جامي چانڊيو – Sarangaa

پولش پورهيتن جي پنھنجائپ ۽ ميونخ جي ھڪ اڻ وسرندڙ رات!
پرڏيھي سفرن جون يادگار ڪَٿائون-۴))

ميونخ ۾ سخت ٿَڌِ ھئي، شام جا سَتَ ٿَي چڪا ھئا ۽ مون لاءِ ھاڻي وڌيڪ ٻاھر گهمڻ ممڪن نه ھو. ايتري ٿَڌِ اسان سنڌ ۾ ڏٺي ئي ناھي، انڪري اُھا برداشت ڪرڻ اسانجي وَسَ کان ٻاھر آھي. شھر به اٺين بجي کان اڳ بند ٿي ويندو آھي، پر ڇنڇر جي رات سبب ميونخ جي مُک بازار اڃا به مقامي ماڻهن ۽ سياحن سان ڳتيل ھئي. مان ته حيران ھتي جي ماين تي پيو ٿيندو آهيان جو مرد پاڻ کي ويڙهي سيڙهي پيا ھلندا، پر ماين جون پِنيون اھڙي ظالم سيءَ ۾ به ويڙهيل ناھن هونديون. ھونئن کين وڏا ڪوٽَ، جَرسيون ۽ مفلر پاتل ھوندا، پر پِنيون ڍڪيل نه هونديون. ميونخ ھونئن ته صنعتي شھر آھي، ھفتي جا پنجَ ڏينھن لڳندو ڄڻ ھتي ماڻهو رھندا ئي ناھن، پر ڇنڇر ۽ آچر تي بازارون ۽ رونقون آباد هونديون آھن. منھنجي يورو يوٿ ھاسٽل شھر جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن جي سامهون ھئي، سو تڪڙو تڪڙو بيئر، ووڊڪا ۽ فروٽ وٺي ھاسٽل تي موٽي آيس جو اھو ھاسٽل ۾ منھنجو پھريون ڏينھن ھو. صبح جو ئي پاڪستان جو ناميارو سماجي علمن جو اسڪالر ڊاڪٽر محمد وسيم پاڪستان موٽي ويو ھو ۽ مان ھن کي سڄو ڏينھن ياد ڪندو رهيس. اسان ٽي يعني ھو، منھنجو پيارو دوست ظفرالله خان ۽ مان وفاقيت جي موضوع تي ھڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ آيا ھئاسون. ظفر ڪانفرنس جي پُڄاڻيءَ تي واپس موٽي ويو ھو ۽ وسيم صاحب منھنجي ڪري ٻه ڏينھن وڌيڪ رھي پيو ھو. اسان گڏجي ميونخ خوب گهميو.

منھنجي ڊوميٽري ۾ ڇھن ماڻهن جي رھائش ھئي. مان جيئن ئي اندر گهڙيس ته ڏٺم ته ٽي ماڻهو پنھنجو کاڌو رڌڻ جي تياري ڪري رهيا ھئا. ھو پنھنجي لباس ۾ ڳوٺاڻا ۽ پورهيت ٿَي لڳا. مون داخل ٿيندي کين ڏسندي ئي سلام ڪيو، جنھن جي موٽ ۾ ھنن به قربائتي انداز ۾ گرمجوش جواب ڏنو، پر مونکي ھنن جي ٻولي سمجهھ ۾ نه آئي. ان سان ڪو فرق به نه ٿي پيو. ھنن جو موٽ ۾ قربائتي انداز سان کِلي ھٿ لوڏڻ ئي ڪافي ھو. اسانجي وڏي ڪمري ۾ بس ھو ٽي پورهيت ۽ مان ھُئاسون. لڳو ٿي ته ھو سڄي ڏينھن جو ڪم ڪار لاھي ھتي آيا ھئا. ٽئي پنھنجو پنھنجو ڪم شروع ڪري چُڪا ھئا. ھڪَ گئس جو چُلهو ٻاريو، ٻئي گوشت پئي ڌوتو ۽ ٽئين بصر ۽ ٻيو سامان پئي ڪٽيو. منھنجي سلام جي گرمجوش موٽَ سان ئي اسانجو دوستاڻو ماحول جُڙي چڪو ھو. مون به کين بيئر ۽ فروٽ آڇيو ته انھن مان جيڪو وڏيءَ عمر جو ھو، اُنَ اشارن سان چيو ته ھو ان شرط تي منھنجو ڏنل بيئر ۽ فروٽ وٺندا، جڏھن مان ماني ھنن سان گڏ کائيندس. ھنن پورهيتن جي پنھنجائپ ۾ جيڪا نمرتا ۽ سچائي ھئي، ان مونکي سوچڻ جي مُھلت به نه ڏني ۽ مون کين ھائوڪار ڪئي. ھنن وٽ ھڪ وڏي صندوق ھئي، جنھن ۾ وٽن ھر سامان پيل ھو. ھنن پيتيءَ مان ھڪ ٻي به صندلي ڪڍي ۽ مونکي پنھنجي ڀَرِ ۾ ويھڻ جو چيو. ھڪ لحاظ کان اھا به ھڪ مچ ڪچھري ھئي، جو گئس جو چُلهو ٻريو پئي. دلچسپ ڳالهھ ته اسانکي ھڪ ٻئي جي ٻولين جو اکر به سمجهھ ۾ نه ٿي آيو. سندن ڳالهائڻ مان اُھا پڪ پيم ته سندن ٻولي جرمن نه ھئي، جو جرمنيءَ ۾ گهڻو گهمڻ ۽ تعليمي سفرن، اُتي مختلف ھنڌن تي رھڻ جي ڪري جرمن لھجي ۽ لفظن سان ڪجهھ سُڃاڻپ ٿي وئي ھئي. بنا ٻولي سمجهڻ جي ڪچھريءَ جو اھو منھنجو ڪو پھريون تجربو نه ھو. دنيا جي ڪيترن ماڳن تي ايئن ٿي چڪو ھو ۽ ھر ڀيري اھو تجربو مونکي شاندار لڳو ھو. اوپرائپ ختم ڪرڻ لاءِ ٻولي ڪافي ناھي ھوندي، ان لاءِ پنھنجائپ جي رويي، قُربَ ۽ انساني جذبن جي ٻوليءَ جي گهرج ھوندي آھي.
ھنن ٽنهي مان جيڪو وڏو ھو، اُھو وڌيڪ قربائتو ھو ۽ ڪچھري به گهڻي ڀاڱي اُھو ئي ڪري رهيو ھو. ٻيا ٻه پنھنجي قرب ۽ پنھنجائپ جو اظھار بس کلڻ ۽ مرڪڻ سان ئي ڪري رهيا ھئا. اُھا قديم لوڪ چوڻي مونکي بيحد وڻندي آھي ته پرديس ۾ پنھنجائپ جو احساس ٿڌي ڇانوَ جيان ھوندو آھي. فارسيءَ ۾ چوندا آھن ته “همدلي از هم ‌زباني بهتر است” معنا دل جو رشتو، ٻوليءَ کان به وڌيڪ سگهارو هوندو آهي. مون اَڌُ دنيا گهمي آھي، پر مونکي ته ڪٿي به اوپرائپ جو احساس ناھي ٿيندو. اوپرائپ ٻاھر نه پر دراصل انسان جي اندر ۾ ھوندي آھي. ھنن مان مُک دوست جو نالو اليڪسيندر ھو، جيڪو ھن مونکي گوگل ترجمي ذريعي پنھنجي فون تي ڏيکاريو، جنھن تي حيرت به ٿيم ته ھنن وٽ سڪندر جو نالو عام آھي. ھاڻي اسان ڪچھري پنھنجي پنھنجي فون تي گوگل ترجمي معرفت شروع ڪئي. ان دوران سخت ٿَڌِ ۾ ٿَڌو بيئر به پي رهيا ھئاسون. باھ تي ھَٿَ به سيڪي رهياھئاسون ۽ ترجمي ذريعي حالي احوالي به ٿي رهيا ھئاسين. ھن ٻڌايو ته ھو جرمن نه پر پولش مزدور ھئا، جن جو تعلق پولينڊ جي تاريخي شھر پوزنان سان ھو، جيڪو اولھائين پولينڊ ۾ وارتا درياهه جي ڪناري تي آباد ھو. اھو شھر ھٽلر زوريءَ جرمني ۾ 1939 ۾ شامل ڪري ڇڏيو ھو ۽ شھر جو نالو به مٽائي ڇڏيو ھئائون ۽ اھو شھر تيستائين نازي جرمني وٽ رهيو، جيستائين 1945 ۾ روس ان کي پنھنجي ھٿ نه ڪيو. مون کانئس پڇيو ته روسي تحويل بابت سندس ڇا راءِ ھئي؟ ته ھن سادي پورهيت چيو ته پولينڊ تي قبضو اھو به ناجائز ھو پر ان وقت نازي جرمني مان جندُ ڇڏائڻ جي ٻي ڪا واھَ نه ھئي. ٻيو ته روسين اسانجي مقامي تاريخي سُڃاڻپ بحال ڪرائي ۽ ھنن جي تحويل کي نازي جرمني جي قبضي سان نه ٿو ڀيٽي سگهجي. مونکي لڳو ته ھن پولش پورهيت جو سياسي شعور پختو ھو ۽ ھن تي پولش وطن دوستيءَ جو جذبو غالب ھو. ساڻس گڏ ٻه نوجوان ھمراھ بس رڳو مرڪي ۽ کِلي رهيا ھئا، جيڪي اليڪسيندر جا ڀڻيجا هيا ۽ ساڻس گڏ ڪنھن ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندا ھئا. سندس پُڇڻ تي مون کين ٻڌايو ته مان 2001 ۾ جرمني جي شھر ميگديبرگ کان سرحد لڳ پولينڊ جي شھر اسٽوبائيس گمرسباخ اڪيڊمي ۾ گڏ پڙھندڙ دوستن سان گڏ گهمڻ ويو ھوس. اسانکي ميگديبرگ کان اسٽوبائيس پُڄڻ ۾ ٻه اڍائي ڪلاڪ لڳا هيا. اھو شھر به جرمني جي مشھور شھر فرينڪفرٽ ويجهو اودر نَديءَ جي ڪناري تي واقع ھو. اُنَ نديءَ کي جرمني ۽ پولينڊ جي سياسي حد به سمجهيو ويندو آھي. ان نديءَ جو ڊيلٽا سڄي يورپ ۾ مشھور آھي، جنھن جي نيشنل پارڪ ۾ جهنگلي جانورن جي ھڪ وڏي دنيا آباد آھي. اسٽوبائيس جي پراڻي روايتي عوامي بازا اڄ به منھنجي يادن ۾ جيئري ۽ تازي آھي. مان اڪثر تصورن ۾ ان ۾ پيو رولاڪيون ڪندو آهيان. پولينڊ جي سڀ کان حسين ڳالهھ مونکي سندن قدآور عورتن جي ڳاڙھسري ڳوري رنگَ تي ڀنئور ڪارا وارَ ۽ سندن نيريون، سايون ۽ سُرمئي اکيون لڳنديون آھن. لڳندو آھي، پولش عورتون ڪنھن رومانوي مصور جي ڪئنواس تان تيار ٿي اُڏري اينديون آھن.

