ڊاڪٽر اشوٿاما – Sarangaa

تعلق، انا ۽ انحراف: بي ساختگيءَ کان ڄاڻي واڻي اختيار ڪيل فاصلي تائين
ڪي تعلق ڪنھن وڏي واقعي سان ناهن ٽٽندا. نه ڪا وڏي خيانت، نه کليل دشمني، نه اهڙو تڪرار، جنھن کان پوءِ فاصلو فطري محسوس ٿئي. ڪڏهن هڪ ڊگهي، گھري ۽ انتھائي ويجهي وابستگي رڳو هڪ معمولي ۽ بي ساختہ ڳالهه تي اوچتو ختم ٿي ويندي آهي. اهڙيءَ صورت ۾ اصل سوال ان ڳالهه جي شدت جو نه، پر ان جي اندروني معنا جو هوندو آهي.
ڇا واقعي آخري ڳالهه ئي سبب هئي؟ يا اها رڳو ان فاصلي جو ظاهري نڪتو هئي، جيڪو اندر ئي اندر گهڻو اڳ ٺھي چڪو هو؟
شايد مسئلو ان ڳالهه جو نه آهي ته ڇا چيو ويو؛ مسئلو اهو آهي ته اها ڳالهه ڪھڙي جاءِ تي وڃي لڳي.
انسان پنھنجي سڄي زندگيءَ ۾ رڳو تجربا گڏ نٿو ڪري؛ هو پنھنجي باري ۾ هڪ تصور به تعمير ڪندو رهي ٿو. جدوجھدون، فڪري وابستگيون، قربانيون، ڪاميابيون، سماجي حيثيت ۽ وقت سان حاصل ٿيندڙ سڃاڻپ گڏجي ”پنھنجي پاڻ“ جي هڪ تصوير ٺاهين ٿيون. وقت گذرڻ سان اها تصوير ايتري اهم ٿي سگهي ٿي، جو ان کي آيل معمولي ڇيھو به انسان کي پنھنجي وجود بابت سوال محسوس ٿيڻ لڳي.
خاص طور تي تڏهن، جڏهن اها ڳالهه ڪنھن اهڙي ويجهي تعلق مان اچي، جتي انسان پنھنجي دفاعي سختي لاهي رکندو هجي.

بي ساختگيءَ کان اندروني معنا تائين

ٻاهرين دنيا سان انسان هڪ خاص نفسياتي تياريءَ سان مقابلو ڪندو آهي. مخالفت، تنقيد، ناانصافي يا سماجي مزاحمت هن لاءِ نوان تجربا ناهن هوندا. هو انهن کي زندگيءَ جي عام حقيقتن جو حصو سمجهي، برداشت ڪري سگهي ٿو. پر گھرو تعلق ٻي نوعيت جي جاءِ هوندو آهي. اهو انسان لاءِ هڪ اهڙو محفوظ جھان بڻجي سگهي ٿو، جتي کيس پاڻ کي ثابت ڪرڻ يا پنھنجي دفاع لاءِ تيار رهڻ جي ضرورت محسوس نه ٿئي.
انهيءَ ڪري ڪڏهن ٻاهرين دنيا جو وڏو صدمو به ايترو اثر نٿو ڪري، جيترو ڪنھن ويجهي تعلق مان نڪرندڙ هڪ معمولي جملو ڪري سگهي ٿو. ٻاهرين دنيا جو وار ڍال سان ٽڪرائجي ٿو؛ ويجهي ماڻهوءَ جو لفظ سڌو ان هنڌ پھچي سگهي ٿو، جتي ڍال ئي موجود نه هوندي آهي.
تنھنڪري ڪنھن بي ساختہ ڳالهه جو اثر ان جي لفظي معنا کان گهڻو اڳتي وڃي سگهي ٿو. اها ڳالهه شايد عزت، حيثيت، فڪر يا سڃاڻپ بابت ڪو اهڙو سوال ڇھي ڇڏي، جنھن جو وجود اڳ ئي اندر ۾ موجود هجي.

پنھنجو ٺاهيل ”پاڻ“

جيڪو انسان پنھنجي زندگيءَ جو وڏو حصو ڪنھن فڪري خواب، سماجي جدوجھد يا انساني قدرن سان وابسته رکندو آهي، تنھن لاءِ ماضي صرف گذريل وقت نه رهندو آهي؛ اهو سندس شخصيت جو حصو بڻجي ويندو آهي.
ڊگهي جدوجھد کان پوءِ انسان پنھنجي ماضيءَ جو صرف حصيدار نه رهندو آهي؛ ڪڏهن هو ان جو نگھبان بڻجي ويندو آهي. کيس محسوس ٿيندو آهي ته جنھن خواب لاءِ هن زندگيءَ جو وڏو حصو ڏنو، ان جي معنويت کي سمجهڻ ۽ ان جي سچائيءَ جي حفاظت ڪرڻ سندس ذميواري آهي.
هيءَ حالت لازمي طور غرور ناهي. ڪڏهن اها تجربن ۽ قربانين مان پيدا ٿيل فڪري خوداعتمادي هوندي آهي. پر خوداعتمادي ۽ انا جي وچ ۾ هڪ تمام سنهي حد موجود آهي. هڪ مرحلي تي انسان پنھنجي اصولن جي حفاظت ڪندو آهي؛ ٻئي مرحلي تي هو پنھنجي اصولي سڃاڻپ بابت ٺھيل تصوير جي حفاظت ڪرڻ شروع ڪري سگهي ٿو.
اتي فڪر آهستي آهستي خود تصور ۾ تبديل ٿيڻ لڳي ٿو.

