
ٽنڊي الھيار اندر 2023 دوران به ھڪ ٻار نريش ڪمار سان زيادتي بعد قتل جو واقعو پيش آيو ھو. انھن ملزمن به ڏوھ لڪائڻ جي وڏي اٽڪل ڪئي ھئي، پر پوليس کين پڪڙي ورتو. عمران جي ڪيس ۾ مدرسي جي منتظم ملان رياض ڪاريو خبر ھئڻ باوجود ڏوھ تي پردو وڌو. زيادتي ڪندڙ ساٿي کٿاڀي(ملزم) نور علي به ماٺ ۾ رھيو، پر ايس ايس پي ٽنڊوالهيار سيد سليم شاھ مدرسي جي ھر ٻار سان ملي، ڏوھاريءٓ خلاف اھڙيون ان ڳڻيون شڪايتون وصول ڪري، ثابتين سان ان نتيجي ۽ ملزم تائين پھتو. ٻن ڏينھن تائين ملزم جاچ ڪندڙن وچ ۾ ساڌ ٿي گهمندو رھيو.

مينھُن جي ڌراڙ علي نواز ڪورائي ٽوال سان اکيون اگهندي ميار پئي ڏني ته منھنجي ٻچي جو اسان وٽ اڃا تائين راڄ جي چونڊيل ۽ سنڌ حڪومت جي نمائندن مان ڪوئي ڏک ونڊڻ به ناھي آيو. جيڪي ڏکيءَ ويل ڪم نه اچن، انھن سان اسان جو ڪھڙو رشتو.
ٻارن جي تحفظ ۽ حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اداري ساحل مطابق گذريل سال پاڪستان اندر 3036 ٻار زيادتيءَ جو شڪار ٿيا آھن.
گهر ۾ عمران جي ٽن ڀينرن ۽ ھڪڙي ننڍي ڀاءُ کي گڏ ويھاري زارو قطار روئندڙ ماءُ زيب النساء چيو پئي ته منھنجو مور ويو ھليو، منھنجو ٻچو ويو ھليو… چوندو ھو، آئون حافظ ٿيندس ۽ پڙھندس. ھو سومر ڏينھن ٺيڪ ٺاڪ مدرسي ويو ھو ۽ ٽن ڏينھن بعد ھن کي الائي ڇا ٿيو، منھنجو ٻچو مونکان کسجي ويو.
انصاف ۽ قانون جون تقاضائون پنھنجيءَ جڳھ تي آھن، اھڙن والدين جون آھون ۽ دانھون مجرمن ۽ ظالمن کي يقينن سک جو ساھ کڻڻ نه ڏينديون.
ھيءُ ڪيس چمبڙ ۽ ٽنڊي الهيار سان لاڳاپيل ھڪ سنگين ڏوھ جو ڪيس آھي. مجرمن کي قانون مطابق سزا اچڻ گهرجي، جيڪي ڪافي چالاڪ به معلوم ٿين ٿا. علائقي جي باشعور ماڻهن کي پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ وارثن کي وڪيل ڪري ڏيڻ کان خرچ پکي تائين جي ھمت ڪرائڻ گهرجي ته جيئن ھو ڪيس جي لازمي پوئيواري ڪري سگهن. ڪيس جي فريادي ۽ ٻار جي والد علي نواز ڪورائيءٓ جي اھا مالي پھچ ناھي جو ھو نئين دمبالي کان ٽنڊوالهيار اچي شنواين تي عدالت پھچي.
ڳوٺ وارن مطابق عمران نعت شريف ڏاڍي سھڻي انداز ۾ پڙھندو ھو، اھو مٺو مرسل صہ ئي مجرمن کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪارو ڪندو ۽ سزا ڏياريندو، جنھن جي نالي اچڻ تي عمران اکيون چمندو ھو.

ڊجيٽل ايويڊنس: لاڏلي ٻار کي سزا ڏيارڻ لاءِ شاهدي ڪٿان آڻجي؟
سائبر ڪرائم ڪيس جي روداد ”نفرت ڪي دريافت“ متعلق اڪثر سوال ٿيندو آهي ته ان ڪتاب لکڻ جو مقصد؟ جواب آهي ته پاڪستاني عدالتي نظام ۾ ”ڊجيٽل ايويڊنس“ جي اهميت وڌائڻ لاءِ ڪيل هڪ ڪوشش.
نياز اسٽيڊيم حيدرآباد وٽ گهر ڀاتين سامهون گاڏي مان لاهي بيھاري گولين سان پروڻ ڪيل عاقب شاهاڻيءٓ جي قتل ڪيس جو جڏهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مان فيصلو آيو ته ”ڊجيٽل ايويڊنس“ جي اهميت جو سوال بحث هيٺ آيو هو. ملزم ڊجيٽل ايويڊنس هوندي به بري ٿي ويو.
