اسحاق سميجو – Sarangaa

Permission of War
Permission of War

Poet: Ishaq Samejo
Translated by Manoj Kumar

,When two persons
,Two tribes
,Two nations
,Two countries
,Decide on war
,Do they ever ask for permission
,From the birds of both countries
,From the peacocks and the deer
,From the forests and the orchids
,From the rivers and the mountains
?From the butterflies and the bumble bees

?Do they ask the women and the children
,Do they ask the mothers whose sons
?They plan to kill
Do they ask the hearts of the soldiers
,Who, once martyred
,Are paid in exchange for a life
,With a copper medal
,A job for the eldest son
Or perhaps a plot of land
,In some military housing scheme
?Or a few acres of land

Do they ask the young brides
,whose henna decorated hands
?Darken with the fear of widowhood

Do they ask the families
condemned by fate
to be born near borders

,Are those villages and the cities
,Ever consulted
That turn to stone
?under the weight of the fear of bombardment

Are regions, countries, homelands
the private property
?of rulers and generals

,Those who
When grow weary
,even of the pleasures of power
Light the darkness of their boredom
?With the fire of war

جڏهن به ڪي ٻه ماڻهو
ٻه قبيلا
ٻه قومون
ٻه ملڪ
جنگ جو فيصلو ڪندا آهن
ڇا هو اجازت وٺندا آهن
ٻنهي ملڪن جي پکين کان
مورن ۽ هرڻن کان
ٻيلن ۽ باغن کان
پوپٽن ۽ ڀنڀورين کان
درياهن ۽ پھاڙن کان
عورتن ۽ ٻارن کان؟

انهن مائرن کان
جن جا ٻار مارڻ جو منصوبو جوڙيندا آهن!
انهن سپاهين جي دل کان
جن کي شهادت کان پوءِ
ٽامي جو هڪ تمغو
۽ وڏي پٽ جي نوڪري نصيب ٿيندي آهي
يا ڪنھن فوجي اسڪيم ۾ پلاٽ ۽ ٻه ٽي ايڪڙ ٻني!

انهن نوجوان ڪنوارن کان
جن جا مينديءَ رتا هٿ
بيوه ٿيڻ جي ڊپ ۾ ڪاراٽجي ويندا آهن!

انهن ڪٽنبن کان
جيڪي سرحدن جي ڀر ۾ پيدا ٿيڻ جو
نڀاڳ ڀوڳيندا آهن!

انهن ڳوٺن ۽ شهرن کان
جن کي بمباريءَ جو ڊپ
پنڊ پھڻ ۾ بدلائي ڇڏيندو آهي!

ڇا
علائقا، وطن ۽ ملڪ
حڪمرانن ۽ سالارن جي ذاتي ملڪيت هوندا آ؟
جيڪي جڏهن حڪمرانيءَ جا مزا وٺي وٺي بيزار ٿي پون
ته پنھنجي بيزاريء جي اوندهه کي
جنگ جي باهه سان روشن ڪن؟

Translated by Manoj Kumar

ادبي سيلون: سنڌ يونيورسٽيءَ جا وي سي
ڪچھريءَ لاءِ سڀ کان مزيدار جاءِ حجم جو دڪان آهي. سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي ننڍڙن ننڍڙن اڌ گول دڪانن جي وچ ۾ ٺھيل سرائيڪي خطي مان لڏي اچي ڄام شوري کي گهر بڻائيندڙ استاد غلام عليءَ جي سيلون تي وڏن وڏن ماڻهن مٿا ٽيڪيا آهن. عبدالقادر جوڻيجو، امداد حسيني، طارق عالم ابڙو، آغا رفيق، منظور ميراڻي، ۽ ٻين نالي وارن ليکڪن هتي ئي پنھنجا مٿا ڪوڙايا آهن. هاڻ به هر ڇنڇر يا آچر جي ڏينھن هن سيلون تي ساجد ميمڻ(موجوده رجسٽرار)، مرتضا سيال، غلام علي ٻرڙو، ۽ ٻي سنگت هن ئي سيلون جي حاضري ڀريندي آهي. هن ڀيري جڏهن مٿين مان ڪوبه همراهه نه مليو، ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ پراڻي ۽ وي سي هائوس جا ڪيئي لھندڙ چڙهندڙ سج ڏسندڙ وزنائتي ملازم سان هڪ دلچسپ ڪچھري ٿي. هن ٻڌايو ته هو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڀرتي ٿيو هو، جڏهن شيخ اياز وائيس چانسلر هيو. مون اهو ٻڌو، ته  سوچيم، هڪ ملازم جو به هڪ وڏي شاعر شيخ اياز کي وي سيءَ طور ڏسڻ جو مشاهدو ٻڌي وٺان. ”شيخ اياز جي دور کي اوهان ڪيئن ڏٺو…ڪھڙي قسم جو وي سي هو؟“

چيائين،”اياز جو دور عيشن وارو هو. هفتي جي وچ ۾ ٻه ڏينھن موڪل ايندي هئي، ته سڄو هفتو موڪل ڪري ڇڏيندو هو. ملازمن کي پئسا به جام ڏيندو هو. عيدن جا بونس، ٻيون سھولتون، مزا لڳا پيا هوندا هئا. ڪا سختي به نه هئي. يونيورسٽي گهڻو وقت بند هوندي هئي، پرملازم خوش هئا.“