فڪري ٻيٽ ۽ سهولتن جو نئون جھان

ڊگهي فڪري ۽ سماجي سفر کان پوءِ انسان پنھنجي چوڌاري هڪ ”فڪري ٻيٽ“ تعمير ڪري سگهي ٿو. ان ٻيٽ تي سندس تجربا، خيال، سماجي حيثيت، علمي سڃاڻپ ۽ ڪاميابين جا نشان گڏ ٿين ٿا. وقت سان اهو ٻيٽ سندس لاءِ هڪ مڪمل دنيا بڻجي وڃي ٿو.
پر زندگيءَ جو ٻيو مرحلو ڪڏهن نوان امڪان به کڻي اچي ٿو: سماجي حيثيت، معاشي استحڪام، ڪاروباري موقعا، ادارتي رسائي، بااثر حلقن سان تعلق ۽ اهڙيون سھولتون، جيڪي ماضيءَ جي جدوجھد واري زندگيءَ کان مختلف نوعيت جون هجن.
هتي انسان کي پنھنجي فڪر ۽ عملي زندگيءَ جي وچ ۾ نئون توازن پيدا ڪرڻو پوي ٿو.
تبديلي پاڻ ۾ مسئلو ناهي. هر انسان کي پنھنجي زندگيءَ جون ترجيحون بدلائڻ جو حق آهي. مسئلو تڏهن پيدا ٿئي ٿو، جڏهن پراڻا اصول زبان تي ساڳيا رهن، پر انهن جي عملي حيثيت آهستي آهستي ذاتي سھولت، سماجي مفاد يا معاشي فائدي مطابق ترتيب وٺڻ لڳي.
اهڙيءَ ريت اصول ختم نٿا ٿين؛ اصولن جي عملي ماپ بدلجي وڃي ٿي.
ڪڏهن زندگيءَ جا ڊگها رستا مختصر ڪرڻ لاءِ شارٽ ڪٽ پيدا ٿين ٿا. جيڪي دروازا اڳ جدوجھد، مزاحمت يا اصولي موقف جي قيمت تي کلي سگهندا هئا، اهي هاڻي تعلقن، رسائي، سماجي سڃاڻپ ۽ مناسب موقعن وسيلي کلي سگهن ٿا.
انسان اهڙن موقعن کي قبول ڪري سگهي ٿو؛ پر ان قبوليت سان گڏ هڪ فڪري سوال پيدا ٿئي ٿو: ڇا نئين سھولت رڳو زندگيءَ جي تبديلي آهي، يا پراڻي فڪري وابستگيءَ جي خاموش ترتيبِ نو پڻ؟

تبديلي يا انحراف؟

انسان کي بدلجڻ جو حق آهي. نوان تجربا نوان خيال پيدا ڪري سگهن ٿا. سماجي حالتون تبديل ٿين ٿيون ۽ انهن سان گڏ انسان جون ترجيحون به بدلجي سگهن ٿيون.
پر تبديلي تڏهن فڪري ارتقا آهي، جڏهن انسان پنھنجي نئين موقف کي نئين دليل ۽ نئين تجربي سان سمجهائي سگهي.
انحراف ان وقت محسوس ٿيڻ لڳي ٿو، جڏهن فڪر جي ٻولي ساڳي رهي، پر عملي زندگيءَ جا معيار تبديل ٿي وڃن؛ جڏهن ماضيءَ جي اصولي سڃاڻپ نئين سماجي، سياسي يا ڪاروباري سھولت لاءِ علامتي سرمايو بڻجي وڃي.
هتي ڳالهه صرف ذاتي مفاد جي ناهي. ڪڏهن سواليه سماجي ۽ سياسي حيثيت رکندڙ شخصيتن، نيريٽن يا حلقن سان به تعلق رکڻا پون ٿا. سماج ۾ رابطن ۽ عملي سھڪار جي پنھنجي ضرورت آهي. پر جڏهن اهڙا تعلق اصولي سوالن کي دٻائي، ذاتي يا ڪاروباري فائدن جو ذريعو بڻجن، تڏهن فڪر ۽ مفاد جي وچ ۾ موجود فاصلو اهم ٿي وڃي ٿو.
انحراف اڪثر ڪنھن هڪ وڏي فيصلي جو نالو ناهي. اهو ننڍن ننڍن سمجهوتن جو مجموعو به ٿي سگهي ٿو: هڪ خاموشي، هڪ نظرانداز ڪيل تضاد، ڪنھن مناسب موقعي لاءِ موقف ۾ نرمي، ڪنھن سواليه طاقت سان ضرورت مطابق ويجهڙائپ، يا پنھنجي پراڻي نيريٽ کي نئين مفاد سان هم آهنگ ڪرڻ.
اهي سڀ قدم الڳ الڳ شايد معمولي محسوس ٿين، پر گڏجي اهي انسان جي ماضيءَ ۽ حال جي وچ ۾ هڪ نئون فڪري فاصلو پيدا ڪري سگهن ٿا.

ماضيءَ جو آئينو

اهڙي صورتحال ۾ پراڻي ۽ گھري وابستگيءَ جي اهميت وڌيڪ واضح ٿئي ٿي.
ويجهو تعلق رڳو قربت نه هوندو آهي؛ اهو انسان جي سفر جي هڪ اهڙي ياد به هوندو آهي، جيڪا سندس ماضي ۽ حال کي هڪ ئي فريم ۾ ڏسي سگهي ٿي.
اهڙو تعلق الزام نٿو ڏئي، پر ان جي موجودگي ئي هڪ آئينو بڻجي سگهي ٿي.
هو ڄاڻي ٿو ته ڪھڙا خواب هئا، ڪھڙيون وابستگيون هيون، ڪھڙا اصول اهم سمجهيا ويندا هئا ۽ وقت سان زندگي ڪھڙي رخ تي هلي وئي.
اهو آئينو انسان کي ڏوهاري ثابت نٿو ڪري؛ هو رڳو هڪ ئي چھري ۾ مختلف زمانن کي گڏ ڏيکاري ٿو.
۽ شايد ڪڏهن اها ئي ڳالهه بي آرام ڪندڙ هوندي آهي.
انسان لاءِ سڀ کان ڏکيو سوال اهو نه هوندو ته ”مان بدلجي ڇو ويس؟“؛ اصل سوال اهو ٿي سگهي ٿو ته ”منھنجي تبديليءَ ۾ ڪھڙو حصو فڪري ارتقا جو آهي ۽ ڪهڙو حصو نئين سھولت سان پيدا ٿيل مفاد جو؟“

آخري سبب يا آخري پردو؟

انهيءَ پسمنظر ۾ ڪنھن معمولي ڳالهه تي ٿيل قطعِ تعلق کي ڏسڻ گهرجي.
ممڪن آهي ته اها ڳالهه اصل سبب نه هجي. اها رڳو هڪ اهڙي جاءِ هجي، جتان اندر اڳ موجود فاصلو ظاهر ٿيڻ جو موقعو مليو هجي.
هڪ ننڍڙي ڳالهه کي پوءِ هڪ باوقار سبب بڻائي سگهجي ٿو. تعلق ختم ڪرڻ کي اصول، وقار يا ذاتي حدن جي حفاظت سان جوڙي سگهجي ٿو. اهي سبب ڪڏهن حقيقي به هوندا آهن؛ پر ڪڏهن انهن جي پويان هڪ وڌيڪ پيچيده عمل هلندو آهي: انسان پنھنجي موجوده سڃاڻپ، حاصل ڪيل سھولتن ۽ پراڻي فڪري تصوير جي وچ ۾ پيدا ٿيل تضاد کان فاصلو پيدا ڪري رهيو هوندو آهي.
ان صورت ۾ قطعِ تعلق ٻئي ماڻهوءَ کان پري ٿيڻ کان وڌيڪ، پنھنجي اندر جي هڪ سوال کان پري ٿيڻ بڻجي سگهي ٿو.