هاڻي جڏهن نائلا رند ڪيس جو سنڌ هائي ڪورٽ ڪراچي مان ملزم جي حق ۾ فيصلو آيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ”ڊجيٽل ايويڊنس“ تي بحث جاري آهي. سنڌ هائي ڪورٽ جي فيصلي مطابق نائلا رند ڪيس ۾ شاهدي گهڻي ڀاڱي آهي ئي موبائل نمبرس تي آيل ۽ ويل ڪال رڪارڊ جي، واٽس ايپ تي آيل ويل نياپن ۽ تصويرن جي.
ڊجيٽل ايويڊنس کان وڌيڪ ڪا ٻي ٺوس شاهدي ٿي نٿي سگهي. اهڙي شاهدي جنھن ۾ انساني عمل دخل تمام گهٽ آهي. جيڪڏهن اهڙيون شاهديون به ڪمزور ۽ ضعيف آهن، ملزم شڪ جي فائدي سان بري ٿي وڃن ٿا ته پوءِ ڪرمنل ڪيسن ۾ سواءِ قدرت جي شاهديءَ جي ٻي ڪا سچي شاهدي بچي ئي نٿي. اهڙي شاهدي جيڪا شڪايتي ڌر عدالت سامهون پيش ڪري سگهي. ڇو تہ بندي سان مسئلو نيت جو آهي، ارادي ۽ بدنيتيءٓ جو آهي، اهو مسئلو مشين ۽ سافٽ ويئر سان ناهي.
اهڙي شاهدي جنھن ۾ ارادي، نيت ۽ بدنيتيءٓ جو سوال گهٽ بحث هيٺ اچي، انهي شاهديءَ کي عدالتي نظام ۾ سون جھڙي شاهدي مڃيو وڃي ٿو. انهي سون جھڙي شاهديءَ کي اڄوڪي دور ۾ چئبو آهي ڊجيٽل ايويڊنس(مشيني ۽ سافٽ ويئر جي شاهدي). پاڪستان اندر ويجهي ماضيءَ ۾ عدالتن مان اهڙي شاهديءَ جي بنياد تي نور مقدم قتل ڪيس جو فيصلو مظلوم ۽ متاثر جي حق ۾ آيو آهي. هيٺين عدالت کان عدالت عظميٰ تائين اسلام آباد ۾ مجرم ظاهر جعفر هٿان بيدرديءَ سان ڪٺل نور مقدم جي مقدمي متعلق آيل فيصلا پڙهڻ جھڙا آهن.
ڊجيٽل ايويڊنس جا ڪيس پاڪستان اندر جاچ ڪندڙ ادارن جي عملدارن، وڪيلن ۽ ججن جي مھربانيءَ سان ملزمن جي حق ۾ هليا ويندا آهن. ڊجيٽل ايويڊنس گڏ ڪرڻ، سنڀالڻ ۽ ان کي شاهديءَ طور عدالت تائين پھچائڻ لاءِ جيڪي لوازمات آهن، جيڪو قانون ۾ طريقيڪار طئـ آهي، جاچ آفيسر اهو پورو ڪرڻ جو خيال گهٽ رکندا آهن. وڏي ڳالهه ته شاهديون گڏ ٿيڻ کان عدالت پھچڻ تائين وارو جيڪو مدو هوندو آهي، اهو به هڪ سال کان گهٽ ناهي هوندو، اڌ گواهي ان مدي دوران ئي خراب ٿي ويندي آهي.
سي ڊي آر (ڪال ڊٽيل رڪارڊ)، سي سي ٽي وي فوٽيجس، ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ ۽ موبائل جي فارينزڪ رپورٽ عدالتن ۾ شاهديءَ طور پيش ڪري جاچ آفيسر وڏو ڪم ڪري ويندا آهن, پر جڏهن گھرائيءَ ۾ سوال ٿيندا آهن ته جاچ آفيسر طئـ طريقيڪار مطابق نه شاهديون گڏ ڪيون هونديون آهن نه وري عدالت ۾ پيش ڪيون هونديون آهن. لازمي آهي ته ان جو فائدو قانون مطابق عدالت جي لاڏلي ٻار کي ئي ٿيڻو هوندو آهي ۽ اهو لاڏلو ٻار هوندو آهي ملزم.
نائلا رند ڪيس ۾ قانون جي وڏين ناليوارين شخصيتن سنڌ هائي ڪورٽ ڪراچي جي قانوني معاونت ڪئي آهي، جن ۾ جناب فيصل صديقي، محترمـ ساره ملڪاڻي، مليحـ ضيا ۽ محمود اختر قريشي جا نالا شامل آهن.
نائلا رند ڪيس ۾ تقريبن 16 شاهدن جا بيان رڪارڊ تي موجود آهن، جن جو عدالتي فيصلي ۾ تذڪرو پڻ آهي.