ھاڻي اسان فون بجاءِ ليپ ٽاپ تي گوگل ٽرانسليٽر ذريعي ڪچھري ڪري رهيا ھئاسون. پنھنجي ديس جون ڳالهيون ۽ تعريفون ٻُڌي ھو اصل ٻَھڪي پيا.ھنن چيوته ھو اصل ۾ پوزنان شھر لڳ ھڪ ڳوٺَ ۾ رھندا آھن ۽ ڪمپنيءَ طرفان ھتي ڪم ڪار لاءِ پيا ايندا آھن. ھنن جي رسمي تعليم گهڻي نه ھئي، پر سندس سياسي شعور پختو ھو. مون جڏھن کانئس پڇيو ته پولينڊ جي حالت سوويت يونين جي دور ۾ بھتر ھئي يا ھاڻي ان کان پوءِ؟ ته سندس جواب دلچسپ ھو. ھن چيو ته پوڙھو نسل سوشلسٽ نظام کي اڃا به ساري ۽ پسند ڪري ٿو، پر نئون نسل سرمائيداريءَ ڏانھن لاڙو رکي ٿو. اليڪسيندر جا ٻئي ڀاڻيجا گوشت رڌڻ ۽ ووڊڪا پيئڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺي رهيا ھئا ۽ ھنن جي ڪچھريءَ ۾ شرڪت بس کلڻ ۽ معصوميت سان مُرڪڻ ذريعي ئي ھئي. مان سفر ۾ هميشه پاڻ سان ننڍا اسپيڪر کڻندو آهيان ۽ ڪچھريءَ جيئن جيئن مَچڻ شروع ڪيو ۽ ووڊڪا خُمار چاڙھڻ شروع ڪيا ته ليپ ٽاپ تي موسيقي ھلائڻ شروع ڪيم. موسيقي کان سواءِ مونکي زندگي ٻُسي لڳندي آھي. ھاڻي اسانجي وڏي ھال نما ڪمري ۾ ھونئن به قربائتي ڪچھري، سوادي کاڌي جي خوشبو، پھرين بيئر ۽ پوءِ ووڊڪا جي ڪيفَ ماحول شاندار جوڙي ڇڏيو ھو. وري جو موسيقي ھلي ته ويتر ماحول بيحد وڻندڙ ٿي ويو. ايتري ۾ ڏٺم ته اليڪسيندر جي ننڍي ڀاڻيجي اُٿي جهُومڻ شروع ڪيو. لڳ ڀڳ ساڳيو اسان واري جهُمر وارو انداز هيس. اصل ۾ ٻھراڙين جي ماڻهن جو مزاج، رويو ۽ ڪلچر گهڻي ڀاڱي ساڳيو ٿئي. مون اھو سڄيءَ دنيا اندر ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آھي. ھن ٻئي نوجوان کي به اشارو ڪيم ته ھو به اُٿيو ۽ ساڻس جُهمر ۾ شامل ٿيو. بي خوديءَ جو رقص آھي به ايئن جو ڪيفيت، خيال ۽ جسم ھڪ وحدت ۾ پوئجي ويندا آھن. بي خوديءَ جو رقص زماني جي مڙهيل بندشن کان آزاد ٿيڻ جو نالو آھي. اليڪسيندر پنھنجن ٻنهي ڀاڻيجن کي ايئن بي خوديءَ ۾ رقص ڪندي ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو. چيائين ته سندس ننڍو ڀاڻيجو گهڻو لَڄاڙو آھي ۽ ڳالهائيندو ئي گهٽ آھي. مون کيس چيو ته ھو ھاڻي “مي رقصم” جي ٻوليءَ ۾ دل کولي ڳالهائي رهيو ھو. ھن کي پنھنجي باطن جون دريون کولڻيون هيون، سو ھن لاءِ اُھا گهڙي اچي وئي ھئي. اسان به ڪجهھ دير ھنن سان گڏ ھَٿَ کنيا ۽ ان گهڙيءَ ۾ داخل ٿياسون، جيڪا اھڙي ماحول ۾ پاڻَ مُرادو اچي وئي ھئي.
اليڪسيندر گوشت بلڪل ايئن ٺاهيو ھو جيئن اسان وٽ گوشت کي ڀُڃبو آھي. ماني ھاڻي تيار ھئي ۽ سڀ چُلهي جي چوڌاري ننڍين صندلين تي ويھي رهياسون، جيڪي ھنن پاڻ سان صندوق ۾ آنديون هيون. دلچسپ ڳالهھ اھا ھئي جيڪا مونکي وڻي ته گوشت سان گڏ ماني نه ھئي، پر ھنن سفيد اوٻاريل چانور ٺاهيا هيا. مون کين ٻڌايو ته منھنجو اصل تعلق سنڌ ۾ جنھن علائقي سان آھي، اُھو به چانورن جو علائقو آھي ۽ اسان وٽ ايئن چانورن سان گوشت کائڻ جو رواج عام آھي. اليڪسيندر ان تي دلچسپ ڳالهھ ڪئي ته صنعتي انقلاب ۽ بيڪرين کان اڳ صدين کان وٺي وٽن سال جو گهڻو وقت سخت ٿَڌِ ۽ ٻَني ٻارو نه ھئڻ سبب ماڻهو يا ته رڳو گوشت کائيندا هيا يا وري ان سان گڏ ٽانڊي تي پڪل ٻَٽالو کائيندا ھئا. مان جرمني ۾ گهڻو گهميو ۽ رهيو آهيان. گمرسباخ اڪيڊمي ۾ اسانجو ھڪ جرمن استاد چوندو ھو تاريخ ۾ يورپ کي ٻَٽالن بچايو آھي جو ڏُڪارن ۾ اُھا واحد خوراڪ ھئي جيڪا ماڻهو پنھنجن گهرن جي آڳُرن ۾ پوکيندا ۽ پيدا ڪندا هيا. سترهين کان اُڻويھين صدين تائين يورپ ۾ خوراڪ جي ڪري آبادي ۾ واڌ کي “ٻَٽالوُ انقلاب” سڏيو ويندو آھي. سال جو گهڻو وقت ٿَڌِ ۽ ٻين ماحولياتي سببن جي ڪري يورپ جي ماڻهن اسان ايشيائي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ قديم ۽ وچولي دورن کان صنعتي انقلاب تائين وڌيڪ بُکون، ڏُڪارَ ۽ وَبائون ڏٺيون. اسان ڊگهو وقت ماني کائيندا، ووڊڪا پيئندا ۽ انيڪ سادن موضوعن تي ڪچھري ڪندا رهياسون. ٻاھر سخت سيءُ ھو ۽ ھاسٽل جي ڊوميٽري ۾ ھنن اوپرن ماڻهن سان پنھنجائپ جي ماحول ۾ ڪچھري اسانجي شام کي بيحد حسين، يادگار ۽ لطيف بڻائي ڇڏيو ھو. ھي پورهيت ھئا، ان ڪري ڪم چور نه ھئا. ماني ۽ ڪچھري پوري ٿي ته ھنن سڀ ٿانوَ ايئن ڇڏي ڏيڻ بدران ڌوئي صاف ڪري، ساڳي پيتيءَ ۾ رکي ڇڏيا.
صبح جو مان به سوير اُٿيس جو مونکي ريل ذريعي آسٽريا جي تاريخي شھر سالسبرگ وڃڻو ھو. ھي دوست به سوير اٿيا ۽ تيارين ۾ ھئا. مون جڏھن کين ٻُڌايو ته مان ھاسٽل ۽ ميونخ مان سالزبرگ وڃي رهيو آهيان ۽ ھفتي کان پوءِ ورندس ته هو اُداس ٿي ويا. ھنن چيوته مان ساڻن سندن ڳوٺ ھلان. دل ته منھنجي به چيو ٿي ته اھڙن سادن ۽ سَچن پورهيت دوستن سان سندن ڳوٺ وڃجي، پر سالزبرگ ۾ منھنجي رھائش جي بڪنگ ٿيل ھئي. اسان ھاسٽل جي ڪيفي ۾ ڪافي گڏجي پيتي. هينئر اسان جي ڪچھري گوگل ترجمي جي محتاج به نه ھئي. ھنن پولش ڳوٺاڻن پورهيتن جي اکين مان سندن دلين جو سچو قرب تجليون ڏئي رهيو ھو. اسان ھڪ ٻئي کان ڀاڪرَ پائي موڪلايو. ھاسٽل جي سامهون ئي ميونخ جي ريلوي اسٽيشن ھئي ۽ ڪجهھ ئي دير ۾ مان اسٽيشن جي پنجين نمبر پليٽ فارم تي هيس. ريلوي اسٽيشن ھونئن به ملڻ ۽ وڇڙڻ جون جايون هونديون آھن، سو مون تي به ھڪ ھلڪي اُداسيءَ جي ڪيفيت طاري ھئي، جنھن جو سبب ھنن سٻاجهن پولش پورهيتن جو قرب ۽ محبت ھئي. زندگي عجيب ابتڙ ڪيفيتن جي جدلي تعلق جو نالو آھي. ريل ھلي ۽ سالزبرگ جي گهٽين ۾ رولاڪين جو جيئن ئي خيال آيو ته داخلي ڪيفيتون ميونخ مان سالزبرگ منتقل ٿي ويون هيون ۽ منھنجيون نظرون دريءَ کان ٻاھر تيزيءَ سان بدلجندڙ منظرن ۾ کُتل هيون، پر تخيل جا پيرَ سالزبرگ ۾ موزارٽ جي گهر واري گهٽيءَ ۾ پُرڪيف رولاڪيون ڪري رهيا ھئا.
(ميونخ مان سالزبرگ ويندي، ريل جي سفر دوران لکيل ڊائري، صبح جو سوا نائين وڳي. اَٺاويھين نومبر ٻه ھزار ٻارنھن)

اَڪیلائيءَ جو درد, بيوفائيءَ جو روڳُ ۽ ڪُتا!
(رسول میمڻ جي ناولٽ “ڪُتا” جو اڀیاس)