خاموشيءَ جي معنا

اهڙي قطعِ تعلق ۾ خاموشي به معنيٰ رکي ٿي. جيڪڏهن گفتگو، وضاحت يا اختلاف جي گنجائش موجود هجي، پر ان جي بدران مڪمل فاصلو اختيار ڪيو وڃي، ته ممڪن آهي ته تعلق پاڻ مسئلو نه هجي؛ مسئلو اهو هجي ته تعلق ڪھڙي ياد، ڪھڙي فڪري تسلسل ۽ ڪهڙي اندروني سوال کي زنده رکي ٿو.
ڇو ته تعلق برقرار رهڻ جو مطلب ماضيءَ سان مسلسل گفتگو به ٿي سگهي ٿو.
۽ جيڪڏهن انسان پنھنجي موجوده زندگيءَ کي ماضيءَ کان مختلف رخ تي وٺي ويو هجي، ته اها گفتگو ڪڏهن ڏکي محسوس ٿي سگهي ٿي.
پوءِ خاموشي آسان ٿي وڃي ٿي.
نه ڪو سوال.
نه وضاحت.
نه ماضي ۽ حال جي وچ ۾ ڪو پل.
صرف فاصلو.

حاصلِ سوال

آخرڪار، اهڙي غير روايتي قطعِ تعلق کي صرف ذاتي ناراضگي، انا يا غلط فھميءَ جي دائري ۾ بند ڪرڻ شايد ان جي گھري سماجي معنا کي محدود ڪري ڇڏي.
هتي تعلق سان گڏ انسان جي فڪري سڃاڻپ، سماجي حيثيت، حاصل ڪيل موقعا، ذاتي سھولتون، مفاد، سياسي ۽ سماجي نيريتن سان لاڳاپا ۽ پنھنجي ماضيءَ سان موجوده زندگيءَ جي نسبت به سوال هيٺ اچي ٿي.
شايد هر تبديلي انحراف ناهي؛ ۽ هر انحراف به لازمي طور شعوري خيانت ناهي.
ڪڏهن انسان پاڻ به پنھنجي اندر هلندڙ ان تبديليءَ جي مڪمل خبر نٿو رکي.
پر ڪنھن گھري وابستگيءَ جو اوچتو خاتمو ڪڏهن اهو ضرور ظاهر ڪري ٿو ته تعلق جي سطح هيٺان ڪو وڏو فڪري يا وجودي فاصلو پيدا ٿي چڪو هو.
تنھنڪري اصل سوال شايد اهو ناهي ته تعلق ڇو ٽٽو؟
اصل سوال اهو آهي:
ڇا انسان واقعي پنھنجي ماضيءَ کان اڳتي وڌي ويو هو، يا پنھنجي موجوده سڃاڻپ ۽ نين حاصل ڪيل سھولتن کي محفوظ رکڻ لاءِ ماضيءَ سان ڳنڍيل ان آئيني کان ئي پري ٿي ويو، جنھن ۾ سندس سفر جو اصل تسلسل اڃا به نظر اچي رهيو هو؟
ڇو ته ڪڏهن تعلق ختم ڪرڻ جو سڀ کان گھرو مطلب ڪنھن ٻئي کان بيزاري نه، پر پنھنجي موجوده صورت ۽ پنھنجي اڳوڻي صورت جي وچ ۾ پيدا ٿيل خاموش فاصلي کي قبول ڪرڻ جي ڏکيائي هوندي آهي.