ڊجيٽل ايويڊنس هوندي جيڪڏهن ملزم بري ٿي وڃي ٿو ته ان جو مطلب آهي، شاهدي جيئن پيش ٿيڻ گهرجي ها، ائين پيش نـ ٿي، جاچ آفيسر انهي جو ڌيان نه رکيو.
هتي ظلم اهو آهي جو سي ڊي آر، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ فارينزڪ رپورٽس جھڙيون شاهديون ٽرائل ڪورٽس ۾ جمع ٿي وڃن ٿيون، اتان ملزم سزا کائي جڏهن اپيل ۾ مٿئين عدالتن ۾ پھچن ٿا ته خبر پئي ٿي ته سي ڊي آر جي رڪارڊ تي رڪارڊ مھيا ڪندڙ جو ٺپو ناهي لڳل. ملزم ان ۾ بري. يا وري سي سي ٽي وي فوٽيجز جتان جا آهن اهي فوٽيجز مھيا ڪندڙ جي عدالت ۾ گواهي ناهي ٿيل. انهي ۾ ملزم بري. جي فارينزڪ رپورٽ آهي ته اها ڊوائيس يعني ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ، موبائل فون فارينزڪ ليب جاچ آفيسر ڪيترن ڏينھن ۾ جمع ڪرايا. جمع ڪرائڻ کانپوءِ ليبارٽري فارينزڪ رپورٽ ڪيترن ڏينھن ۾ پڌري ڪئي؟ جي مرحلي ۾ ڪٿي دير ٿي ته ملزم جو شڪ جو فائدو پڪو ٺھيو ته بس پڪ سمجهو بري ٿيڻ جي گنجائش به پڪي. جي اتان قصو اڳتي وڌيو ته سوال اٿندو ملزم کان جڏهن ڊوائيسز ضبط ڪيون ويون ته اهي سيل ڪيئن ڪيون ويون؟ انهن کي ڪھڙي بيگ ۾ رکيو ويو آهي… ضبط ڪرڻ کان وٺي ٿاڻي تائين انهن کي ڪيئن پھچايو ويو؟ جناب جاچ آفيسر کي هوندو آهي سامان کڻائي هلي ٿاڻي تي ڦٽو ڪرڻو، اهو انهن احتياطي تدبيرن ۽ قانوني طئـ طريقيڪار جو ڌيان ئي ناهي ڪندو. لازمي آهي ته پوءِ ان جو اڳيان هلي فائدو ملزم کي ئي ملندو آهي.
پوءِ خبر پوندي آهي ته جيڪي اسڪرين شاٽس، فوٽوز جمع ڪرايا ويا، اهي فوٽو ڪاپي هئا، جيڪا فارينزڪ رپورٽ هئي، انهي رپورٽ کي ليبارٽري ۾ تيار ڪندڙ عملدار عدالت ۾ شاهد طور پيش ئي نـ ٿيو. رپورٽ ۾ جيڪي ننڍيون ننڍيون فني ڳالهيون هيون، اهي شاهدين ۾ بيان ئي نه ٿي سگهيون. جي بيان ٿيون ته انهن جو دفاع ئي نه ٿي سگهيو. ائين ڪيس خراب ٿين ٿا ۽ بيرحم ملزم شڪ جي فائدي تي سزائن کان بچي جيلن مان ٻاهر اچي فتح جا هار پائي گهمن ٿا. معاشري ۾ اها ڳالهه زور وٺي وڃي ٿي ته ڏوهارين کي ٿئي ڪجهه ئي ڪونه ٿو. انصاف جي نظام تي شھرين جو ويساهه گهٽ هجڻ ڪري، انهي شڪ جي فائدي جو مزو به مجرم ئي وٺن ٿا.

سنڌ اندر زور وٺندڙ ”جٿائي سوچ“!
سوچ ويچار ۽ راءِ جي معاملي ۾ سنڌ اندر ”جٿائي سوچ“ وڌي رهي آهي. سوچ ۽ خيال جي آزاديءَ جون ڳالهيون ڪندڙ پاڻ به ”سوچ ۽ راءِ“ ۾ جٿائي طرز تي هلن ٿا. جٿي مان جيڪڏهن ڪنھن هڪڙي فرد جي راءِ ظاهر ٿئي ته پڪ سمجهو باقي سڄي جٿي جي راءِ ۽ سوچ به اها ئي هوندي. سوچ ۽ راءِ جو اهو انداز طالباني آهي. سماجي نفسيات دان سوچ ۽ راءِ جي ان انداز کي ”گروپ ٿنڪنگ“ چوندا آهن. اهڙا فرد ساڳين ٺوس حقيقتن تي تـ متفق هوندا ئي آهن، پر مفروضن تي به سندن وچ ۾ ڪوئي اختلاف ۽ فرق ناهي هوندو. هو ايترا ته هڪٻئي سان متفق ۽ يڪراءِ هوندا آهن جو کين معاملن جا هڪٻئي کان تفصيل پڇڻ جي به ضرورت ناهي پوندي.