افسانوي ادب جو سڄي دنیا ۾ نہ تہ ڪو ھڪ گھاڙیٽو, فني ضابطو ۽ موضوعاتي دائرو طئي ٿیل آھي ۽ نہ وري اھو ممڪن آھي. ڪو بہ تخلیقي, تصوراتي ۽ تخیلاتي اظھار ڪنھن طئي ٿیل ضابطي اندر مقید نہ ٿو رھي سگھي، ھا ان ۾ مُک لاڙا ضرور ھوندا آھن. انھن ۾ جدید ادب ۽ خاص طور افسانوي ادب ۾ ھڪ لاڙو سُریئل ازم جو بہ آھي. “سُریئل” لفظ اصل ۾ ھڪ مرڪب لفظ آھي, جنھن ۾ “س” فرانسيسي اڳياڙي “Sur” مان آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي “مٿانهون”, “کان اڳتي”, “ماورا” یعني “حقيقت کان مٿانهين يا ماورائي حقيقت” یا “عام حقيقت کان پَرانھین حالت یا دنيا”. سُریئل ازم جو اطلاق گزریل صديءَ کان افسانوي ادب ۾ وڌیڪ ٿیندو رھیو آھي، جنھن ۾ انسان جو لاشعور یادن یا خواب یا تخیل جي صورت ۾ موجود حقیقت یا حال سان ملي ھڪ اھڙي صورتحال پیدا ڪندو آھي, جنھن ۾ حقیقت، افسانویت، شعور، لاشعور، زمان ۽ مڪانَ جون زماني، شعوري، احساساتي سرحدون پاڻ ۾ ملي ویندیون آھن. انڪري سُریئل ازم جي مزاج جي حامل افسانوي ادب تي حقیقت نگاري, سماجي حقیقت نگاري ۽ منطقي منظر نگاري جا اصول لاڳو نہ ٿیندا آھن. اھو ئي سبب آھي جو سُریئلسٽ ادب ۾ علامت نگاري، خوابن، بي ربط یادن، آزاد تخیل ۽ منتشر خیالن جو استعمال شعوري طور ڪیو ویندو آھي. ڪھاڻي ۽ افسانو ھجي یا ناول انھن ۾ مُنڍَ، وِچَ ۽ منطقي پُڄاڻيءَ کي لازمي سمجھیو نہ ویندو آھي ۽ ان باغیانہ رویي ئي سُریئلسٽ افسانوي ادب کي روایتي ڪلاسیڪل ۽ جدید ادب کان جُدا ڪري بیھاریو ھو۔ اھڙو ادب خارجي حقیقت یا معروضي سَچَ جي ڀیٽ ۾ داخلي سچ جي ڳولا، دریافت یا اظھار کي وڌیڪ اھمیت ڏیندو رھیو آھي. جیتوڻیڪ گارشیا مارڪیز جادوئي حقیقت نگاريءَ جو وڌیڪ نمائندہ لیکڪ آھي پر ھن جي ناول “اڪیلائيءَ جا سئو سال” ۾ بہ سُریئلسٽ عنصر ڳولي سگھجن ٿا, جن ۾ سماجي حقيقت ۽ تصوراتي جادوئي عنصر گڏ گڏ ھلن ٿا, جنھن ۾ مئل ماڻهو ڳالهائين ٿا، ڇوڪري آسمان ڏانهن اڏامي وڃي ٿي، ۽ وقت واچوڙي یا ڪُنَ وانگر ھڪ دائري وانگر ڦرندو رهي ٿو. ھونئن جادوئي حقیقت نگاري ۽ سُریئل ازم ۾ فرق اھو آھي تہ سُریئلسٽ ادب نفسیاتي وھڪري ۾ اڳتي وڌي ٿو ۽ جادوئي حقیقت نگاريءَ ۾ ڪهاڻي عام طور منظم ۽ سماجي حقيقت سان ڳنڍيل هوندي آهي، صرف ان ۾ افسانوي مبالغي جي ڪري جادوئي عنصر شامل هوندا آهن. جڏھن تہ سُریئلسٽ ادب سگمنڊ فرائيڊ جي نفسياتي نظرين یا مجموعي طور نفسیاتي بحرانن یا حالتن کان وڌیڪ متاثر رھیو آھي. جادوئي حقیقت نگاري ۾ وري لوڪ ڪهاڻين، ڏند ڪٿائن، مقامي ثقافت ۽ نوآبادياتي تاريخ کي وڌیڪ اھمیت ڏني وئي آھي. سُریئلسٽ ادب پڙهندڙ کي بيچيني، حيرت، نفسياتي مونجھارا ۽ یادن جو اضطرابُ ۽ لاشعوري یا خوابناڪ احساس ڏئي ٿو جڏھن تہ جادوئي حقیقت نگاريءَ ۾ پڙهندڙ کي محسوس ٿئي ٿو ته “جادو یا جادوءَ جھڙو تصوراتي وڌاءُ به زندگيءَ جي حقيقت جو ئي حصو آهي”. ٻنھي روایتن جي افسانوي ادب جي مثالن کي تفصیل سان ادبي حوالن سان بیان ڪري سگھجي ٿو پر ھتي اسانجو موضوع رسول میمڻ جو ناولٽ “ڪُتا” آھي.
رسول میمڻ جیتوڻیڪ ھن ڪتاب جي مھاڳ ۾ اُھا دعوي ناھي ڪئي تہ ڪو سندس ھيءُ ناولٽ سُریئلسٽ فني ۽ فڪري اثر ھیٺ لکیو آھي ۽ ڪنھن بہ لیکڪ کي اھڙي وضاحت جي گھرج بہ ناھي ھوندي پر اُھا پرک متن جي فني، موضوعاتي ۽ فڪري بیھڪ مان ٿَي سگھندي آھي، انکي ئي ادبي تنقید چئبو آھي. لیکڪ پنھنجي مھاڳ ۾ اھو چئي اُھا ڳوٽَ ڀَڃي ڇڏي آھي تہ “ لاشعور رولو ڪُتو آھي, جنھن جو چَڪُ ماڻھوءَ کي چریو ڪري ٿو. انسان اڪیلائيءَ سان ڳالھیون ڪري ٿو، اُھو وِڦلي ٿو. انکي پنھنجو چِھرو ٻین جو چھرو محسوس ٿئي ٿو ۽ ٻین جو چھرو پنھنجو چھرو محسوس ٿئي ٿو. اھو تصور ۾ جیئي ٿو ۽ حقیقت ۾ مري ٿو” ھو وڌیڪ لکي ٿو تہ “ لکڻ کان اَڳُ مون ڪُتن جي ٻولي سکڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪُتن جي ٻولي لفظ نہ علامتون آھن، انڪري توھان کي ناول ۾ ھر ھنڌ علامتون نظر ایندیون.” سندس ھي پنھنجا لفظ ناولٽ جو سڄو موضوع ۽ مزاج چِٽو ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن تہ “ ھن ناول جو پروٽاگونسٽ “مان” آھیان ۽ سڀ ڪردار “مان” چوڌاري ڦرن ٿا. اھو “مان” مان نہ آھیان پر “مان” جھڙا اڪیلا انسان آھن. اُھي پنھجین اڪیلائین کي دور ڪرڻ لاءِ ڪُتن کي یاد ڪن ٿا ۽ ڪُتا انھن جي تصور ۾ ڀونڪي خاموشيءَ کي ٽوڙي وجھن ٿا. ڪُتا علامت آھن.” ان لحاظ کان ھن ناولٽ کي جنھن کي لیکڪ ناول سڏي ٿو, کي ھڪ بي ترتیب سُریئلسٽ ناولٽ چئي سگھجي ٿو. ناولٽ ۾ احساساتي انتشار، خیالن جي آزاد وھڪري ۽ لاشعور جي ٽُٻڻيءَ مان نڪرندڙ بي ترتیب یادن جي سُریئلسٽ پیرائي ۾ اظھار جو ذڪر مان مَٿي اَڳُ ئي ڪري آیو آھیان.
ھي ناولٽ مونولاگ بجاءِ بیانیہ انداز ۾, زمانَ ۽ مڪانَ جي ھڪ احساساتي ویڳاڻپ جي ڪیفیت ۾ لکیل آھي جنھن ۾ گھر جي در ٻاھران ھڪ پالیل ڪُتو راڪو اندر اچڻ جي بیچینيءَ ۾ “سُڏڪا” ڀري رھیو آھي ۽ سندس ویڳاڻپ ۾ ورتل مالڪ ٻاھریون در نہ ٿو کولي جو ھڪ ڏینھن اڳ ھن بیزار ٿي کیس گھران ڪڍي ڇڏیو ھو. ڪُتي جا سُڏڪا دراصل جادوئي تخیل آھي، جیڪو لیکڪ ھڪ صیغي ۾ استعمال ڪیو آھي. بقول سندس تہ کیس گھر کان ٻاھر ڪڍڻ جو سبب سندس یعني لیکڪ جي (وجودي) وحشت آھي. جیئن تہ بقول سندس تہ کیس ڪُتن سان پیار جي پیدائشي بیماري آھي, انڪري ناولٽ جي پُڄاڻيءَ تي نیٺ ھُو در کولي ڇڏي ٿو ۽ راڪو وَسندڙ مِینھنَ ۾ پنھنجو پُڇُ لوڏیندو ڊُڪندو اندر اچي ٿو ۽ مالڪ جي پیرن تي ڪنڌُ رکي سمھي رھي ٿو ۽ ان تي ئي ناولٽ جي پُڄاڻي ٿئي ٿي. وچ ۾ سڄو لاشعور، منتشر یادون، منتشر یادن جا ٽُٽل عڪسَ ۽ راڪي جي مالڪ جي وجودي بحران جا بي ترتیب اولڙا آھن جیڪي ناولٽ جي بي ترتیب ڪھاڻيءَ جي خال کي ڀرین ٿا. سُریئلسٽ لیکڪ اھو شعوري طور انڪري ڪندا آھن جو ھو سمجھندا آھن تہ زندگيءَ جو اصل جوھر شعور بجاءِ لاشعور ۾, سڌي اظھار بجاءِ علامتن ۾ ۽ احساسن، خیالن ۽ واقعن جي ڪنھن شعوري ترتیب بجاءِ غیر منطقي بي ترتیبي ۾ ھوندو آھي ۽ ادب جو ڪم انجي اھڙي ئي بي ترتیب عڪسبندي ھوندو آھي. مان ان سوچ سان اختلاف رکندي بہ فني ۽ تخلیقي تجربن کي اھم سمجھان ٿو شرط اھو آھي تہ نواڻِ میڪانڪي مقصد نہ پر معنویت یا تخیل ۽ جمالیات جي واٽَ ھجي.
ھن ناولٽ جي پھرین خوبي انجو غیرروایتي موضوع آھي، سنڌي افسانوي ادب تي سیاسي جذبا ون یونٽ کان وٺي گھڻو حاوي رھیا آھن, انڪري ھن ناولٽ ۾ موضوعاتي نواڻ محسوس ٿئي ٿي. “ڪُتا”, ناولٽ ۾ لیکڪ “ڪُتن” کي ٽن مختلف پاسن کان علامتي طور استعمال ڪیو آھي. یعني پھریون ڪُتن جي جھانَ ۾ جزویات ۽ پوري وجودي حساسیت سان گھُوري پاتل جھاتي، ٻیو ڪُتن جي فطري طور انسانن سان سنگت ۽ نسبت ۽ ٽیون انساني زندگيءَ مان ویساھ کڄڻ کي علامتي طور ڪُتن جي خصلتن جي صیغن ۾ بیان ڪرڻ. ھي ناولٽ بنیادي طور انساني المین ۽ ان سان نسبت رکندڙ ڪُتن جي جَھانَ ۾ جھاتي آھي, جنھن ۾ وچ وچ ۾ بي ترتیب ۽ اڻ پوریون انساني ڪھاڻیون ننڍن ننڍن ۽ ڪٿي وڏن انساني المین جي صورت ۾ اچن ٿیون جو ناولٽ جو بنیادي خیال ۽ انجا بنیادي علامتي ڪردار ڪُتا آھن.
ناولٽ ۾ ڪُتن جون خصلتون اھڙیون بیان ٿیل آھن جو ماڻھو ڪُتن آڏو وقتي طور احساسِ ڪمتريءَ جو شڪار ٿیو وڃي ۽ ھن جي اشرف المخلوقات واري نرگسیت سوالیہ نشان بڻجیو وڃي. مثال طور “ڪُتن جي مقابلي ۾ مون ڪڏھن ڪُتو مرندي نہ ڏٺو ۽ ماڻھن جي مقابلي ۾ ماڻھو ائین مرندا آھن جیئن ڪُتو مري ویو”، “فقیرن جیان ڪُتا ڪڏھن بہ جُوتا نہ پائیندا آھن”، جیئن ملڪن جون سرحدون آھن ائین ڪُتن جون بہ سرحدون آھن”, “جیڪڏھن ڪُتن کي نہ ڇیڙیو وڃي تہ ڪُتن جا ایندڙ نسل گونگا پیدا ٿین”, “ڪُتي جي موت تي فرشتن کان سواءِ ڪیر نہ روئندو آھي, ڪُتو جیئرو ھوندو آھي تہ فرشتا ڄڻ مُئل ھوندا آھن”, “انسان ڌرتيءَ تي ملڪ ٺاھڻ ڪُتي کان سکیو آھي, مُٽَ جي سرحد ھٿیارن جي سرحد کان وڌیڪ محفوظ ھوندي آھي, ھٿیارن جي سرحد کي ٽَپیندي لکین ماڻھو مارجي چُڪا آھن. مُٽَ جي سرحد پار ڪندياڄ تائین ڪوبہ ڪُتو ماریو نہ ویو آھي”, “وفادار ڪُتي کي اھو ڏسي ڏُکَ ٿیندو آھي تہ انجو مالڪ کیس ھَٿُ لائڻ کان پوءِ ھَٿَ ڌوئي ٿو”, “تخلیق سان گڏ ڪُتو ۽ انسان گڏ نسریا آھن، انڪري ٻنھي جون عادتون ھڪ ٻئي ۾ منتقل ٿیون آھن”, “ امڙ ٻُڌائیندي ھئي، ھن جي پُڦي ھئي. انکي اولاد نہ ٿیندو ھو. ڳوٺُ کان سَتَ ڪوھَ پَري ھڪ بي اولاد عورت جنھن کي “پاڙي ماءُ” چوندا ھیا، اُھا بي اولاد عورتن جي حق ۾ دُعا گھرندي ھئي تہ کین اولاد عطا ٿیندو ھیو. پُڦيءَ کي ان وٽ وٺي ویا. پاڙي ماءُ پُڦيءَ کي ڏسي چیو “ ڳوٺ جا ڪُتا مارجي وڃن تہ ھر بلا جو رستو صاف ٿي ویندو آھي” پوءِ سوال ڪیو “ڳوٺ ۾ گھڻا ڪُتا آھن؟”
پُڦي سوچ ۾ پئجي وئي ۽ پوءِ جواب ڏنو “نہ ھجڻ برابر”
پاڙي ماءُ فڪرمند ٿي وئي ۽ ڏُکَ مان اَکیون بند ڪري دُعا گھري, پوءِ اَکیون کولي پُڦيءَ کي چیو “ وَڃُ توکي خدا ڪُتو عطا ڪندو!”
پُڦي ڳوٺ آئي کیس پیٽُ ٿیو ۽ خوبصورت پُٽُ ڄایو جیڪو ھن سان سڄي زندگي وفادار رھیو.”
ائین سڄو ڪتاب ڪُتن بابت نھایت دلچسپ ۽ گھرن علامتي جُملن سان ڀریل آھي, جیئن مثال طور “ ڪُتو ان وقت سَھارو بڻجندو آھي جڏھن خدا ھَٿُ ڪڍندو آھي” , ماڻھو خدا کان گھٽ , ڪُتي کان وڌیڪ ڊڄندا آھن”, “گھرن جي حفاظت لاء ماڻھو گھرن ۾ پاڪ ڪتاب رکندا ذھن پر چورَ چوري ڪري ویندا آھن, جنھن گھر ۾ ڪُتو ھجي ان گھر ۾ نہ گھڙندا آھن”, “اَڳڪَٿي ڪرڻ ڪُتن جو ڪم آھي”, “ڪُتي جي ننڊَ, ڪُتي جو مڪر ھوندي آھي. ڪُتو ڪڏھن بہ ننڊ نہ ڪندو آھي, ھو اکیون بند ڪري جاڳندو آھي”, “ڪُتا ڪنھن بہ پیغمبر جي اُمت نہ آھن, نہ اُھي جنت جا داعي آھن ۽ نہ دوزخ کي مڃیندڙ. ڪُتا ڌرتيءَ جا اُھي ڪافر آھن جیڪي انسان کي خدا مڃین ٿا”, “ڪُتو ڪیترو بہ جاھل ھجي انکي ڳڻڻ ضرور ایندو آھي”, دنیا ۾ سٺن انسانن ۽ ڪُتن جي حیاتي ننڍي آھي”, “جڏھن ڪائنات ٺھي ھئي, لفظ نہ ھیس تہ ڪُتن جي ٻولي ڳالھائي ویندي ھئي. ڌرتي تي پھریون “ص” ڪُتن جي ٻوليءَ ۾ ھُو, پوءِ جیئن ماڻھن لفظ ٺاھیا تہ اُھي ان “ص” کان پري ٿیندا ویا. ڪُتا اَڄُ بہ ان “ص” تي عمل ڪن ٿا. انھن جو مذھب انسان دوستي ۽ مالڪ جي حفاظت آھي”.
ناولٽ جو بنیادي موضوع انسان جي اڪیلائي ۽ بي وفائي آھي. اصل ۾ اڪیلائي ۽ بي وفائي جا تصور بہ سماجي تشڪیل آھن، جانورن ۽ پکین اُھي شڪایتون ڪڏھن بہ نہ ڪیون آھن ڇاڪاڻ تہ انھن اھڙو سماج جوڙیو ئي ناھي, جو انھن کي زندگيءَ یا ٻین سان اھڙیون شڪایتون ڪرڻیون پون، تڏھن تہ روسو فطرت ڏانھن واپسيءَ جو شوقین ھو. ھن تہ سماجي معاھدي جو تصور مجبوريءَ ۾ ھابس ۽ لاڪ جي تسلسل ۾ پیش ڪیو ھو. ھن ناول جي مُک ڪردار کي اڪیلائي پسند ھئڻ باجود زندگيءَ ۾ اڪیلائيءَ ۽ بي وفائيءَ جي نہ کُٽندڙ شڪایتن ۽ ویڳاڻن احساسن جو روڳُ آھي. وقت دراصل تبدیليءَ جو مظھر ۽ صیغو آھي پر ھو تبدیلین جي بي رحمین کي ڏسندي چوي ٿو “ وقت جھڙو ڪمینو مون نہ ڏٺو، پاڻ سان گڏ گذاري, دنیا مان گذاري ڇڏي ٿو”. جیئن تہ سُریلسٽ ڪنھن ھڪ ڳالھ، خیال ۽ ڪیفیت تي بیھندا ئي ناھن اُھي یادن, ویچارن ۽ احساسن جي منتشر آزاد وھڪري ۾ وھندا ویندا آھن انڪري اُھي ڳالھیون بہ متضاد ڪندا آھن، شاید اھو انھن جو قصور ناھي جو زندگي اُھي سڀ تضاد گڏ گڏ کڻي ھلي ٿي. ھو وري ٻئي ھنڌُ وقت لاءِ چوي ٿو تہ “ جیئڻ سکو تہ وقت کان سکو، جیڪو ڪڏھن مري نہ ٿو. وقت جھڙو ڏاھو, فلسفي ۽ حڪیم ڪیر بہ نہ آھي. وقت فلسفي جو بادشاھ آھي, وڻیس تہ ڪنھن کي قبول ڪري ۽ نہ وڻیس تہ قتل ڪرائي. وقت ڏاھپ کي آڱر کان پڪڙي گڏ گھمائیندو آھي, ۽ ھر منزل جي ڏاھپ ان دور جي ڏاھپَ ھوندي آھي پر وقت ڪُتي کان شڪست کائي ٿو. ڪُتو وقت کي نہ مڃیندو آھي, ان وٽ ڪلھ, اڄ ۽ سڀاڻي ۾ ڪوبہ فرق نہ آھي. سڀ ڏینھنُ ھڪ جھڙا آھن. ڪُتا واچ نہ پائیندا آھن، ڪیلنڊر نہ ٺاھیندا آھن, اھو ئي سبب آھي جو گزریل وقت تي افسوس نہ ڪندا آھن.حال جي پرواھ نہ ڪندا آھن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي نہ ٺاھیندا آھن.” اڪیلائي جیئن تہ ھن کي زندگيءَ جو مستقل وجودي روڳَ لڳي ٿي جو ھو سمجھي ٿو تہ “انسان جو مقدر اڪیلائي آھي”. انڪري چوي ٿو تہ “ انسان ازل کان اڪیلو آھي. فطرت انسان جي اڪیلائین جو خیال رکي ٿي, انڪري ڪُتو ضروري آھي”. ناولٽ ۾ منتشر خیالن جو وھڪرو پاڻُ سان گڏ انیڪ تضاد کڻي ھلي ٿو. اڪیلائيءَ بابت ھو وري ھیئن بہ لکي ٿو تہ “ اڪیلائي گھڻن عذابن کان بچائي ٿي, یادون اڪیلائيءَ جون دشمن آھن” اڪیلائي ھن سان گڏ نفسیاتي طور پاڇي جیان گڏ گڏ ھلي ٿي ۽ جڏھن ھو اڪیلائيءَ جو شڪار نہ بہ ٿیو ھو تڏھن بہ سوچیندوچھو تہ “ انسان جو مقدر اڪیلائي آھي ۽ امڙ جي اڪیلائي محسوس ڪري لڳندو ھیو مان بہ ائین اڪیلو ٿي ویندس. وڃڻ وقت مون امڙ کان موڪلایو ھو ۽ ھن پیار مان چیو ھو “تون منھنجي حیاتيءَ جو آخري ڪُتو آھین.”
ھو انسان جي اڪیلائيءَ کي بي وفائيءَ مان سِرجندي ڏسي ٿو ۽ پاڻ کي بہ بي وفا سمجھندي چوي ٿو تہ “ امڙ گذاري وئي, امڙ جي موت جو سبب اسانجي بي وفائي ھئي.” ھن جو جملو نھایت گِھرو ۽ دل کي ڇُھندڙ آھي تہ “ ماڻھو جیئري مُنھن نہ ڏسندا آھن پر مُئي مُنھن ڏسندا آھن.” جیئن تہ ھو ڪُتن جي وفادار وَڙَ کي انسانن کان اُتم سمجھي ٿو, انڪري چوي ٿو تہ “ انسان پیار کي پیار سمجھي پیار ڪري ٿو. ڪُتو پیار کي پیار سمجھي پیار نہ ٿو ڪري. اھو ئي سبب آھي جو بيوفائي انسانن وٽ نظر اچي ٿي, ڪُتن وٽ نہ.” ناولٽ ۾ موتُ بہ بي وفائيءَ جي ھڪ صورت آھي، اُھا بي وفائي شعوري نہ پر حالتن ۽ زندگيءَ جي مڙھیل جبر جو نتیجو آھي. انڪري ئي ناولٽ جو مُک ڪردار ڪنھن بہ اڪیلائي, جُدائي ۽ بي وفائيءَ جو ڏوھ ڪنھن ٻئي ڪردار کي نہ پر حالتن کي ڏئي ٿو. موت لاءِ چوي ٿو تہ “ موت ڪُتي کان بدتر آھي, ڇو جو ڪڏھن بہ ڀونڪي حملو نہ ٿو ڪري. اُھو ایندو آھي ۽ گزري ویندو آھي. موت کي بخمل جا جورابا پاتل ھوندا آھن. ان کئ ڏسڻ جي سگھ انسان ۾ ناھي.” دراصل اڪیلائي, بي وفائي ۽ موتَ ۾ ھڪ نظر نہ ایندڙ تعلق آھي, جیڪو لیکڪ اڻ سڌي طرح ۽ منتشر خیالن جي وھڪري ۾ چِٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. موت وڇوڙي جو استعارو آھي، وڇوڙو نہ کُٽندڙ درد کي جنم ڏئي، اندر ۾ اوطاقون ڪري ویھي رھي ٿو ۽ ناولٽ جو مُک ڪردار ڄَڻُ تہ رَڙِ ڪندي وڏي واڪي چوي ٿو تہ “ یادن مان جان ڇڏائڻ جو طریقو اھو آھي تہ توھان ھر پُراڻي شئي کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏیو. انھن ڪپڙن کي, بوٽن کي, ڦڻین ۽ فوٽن کي گڏ ڪري تیلي ڏئي ڇڏیو. اُھي آئینا ڀَڃي ڇڏیو جن اڳیان توھان بیھو تہ عڪس ڪنھن ٻئي جو نظر اچي.”
انھن سمورین وارتائن جو حتمي نتیجو ڏُکُ آھي, جنھن کان انسان نہ بچي سگھي ٿو ۽ نہ انکي ٽاري سگھي ٿو. “ انسان جي دل لوڻ سان ڀَریل آھي, دل جا سڀ رستا اکین ڏي وڃن ٿا.” ھي جملو بہ ڇرڪائیندڙ آھي تہ “ڏُکُ بورچیخاني جي باھ جیان آھي.” ائین ڏُک بابت انیڪ جملا آھن جیڪي زندگيءَ جي معنویت ۽ بي معنویت ٻئي سمجھائین ٿا, جیئن ھي جملو تہ “سانوڻُ ڏُک جي موسم ھوندو آھي, ڇو جو وَسڻ کان پوءِ ڌرتيءَ تي ڳوڙھن جي بوءِ ھوندي آھي.” زندگيءَ ۾ خوشیون عارضي ھجن ٿیون ۽ ڏُکَ ڊگھو سفر ڪن ٿا جنھن جي ترجماني ھي جملو ڪري ٿو تہ “ خوشي اُمت آھي ۽ درد خِضر, اُمت جي عمر ننڍي ۽ خضر جي حیاتي وڏي ھوندي آھي. خوشي نیڪيءَ جیان وسري ویندي آھي ۽ درد پنھنجي زخم ڪري سدائین یادن ۾ رھجي ویندو آھي.”
جیئن مون شروع ۾ لکیو تہ ھن ناولٽ ۾ جتي ڪُتي کي وفاداريءَ جي علامت طور ھرھنڌ انیڪ معنائن ۾ استعمال ڪیو ویو آھي, اُتي انکي اڻ سڌي طنز طور انسانن مان ویساھُ کَڄڻ جي علامتي صیغن ۾ بہ استعمال ڪیو ویو آھي. ھڪ ھنڌُ مُک ڪردار چوي ٿو تہ “ مون امڙ کان پُڇڻ چاھیو ۽ پُڇي نہ سگھیس تہ “ جڏھن ڪُتو موجود ھو تہ انسان جو ڪھڙو ضرور ھیو؟” ھو پنھنجي وجودي فینٽیسي کي بہ ڪُتي جي علامت ۾ اظھاري ٿو ۽ چوي ٿو تہ “ ھن پیار ۽ حسرت مان ڪُتي کي ڏٺو. ڪُتو ڊوڙندو آیو ۽ ھوُ ڪُتي ۾ تبدیل ٿي ویو.” اھا ترڪیب بہ جادوئي تخیل جي آھي. ھن ناولٽ جو اھم پاسو انسانن، رشتن ۽ وفا مان ویساھُ کڄڻ آھي جنھن جي ڀیٽ ۾ ڪُتي جي وَڙَ ۽ وجودي ڳُڻن جي واکاڻ جو سَھارو ورتو ویو آھي. مثال طور ائین چوڻ تہ “ ڪُتا ٻارَ کي ۽ ٻارَ ماءُ کي وڻندا آھن.”،”ڪُتا انسانن کي خدا سمجھندا آھن.”، “ ڪُتي ڇھون حس انسان کي اوڌر تي ڏنو آھي.”, “ڪوبہ ڪُتو, ڪنھن ڪُتي جي خوراڪ, بیماري یا بچاءَ جو ذمیوار نہ ھوندو آھي. نہ ڪُتو ڪُتي جي صلاح تي ھلندو آھي ۽ نہ ڪنھن ڪُتي کي شوق ھوندو آھي تہ اھو ٻئي کي نصیحت ڪري.”، “انسان ۾ ڪُتي جون خاصیتیون ھجن تہ اُھو ڪامیاب انسان ھوندو آھي ۽ ڪنھن ڪُتي ۾ انسان جون خاصیتون ھجن تہ اھو در در جون ٺوڪرون کائي مرندو آھي.”، “ ڪُتي کي ڪیڏو بہ ماریو, اھو انکي پنھنجي گُناھن جي سزا سمجھي توھان کي معاف ڪري ڇڏیندو. مالڪ تي ڪڏھن حملو نہ ڪندو.”، “ ڀل انسان ڪُتن کي یاد نہ ڪن پر ڪُتا انسانن کي یاد ڪندا, ڇو جو انسان مالڪ کي وساري سگھي ٿو, ڪُتو مالڪ کي ڪڏھن نہ وساریندو آھي.”، “ڪُتي جي دل مالڪ جي بوٽ ۾ ھوندي آھي, انجي دل بوٽ جي آواز سان ڌڙڪندي آھي.” انسان صدین کان مالڪ لاءِ مري رھیو آھي, نہ انکي ڪڏھن مالڪ نظر آیو ۽ نہ مالڪ جو پاڇو. اھو مالڪ لاءِ مري ٿو ۽ ماري ٿو. انسان مڪمل ڪُتو ھجي ھا تہ انجو مذھب انسانیت ھجي ھا. انسانیت ڪڏھن بہ انسانن جو مذھب نہ رھیو آھي, اُھو ڪُتن جو مذھب آھي. ڪُتن جي مذھب ۾ انسان مالڪ ۽ انسانیت مذھب آھي.”
مان ھتي ناولٽ جي مڪمل ڪھاڻي جیڪا ھونئن ئي منتشر ۽ ڀَڳلَ آرسيءَ جي ٽُڪرن کي ملائڻ جھڙي آھي، کي مڪمل طرح کولي انڪري نہ ٿو رکان جو ان سان پڙھندڙ جو تجسس مري ویندو. افسانوي ادب جي پرک ۾ انجي اسڪیم یا ڪھاڻي کي مڪمل طور بیان نہ ڪرڻ گھرجي, ان سان نئون پڙھندڙ ان ڏانھن پنھنجو چاھُ یا اُتساھُ وڃائي ویھندو. البتہ مان ھتي ناولٽ جي ڪجھ ڪمزور پاسن تي بہ ضرور لکڻ چاھیان ٿو. ھن ناولٽ کي ڪنھن سُٺي افسانوي ادب جي ڄاڻو ایڊیٽر جو ھٿ لڳي ھا تہ ناولٽ ۾ ھڪ بھترین ناولٽ جي گنجائش ھئي. ھيءُ سٺن جملن ۽ گِھرن خیالن باوجود مجموئي طور ھڪ ڪَچو ناول آھي, ڄڻ ھڪ سٺي ٿیم جو ایبارشن آھي. ناولٽ جي ڪجھ ڪمزور پاسن جي اُپٽار کان اڳ ڪجھ فڪري وضاحت ضروري آھي. سُریئلسٽ افسانوي ادب ۽ وجودیت پسندي مختلف ھئڻ باوجود پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو رکن ٿا، جيتوڻيڪ ٻنهي جون فڪري ڌارائون ۽ مزاجَ مختلف ۽ ڪٿي متضاد بہ آهن. سُریئل ازم بنيادي طور لاشعور، خوابن، داخلي خواهشن ۽ غير منطقي دنيا تي زور ڏئي ٿو، جڏهن⁠تہ وجودیت پسندي انسان جي آزادي، اڪيلاپڻ، بي معنويت ۽ وجودي بحران تي بحث ڪري ٿي. پر جديد ادب ۾ ڪيترن ليکڪن ٻنهي لاڙن کي گڏايو پڻ آهي جیئن سارتر، ڪافڪا, ڪامیو ۽ ادب ۾ سُریئلسٽ لاڙي جي ھڪ باني آندري بریٽن، جنھن خاص طور لاشعور کي ادب ۾ اھم حیثیت ڏیڻ جي ڪوشش ڪئي. رسول میمڻ بہ ھن ناولٽ ۾ شعوري یا لاشعوري طور ائین ئي ڪیو آھي. سُریئلسٽ افسانوي ادب ۾ ڪردار اڪثر اهڙي دنيا ۾ رهندا آهن، جتي حقيقت ۽ خواب غیر محسوس طریقي سان ملي وڃن ٿا. وجودیت پسند ادب ۾ به انسان پنهنجي اندروني خوف، اڪيلائي ۽ بي معنويت جو شڪار ٿیندو, ان سان پیو وڙهندو آهي. ان ڪري ٻنهي ۾ “انسان جي داخلي سچائي” اهم موضوع بڻجي وڃي ٿي. ٻئي لاڙا روايتي سماجي، مذهبي يا اخلاقي ڍانچن کي چئلينج ڪن ٿا. رسول میمڻ جا ڪجھ جملا تہ اھڙا آھن جو انھن کي ھن سماج ۾ ورجائیندي بہ سوچڻو پوي ٿو. سُریئلسٽ چون ٿا تہ حقيقي سچ شعور کان ٻاهر لاشعور ۾ لڪل ھوندو آهي جڏھن تہ وجودیت پسند چون ٿا تہ انسان پاڻ پنهنجي معنيٰ پيدا ڪري ٿو, ڪا اڳواٽ طئي ٿيل معنيٰ ناهي. ان ڪري ٻنهي ۾ “روايتي حقيقت” خلاف بغاوت موجود آهي. رسول میمڻ جي ناولٽ ۾ اُھا بغاوت وجودي ویڳاڻپ جي صورت ۾ ھڪ روڳَ ۽ المیي جي صورت ۾ ئي ظاھر ٿئي ٿي.