پراڻو گهر، ٻڍا آشرم
ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي شھر کان پري، نوڪريءَ جي ڪمري ۾ رات جو اڪيلو ويھي، مون کي هڪ عجيب استعارو ياد اچي ٿو: “پراڻو گهر” (Old House).
هي پراڻو گهر ڪنھن زبون حال عمارت جو نالو ناهي. نه ان جي ڀتين ۾ ڏار آهن، نه ان جي مرمت ڪرائڻ جي غربت هن احساس جو بنياد آهي. هي هڪ سماجي حالت (Social Condition) جو استعارو آهي.
۽ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته شايد هي جديد سنڌي وچولي طبقي جي زندگيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ نئين قسم جو “ٻڍا آشرم” (Old-age Home) آهي—پر اهڙو ٻڍا آشرم، جتي ماڻهو ڪنھن اداري جي ڪمري ۾ نه، پر روزگار جي مجبوريءَ سبب پنھنجي ئي زندگيءَ جي هڪ ڌار ڪمري ۾ رهڻ لڳي ٿو.
اسان جي سنڌي سماج ۾ خاندان ڊگهي عرصي تائين رڳو رت جي رشتن جو نالو نه رهيو آهي. خاندان هڪ گڏيل سنڀال جو نظام (Collective Caring System) پڻ هو. ٻار، والدين، پوڙها، بيمار، ڪم ڪندڙ ۽ ڪم کان آزاد ماڻهو—سڀ هڪ ئي سماجي ڇت هيٺ پنھنجي پنھنجي طريقي سان هڪ ٻئي جي زندگيءَ جو حصو هئا.
پوڙهائپ به ان ئي ڇت هيٺ ايندي هئي.
ڪو ماڻهو پوڙهو ٿيندو هو ته هو “الڳ ماڻهو” نه بڻبو هو؛ هو خاندان جي اندر ئي پنھنجي زندگيءَ جو نئون مرحلو داخل ٿيندو هو. سندس روزاني ڪم گهٽجي ويندا هئا، پر سندس وجود جي سماجي اهميت ختم نه ٿيندي هئي.
پر پوءِ شھر وڌيا.
روزگار گهر کان پري وڃڻ لڳو. خاندان ننڍا ٿيندا ويا. اولاد پنھنجي تعليم، نوڪري ۽ رهائش جي ضرورتن سان مختلف شھرن ڏانهن پکڙجڻ لڳو. گڏيل خاندان جي جاءِ تي ننڍا خاندان آيا، ۽ خاندان جي گڏيل سنڀال آهستي آهستي فرد جي ذاتي ذميواري بڻجڻ لڳي.
هي تبديلي رڳو رهائش جي تبديلي نه هئي.
هن خاندان جي سوشل فيبرڪ (Social Fabric) کي اندر کان تبديل ڪيو.
۽ شايد اسان جي نسل ان تبديليءَ جي وچ واري جاءِ تي بيٺل آهي.
اسان جي ذهن ۾ اڃا به اهو ئي خاندان آهي، جنھن ۾ پنھنجا ماڻهو ويجهو هجن؛ پر اسان جي عملي زندگي ان خاندان کي جاگرافيائي فاصلي، روزگار ۽ شھري زندگيءَ ۾ ورهائي ڇڏيو آهي.
مان به انهيءَ تضاد جو هڪ ننڍڙو مثال آهيان.
منھنجو گهر پنھنجي جاءِ تي آهي. منھنجا ماڻهو اتي آهن. رشتا موجود آهن. محبت موجود آهي. ذميواري موجود آهي.
پر مان اتي روزانو موجود ناهيان.
نوڪري مون کي پنھنجي شهر کان ٻاهر رکي ٿي.
۽ اهڙيءَ طرح عمر جي هن حصي ۾، جڏهن ماڻهوءَ جي فطري خواهش پنھنجي گهر ۽ پنهنجن ماڻهن ڏانهن وڌيڪ ويجهو ٿيڻ جي هوندي آهي، مان روزگار جي سبب انهن کان پري رهندو آهيان.
انهيءَ ڪري مون کي هي رهائش ڪڏهن ڪڏهن “پراڻي گهر” وانگر محسوس ٿيندي آهي.
هڪ اهڙو گهر، جيڪو خاندان کان مڪمل طور ڪٽيل ناهي، پر خاندان جي روزاني زندگيءَ کان ٻاهر آهي.
هڪ اهڙو گهر، جنھن ۾ رهندڙ ماڻهو خاندان جو فرد آهي، پر خاندان جي گڏيل زندگيءَ ۾ سندس جسماني موجودگي وقفي وقفي سان ٿيندي آهي.
اهو ئي ته ٻڍا آشرم جو نئون، غير ادارتي روپ آهي.
فرق رڳو ايترو آهي ته روايتي ٻڍا آشرم ۾ ماڻهوءَ کي خاندان کان هڪ اداري جدا ڪيو آهي؛ هتي روزگار ۽ شھري معاشي ڍانچو اهو ڪم ڪن ٿا.
۽ هن جدائيءَ ۾ هڪ عجيب نفسياتي ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي.
توهان اڪيلو آهيو، پر اڪيلائيءَ جو اعتراف نٿا ڪريو.
توهان ٿڪل آهيو، پر آرام کي پنھنجو حق سمجهڻ ۾ به جهجھڪ محسوس ڪريو ٿا.
توهان کي گهر ياد اچي ٿو، پر گهر ڏانھن موٽڻ جو مطلب صرف جذباتي فيصلو ناهي؛ ان جي پٺيان معاشي حقيقتون بيٺل آهن.
۽ جڏهن دوست يا پنھنجا ماڻهو محبت سان چون ٿا:
“هاڻي عمر ٿي وئي آهي، صحت جو خيال رکو.”
“نوڪري ڇڏي گهر ۾ رهو.”
“پنھنجي آرام کي به اهميت ڏيو.”
ته انهن جي ڳالهين ۾ خلوص هوندو آهي. انهن جي نيت تي شڪ ڪرڻ جو ڪو سبب ناهي.
پر ڪڏهن ڪڏهن اهي جملا مون کي جديد وچولي طبقي جي هڪ وڏي سماجي تضاد ڏانھن وٺي وڃن ٿا.
صحت جو خيال رکڻ جو مشورو ڏيڻ آسان آهي؛ ان صحت جي قيمت کڻڻ واري معاشي ڍانچي کي سمجهڻ ڏکيو.
“گهر ۾ رهو” چوڻ به آسان آهي؛ پر اهو سمجهڻ ته ماڻهو گهر کان ٻاهر ڇو رهي رهيو آهي، ان کان وڌيڪ اهم آهي.
مون کي شايد ڪنھن جي همدرديءَ کان وڌيڪ ڪنھن جي سمجهه جي ضرورت هوندي آهي.
ڇو ته هي غربت جو روڄ راڙو ناهي.
هي دوستن کان مالي مدد گهرڻ جو معاملو به ناهي.
هي ته هڪ اهڙي سماجي تبديليءَ کي محسوس ڪرڻ جو معاملو آهي، جنھن ۾ اسان جو پراڻو گڏيل ڪيئرنگ ڪلچر آهستي آهستي پنھنجي جاءِ وڃائي رهيو آهي، پر ان جي جاءِ تي نئون سماجي بندوبست اڃا ٺھيو ناهي.
اسان وٽ اڃا تائين “پنھنجن جو خيال رکڻ” جي اخلاقي زبان موجود آهي؛ پر “پنھنجن لاءِ موجود رهڻ” جون معاشي ۽ شھري حالتون بدلجي ويون آهن.
انهيءَ ڪري ڪڏهن سوچيندو آهيان:
ڇا جديد شھرن ۾ ٻڍا آشرم صرف اهي عمارتون آهن، جن جي دروازن تي “Old Age Home” لکيل آهي؟
يا اهي ننڍڙا ڪمرا به ٻڍا آشرم آهن، جتي عمر رسيده ماڻهو پنھنجي گهر کان پري، روزگار جي ذميواري نڀائيندي، پنھنجي خاندان سان فون تي ڳنڍيل، پر جسماني طور اڪيلي زندگي گذارين ٿا؟
شايد منھنجو “پراڻو گهر” انهيءَ سوال جو ئي هڪ ذاتي جواب آهي.
اهو گهر ڪنھن تباهيءَ جو نشان ناهي.
اهو هڪ عبوري سماج جو استعارو آهي. هڪ اهڙو سماج، جيڪو گڏيل خاندان کان ننڍي خاندان ڏانھن، ويجهي سنڀال کان فاصلي واري سنڀال ڏانھن، ۽ گڏيل زندگيءَ کان انفرادي معاشي بقا ڏانھن منتقل ٿي رهيو آهي.
۽ مان شايد انهيءَ ارتقا جو رڳو مبصر ناهيان.
مان پاڻ ان ارتقا جي اندر رهندڙ هڪ ڪردار آهيان.
پنھنجي گهر جو ماڻهو، پنھنجي خاندان جو ذميوار، پر روزگار جي شھر ۾ هڪ پراڻي گهر وانگر اڪيلو رهندڙ ماڻهو.
شايد سڀ کان عجيب ڳالهه اها آهي ته هي “پراڻو گهر” ڪنھن ٻئي جو ٺاهيل نه آهي.
اهو جديد زندگي پاڻ ٺاهيو آهي.