سنڌ ۾ راءِ عامــ جوڙيندڙ ۽ راءِ عامـ تي اثر انداز ٿيندڙ اهڙا ننڍا ۽ وڏا جٿا پنھجي راءِ ۽ موقف سان آسانيءَ سان سڃاڻي سگهجن ٿا. خيال ۽ نظرئي جي هڪجھڙائي ۽ هم آهنگي فطري هوندي آهي، پر اڪثر معاملن تي متفق ۽ يڪراءِ هجڻ ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته اها فرد جي نـ پر جٿي جي سوچ آهي. سنڌ مان سوشل ميڊيا تي اهڙن جٿن جو اندازو لڳائڻ ڪو گهڻو مشڪل ڪم ناهي. شعر جي پسند ناپسند کان وٺي ڪنھن نثري تحرير جي پسند ناپسند ۽ تشھير جٿائي انداز ۾ ٿئي ٿي. ڪھڙي معاملي تي ڪھڙو موقف آهي، اهو به فرد جي آزاديءَ سان نـ جٿي جي صورت ۾ سامهون اچڻو آهي.
فڪري آزادي ۽ اظھار جي آزادي سٺا ميوا آهن، انهن جو ذائقو هر نفس کي انفرادي چکڻو آهي، پر سنڌ ۾ اهو ڪم جٿائي انداز ۾ ٿئي ٿو. اهڙن جٿن وٽ خيال پوءِ ايندو آهي، سوچيندا پوءِ آهن، متفق پھرين ٿيندا آهن ايتري قدر جو ان سوچ جو اظھار به پوءِ ڪندا آهن، پر متفق ان کان اڳ ڏسبا آهن. جي متفق نه به هوندا آهن ته پنھنجي مختلف هجڻ جو کليل اظهار ناهن ڪندا. جٿائي سوچ جي زور وٺڻ ڪري راءِ عامـ گدلاڻ جو شڪار ٿي رهي آهي. فرد جي وجود کان انڪار زور وٺي رهيو آهي. فرد جي دانش، سمجهه ۽ راءِ کي اهميت ملڻ بجاءِ جٿي جي اهميت وڌي رهي آهي. جٿي جو شور ئي حقيقت طئـ ڪري رهيو آهي ته هيءَ حقيقت آهي، هيءَ ناهي. حقيقت کي ڌنڌلو ڪرڻ، لڪائڻ ۽ ڊاهڻ جو ڪم به جٿو ئي ڪري رهيو آهي.
جٿا ايترا منظم آهن جو جيڪڏهن مختلف جٿي مان ڪو ئي توهان سان متفق ٿيو ته ٻئي جٿي واري جو پاڻمرادو اختلاف ٿي ويندو. اختلاف ايترو شديد ٿي ويندو جو توهان پريشان هوندا ته مون ته اهڙي ڪا مخالف ۽ مختلف ڳالهه ڪئي ناهي، فقط اها ڳالهه چئي ۽ لکي آهي جيڪا شديد اختلاف ڪندڙ ڪئين موقعن تي پاڻ به ڪري چڪو/چڪي آهي، پر پوءِ به هن جو توهان سان اهو اختلاف ٿي چڪو ھوندو، جو توهان جي راءِ سان مخالف جٿي وارا متفق ٿي پيا آهن. سنڌ اندر اهڙا ڪئين ادبي ۽ نظرياتي جهيڙا ويجهڙ ۾ ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي. ھتي لفظ جهيڙا هتي استعال ٿي ويو آهي ان کي توهان فڪري ۽ نظرياتي اختلاف به چئي سگهو ٿا.
تقريبن، پروگرامن ۽ ميلن ۾ اچبو وڃبو به جٿي سان، جيڪڏهن ڪنھن ٻئي سوچ ۽ فڪر جي جٿي وارو اتي اچڻو هوندو ته اتي نه وڃبو. خيال، سوچ ۽ راءِ جا جيڪي مختلف رنگ آهن، جيڪا گوناگونيت آهي، ان جو چڱن هٿن هٿان قتل عام ٿي رهيو آهي. سوشل ميڊيا سوچ ۽ راءِ جي انهي انداز کي هٿي وٺرائي آهي. دوستي ياري ۾ به هاڻي اهو شرط ٿي پيو آهي ته جي پوسٽ نٿا رکو، ريشيئر ڪريو، جي ريشئر نٿا ڪريو ته گهٽ ۾ گهٽ لائڪ ڪريو. جي ٽي ئي نٿا ڪري سگهو ته پوءِ اسان سان ۽ اسان مان ناهيو. قصو مختصر، مطلب ڳالهه اها ئي ڪبي جيڪا سڄي سنگت ڪري پئي يا جيڪا جٿي جي آهي.