اھو ٺیڪ آھي تہ سُریئلسٽ ادب ۾ جمالیات روایتي یا ڪلاسیڪي ادب جیان سادي, متوازن ۽ ھم آھنگ صورتن ۾ ناھي ھوندي پر اُھا غیر روایتي معني ۾ یعني حیرت, یادن, خوابناڪیت, علامتن، لاشعور ۽ داخلي آزاديءَ جي صورتن ۾ بي ترتیبي سان ئي سھي پر ظاھر ضرور ٿیندي آھي پر رسول میمڻ جي ناولٽ ۾ مک ڪردار جي وجودي بحران جي منتشر خیالن ۽ احساسن جي وھڪري ۾ سُریئلسٽ جمالیات یا معنویت بہ ڪا جاءِ وٺندي نظر نہ ٿي اچي. اڪیلائین کان اڪیلائین جي وِٿین ۾ خوشیون ۽ جمالیات بہ جھومندي نظر ایندي آھي پر مُک ڪردار جي نفسیاتي حالت انھن کي یادن ۾ بہ جاءِ ڏیڻ لاءِ تیار نہ آھي. ساڳي طرح ھن ناولٽ جي ٻولي ڪمزور آھي. خیالن جي اظھار ۾ تہ ٻولي ھڪ حد تائین ٺیڪ آھي پر جیتریون سگھاریون ڪیفیتون ھن ناولٽ ۾ موجود آھن، ان جي ڀیٽ ۾ لیکڪ وٽ ٻولي ۽ لفظ کُٽي ٿا پون. ٻوليءَ جي وُسعت ۽ گُھرائي ئي ھوندي آھي جیڪا ویچارن, احساسن, ڪیفیتن ۽ تخیل کي انھن داخلي ۽ خارجي پاتار ۽ پولارن ۾ وٺي ویندي آھي. ھن جي وجودي بي چیني ھن تي غالب ٿي ھن کي ڪنھن بہ خیال، احساس، ڪیفیت ۽ تخیل تي ڪجھ دیر بہ بیھڻ نہ ٿي ڏئي، ھو جملن کي اڻ پوري پیرائي ۾ وجودي انتشار جي تڪڙ ۾ اُڪلائي ٿو.
ٽین ڳالھ تہ افسانوي ادب ۾ رڳو یادون ئي ڪافي ناھن ھوندیون پر لاشعور تخیل ذریعي بہ باڪمال اظھار ڪري سگھي ٿو. ھن ناولٽ ۾ لیکڪ لاشعور کان رڳو بي ترتیب یادن کي تڪڙ ۾ بیان ڪرڻ جو ئي ڪم وٺي ٿو. انڪري ڪیترا خیال، احساس ۽ وارتائون وڌیڪ اثرائتي ۽ گِھري اظھار کان محروم رھجي وڃن ٿا. سُرئیلسٽ ادب ھونئن بہ انساني ارادي کي انساني زندگيءَ ۾ بنیادي یا فیصلہ ڪُن حیثیت نہ ٿو ڏئي, جو ان روایت جا حامل سمجھن ٿا تہ انسان جي شخصيت، خواهشن ۽ عملن تي لاشعور، خوابن، دٻیل ۽ دٻايل خواهشن ۽ نفسياتي قوتن جو گهرو اثر ھوندو آھي. ھن ناولٽ ۾ بہ مُک ڪردار پنھنجي ڪنھن شعوري ارادي کي پنھنجي زندگيءَ ۾ بنیادي اھمیت نہ ٿو ڏئي جو سُریئلسٽ روایت انسان کي شعوري وجود کان وڌیڪ لاشعوري وجود سمجھي ٿي. سُریئلسٽ ادب انساني “عقل” یا شعور کي مڪمل سچائي نٿو سمجهي, انهن لاءِ انساني ارادو صرف شعوري سوچ جو نتيجو ناهي، انجي ابتڙ خوابَ ،دٻیل یا دٻایل جنسي خواهشون, خوفَ ، لاشعور مان پاڻ مرادو ایندڙ يادگيريون ۽ دٻايل احساسَ به انسان جي عملن ۽ زندگيءَ جي تلخ حقیقتن کي طئي ڪن ٿا. يعني مجموعي طور انسان جو ارادو شعور جي هڪ وحدت ناهي، پر انسان جي اندروني تضادن جو ميدان ۽ مجموعو آهي. انڪري ناولٽ جو مک ڪردار ڪٿي بہ حالتن تي پنھنجي شعوري وجود جي مَٿَڀرائپ کي پیرَ کوڙائیندي نظر نہ ٿو اچي سواءِ انجي جو ھو ناولٽ جي پُڄاڻيءَ تي پنھنجي ڪُتي راڪي کي اندر اچڻ لاءِ گھر جو ٻاھریون دروازو کولي ڇڏي ٿو. مجموعي طور ھو پنھنجي زندگي ۾ المین جي ڪُکِ مان جنم وٺندڙ بي معنویت کي پنھنجي وجود تي طاري ڪندو, پنھنجي ارادي کي شعور سان ڳنڍي پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪا نئین ۽ پنھنجي معنویت پیدا ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي ٿو.