شھيد نذير عباسي: سنڌ جي سرحدن کان عالمي ضمير تائين
هر سال 9 آگسٽ تي شھيد نذير عباسيءَ کي ياد ڪيو وڃي ٿو. تقريرون ٿين ٿيون، گل چاڙهيا وڃن ٿا ۽ سندس بھادريءَ جا قصا ورجايا وڃن ٿا. پر نذير عباسيءَ جي شخصيت جو هڪ اهم پاسو اڃا به اسان جي اجتماعي يادگيريءَ ۾ گهربل جاءِ والاري نه سگهيو آهي. اهو پاسو آهي سندس بين الاقوامي سياسي شعور، عالمي ترقي پسند تحريڪن سان وابستگي ۽ سندس شھادت جو عالمي اثر.
نذير عباسيءَ کي صرف سنڌ يا پاڪستان جي هڪ انقلابي ڪارڪن طور پڙهڻ، سندس تاريخي ڪردار کي محدود ڪرڻ آهي. هو ان نسل جو نمائندو هو، جنھن لاءِ سياست رڳو اقتدار جي جدوجھد نه، پر دنيا جي مظلوم قومن، مزدورن، شاگردن ۽ جمهوريت پسند قوتن جي گڏيل آزاديءَ جو خواب هئي. سندس فڪر جو مرڪز سنڌ ضرور هئي، پر سندس سياسي افق قومي سرحدن کان گهڻو وسيع هو.

1970ع واري ڏهاڪي جي پڄاڻي عالمي سياست جو هڪ غيرمعمولي دور هو. پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسي، ضياءُالحق جو مارشل لا، ولي خان، غوث بخش بزنجي ۽ ٻين قومي جمهوري اڳواڻن تي پابنديون، جمهوريت پسند قوتن جون گرفتاريون، ۽ پوءِ بينظير ڀٽو جو عالمي سطح تي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ اڀرندڙ آواز- اهي سڀ هڪ ئي تاريخي دور جا مختلف رُخ هئا. نذير عباسي به انهيءَ مزاحمتي تاريخ جو حصو هو، جيتوڻيڪ سندس نظرياتي وابستگي ڪميونسٽ تحريڪ سان هئي.
ساڳئي وقت دنيا به وڏي تبديليءَ مان گذري رهي هئي. افغانستان ۾ ثور انقلاب عالمي سياست جي مرڪز ۾ هو؛ فلسطين ۾ صيھونيت خلاف قومي آزاديءَ جي جدوجھد جاري هئي؛ ايران ۾ پھلوي بادشاهت، ساواڪ جي جبر ۽ ان جي مقابلي ۾ توده پارٽي ۽ ٻين ترقي پسند قوتن جي سياسي مزاحمت عالمي کاٻي ڌر جي بحثن جو حصو هئي. نذير عباسيءَ جي سياسي تربيت ۽ سوچ انهن عالمي بحثن کان الڳ نه هئي. هو پرولتاري انٽرنيشنلزم جو قائل هو، جتي ڪنھن به قوم جي آزادي، سماجي انصاف ۽ جمهوريت کي گڏيل انساني جدوجھد جو حصو سمجهيو ويندو هو.
اهو ئي سبب هو جو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ پوءِ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي پليٽ فارم تان سرگرم رهندي، نذير عباسيءَ جا رابطا صرف پاڪستان تائين محدود نه رهيا. هو پراگ ۾ قائم International Union of Students (IUS) ۽ بوڊاپيسٽ جي World Federation of Democratic Youth (WFDY) جھڙين عالمي شاگرد ۽ نوجوان تنظيمن جي نيٽ ورڪن سان لاڳاپيل هو. اهي فورم رڳو ڪانفرنسون نه هئا؛ اهي ٽئين دنيا جي قومي آزاديءَ جي تحريڪن، سامراج مخالف جدوجھد ۽ عالمي ترقي پسند سياست جا اهم مرڪز هئا.
ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي ڪميٽيءَ جو نوجوان ترين ميمبر هجڻ جي حيثيت سان نذير عباسي پاڪستان جي انهن ٿورن سياسي ڪارڪنن مان هو، جن جي سياسي سوچ مقامي مسئلن سان گڏ عالمي سياسي تحريڪن سان به ڳنڍيل هئي.
شايد انهيءَ ڪري سندس گرفتاري ۽ شھادت به صرف پاڪستان جو اندروني واقعو نه رهي.
30 جولاءِ 1980ع تي گرفتاري ۽ 9 آگسٽ تي فوجي انٽيليجنس جي حراست ۾ تشدد سبب شھادت کان پوءِ سندس ڪيس دنيا جي معتبر انساني حقن جي ادارن تائين پھتو. ايمنسٽي انٽرنيشنل پنھنجي 1981ع جي سالياني رپورٽ ۽ پاڪستان بابت خصوصي رپورٽ (ASA 33/024/1981) ۾ نذير عباسيءَ جي ڪيس کي پاڪستان ۾ سياسي قيدين تي رياستي تشدد جي اهم مثال طور دستاويز ڪيو. جڏهن پاڪستان اندر سچ لڪائڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي، تڏهن عالمي انساني حقن جا ادارا ان کي تاريخ جو حصو بڻائي رهيا هئا.