سنڌ ڪابينا جي هڪڙي وزير تہ جٿائي سوچ کي ايڏي ھٿي وٺائي آهي جو سواءِ سندس ذات جي هن سان ڪوئي اختلاف به نٿو ڪري. هاڻي هو پاڻ وڏ ظرفيءٓ جو مظاهرو ڪندي پاڻ تي پاڻ راءِ ڏئي ويندو آهي.
مختلف سوچڻ، مختلف راءِ رکڻ ۽ تنقيد ڪرڻ لاءِ ڪئين در پيا آهن. هروڀرو سنگت کي ناراض ڇو ڪجي، هاڻي سوشل ميڊيا تي راءِ ائين ٿي هلي. راءِ جي ايمانداري ناهي ته پوءِ اها دانش، سمجهه ۽ ڏاهپ بدعنوانن جي حڪمراني کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. دانش جو ڪم آهي حقيقي سچ تائين پھچائڻ، جي سچ نه مليو ته باقي سڀ وندر آهي. سوشل ميڊيائي جٿا شور سان طئـ ٿا ڪن ته حقيقت ۽ سچ ڇا آهي. باقي خلق انهي طئـ ٿيل کي حقيقت ۽ سچ سمجهي اڳتي وڌائيندي ٿي رهي.

سيني تان هٿ هٽائي عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ جي سار لھو!
سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽيشنل ترقيءَ لاءِ قائم ڪيل اداري عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ (AMBILE) جي باني ڊائريڪٽر(جيڪو هن صديءَ جو وڏو حوال ثابت ٿيو) جي فيس بڪ تي براههِ راست نشر ٿيل ”مجلس“ کان پوءِ اڌ قوم جا ”سيني تي هٿ“ اچي ويا هئا، صفِ ماتم وڇائجي وئي هئي، سو هاڻي ڪنھن کي ياد بہ ناھي. ان کان پوءِ اڳتي ڇا ٿيو؟ نه ڪنھن پڇا ڪئي، نه اصل ڌڻين کي ئي ان جي ڪا ڳڻتي ڏٺي وئي. سرڪار ميار لاٿي، ماڻهو ٻين ڪمن تي چڙھي ويا. الا الا، خير صلا.
شديد ويسر ۾ مبتلا ۽ سنڌي ٻوليء جي ترقيءٓ لاءِ شديد فڪرمند رهندڙن کي ياد ٿو ڏيارجي ته ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ کي اٽڪل ٻن مھينن تائين بنا ڪنھن سربراهه جي هلايو ويو، ثقافت کاتي جي انتظامي نگرانيءَ ۾ هلندڙ ادارو ٻن مھينن تائين کانئن وسريل هو. وري به شابس هجي ڪرسيءَ جي شوق ۾ تازي مبتلا ٿيل سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي انتظامي ڪاروبار هلائيندڙ همراهه کي جنھن وڃي وزير کي ياد ڏياريو ۽ پاڻ لاءِ هڪڙي ٻي ڪرسي به سيري آيو. هڪ ڀيرو ٻيھر عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ قاعدي ۽ قانون مطابق طئي ٿيل اهليت واري ڊائريڪٽر کان محروم رهيو. ڪٿي ڪمپيوٽيشنل ۽ مشيني ذهانت جا معاملا ۽ ڪٿي اضافي چارج واري سائين جي فيلڊ مبارڪ. اضافي چارج وارو آرڊر پڙهي ڪنھن ظالم چيو، هاڻي سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل هر حوالي سان محفوظ هٿن تائين پھتو.
عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ جي بنا ڪنھن تحريري آرڊر ذريعي رکيل ملازمن کي گذريل ٻن مھينن جي پگهار به نه ملي ۽ هو بنا ڪنھن هدايتن ۽ نگرانيءَ جي آفيس ايندا ۽ ڪم ڪندا رهيا. جي هو اچڻ ڇڏي ڏين ها ته اداري کي تالو لڳل هجي ها ۽ جنھن ملازم وٽ تالي جي چاٻي هجي ها، اهو پريشان هجي ها ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي اها چاٻي ڏيان ڪنھن کي يا رکان ڪٿي!؟
سنڌ ۾ مجموعي مزاج شايد شاعراڻو وڌيڪ آهي، حقيقتن کان وڌيڪ پنھنجين پاليل خوش فھمين کي ترجيح ڏني ويندي آهي ۽ انهن ئي خوش فھمين ۾ جيئڻ کي شاهوڪاري سمجهيو ويندو آهي. اهڙي ڪيفيت کي سادي انداز ۾ ديواني جو خواب به چيو ويندو آهي. حقيقتون مھانگيون ۽ خوش فھميون ۽ خواب سستا جو ٿيندا آهن.
عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ سنڌ ۾ سنجيدگي ۽ انتظامي نااهليءَ جو هڪڙو اعليٰ مثال آهي، جنھن جي معاملن جي گھرائيءَ ۾ وڃي پرکي سگهجي ٿو ته اسان وٽ شور ڪري ۽ ڪرائي ڪيئن حقيقتون لڪايون ۽ گهمايون وينديون آهن. انهي مثال لاءِ به وري ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽوٽ جي حالت زار سان رجوع ڪرڻو پوندو.
وڏين دعوائن سان هلندڙ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ ۾ ايستائين ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪھڙو ڪم ٿيو آهي، ان بابت امر فياض صاحب فيس بڪ جي براه راست نشريات ۾ ٻڌائي ويو آهي، پر سائين جي دعوائن ۽ حقيقتن وچ ۾ جيڪو فاصلو آهي، ان کي ماپڻ لاءِ انجنيئرنگ جي هڪ نئين اداري جوڙڻ جي ضرورت آهي.
سنڌي ٻولي حڪمرانن ۽ رياست جي ترجيح نه رهي آهي. اها ڳالهه ماضيءَ ۾ تحريڪن ۽ تحريرن وسيلي سامهون ايندي رهي آهي، پر عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ ويجهي ماضيءَ جو سڀ کان وڏو مثال آهي. اداري کي قائم ڪرڻ کان وٺي ان کي بنا ڪنھن مستقل ڊائريڪٽر ۽ اسٽاف جي مقرري ۽ نگرانيءَ جي هلايو ويو، اداري جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جا اجلاس ڪرائڻ ۽ انهن مان انتظامي ۽ نالي معاملن جي منظوري وٺڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي وئي. موجود رڪارڊ مطابق سنڌ اسيمبليءَ پاران اداري جي جوڙجڪ جي حوالي سان موجود قانون ۽ طريقئہ ڪار سان رجوع ئي ناهي ڪيو ويو. پگهارن جو وچور ۽ حساب ڪتاب کي ئي رڳو کڻبو ته پتو پئجي ويندو ته هيءُ ادارو ڪيئن هلايو ويو آهي. اداري جو تدريسي ۽ تحقيقن ادارن سان رابطو رکڻ لاءِ امر فياض صاحب کي جيڪا ذميواري ڏني وئي هئي، ان کي پهرين لڳ ڀڳ ٽن لکن تائين جي پگهار ڏئي آخر ۾ چاليھه هزار رپين تائين بيھاريو ويو. هن دور ۾ 40 هزار رپين جي پگهار تي ڪم ڪندڙ ڪو ماهر سنڌي ٻوليءَ کي ڪھڙي ترقي ڏياري سگهندو، سرڪار جو ان سان ڪو واسطو نه آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ بابت سرڪار جي سنجيدگي ان پگهار جيتري ئي تصور ڪرڻ گهرجي
سافٽ ويئر، ڪمپيوٽر ۽ لاڳاپيل شعبن جا ڪيترا ماڻهو اداري جي فيصلي سازيءَ ۽ ڪم سان جڙيل آهن، رڳو ان جا حوالا ڪڍبا ته آڱرين ۾ ڏند پئجي ويندا(قصو ڏندين آڱريون کان اڳتي آهي ان ڪري).

بشير بدر جي موڪلاڻي آمد، آس، آسمان، آھٽ ۽ اميج جي شاعر پڄاڻان
آمد، آس، آسمان، آھٽ ۽ اميج جو شاعر بشير بدر ھندوستان ۾ لڏي ويو، پويان شاھوڪار شاعري ۽ شاعريءَ ۾ فريز ڪيل ڪئين ڪيفيتون ۽ لمحا ڇڏي ويو آھي.
غزل جو اردوءَ ۾ اھڙو ٻيو خوبصورت شاعر صرف ندا فاصلي ئي ٿي سگهي ٿو. جيڪا ڳالهه لڙڪن ۾ نه چئي سگهجي، جيڪا ڳالهه ڀاڪرين پئي نه چئي سگهجي، جيڪا ڳالهه ڪنڌ تي مٿو رکي نه چئي سگهجي، جيڪا ڳالهه اشارن ۾ نه چئي سگهجي، جيڪا ڳالهه بند دروازي جي وٿين مان آيل ۽ ويل خطن ۾ نه چئي سگهجي، جيڪا ڳالهه ھٿ تي ھٿ رکي نه چئي سگهجي، جيڪا ڳالهه وڻن جي ٿڙن تي يادگيري لاءِ نالا لکي نه چئي سگهجي، جيڪا ڳالهه ڪنھن ميار سان نه چئي سگهجي…اھڙيون سموريون مشڪل ڳالهيون ۽ گهڙيون بشير بدر پنھنجي غزل جي ٻن بندن ۾ چئي ويو ۽ اھڙيون چئي ويو، جو اڌوريون رھجي ويل اھي ڳالهيون ۽ ڪھاڻيون ٻن بندن ۾ مڪمل ٿي رھجي ويون.