ايما! توکي ايڏي تڪڙ ڇو آھي؟ (پرڏيھي سفرن جون ڪَٿائون-۳)
اھو اڪيڊميءَ ۾ منھنجو ٽيون ڏينھن ھو، جو مون ھڪ خوبصورت ڇوڪريءَ کي اڪيڊمي جي ورانڊن، ڪيفي ۽ اسانجي ليڪچر ھال ۾ تيز تيز ھلندي ڏٺو. ناشتي تي صبح جا ساڍا ست ھجن يا سڄو ڏينھن اڪيڊمي ۾ اندر ھل ھلان ھجي، ھوءَ وڏا وڏا قدم کڻندي، تيز تيز ھلندي ھئي. لڳندو ھو ڄڻ جھانُ ھوءَ پئي ھلائي. ھلائي ڇا پئي، پر سڄي جھانَ ھلائڻ جي ڳڻتي رُڳو ھن کي ئي آھي. ھوءَ بيھي رھندي يا پنھنجي رفتار کي ڍَرو ڪندي ته ڪائنات بيھي رھندي، ڌرتي بائيبل جي ڌُڪي جيان ساڪن ٿي ويندي. ھن جي ھٿن ۾ اڪيڊمي جي مختلف ھالن ۾ ھلندڙ ليڪچرس جا پَنا يا پرنٽ ھوندا هيا ۽ ھوءَ انهن جا انتظام ڏسندي ھئي. ھن جو نالو ايما ھو، جنھن جو مطلب آھي مڪمل، ڪائناتگير يا سڄي. ھن تي شايد سندس نالي جو اثر ھو، جو ھوءَ پنھنجي وِکَ وِکَ ۾ پاڻ کي مڪمل ۽ ڪائناتگير سمجهندي ھئي. ھن جي شخصيت ۾ اُھي سموريون خصلتون نظر اينديون هيون، جيڪي جرمني ۽ يورپ جي ڪيترن ملڪن خاص طور برطانيه ۾ ان نالي سان منسوب ڪيون وينديون آھن يعني مضبوط ارادي واري، ذهين، سمجهدار، دلڪش، نرم مزاج ۽ اعتماد سان ڀرپور. يارهين صديءَ ۾ نارمينڊيءَ جي ايما ٻه ڀيرا انگلينڊ جي راڻي بڻي ھئي. هن پھريون ڀيرو بادشاهه ايٿليريڊ سان شادي ڪئي، ۽ سندس وفات کان پوءِ وائڪنگ بادشاهه ڪِنَٽ سان شادي ڪئي ھئي. سندس زندگي هڪ سياسي ڊرامي جھڙي لڳي ٿي، جنھن ۾ حملا سَھڻ، وفادارين جو بدلجڻ، ۽ شاهي سازشن سان ڀرپور زندگي. پر ھيءَ گُلن تي ماڪَ جھڙي نفيس ايما ھن کان گهڻو مختلف ھئي.
جرمن لوڪ تاريخ ۾ ھڪ اھڙي ايما جو ذڪر ملي ٿو ته ايما نالي هڪ ڇوڪري هئي، جيڪا هڪ ئي وقت هر شيءِ جو تجربو ڪرڻ چاهيندي هئي يعني هر خواب، هر ڪاميابي، ھر خوشي۔ هوءَ زندگيءَ ۾ جلدي جلدي انيڪ داخلي ۽ خارجي تجربن مان گذرندي رهي، ڪڏهن به نه بيھندي ھئي. هڪ ڏينھن هن جي ملاقات هڪ پوڙهي عورت سان ٿي، جنھن کيس چيو ھو ته دنيا کي هڪ ئي ڀيري اُڪلائڻ لاءِ نه ٺاهيو ويو آهي، ان کي آهستي آهستي چَکي محسوس ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. پوءِ ايما ٿانيڪو ٿيڻ شروع ڪيو ھو ۽ ايئن پھريون ڀيرو هن واقعي زندگيءَ کي محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ھو. پر ھيءَ ايما اڃا ان نتيجي تي نه پھتي ھئي. مون اڪيڊميءَ ۾ ھن کي نھايت گهٽ ڳالهائيندي ڏٺو. ھوءَ شايد پنھنجين تيز وکن جي آواز ذريعي ڳالهائيندي ھئي. ھونئن به ڳالهائبو رُڳو زبان، ٻولي ۽ لفظن سان ناھي. احساسن، روين، تاثرن، ادائن، مُنھنَ، ھٿن ۽ وِکُن سان به ڳالهائي سگهبو آھي. ھن ڇوڪريءَ زندگيءَ ۾ پنھنجين تيز وِکن سان ئي ڳالهائڻ جو شعوري يا لاشعوري فيصلو ڪيو ھو. ھوءَ گُمرسباخ جي ان ٿيوڊور هيوس اڪيڊميءَ ۾ پروگرام اسسٽنٽ ھئي، جنھن ۾ مان ھڪ سياسي تعليم جو اڪيڊمڪ ڪورس (عالمگيريت، گورننس ۽ سلامتي) پڙھڻ آيو هيس. اسانجي اُھا اڪيڊمي گُمرسباخ شھر جي جبل تي قائم ھئي. اھو ننڍڙو جابلو شھر يورپ جي مشھور درياھَ رائن جي ڪناري تي آھي، جنھن جي کاٻي پاسي جرمنيءَ جو مشھور شھر ڪولون ۽ ساڄي پاسي هائيڊل برگ آھي، جتي اقبال جي نالي سان منسوب گهر ۽ گهٽيءَ کي محفوظ ڪيو ويو آھي. دلچسپ ڳالهھ ته ھن ئي شھر ۾ اقبال جي ھڪ مستشرق جرمن دوست ايما به رھندي ھئي، جنھن جو ذڪر اقبال جي زندگيءَ ۾ ملي ٿو. 1907ع ۾ جڏهن علامه محمد اقبال اعليٰ تعليم لاءِ جرمني ويو ۽ هائيڊل برگ يونيورسٽيءَ ۾ قيام ڪيو، تڏهن اتي سندس ملاقات ايما سان ٿي ھئي، جنھن جو سڄو نالو ايما ويگي ناسٽ ھو ۽ ھوءَ هڪ اعلي تعليم يافته، باوقار مائي هئي. هن کي ٻوليءَ ۽ ادب سان گھِري دلچسپي هئي ۽ خاص طور تي مشرقي فلسفي ۽ فڪر ڏانھن گهڻو مائل ھئي. ھيءَ سياسي تعليم جي اڪيڊمي جنھن دانشور ٿيوڊور هيوس جي نالي سان منسوب ڪئي وئي آھي، اُھو ھٽلر کان پوءِ جرمنيءَ جو پھريون متفقه چانسلر ٿيو ھو ۽ ھو مشھور لبرل جرمن فلسفي فريڊرڪ نيومن جو شاگرد ھو، جنھن کي منھنجو پيارو دوست توثيق حيدر فريد نعمان سڏيندو آھي. اڪيڊمي ۾ اسانجو ليڪچر ھال ۽ ھال ڏانھن ايندڙ ڪاريڊور ڪاٺَ جي ٽائيلن جا ھئا، سو جي ايما پري کان به ايندي ھئي ته سندس بوٽن جو کڙڪو سڄي ليڪچر ھال ۾ ٻُڌبو ھو. ھن جي حَسين ۽ معصوم چھري کي ڏسي دل چوندي ھئي ته ھن کي ته ڪوبه ڪم نه ھئڻ گهرجي، ھن جو ھن جھانَ ۾ ھُجڻ ئي ھن جو ڪارج آھي ۽ ھن کي ڏسڻ خود ھڪ ڪم آھي- پر ھن جي وِکن ۾ اوٿَرَ ۽ واچُوڙا ھئا. ھيءَ گُلاب جي پنکڙيءَ جھڙي نازڪ نفيس ڇوڪري پنھنجي اندر جي اوٿرن ۽ واچُوڙن ۾ ڪٿي ٿَي بيھي سگهي. ٿانيڪائيءَ جو تصور ھن جي لُغت ۾ ئي نه ھو. ھن جي تڪڙ ۽ ڇوھائپ کي ڏسي دل چوندي ھئي ته کيس تائو مَت جي اھا چوڻي ٻُڌايان ته ڌيرج سان ھلڻ وارا به منزل کي رَسي ويندا آھن. ڪَمَ تڪڙ ناھي اُڪلائيندي، پر قابليت، رٿابندي ۽ حڪمت عملي سان زندگيءَ ۾ ڪمَ اُڪلائي سگهبا آھن.