ساڳئي عرصي ۾ International Union of Students ۽ World Federation of Democratic Youth سندس شھادت تي مذمتي قراردادون منظور ڪيون. گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن کان پاڪستان جي فوجي حراستي مرڪزن بابت جاچ جو مطالبو ڪيو ۽ ضياءَ آمريت خلاف عالمي يڪجھتي مھم جو حصو بڻيا.
برطانيا جي Foreign and Commonwealth Office ۽ آمريڪا جي National Archives ۾ محفوظ سفارتي دستاويز پڻ ٻڌائين ٿا ته نذير عباسيءَ جي شھادت، سنڌ جي سياسي ردعمل ۽ بعد ۾ هلندڙ ڄام ساقي ڪيس تي عالمي سفارتي حلقا ويجهي نظر رکي رهيا هئا. اها ڳالهه پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ غيرمعمولي اهميت رکي ٿي ته هڪ سنڌي نوجوان جي شھادت بين الاقوامي سفارتي آرڪائيوز ۽ انساني حقن جي دستاويزن ۾ مستقل جڳھه ماڻي.
نذير عباسيءَ جي عالمي سڃاڻپ جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته هو پنھنجي ڌرتيءَ کان پري ٿي ويو هو. حقيقت ۾ سندس انٽرنيشنلزم جو بنياد ئي سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جي مظلوم ماڻهن جي گڏيل قسمت جو تصور هو. هن لاءِ سنڌ جي آزاديءَ جا خواب فلسطين جي درد کان جدا نه هئا، جمهوريت جي جدوجھد پاڪستان تائين محدود نه هئي، ۽ سماجي انصاف جو تصور قومي سرحدن ۾ قيد نه هو.
اڄ، سندس شھادت کان ڇائيتاليھه سال پوءِ، جڏهن تاريخ جا در کلي رهيا آهن، ڊيڪلاسيفائيڊ سفارتي رڪارڊ، بين الاقوامي انساني حقن جون رپورٽون، شاگرد تنظيمن جا آرڪائيو ۽ علمي تحقيق هڪ ئي ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا: نذير عباسي صرف هڪ سياسي شھيد نه، پر عالمي ترقي پسند تاريخ جو دستاويزي ڪردار هو.
9 آگسٽ تي نذير عباسيءَ کي ياد ڪرڻ جو سڀ کان مناسب طريقو شايد اهو ناهي ته صرف سندس قربانيءَ تي ڳوڙها ڳاڙجن؛ پر اهو آهي ته سنڌ جي نئين نسل کي ٻڌائجي ته هن ڌرتيءَ مان هڪ اهڙو نوجوان به اڀريو هو، جنھن جي جدوجھد، گرفتاري، آزاديءَ لاءِ عالمي آواز، حراستي تشدد ۽ شھادت- هي سڀ عالمي تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آهن.
ضياءُ الحق جي جيل جي هڪ اونداهي ڪوٺڙيءَ ۾ سندس جسم کي خاموش ڪيو ويو، پر سندس نالو لنڊن جي انساني حقن جي آرڪائيوز، پراگ ۽ بوڊاپيسٽ جي شاگرد تحريڪن، جنيوا جي عالمي فورمن ۽ جديد تاريخي تحقيق ۾ اڄ به زنده آهي. اهو ئي شھيد نذير عباسيءَ جو سڀ کان وڏو تاريخي اعزاز آهي.

ڌرتيءَ سان رشتو، نقشا نه، زندگي ٺاهيندي آهي
ڪيترائي سال اڳ سيوهڻ جي جابلو پٓٽي، ڀت جبل جي هڪ ڏورانھين ڳوٺ ۾ هڪ ترقياتي منصوبي جي بيس لائين سروي دوران، منھنجي ملاقات ستر اسي سالن جي هڪ بزرگ سان ٿي. هو سڄي زندگي پنھنجي جبل، پنھنجي ڳوٺ ۽ ان جي آس پاس جي دنيا ۾ رهيو هو. ڳالهيون ڪندي مون کانئس پڇيو:
“بابا، توهان جو وطن ڪھڙو آهي؟”
هن بنا ڪنھن هٻڪ جي جواب ڏنو:
“منھنجو وطن ڀت جبل آهي.”

ان وقت مون کي اهو جواب اڻپورو لڳو. مون سمجهيو شايد هن کي ملڪ، صوبي يا دنيا جي جاگرافيءَ جي خبر ناهي. زندگي اڳتي وڌندي رهي، پر اهو مختصر جواب منھنجي ذهن ۾ ڪٿي محفوظ رهجي ويو.
اڄ، ڪيترن سالن کان پوءِ، محسوس ٿو ڪريان ته شايد هو جاگرافي نه، پر انسان جي فطرت بيان ڪري رهيو هو.
انسان جڏهن هن دنيا ۾ اچي ٿو، تڏهن کيس نه رياست جي خبر هوندي آهي، نه صوبن جي، نه سرحدن جي، نه سياسي نظرين جي. سندس دنيا ماءُ جي هنج کان شروع ٿئي ٿي. پوءِ گهر، اڱڻ، پاڙو، اسڪول، ڳوٺ، شھر، درياهه، جبل، وڻ، ٻولي، رسمون، چھرا ۽ يادگيريون هڪ هڪ ڪري سندس شعور جو حصو بڻجندا وڃن ٿا.
هي وابستگي ڪنھن ڪتاب مان نه ايندي آهي، نه ڪنھن حڪم سان پيدا ٿيندي آهي. اها روزمره جي زندگيءَ مان ٺھندي آهي. هڪ ٻار جنھن وڻ هيٺ راند ڪئي، جنھن پيچري تي هلڻ سکيو، جنھن ٻوليءَ ۾ ماءُ کيس پھريون دفعو سڏ ڪيو، جنھن زمين ۾ سندس وڏا دفن آهن، اهي سڀ شيون آهستي آهستي سندس وجود جو حصو بڻجي وڃن ٿيون.
انسان جي ارتقا جي ڊگهي سفر ۾، ماحول سان تعلق صرف بقا جي ضرورت نه رهيو؛ اهو سڃاڻپ جو بنياد بڻجي ويو. پوءِ جڏهن ٻولي پيدا ٿي، تاريخ جڙي، لوڪ ڪھاڻيون، شاعري، گڏيل ڏک ۽ گڏيل خوشيون وجود ۾ آيون، تڏهن هڪ جغرافيائي جاءِ صرف رهائش نه رهي، پر “پنھنجي ڌرتي” بڻجي وئي.
انهيءَ ڪري ڌرتيءَ سان محبت ڪا رومانوي جذباتيت يا سياسي نعرو نه آهي. اها انساني نفسيات، سماجي ارتقا ۽ تاريخي شعور جو گڏيل نتيجو آهي. انسان پنھنجي ڌرتيءَ سان ايترو ئي فطري نموني ڳنڍجي ٿو، جيترو پنھنجي ماءُ جي ٻوليءَ، پنھنجي نالي يا پنھنجي يادگيرين سان.
شايد ان ڪري جڏهن ڪنھن سماج جي ڌرتي، ان جي تاريخي تسلسل يا اجتماعي سڃاڻپ بابت بي يقيني پيدا ٿئي ٿي، تڏهن ماڻهن جو ردعمل صرف سياسي نه هوندو آهي. ان جي پويان صدين جو ثقافتي تجربو، گڏيل يادگيريون ۽ هڪ اهڙو نفسياتي رشتو هوندو آهي، جنھن کي صرف نقشن يا انتظامي اصطلاحن سان سمجهي نٿو سگهجي.
نقشا انسان ٺاهيندو آهي، پر ڌرتيءَ سان رشتو زندگي ٺاهيندي آهي.