ھن جي شاعري دلاسن، آسن، اميدن ۽ آٿت جي شاعري آھي. ھڪڙي عمر ۾ رت سان لکيل خطن جھڙي شاعري آھي. رت سان لکيل خط اظھار جي مڪمل بيوسيءَ جو اظھار ئي ته ھئا. بشير بدر انهي بيوسيءَ کي مڪمل ۽ سگهارو اظھار بخشيو. محبت ماڻهوءَ کي ڪيئن ماريندي ۽ ڪيئن جيئاريندي آھي، بشير بدر ان محبت جو شاعر ھو. انساني رشتن ۽ تعلقاتن جي سردين ۽ گرمين جو شاعر ھو. زماني جي لاهن ۽ چاڙھن جو شاعر.ماڻهو تعلق ۽ رشتا ائين بدلائيندا آھن جيئن ڪرائي جا گهر پيا بدلجندا آھن. بشير بدر لھجن، لمحن، ڪيفيتن ۽ ڪھاڻين کي غزل جي بند ۾ فريز ڪرڻ جو اھڙو ھنر ڄاڻندو ھو، جو ان ڪيفيت کي لفظن ۾ اھڙو خوبصورت بيان ٻئي ھنڌ شايد ئي ملي سگهي. بشير بدر غزل کي نئون حسن بخشيو. ھن اردو غزل جي روايت تي پنھنجي ڇاپ ڇڏي آھي. ھن جي ڪمال لھجي ۽ نفاست ۾ موجود غزل زمانن تائين پيو ڳائبو ۽ دھرائبو. اھڙي حسين شاعر سان منھنجي پھرين ملاقات سندس ڪتاب “آمد” جي معرفت سائين امداد جعفريءَ ڪرائي ھئي. پوءِ ھڪ ھڪ ڪري بشير بدر جا سمورا ڪتاب نظر مان گذريا. نيلم ندي(درياھ نيلم) ڪناري بشير بدر جي موت جي خبر نظر مان ڇا گذري، ھڪ ھڪ ڪري ھن جي غزل جا بند ياد ايندا ويا. اسان جي ارمانن، وفائن ۽ بيوفائين کي خوبصورت زبان ڏيندڙ شاعر الوداع.
کوئی پھول سا ہاتھ کاندھے پہ تھا
مرے پاؤں شعلوں پہ جلتے رہے
سنا ہے انہیں بھی ہوا لگ گئی
ہواؤں کے جو رخ بدلتے رہے
وہ کیا تھا جسے ہم نے ٹھکرا دیا
مگر عمر بھر ہاتھ ملتے رہے
محبت عداوت وفا بے رخی
کرائے کے گھر تھے بدلتے رہے
(بشير بدر)

اڌوري رھجي وڃڻ جي ڪھاڻي
هر ماڻهوءَ جي هڪ ڪھاڻي هوندي آهي، پر اها ڪھاڻي هلندي ٻئي ماڻهوءَ سان آهي. ڪنھن به فرد جي ڪھاڻي ڪيڏي به خوبصورت هجي، پر اها بيٺل ٻئي ماڻهوءَ جي سھاري تي هوندي آهي. ڪير ڪيڏو به طاقتور ۽ خوشحال ڇو نه هجي، پر انهي جي ڪھاڻي ٻئي ماڻهوءَ وٽ قيد هوندي آهي. اھو قيد ڀلي کڻي ايذائيندڙ نه به هجي، پر ماڻهو ڳالهه جي معاملي ۾ ڄڻ وس ٻئي جي هوندو آهي.
جيئن ڪھاڻي شروع ڪرڻ لاءِ ٻئي سھاري جي ضرورت هوندي آهي، ائين ڪھاڻي ٻڌائڻ لاءِ به ٻيو ماڻهو گهربل هوندو آهي. ڪافي ڪھاڻيون ڀلي کڻي بندي جي چاهڻ کانسواءِ فطري تخليق ٿي وينديون هجن، پر انهن ڪھاڻين ۾ به ٻيو بندو ضرور شامل هوندو آهي، اهو بندو فطرت پنھنجي نظام سان کڻي ايندي آهي يا ڪھاڻي پنھنجي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ پاڻ سان گڏ آڻيندي آهي. اهو ته ڪھاڻي تخليق ڪرڻ وارا ئي ٻڌائي سگهن ٿا.