تڪڙ بابت انيڪ لوڪ ڏاھپ جون چوڻيون ھر دور ۽ تھذيب ۾ مشھور رهيون آھن، جن مان مونکي اُپنشدن جي ھڪ چوڻي ياد آھي ته تڪڙ اڪثر پڇتاءَ جو سبب بڻبي آھي. اڪبر بادشاھ جيڪو پڙهيل ته نه ھو، پر ڏاھن جي صحبت ۾ رھندو ھو ۽ جنھن کي مغل بادشاھن مان سڀني مان وڌيڪ سمجهدار سمجهيو ويندو آھي، جي باري ۾ قصو مشھور آھي ته ھن ھڪ ڀيري ملزم کي بنا ٻُڌڻ جي تڪڙ ۾ موت جي سزا ڏني. جڏھن سزا تي عمل ٿي ويو ته کيس معلوم ٿيو ته مٿس چُغلي بدنيتي ھئي ۽ ھو ملزم معصوم ھو. بادشاھ کي وڏو وقت ان تي پڇتاءُ رهيو ۽ ھو پوءِ سڄي زندگي تڪڙ کي پسند نه ڪندو ھو. سڪندر مقدوني جو قصو آھي ته ھن سان سفر ۾ ھڪ شاندار ۽ مضبوط رَسو ساڻُ ھوندو ھو، جنھن کي سندس ڪنھن سپاھيءَ وِچان ڳنڍ ڏئي ڇڏي ھئي. سڪندر جڏھن ڳنڍ نه کولي سگهيو ته ھن پنھنجي تلوار سان رَسيءَ کي ڳنڍ وٽان ڪَٽي ڇڏيو. رَسو کيس وڻندو ھو سو کيس سدائين ان جي ٻه اَڌَ ٿيڻ جو ارمان رھندو ھو. روميءَ جي ھڪ شاگرد کي پاڻيءَ جي لاءِ ھڪ کُوھُ کوٽڻو ھو، پر ھو مزاج ۾ بي صبرو ھو. سو ھر ھنڌَ ويو کاٽي ڪندو، ۽ ائين انيڪ جاين تي اَڌوگابرا کُوھَ کوٽيندو رهيو، پر ڪوبه کُوھُ مڪمل نه کوٽڻ سبب پاڻي ھٿ نه ڪري سگهيو. جڏھن اُھا ماجرا اچي پنھنجي استاد روميءَ کي ٻُڌايائين ته استاد کيس چيو ته بي صبرائپ ۾ گهڻا اَڌوگابرا کُوھَ کوٽڻ بجاءِ جي ھو صبر سان اُھا سڄي محنت ھڪ کُوھَ تي ڪري ھا ته پاڻيءَ تائين پُڄي وڃي ھا. ارسطو پنھنجي دور جو مصروف ترين فلسفي ۽ سائنسدان ھو. سندس تجربي گاھ ۽ درسگاہ ۾ سورنھن شعبا ھوندا ھئا، پر ھو هميشه ٿانيڪائيءَ سان ڪم ڪندو ھو ۽ چوندو ھو ته فلسفي ۽ فطري علمن کيس توازن سيکاريوآھي. چيني ڏاھو ڪنفيوشس چوندو ھو ته تڪڙو ھلڻ وارا جلدي ٿڪجي ويھي رھندا آھن، پر آھستي ھلڻ وارا ڊهو پنڌُ ڪري سگهندا آھن. ھو چوندو ھو ته تڪڙيون وِکون کڻڻ وڏي ڳالهھ ناھي، پر مسلسل ھلندو رھڻ وڏي ڳالهھ آھي. وڏن ماڻهن جي وِيچارن ۾ ڪيڏي نه ھڪ جھڙائي ھوندي آھي. لطيف سائين به اورچائيءَ سان ھلندي رھڻ کي وڏي ڳالهھ ڄاڻايو آھي. وڏن ماڻهن سان منسوب ڳالهيون به ڏاڍيون دلچسپ ۽ ڏاھپ ڀريون ھونديون آھن. ائين ايراني ڏاھي زرتشت سان منسوب چوڻي آھي ته تڪڙ منتشر ذھن جو رويو ھوندو آھي. ڪيف پسند ماڻهن جي ھڪ وڏي وجودي خوبي اھا ھوندي آھي ته انھن ۾ تڪڙ ناھي ھوندي. ھو اصل ۾ زمان کان وڌيڪ مڪانَ کي اهميت ڏيندا آھن، جو زمانَ تي انسان جو وَسُ ناھي ھلندو ۽ مڪانَ جي ڪُنجي ماڻهوءَ جي پنھنجي ھَٿَ ۾ ھوندي آھي- ۽ هو زمان کي وھڪري ۾ نه پر گهڙيءَ ۾ ڏسندا ۽ انکي مڪانَ سان جوڙيندا ويندا آھن، انڪري انھن وٽ زمان ۽ مڪانُ وحدت جي صورت ۾ ھوندو آھي ۽ اُھا وحدت وجود جي ٿانيڪائيءَ ۽ ڏاھپ سان گڏجي ڪيفُ پيدا ڪندي آھي.

ايما کي مون ڪنھن کي به چِتائي ڏسندي نه ڏٺو، نه ڪنھن ماڻهوءَ کي، نه ڪنھن شيءِ کي، نه اڪيڊميءَ جي چوڌاري حسين ساوَن جبلن کي، نه ڪونڊين ۾ لڳل گُلن کي ۽ نه ڪنھن پَھرَ کي. دل سوچيندي ھئي ته ڇا ھن حَسين ۽ پنھنجي حُسن کان بي نياز ڇوڪريءَ ڪڏھن پاڻ کي آرسيءَ ۾ چِتائي ڏٺو ھوندو؟ نرگس کي ته پاڻ کي ڏسڻ لاءِ اکيون ڪونه هيون، پر ھن ته پنھنجيون حَسين نيريون اکيون پنھنجين تڪڙين وِکُن ۾ وجهي ڇڏيون هيون. ھوءَ پاڻ ته ڪنھن به شيءِ کي چِتائي نه ڏسندي ھئي، پر ھن کي به اکين جي ڍَوَ جيان گهُوري ڏسي نه سگهبو ھو، جو تيز گهُلندڙ ھوا کي گهُوري ناھي سگهبو. ھوءَ اوٿرن جي مُندَ ۾ اُسريل ڪو ڪومل گل ھئي، جنھن کي بيٺل ۽ سانتيڪو ڏسي ناھي سگهبو.

<link rel="preconnect" href="https://fonts.googleapis.com">
<link rel="preconnect" href="https://fonts.gstatic.com" crossorigin>

<link href="https://fonts.googleapis.com/css2?family=Noto+Nastaliq+Urdu:wght@400..700&display=swap" rel="stylesheet">

جلدی میں کيا کيا نه گنوايا ہم نے

ٹھہر کے دیکھتے تو کچھ اور بات ہوتی.

پر ھن کي ان جي پرواھ ڪٿي ھئي. ھن کي ته اُھا نصيحت ڪرڻ به ممڪن ھو ته:

جلدی میں جو آئے ہو، ٹھہرو تو ذرا

ہر کام میں ہوتی نهیں عجلت اچھی.

ڏند ڪٿائي دورن ۾ ھر وصف لاءِ جدا جدا ديوتا ۽ ديويون ھونديون هيون، جي ھيءَ قديم يونان ۾ ڄَمي ھا ته ايما کي تڪڙ جي ديويءَ جو لقب ملي ھا. مان گمرسباخ اڪيڊمي مان ڪورس مڪمل ڪري واپس هليو آيس، پر ھن جي تيز وِکن جا آواز منھنجي ڪَنن ۾ سالن تائين ٻُرندا رھيا. اھڙي ئي ھڪ شام برلن ۾ کيس دل ۾ ساريندي مٿس ھي نظم لکيو هيم ته:

زندگيءَ کان بي پرواھ
ڇوھي ڇوڪري!
توکي ايڏي تڪڙ ڇو آھي؟
ڪَمَ ته نيٺ رھجي ئي ويندا،
کَنَ پَلَ لاءِ ساھي پَٽِ
اکيون ٻوٽِ
وڏو ساھُ کَڻُ
۽ ھڪ نئينءَ اَکِ سان
وري زندگيءَ ڏي نھار!

ڏِسُ!
وَڻن کي ته ڪا به جلدي ناھي
پَکي به شام جو
پنھنجن آکيرن ڏانھن موٽڻ لاءِ
پُرسُڪون آھن
ھَوائون ته ھُونئن ئي بي لغام آھن
بادل ازل کان
آوارہ گردي ڪندا رھن ٿا!

ھو ڏِسُ!
ٻارَ ڪيترا نه بي پرواھ آھن
درياھن کي به
وھڻ لاءِ پڻ ڪا جلدي ناھي
۽ لھرون ته هميشه بي ثبات
۽ پُرڪيف
ھونديون آھن!
رات جو روشني
چُپ چاپ سُمهي رھي ٿي
۽ ڏينھن جو اونداھي
لِڪي جاڳندي رھي ٿي!

زندگيءَ ۽ پنھنجي حُسنَ ۽ جوانيءَ کي
پُٺي ڏئي
تون ڪيترو به ڊوڙين
ڪم ته نيٺ رھجي ئي ويندا!
تو ڏٺو ناھي ته
زندگيءَ ۾ ھر شيءِ اَڌوري آھي
مُحبت
سفر
جُستجو
جاکوڙَ
حسرتون
۽ خود زندگي
سڀ اَڌورا ئي ته آھن!

پوءِ تو ڪڏھن کن پل لاءِ
پاڻَ بابت سوچيو آھي ته
توکي ايڏي تڪڙ ڇو آھي؟
ھڪ ڏينھن تون به نه کُٽندڙ
تڪڙ کان بي نياز ٿي
گُلن تي پوندڙ ماڪَ جيان
ٿَڌي ٿي ويندينءَ
۽ زندگي پوءِ به تنھنجي جوانيءَ جيان گرم رھندي
۽ ڪم ته پوءِ به رھجي ئي ويندا!

(برلن، چرچ اسڪوائر
20 آگسٽ 09
شام جا 7 وڳا)

درویشن جي دنیا ۾ گهاريل گهڙيون!
دنيا ۾ جنھن به يونيورسٽيءَ يا اڪيڊميءَ ۾ ڪنھن ڪانفرنس ۾ ويندو آهيان ته اصل سفر انھن رولاڪين کي ئي سمجهندو آهيان، جيڪي بنا پروگرام ۽ رٿابنديءَ جي بس پيرن، اکين، تخيل ۽ دل جي پنڌَ جون ڊگهيون ۽ اڻ کُٽ وِکون هونديون آھن. آسٽريا جي شھر سالزبرگ، جيڪو ٻين انيڪ حُسناڪين سان گڏ موزارٽ جو شھر به آھي، ۾ منھنجي آخري رات ھئي. مون سياحن واري ھاسٽل جي مينيجر مائيءَ کان پڇيو ته سالزبرگ کان اڳتي ڪھڙي شھر يا ڳوٺ وڃجي، جو سالزبرگ جو حُسن به وسري وڃي، ان کان اَڳُ جو اُھا جُهوني مائي جواب ڏئي، ھڪ پوڙھي سياح جيڪو پاسي ۾ بيٺو ھو، مون ڏانھن ڏسي بنا سوچڻ جي چيو ته ”انسبروڪ وَڃُ“. اصل ۾ ھن سان ھتي ھاسٽل ۾ ڪجهه ڏينھن رھندي ڪجهه ڏيٺ ويٺ ٿي وئي ھئي. ھو ھڪ گٽارسٽ ھو، جيڪو مون وانگر رولاڪين تي نڪري پيو ھو. ھن جو انسبروڪ جو نالو ورتو ته مائيءَ به چيو، ھا گهمڻ لاءِ اھو ھڪ بھترين جابلو شھر آھي. اھڙن سفرن ۾ ڄاتل شھرن جي ڀيٽ ۾ مونکي اَڄاتل شھر ۽ ڳوٺَ وڌيڪ وڻندا آھن.