”سڀ کان سٺو وي سي اوهان کي ڪير لڳو؟“

”الياس ابڙو صاحب…اياز کان پوءِ اهو ئي آيو. انتھائي سخت، وقت جو پابند. هڪ ڏينھن وي سي جي بنگلي ٻاهران پوائنٽ بس بيٺي هئي. ٻاهر نڪتو ته گاڏي بيھاري ڊرائيور کي سڏ ڪيائين ته ڇو بيٺا آهيو؟ هن چيو، سائين! اوهان جي ننڍڙي يونيورسٽي هلندي. ابڙي صاحب چيو، اڄ کان پوءِ جيڪڏهن هوءَ بس کان پھرين روڊ تي بيٺل نه هجي ته گاڏي در تي نه بيھندي. پنجاهه نياڻيون منھنجي ڌيءُ لاءِ انتظار نه ڪنديون. هوءَ پاڻهي پنڌ ايندي.“

پوءِ ته هن مختلف دورن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وي سين بابت ڪيئي انوکيون، دلچسپ ۽ يادگار ڪھاڻيون ايئن ٻڌايون، جو ڪتاب لکجي وڃي. ”آر اي شاهه ذهين ۽ انتھائي هوشيار وي سي هو. ڳالهين ۾ ڪلهوڙي کان به تيز هو، پر ڪرپٽ ڏاڍو هو. هڪ ڍڳي ورتائين، جيڪا بنگلي تي ڏُهبي هئي. ان ڍڳيءَ جو ٻه ڪلو کير روز سرڪاري گاڏيءَ ۾ ڪراچي بنگلي تي ويندو هو. کير جي قيمت کان ڏهوڻ تي تيل جو خرچ. جڏهن ويو ته جيڪو ڪجهه کڻائي ويو، سو ته ڇٽو، پر رڌڻي ۾ پيل چمچن لاءِ نياپو ڪيائين ته موڪلي ڏيو، اهي مون آمريڪا مان آندا هئا. اهو ئي ڪم ڊاڪٽر عابده جي مڙس به ڪيو. مائي لٿي ته مڙس سمورا ٽين ٽپڙ ته کڻائي ويو، پر 11 اي سين لاءِ ورتل نوان اسٽيبلائيزر به کڻائي ويو…ان ئي همراهه وي سي جي بنگلي تي ڪتا ڌاريا.. بنگلي سنڀاليندڙ کي حڪم ڪيائين ته ڪتن لاءِ زنجير وٺي اچ…هن چيو، پئسا ڏيو… ته زال کي دانھن ڏنائين…پوءِ اها اها ملازم تي ڏاڍو ڪاوڙي. هڪ ٻي وقتي عورت وي سي جو مڙس به ڀينگ ڪرڻ ۾ گهٽ نه هو. هر وقت اها ڪوشش هوندي هيس ته يونيورسٽي مان ڇا ڇا ڪڍجي..“

”ڪلهوڙي صاحب بابت اوهان جو مشاهدو؟“

”سائين اصولن جي تبليغ جام ڪندو هو، پر پاڻ پنھنجين ٻن ڌيئرن کي يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري سان لڳائي ويو. وي سي شپ تان لھڻ کان پوءِ به يونيورسٽيءَ جو ڊرائيور ۽ بورچي رکيو ويٺو آهي…ٻين جي گهرن تي پنج روپيه به خرچ نه ڪندو هو، پنھنجي ڌيءُ کي ڏنل پنھنجي ئي گهر تي لکين روپيه خرچ ڪيا اٿس… ايندي ويندي هر ڪو پيو ڏسي…وڻن سان ڇا ڪيائين، مونکان وڌيڪ اوھان کي خبر آھي.“

”وي سي جي بنگلي لاءِ ماهوار خرچ مقرر آهي يا ڪيترو به ڪري سگهندا آهن؟“

چيائين، ”اسان جي وقتن ۾ وي سي جي بنگلي جي ڪانٽيجنسي پندرنھن هزار هئي، پر بل هر مھيني ٽي چار لک جا ٺھندا هئا. هڪ زماني ۾ بنگلي جو انچارج مان هجان. مون کي هڪ سياڻي سمجهايو ته تون هر بل تي ’ايز پر رُولس‘ لکي ڇڏيندو ڪر. منھنجي لکڻ باوجود بل ٿي ويندا هئا. نيٺ مان ڊي ايف وٺ هلي ويس. چيومانس، جيڪڏهن اسان لکي موڪليون ته وي سي جي بنگلي لاءِ چار اُٺ ٿا کپن، تڏهن به توهان ته بل ڪري ڇڏيندئو… ٿورو ته عھدي جو لحاظ ڪريو… ان کان پوءِ برفت صاحب جي زماني ۾ هڪ برسر پندرنھن هزار جي مڇيءَ جو بل روڪي ڇڏيو…چيائين، هڪ مھيني ۾ ايڏي مڇي ڪير کائيندو آهي ڇا.. پوءِ ٿيو ايئن، جو بل ته ٿيو الائي نه، پر اعتراض ڪندڙ برسر خواجه پنهنجي ڪرسيءَ تي ٻيھر نظر نه آيو“.