ڪو اهو به ضد ڪري سگهي ٿو ته هڪڙي ماڻهوءَ جي هڪڙي ڪھاڻي ڇو؟ هر ماڻهوءَ جون ڪئين ڪھاڻيون به ٿي سگهن ٿيون. ائين هوندو به آهي، پر اهي ڪھاڻيون به هونديون ٻئي ماڻهوءَ تي بيٺل آهي. ماڻهوءَ جي ڪھاڻي پنھنجي لاءِ ڪجهه به ناهي هوندي، ڪھاڻيءَ جو مطلب ئي آهي ٻئي ماڻهوءَ سان جڙيل ڳالهه. هڪڙو ماڻهو ڪئين ڪھاڻيون به ٿي سگهي ٿو ۽ هڪڙي ڪھاڻي هڪ کان وڌيڪ ماڻهن سان به جڙيل ٿي سگهي ٿي، پر هر ماڻهوءَ جي ڪھاڻي ٻئي ماڻهوءَ کانسواءِ اڌوري هوندي آهي. ڪھاڻي کي مڪمل ٻيو ماڻهو ئي ڪندو آهي.
هڪڙي ماڻهوءَ جي زندگيءَ مان ٻئي ماڻهوءَ جي نڪري وڃڻ سان ان جي ڪھاڻي نامڪمل رھجي ويندي آهي. ڪھاڻيءَ جي نامڪمل ٿي وڃڻ جو احساس تڏهن شديد ٿيندو آهي، جڏهن توهان جي پسند ناپسند ڄاڻڻ وارو ڪو قيمتي فرد توهان جي زندگيءَ مان نڪري ويندو آهي. زندگيءَ مان قيمتي ماڻهوءَ جي نڪري وڃڻ سان توهان جا لطيفا اڌورا ٿي پوندا آهن، انهن کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ وارو ڪو ئي ناهي رهندو. پسند جي موسيقي جي لذت ٻئي کي چکائڻ کان ماڻهو محروم ٿي ويندو آهي. توهان ڪتاب ۽ ليکڪ ڪھڙا پسند ڪندا آهيو، چانھه ۾ کنڊ ڪيتري وجهندا آهيو، برانڊ ڪھڙي ۽ پيڪ ڪيترا پيئندا آهيو، لباس ڪھڙو پائيندا آهيو، خوشبو ڪھڙي پسند ڪندا آهيو، اهو سڀ ڄاڻڻ وارو ماڻهو هليو وڃي ته باقي ساهه کڻڻ واري زندگي رهجي ويندي آهي. ڊگهي مدي وارن رشتن ۽ تعلقاتن ۾ ٻن ماڻهن جي ڪھاڻي ائين گڏوگڏ ۽ ويجهي هلندي آهي جو ٻنهي کان اهو وسري ويندو آهي ته ڪنھن جي ڪھاڻي ڪنھن وٽ وڌيڪ آهي. ان ڳالهه جو پتو تڏهن ئي پوندو آهي، جڏهن ٻنهي مان ڪو هڪڙو نڪري ويندو آهي، ڪھاڻي پوءِ آهستي آهستي محسوس ڪرائڻ شروع ڪندي آهي ته آئون اڌوري آهيان، منھنجو اهم حصو هليو ويو آهي.
پراڻن رشتن تي بيٺل ڪھاڻيءَ ۾ ڪئين موڙ هوندا آهن، ڪئين ڳالهيون هونديون آهن، جيڪي ڪردارن هڪ ٻئي سان ڪيون هونديون آهن يا ڪردارن جون هڪٻئي سان جڙيل هونديون آهن. اهي ڳالهيون بي معنيٰ ٿي وينديون آهن، انهن جي معنيٰ ۽ پسمنظر سمجهڻ لاءِ ساڳيو وقت ۽ ماحول نئين ماڻهوءَ سان جڙي ناهي سگهندو. بس ائين ڪھاڻي اڌوري ٿيو وڃي.
زندگيءَ مان جيڪڏهن لطيفو ٻڌائڻ ۽ ٻڌڻ وارو نڪري وڃي، ڪتاب ونڊڻ وارو نڪري وڃي، سٺي موسيقي ٻڌندڙ ۽ ونڊ ڪندڙ نڪري وڃي ته باقي زندگي رهي ئي ڪھڙي ٿي. هڪڙو ماڻهو دنيا مان ڇا ويندو آهي، پاڻ سان گڏ ڪئين ڪھاڻيون کڻي ويندو آهي. دنيا ڇڏيندڙ ماڻهوءَ لاءِ اڪثر سنڌيءَ ۾ چوندا آهن، مونکي اڌورو ڪري ويو… ان جو مقصد شايد اهو ئي آهي ته دنيا ۾ رهجي ويل جي ڪھاڻي جو اڌ ويندڙ کڻي ويو آهي