مون کي پوءِ وري ڀت جبل ياد اچي ٿو.
ساڳئي علائقي ۾، جتي مون ان بزرگ سان ملاقات ڪئي هئي، پوءِ ترقيءَ جي نالي ۾ وڏيون تبديليون آيون. منھنجي پنھنجي ميداني مشاهدن، بيس لائين سروي رپورٽن ۽ انهن ڏينھن جي عوامي ردعمل مان مون ڏٺو ته ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جي زندگي پنھنجي پراڻي جغرافيائي، سماجي ۽ معاشي تسلسل کان ڌار ٿي وئي. جيڪي ماڻهو ڪالهه پنھنجي زمين، جبل ۽ ماحول جا مالڪانه احساس سان رهندا هئا، انهن جي نئين نسل مان ڪيترائي اڄ انهن ئي منصوبن جي ٻاهران روزاني اجرت تي مزدوري ڪندا نظر اچن ٿا، جيڪي سندن پراڻي دنيا جي جاءِ تي اڀريا آهن.
شايد ڪنھن معاشي رپورٽ ۾ ان کي “ترقي” سڏيو وڃي. شايد ڪنھن سرڪاري دستاويز ۾ ان کي “منصوبي جي ڪاميابي” لکيو وڃي. پر انساني زندگيءَ جا ڪجهه نقصان اهڙا به هوندا آهن، جيڪي نه انگن اکرن ۾ ماپي سگهجن ٿا، نه معاوضن ۾ پورا ٿي سگهجن ٿا.
ڇاڪاڻ⁠ تہ ماڻهو صرف زمين ناهن وڃائيندا.
هو پنھنجا پيچرا وڃائيندا آهن.
پنھنجا وڻ وڃائيندا آهن.
پنھنجي ٻوليءَ جا منظر وڃائيندا آهن.
پنھنجن ابن ڏاڏن جون يادگيريون وڃائيندا آهن.
۽ ڪڏهن ڪڏهن، اڻڄاتل نموني، پنھنجي وجود جو هڪ حصو به وڃائي ويھندا آهن.
اڄ جڏهن مان ڀت جبل جي ان پوڙهي کي ياد ڪريان ٿو، تڏهن سندس هڪ جملو منھنجي ذهن ۾ وري گونجي ٿو:
“منهلھنجو وطن ڀت جبل آهي.”
هاڻي محسوس ٿو ڪريان ته هو ڪنھن ملڪ يا رياست جي تعريف نه ڪري رهيو هو. هو رڳو اهو ٻڌائي رهيو هو ته انسان پھرين پنجنجي ڌرتيءَ سان دل ۾ ڳنڍجي ٿو، پوءِ نقشي ۾.
شايد انهيءَ ڪري، جڏهن ڪنھن ڌرتيءَ بابت بي يقيني پيدا ٿئي ٿي، تڏهن ماڻهن جي اکين ۾ رڳو سياسي احتجاج نه هوندو آهي؛ اتي پنھنجي وجود، پنھنجي يادگيرين ۽ پنھنجي مستقبل بابت هڪ فطري بيچيني به هوندي آهي.
شايد ڪجهه ڌرتيون رڳو جاگرافي نه هونديون آهن؛ اهي پنھنجي ماڻهن جي اجتماعي شعور جو ٻيو نالو بڻجي وينديون آهن.