صبح جو مان سالزبرگ جي ريلوي اسٽيشن تان انسبروڪ جي ريل ۾ چڙهيس. ريل جو سفر مونکي ھونئن ئي وڻندو آھي، پر جي اھو سفر وري يورپ جو ھجي ته ان جو لُطف ئي پنھنجو آھي. سالزبرگ کان انسبروڪ جو ريل رستي پنڌُ سوا ٻن ڪلاڪن جو آھي ۽ اُھي سوا  ٻه ڪلاڪ رڳو ٻاھر تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ نظارن ۾ ئي اک ڇنڀَ ۾ ئي گذري ويا. انھن سوا ٻن ڪلاڪن ۾ جيڪو اکين ڏٺو ۽ دل محسوس ڪيو، اُھو ڪڏھن وسرڻ جھڙو ئي ناھي. يورپ جا سڀني کان وڏا آبشار ھن ئي رستي سان آھن. خاص طور ڪِرمِل آبشار ته جَڳَ مشھور آھن. اُتان گذرندي دل چيو ته ڪاش! ريل خراب ٿي پوي ھا، لمحو صدين جو ھجي ھا، منظر ساڪن ھجن ھا- پر زندگي تحرڪ جو نالو آھي ۽ تحرڪ ۾ ساعت بي ثبات ھوندي آھي. اُنهيءَ ئي رستي سان ڪُفسٽائين جي ننڍي شھر جا وڏا تاريخي قلعا به آيا. مان ته سالزبرگ به ان جي تاريخي قلعي جي ڪري ئي ويو هيس. قلعا ڀل ته بادشاھن جا يادگار ھجن، پر تاريخ جا تمدني سياسي عڪس به ھوندا آھن. سالزبرگ جي ڊائري جدا لکي اٿم، انڪري ان جو ذڪر ھتي نه ٿو ڪيان. انسبروڪ ويندي ھن سفر جو حَسين ترين پاسو ڪپرون جو ڍنڍ جي ڪناري اُھو ننڍڙو شھر ھو، جنھن جو حَسين منظر هميشه لاءِ اکين ۽ تخيل جي يادگيرين ۾ محفوظ ٿي ويو. ڪناري تي بدڪون، ڍنڍَ ۾ ٻيڙيون، ڍنڍَ جي پريان ساوَڪ ئي ساوَڪ ۽ پويان لڳاتار ساوا چھچ جبلَ. اھڙا نظارا ڏسي ئي انسانَ جنت جو تصور گهڙيو ھوندو. دل چيو، ھتي لھي پئجي ۽ باقي زندگي ھتي ئي رھجي، ڪتابَ پڙھجن، لکجي، راڳُ ٻُڌجي،  پنڌَ ڪجن ۽ زندگيءَ کي سمجهڻ کان وڌيڪ حيرت جي انهن وادين ۾ ئي گذاري ڇڏجي. يورپ مون بار بار ۽ چَپو چَپو گهميو آھي ۽ انيڪ حسين سفر ڪيا آھن، پر ھن سوا ٻن ڪلاڪن جي سفر جو به جواب نه ھو.
انسبروڪ جي ريلوي اسٽيشن تان ان ھاسٽل تي آيس، جنھن جي بڪنگ سالزبرگ مان ئي ڪرائي آيو هيس. سياحتي ھاسٽلن جو ماحول گهر جھڙو يا سادو ھوندو آھي، انڪري انھن ۾ رھڻ جو مزو مونکي وڏيڪ ايندو آھي. اڃا ڏينھن جا ٻارنھن ٿيا ھئا ۽ موسم به جهڙالي ھئي، سو مون به بس سامان ڪمري ۾ رکيو ۽ بس اسٽاپ تان شھر جي بس ۾ سڄي ڏينھن جي ٽڪيٽ وٺي چڙھي پيس. جيئن ئي بس شھر جا چڪر ھڻي مٿي چڙھي ته ھر طرف جبل جي چاڙھي ھئي. منھنجي شھر قمبر ۾ ته ھڪ ئي لاھي چاڙھي ھئي، پر ھي ته سڄو شھر لاهيون چاڙهيون ھو. شھر ڄڻ ته ڪو پيالو ھو، جنھن جو ھر ڪنارو جبل ڏانھن ٿَي ويو. ٻن ڪلاڪن جي بس جي سفرن مان ئي سمجهه ۾ اچي ويو ته شھر اصل ۾ ھڪ جابلو وادي ھو. شھر جي ھر لاھي چاڙھي جبل کان شھر ۽ شھر کان جبل ڏانھن ٿي وئي. پر ھتي جبل تي به مڪمل وسنديون ۽ وڏا پاڙا ھئا. گهٽيون ڪٿي سنهيون ته ڪٿي ويڪريون. جبل تي به ڪُشادا گهر ھئا. مونکي جابلو گهر وڻندا آھن، جو سندن ڇتين تان منظر حَسين ھوندا آھن. منھنجي دوست عاشق سواتي، جيڪو ايم پي اي به رهيو، سندس گهر شنڪياري ۾ چانھن جي باغن جي سامهون جبل تي آھي ۽ سندس گهر ۾ اِنجير جي وڻ تان منھنجا ٻارَ تازا انجير پٽيندا ھئا. مان وٽس فئملي سان وڃي ڏينھَن جا ڏينھَن رھندو هيس. سندس گهر وارِي جي ھٿن جا ٺھيل قيمو ڪريلا  مون کي سدائين وڻندا آھن. دنيا جي ڪيترن شھرن جو وڏو حصو جبلن تي آباد رهيو آھي. مون ڪابل ۾ 2003 ع ۾  ايئن ڏٺو. دنيا جي ڪيترن قديم تاريخي شھرن جون وسنديون جبلن تي آباد رهيون آھن، جيئن اٿينس، روم، يروشلم، پيرو ۾ ماچُو، ترڪيءَ ۾ اِزمير۽ بلغاريه ۾ پلودِو. نيپال کان ڪشمير ۽ پاڪستان جي اُترين علائقن تائين سڄيءَ دنيا ۾ جابلو وسنديون رهيون آھن. جيئن ته مون وٽ سڄي ڏينھن جي ٽڪيٽ ھئي، انڪري مونکي جتي دل چيو ٿي، اُتي لھي ٿَي پيس۽ گهٽين ۽ پاڙن ۾ رولاڪيون ٿي ڪيم.

سڄي ڏينھن جو سفر ايئن ھو ڄڻ فطرت جي ھنجَ ۾ تخليق ڪيل تمدني پينگهه ۾ ماڻهو بس لُڏندو ئي رھي ۽ دل چوي ته سفر لامتناھي ھجي، ھلندو رھي ۽ انجو ڪو آخري اسٽاپ نه ھجي. ايئن انسبروڪ ۾ لھندي چڙھندي، رُلندي، گهمندي شام ٿي وئي. وچ وچ ۾ ڪَڪرَ ڇڻيا ۽ ھلڪا به ٿيا. مان صبح جو سوير اُٿي انسبروڪ لاءِ نڪري آيو هيس ۽ سڄي ڏينھن جي جابلو رولاڪين کان پوءِ جسم جواب ڏئي رهيو ھو، انڪري دل چيو ته ڪنھن پَبَ/ڪيفي ۾ ويھي سڄي ڏينھن جي ڪيفيتن کي سھيڙجي ۽ ٿانيڪو ٿِجي. دنيا جي ھر شھر جي ريلوي اسٽيشن يا بس اسٽاپُ شھر جي وچ ۾ ھوندو آھي، انڪري مان به انسبروڪ جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن واري بس اسٽاپ تي لھي پيس. اُتي ئي ھڪ ساز وڄائيندڙ ھڪ فقير کان پڇيم ته ڪو اھڙو پَبُ جتي شھر جا اديب ۽ آرٽسٽ اچي ويھندا ھجن ته ھن اڳيان کَٻي پاسي ھڪ وڏي پراڻي ۽ شھر جي ھڪ اھم پَبَ ڏانھن اشارو ڪيو. اھو شام جو ساڍي ستين جو وقت ھو ۽ پَبُ سڄو ماڻهن سان ڀريل ھو. ڪنھن به ٽيبل تي ويھڻ جي جاءِ نه ھئي. جاءِ رڳو پَبَ جي ڪائونٽر وٽ اسٽولن تي ويھڻ جي ھئي، انڪري مان به سُري وڃي اُتي ويٺس. منھنجي ڀَرِ ۾ ھڪ بنھه اَڇن وارن وارو پوڙھو ويٺل ھو، جنھن جي عمر پنجھتر کان اَسيءَ جي وِچَ ۾ ٿي لڳي. ھو اڪيلو، خاموش ۽ ڪنھن به سوچ ۽ احساس کان بي نياز ٿي لڳو. ھو منھنجي ساڄي پاسي ويٺو ھو ۽ ھو آس پاس جي ماحول کان ايترو بي نياز ويٺو ھو جو ھن مون ڏانھن نھارڻ جي گهُرج به محسوس نه ڪئي ۽ ان جي گهُرج ھئي به ڪھڙي. مون پنھنجي لاءِ ھڪ مقامي بيئر ورتو، جو مان هميشه جتي به ويندو آهيان اُتي مقامي بيئر ئي وٺندو آهيان. مون ٿَڌي بيئر مان ٻه ٽي وڏا ڍُڪَ ڀريندي ڪائونٽر تي پيل ڀُڳَلَ مڱيرن جي پيالي پاڻ ڏانھن سوري جيڪا منھنجي ساڄي پاسي ويٺل ان پوڙھي جي سامهون پئي ھئي. اُھا ڳالهه ھن کي شايد نه وڻي ۽ ھن مون ڏانھن سخت ڪاوڙيل نظرن سان نھاريو. مون به سندس ڪاوڙيل گهُور کي نظر انداز ڪري، پنھنجي کاٻي پاسي نھارڻ شروع ڪيو، پر ھن جو ڌيانُ ھاڻي مون تي ھو، جڏھن ته پَبَ ۾ اھي شيون سڀني ويٺلن لاءِ هونديون آھن. مون سمجهيو ته ان عمر ۾ اڪثر ماڻهن سان اھڙا مسئلا ھوندا آھن، پر ڳالهه ايتري سادي نه ھئي. ٿوريءَ دير ۾ پوڙھو اٿيو ۽ واش روم ڏانھن ويو. ھو پنھنجو اَڌُ گلاس بيئر جو اُتي ئي ڇڏي ويو ھو، جيئن عام طور ٿيندو آھي. واپسيءَ ۾ جيئن ئي ھن جي نظر مون تي ۽ پنھنجي اَڌُ خالي گلاس تي پئي ته ھو ڪاوڙ ۾ تَپي ڳاڙھو ٿي ويو، جنھن مان ھن جو مطلب ھو ته مون سندس اَڌُ گلاس پي ڇڏيو آھي. ھن جو مُنھنُ ڪاوڙ ۾ ايترو ته تَپي ويو جو مون کي لڳو ته ھو ڪو ڌَڪُ نه ھڻي ڪڍي. مون فوري طور ڪائونٽر واري ھمراھ کي سڏيو ته ھن وڏي اطمينان سان ھُنَ پوڙھي جو گلاس ھاري کيس تازو ٿَڌو بيئر ڀَري ڏنو ۽ کيس ڀاڪرُ پائي چُمي ڏئي، مونکي چيائين ته جيڪو ٿيو، انجي معافي مان ٿو وٺان، جو ھو پوڙھو معصوم آھي. مان ڪو اُلڪو نه ڪيان، جيڪو ظاھر آھي ته اھڙيءَ صورتحال ۾ ممڪن نه ھو.
صورتحال وري اھڙي ٿي وئي ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه ھو. مان به وري بيئر ۽ سڄي ڏينھن جي سحر ۾ گم ٿي ويس. لڳ ڀڳ مُني ڪلاڪ کان پوءِ صورتحال وري ساڳي ٿي، جڏھن پوڙھو وري پنھنجو اَڌُ گلاس ڇڏي واش روم ويو ۽ واپسيءَ تي ساڳي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيائين. مونکي ھن جي پُراسرار شخصيت ۽ اھو رويو سمجهه ۾ نه ٿي آيو. مون پريشاني ۽ خوف ۾ ساڳي نوجوان کي سَڏُ ڪيو ته ھن وري به ساڳيو ئي انداز ورجايو، جيڪو ھن پھرين ڪيو ھو. ھن ڀيري مون کان ٻيڻي معذرت ڪري ۽ پوڙھي جو اَڌُ پيتل بيئر جو گلاس ھاري، کيس وري تازو ۽ ٿَڌو بيئر جو گلاس ڏئي ۽ کيس ڀاڪر پائي پيار مان  چميون ڏئي، پنھنجي ڪم سان لڳي ويو. مون کيس سڏي ڪا ٻي جاءِ ڏيڻ جو چيو، جو ھاڻي پوڙھي جي ڀرسان وڌيڪ ويھڻ مون لاءِ ممڪن نه ھو. پب جي مالڪ ۽  مينيجر مونکي کاٻي پاسي ڪائونٽر جي ڪُنڊَ تي ويھاري چيو ته ھو مون وٽ اچي بعد ۾ ھنَ پوڙھي بابت تفصيل ٻُڌائيندو. مان دير تائين ويٺل رهيس ۽ پوڙھو بيئر جا ٻه اَڌُ گلاس پي هليو ويو، پر مون نوٽ ڪيو ته پَب وارو نوجوان ھن کي ويندو ڏسي تڪڙو ڏانھنس وڌيو ۽ کيس در تائين ڀاڪُرَ ۾ ڀري پاڻ ڇڏي آيو.