سنڌي هندو مذهبيت جي سماجي جوڙجڪ: بقا جي نفسيات کان ڪارپوريٽ نيٽ ورڪنگ تائين
سنت ساڌ رام جي تازي وڇوڙي اتر سنڌ جي هڪ وڏي حصي ۽ سندس عقيدتمندن ۾ سوڳ جو هڪ گھرو ۽ نمايان وايومنڊل پيدا ڪيو آهي. هن اجتماعي ڏک (Collective Grief) ۽ عقيدت جي ليول کي ڏسي عام طور تي اها غلط فھمي پيدا ٿئي ٿي ته سنڌ جو هندو سماج شايد هڪ مڪمل طور تي يڪجا، هموار ۽ مڪمل بلاڪ (Homogeneous Social Block) آهي. پر جڏهن اسان سماجي سائنس (Sociology) جي اصولن ۽ تنقيدي نظريي (Critical Theory) جي عينڪ مان هن سوڳ جي پٺيان لڪل پيچيده سماجي بيھڪ جو گھرو مطالعو ڪنداسين، تہ حقيقتون ان کان بلڪل مختلف ۽ طبقاتي بيٺڪ تي ٻڌل نظر اينديون.
پروفيسر احمد سومري صاحب پاران اٿاريل اهو نُڪتو ته “ڪو هڪ پير يا سنت سڄي سنڌ جي هندن جو روحاني پيشوا نٿو ٿي سگهي”، هڪ اهم اڪيڊمڪ حقيقت آهي. پر ان بيانيي کي رڳو علائقائي يا ڪاسٽ سسٽم جي سطحي اڻبرابريءَ جي تناظر ۾ ڏسڻ بدران، اسان کي سنڌي هندن جي تاريخي نفسيات ۽ جديد معاشي متحرڪن (Dynamics) جو تجزيو ڪندي ڪجهه اهم فڪري نڪتا اڳيان رکڻا پوندا.
ورهاڱي جو نفسياتي جبر ۽ بقا جي نفسيات (Psychology of Survival)1.
تاريخي طور تي، 1947ع جي ورهاڱي سنڌ جي هندو سماج کي هڪ اهڙي وجودي موڙ (Existential Crisis) تي آڻي بيھاريو، جتي هنن جو سڀ کان وڏو چئلينج ڪو مذهبي تبليغ، لاهوتي بحث يا پنھنجي فرقي جي بالادستي قائم ڪرڻ نه هو. ان ناڪاري سماجي ۽ سياسي وايو منڊل ۾، رهجي ويل هندن جي پھرين ۽ آخري ترجيح صرف ۽ صرف ذاتي ۽ اجتماعي بقا (Survival) هئي. فرانسيسي سماج سڃاڻ پيئر بورديو (Pierre Bourdieu) جي اصطلاح ۾ چئجي ته هن حادثي هندن جي “هيبيٽس” (Habitus / سماجي رويي ۽ عادتن جي نظام) کي مڪمل تبديل ڪري ڇڏيو.
هن بقا جي نفسيات سنڌي هندو مت جي سڄي سڀاءُ کي هڪ مخصوص شڪل ڏني؛
غير جنگجو وابستگي (Non-Militant Attachment): جھادي اثرن جي تابع مسلم سماج جي ھڪ رفليڪشن جي برعڪس، جتي مذهبي لاڳاپو اڪثر انتھاپسنديءَ تائين هليو ويندو آهي، سنڌي هندو مت ۾ مذهبي وابستگي هميشه کان غير جنگجو، روادار ۽ رڳو ڌرمي رسمن تائين محدود (Ritualistic) رهي آهي.
سماجي سڄاڻپ تائين محدود ناتو: مندرن، مڙھين، مرشدن يا درٻارن سان هنن جو ناتو ڪو گھرو نظرياتي يا پرچارڪ تبليغي لڪيرون ڪڍڻ وارو ناهي رهيو. ڌرم انهن لاءِ رڳو شادي مرادي، مرڻي پرڻي ۽ بنيادي سماجي سڄاڻپ (Social Identity) کي هڪ ڳانڍاپي ۽ گڏيل جوڙجڪ ڏيڻ تائين محدود رهيو آهي ته جيئن اڪثريتي سماج ۾ پنهنجو وجود برقرار رکي سگهجي.
. ڪيپيٽلزم ۽ مذهبي ادارن جي مارڪيٽائيزيشن (Commercialization of Faith)2.
اڄوڪي ليٽ-ڪيپيٽلزم (Late Capitalism) جي دور ۾، جتي مذهبي ادارا پاڻ کي نئين سر ترتيب ڏئي رهيا آهن، سنڌ جي خوشحال (سرمائيدار) ۽ سياسي اثر رکندڙ ڪاروباري ڪلاس جو هڪ مخصوص “ڪلب” جڙي چڪو آهي.
ڪارل مارڪس جي “ڪموڊٽي فيٽشزم” (Commodity Fetishism / شين کي جادوئي طاقت ڏيڻ جو تصور) جي اصول تحت، هن ڪلاس پاران مندرن، ڌرمي آستانن، مرشدن ۽ گادين جو هڪ نئون ڪلچر متعارف ڪرايو ويو آهي، جنھن مذهبيت کي هڪ ڪارپوريٽ يا مارڪيٽ پراڊڪٽ وانگر استعمال ڪيو آهي.
سنت ساڌ رام سميت مختلف مذهبي شخصيتن کي پنھنجي پنھنجي جرسڊڪشن (Jurisdiction) يا علائقائي اثر ۾ هڪ روحاني “برانڊ” طور اڀاريو ويو، جتي هر برانڊ جا پنھنجا معاشي ۽ سماجي دائرا ۽ ڪمفرٽ زون آهن. تنھنڪري، جڏهن ميڊيا يا سياسي بيانيي ۾ “سڄي سنڌ جا هندو” وارو اصطلاح استعمال ٿيندو آهي، ته اهو ڪو گڏيل مذهبي يا روحاني شعور ناهي هوندو، پر اصل ۾ ان مخصوص اليٽ (Elite) ۽ ڪاروباري ڪلاس جي داخلي نيٽ ورڪنگ (Networking) جو نتيجو هوندو آهي. ان کي سماجي اصطلاح ۾ “سوشل ڪيپيٽل” (Social Capital) چيو ويندو آهي، جنھن جو مقصد پنھنجي معاشي طاقت کي مذهبي تحفظ ڏيڻ آهي.

ڪاسٽ سسٽم ۽ سوشل اسٽيٽس جو دٻاءُ (Social Stratification)
جنھن ڇوت ڇات (Untouchability) يا ڪاسٽ سسٽم جي روايتي بحث کي بار بار اٿاريو ويندو آهي، اهو اڄ جي ماڊرن شھري زندگي، گلوبلائيزيشن ۽ سوشل اسٽيٽس (Social Status) جي ٻه طرفي دٻاءَ سبب پنھنجي روايتي معنيٰ مڪمل طور تي وڃائي چڪو آهي. اڄ جو هندو سماج ذات پات جي مدي خارج نظام کان وڌيڪ ماڪس ويبر (Max Weber) جي “سوشل اسٽريٽيفڪيشن” (طبقاتي درجي بندي) جي اصول تحت معاشي مفادن جي بنياد تي صف بندي ڪري ٿو. هاڻي سماجي دٻاءُ ڪنھن شودر يا دلت هجڻ جو ناهي، پر معاشي طور ڪمزور هجڻ جو آهي. آئندي جا انومان ۽ انديشا (Futuristic Concern)
سنت ساڌ رام جي وڇوڙي تي ٿيندڙ سوڳ پنھنجي جاءِ تي محترم آهي، پر هن سڄي مذهبي ڍانچي ۽ درٻار ڪلچر جي پٺيان جيڪي سياسي ۽ طبقاتي محرڪ ڪم ڪري رهيا آهن، تن تي بحث باقي رکڻ انتھائي ضروري آهي. جيڪڏهن اسان هن جاگرافيائي ۽ طبقاتي نيٽ ورڪنگ کي رڳو “خالص روحانيت” جو نالو ڏئي قبول ڪنداسين، ته اها سماجي حقيقتن کان اکيون ٻوٽڻ برابر هوندو.
هن بحث کي اڪيڊمڪ سطح تي زنده رکڻ ان ڪري به ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هي سماجي بيھڪ رڳو مذهب تائين محدود ناهي، پر اها اڳتي هلي ٻيھر هڪ سياسي اوزار (Political Tool) بڻجي ويندي، جنھن کي مختلف قوتون پنھنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪنديون. سنڌي هندو سماج ڪو هڪ سڌو سنئون هوموجينس بلاڪ ناهي، اهو بقا جي نفسيات، ڪارپوريٽ نيٽ ورڪنگ ۽ طبقاتي تحفظ جو هڪ پيچيده گڏجڻي (Convergence) آهي.