منھنجي لاءِ اُھا سڄي ماجرا حيران ڪندڙ ھئي. خاص طور پب جي نوجوان جيڪو مالڪ ٿي لڳو، جي پوڙھي لاءِ غير معمولي محبت ۽ سندس محبت ڀري اھڙي سنڀال، جنھن تي سمجهه ۾ نه ايندڙ حيرت اَڻ ٽر ھئي. منھنجي ھاسٽل جيئن ته گهڻو پري نه ھئي، انڪري مان به دير تائين ويٺل رهيس. شھر ننڍو ھو ۽ ستاويھين نومبر جي ٿڌي رات ھئي، انڪري پَبَ ۾ رش تيزيءَ سان گهٽجڻ لڳي. پَبَ جو نوجوان ايتري ۾ ڀُڳل کاڄن جي پيالي ۽ چِڪن اِسٽرپس به مونکي ڏئي ويو، جن جو مون آرڊر به نه ڪيو ھو. ھن شايد مون سان ٿيل بدمزگيءَ جو ازالو ڪرڻ ٿي گهريو. جڏھن مون اُٿڻ جي ڪئي ته ھن چيو ته مان صبح جي ڪافي سندس پاران وٽس پيئڻ اچان. مونکي به جيئن ته ان تلخ ۽ ساڳي وقت عجيب تجربي جون ڳنڍيون کولڻيون هيون، انڪري مون ساڻس ھائوڪار ڪري کانئس موڪلايو. پب مان نڪري مان سخت سيءَ جي ڪري وڏيون ٻِرانگهون ڀريندو ھاسٽل ڏانھن ھلندو ٿي ويس، پر منھنجي ذھن ۽ ڪيفيت تي اھو عجيب تجربو حاوي ھو. پوءِ ھڪ ڳالهه ياد ڪري، منھنجي حيرت ته قائم رھي، پر اُلڪو ختم ٿي ويو. واقعو هيئن ھو ته 1999ع ۾ اردوءَ جو وڏو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس مظھرالاسلام، جيڪو اسان جو پيارو ادبي ۽ ذاتي دوست رهيو آھي، اسان وٽ حيدرآباد گهمڻ آيو ته اسان يعني مان، ڀائو مولا بخش چانڊيو، حڪيم بلوچ، احسان لغاري، محمود لغاري کيس کاروڇاڻ وٺي وياسون. کاروڇاڻ ۾ جڏھن ٻيڙيءَ ۾ چڙهياسون ته ان ڏينھن ھوا تمام تيز ھئي. مون محسوس ڪيو ته وارياسي جو ماڻهو مظھرالاسلام پاڻيءَ جون تيز لھرون ڏسي سخت خوف ۾ ورتل ھو. وري ٿوري ئي دير ۾ ڏٺم ته ھو ٻيڙيءَ ۾ بلڪل خوش ۽ بي خوف ويٺو ھو. مون کانئس ان بابت پڇيو ته سندس جواب ڏاڍو دلچسپ ۽ غير روايتي ھو. ھن مونکي چيو پھرين مان سخت ڊنُس، پر جڏھن ڏٺم ته ٻيڙي ھلائيندڙ ناکئو پريشان ناھي، جيڪو پاڻيءَ کي سُڃاڻي ته پوءِ مونکي ھرگز پريشان نه ٿيڻ گهرجي. سو مون به سوچيو ته جي پَبَ جو مالڪ اھو نوجوان پريشان نه ھو ته مونکي به ان بابت ڳڻتي نه ڪرڻ گهرجي. ان اطمينان ۾ مان سمهي رهيس ۽ سُتت ئي منھنجي اک لڳي وئي ۽ مان انسبروڪ مان وقتي طور لاشعور جي عدم ڏانھن هليو ويو هيس.
صبح جو اک کُلي ته تازگيءَ جي احساس سان اٿيس. يوناني فلسفي ايپيڪيوريس درست چيو ھو ته خوف خوشيءَ جو ويري آھي، رات سُمهڻ کان اَڳُ مان ان پوڙھي جي پراسرار رويي تي وڌيڪ سوچڻ بجاءِ ساڻس بي پناھ محبت جو اظھار ڪندڙ ان نوجوان جي زنده دل رويي تي خوشگوار حيرانيءَ ۾ سُتو هيس ۽ ان جو ئي نتيجو ھو جو مان ايڏي سٺي احساس سان اُٿيو هيس. تيار ٿيڻ کان پھرين ڊگهو پنڌُ ڪيم جو مينھُن ڀريو بيٺو هو ۽ دل چيو متان اَڄُ گهڻو پنڌُ نه ڪري سگهجي. ڪچڙي منجهند ٿي ته مان به تيار ٿي ان ڪيفي/پَبَ ۾ ويس جتي رات اھو عجيب واقعو پيش آيو ھو. ڪيفي ۾ اڃا رش نه ٿي ھئي. مان جيئن ئي اندر داخل ٿيس ته ڪيفي جو اھو ساڳيو مالڪ مرڪي مون ڏانھن وڌيو ۽ مونکي سامهون ئي ٻن ڪرسين واري ٽيبل تي ويھاري ٻه ڪافيون کڻي آيو. ھن مون سان وري معذرت ڪئي ۽ ساڳيا لفظ ورجايا ته ھو پوڙھو ھڪ معصوم ماڻهو آھي. مون کيس پنھنجي ڪيفيت ٻڌائيندي چيو ته مونکي مٿس مڪمل اعتبار آھي، پر مان ان ماجرا بابت وڌيڪ ڄاڻڻ گهران ٿو.
ھن پنھنجو تعارف ڪرائيندي اُھا ڪَٿا ٻُڌائڻ شروع ڪئي ته سندس نالو احمد آھي ۽ ھو ھتي ڄاول لبناني آھي. سندس پيءُ نوجوانيءَ ۾ ھتي روزگار سانگي لڏي آيو ھو ۽ اھو پوڙھو سندس پيءُ جو ھن شھر ۾ پھريون دوست ھو. ھو ٻئي انھيءَ پَبَ ۾ ڪم ڪندا ھئا ۽ گهڻو پوءِ جڏھن پَبَ جي مالڪ انکي وڪڻڻ گهريو ته اھو پَبُ سندس پيءُ ۽ انهيءَ پوڙھي گڏجي خريد ڪيو ھو. ھن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته سندس اکين مان انهيءَ پوڙھي لاءِ محبت اُڇلون پئي کاڌيون. ھن چيو ته ھن جي پيءُ کي ڪو ڀاءُ نه ھو ۽ اھو پوڙھو ئي سندس سڳو چاچو آھي، جنھن کيس ٻاروتڻ ۾ انسبروڪ جي گهٽي گهٽيءَ ۾ ڪُلهن تي کڻي گهمايو ھو، جو ھن شادي نه ڪئي ۽ پنھنجي دوست جي اولاد کي ئي پنھنجو اولاد سمجهندو ھو. احمد جي اکين ۾ اُھي سڀ عڪس ھئا جن ڳالهين جو ذڪر ھو دل جي اَٿاھ گھرائيءَ ۽ سچائيءَ سان ڪري رهيو ھو. ھن چيو ته سندس پيءُ ۽ انهيءَ پوڙھي جا ٻه ٻيا دوست به آھن، جن مان ھڪ گونگو آھي ۽ اُھي ٻئي روزانو منجهند جي ماني انهيءَ پوڙھي سان گڏ ھن ڪيفي تي کائڻ ايندا آھن. سندس پيءُ ڏھاڪو سال اَڳُ دل جي دوري ۾ گذاري ويو ھو ۽ پُٽ کي پارت ڪري ويو ھو ته ھو سندس مرڻ کان پوءِ انهيءَ پوڙھي کي ھڪ سچي پُٽَ جيان پيار ڪري، سندس سنڀال ڪري ۽ پَبَ جو مالڪ به جيستائين ھو جيئرو آھي، ھن کي ئي سمجهي. احمد چيو ته اھو پوڙھو الزائيمر يعني مڪمل ويسر جي مرض جو شڪار آھي ۽ دنيا ۾ رڳو پنھنجن انھن جيئرن ٻن دوستن ۽ کيس ئي سُڃاڻندو آھي. کيس گهر کان رستو به رڳو ھڪڙو يعني انھي ڪيفي يا پب جو ئي ياد آھي. ھن جي دنيا ڪل اھي ٽي ماڻهو ۽ اُھا ڪيفي ئي آھي.

مان احمد جون ڳالهيون ٻُڌي انھن رشتن جي سچائي جي گھرائيءَ کي محسوس ڪري رهيو ھوس ته سامهون دروازي مان اُھو راتوڪو پوڙھو اندر داخل ٿيو ۽ احمد ڊوڙي وڃي کيس دروازي ڀرسان ئي انهيءَ ٽيبل تي ويھاريو، جنھن جي پاسن کان صرف ٽي ڪرسيون پيل هيون. احمد مونکي اَڳُ ئي ٻُڌايو ھو ته اُھا ٽيبل منجهند جي وقت اُنَ پوڙھي ۽ سندس ٻن دوستن لاءِ مخصوص ھوندي آھي. منھنجو منھن به انھيءَ ٽيبل طرف ھو، پر مان ڪجهه پَرَڀرو ويٺل ھوس ۽ ان پوڙھي کي اُھا خبر نه پئجي سگهي ھا ته مان کيس ڏسي رهيو آهيان، ھونئن به ھو مڪمل ويسر جو مريض ھو، سو راتوڪو واقعو ھن کي ياد ئي نه ھجي ھا ۽ نه وري ھو مون کي سُڃاڻي سگهي ھا. ماڻهن جي آمد تيز ٿيڻ لڳي ھئي ۽ احمد به پنھنجن ڪمن سان لڳي ويو. بس ايندي ويندي ھو پنھنجي معصوم مُرڪَ مون ڏانھن اُڇلي رهيو ھو ۽ ھن جي اندر جو سمورو حُسن سندس انھيءَ معصوم مرڪَ ۾ سمايل ھو. ھو ھڪ سادو، سٻاجهو، سچو ۽ محبتي انسان ھو. ٿَڌِ سبب مون ٻي ڪافي ورتي ۽ تيسين پوڙھي جا ٻئي دوست سٺي خوش لباس انداز ۾ اندر داخل ٿيا. ھي پوڙھو پاڻ به نھايت سادو پر خوش لباس ھو. ساڳيو پوڙھو جيڪو رات ڏمريو ويٺو ھو، ھاڻي مسڪرائي رهيو ھو. ھو ٽئي ھڪ ٻئي سان ڳالهائي نه رهيا هيا. منجهانئن ھڪ گونگو ۽ ٻيو مڪمل ويسر جو مريض ھو. بس ھنن ٽن لاءِ اھو ئي ڪافي ھو ته ھو ٽئي ننڍپڻ جا دوست ھئا، جيڪي پوڙھا ٿي چڪا ھئا پر ھڪ ٻئي سان گڏ ھئا. ھنن جي گفتگو لفظن ذريعي نه پر بيان نه ٿي سگهندڙ خوشيءَ جي احساس ذريعي ٿي رھي ھئي. احمد ھنن لاءِ ھر شيءِ ٽيبل تي پاڻ ٿَي رکي ۽ ھنن مان ھرھڪ آڏو ٿڌي بيئر جو ھڪ ھڪ گلاس به رکيل ھو. ھو پوڙھو دنيا ۽ ڪيفي جي مجموعي ماحول کان بي نياز ھو ۽ ھن لاءِ اھو ڪافي ھو ته ھن جي سامهون ھن جا ٻه دوست ويٺل ھئا ۽ احمد کيس صالح اولاد جيان يا شايد ان کان به وڌيڪ ڀانئي رهيو ھو. انھن ٽن پوڙھن جي اھا مانجهاندي جي ويھڪ خود ھڪ ڪمال تجربو ھو. مونکي محسوس ٿيو ته گونگي دوست سان به بنا ڳالهائڻ جي ڪيفَ ۽ مُرڪن سان ڪچھري ٿي سگهندي آھي. مڪمل ويسر ۾ گم ٿي ويل پوڙھي کي ھاڻي يادگيرين جي گهُرج به نه ھئي. ھن کي گهڻن اجاين لاڳاپن جي به گهُرج نه ھئي، ھو گوتم جي فڪر جيان گهڙيءَ ۾ جيئندڙ شخص ھو، جنھن پنھنجي يادن ۽ ويچارن کي برف جيان ڄمائي ڇڏيو ھو. ٽنهي ننڍپڻ جي پوڙھن يارن وٽ ڳالهائڻ لاءِ لفظ نه پر بس مُرڪون ۽ ھڪ ٻئي سان گڏ ھجڻ جو احساس ھو. ٻولي نه ڳالهائڻ سبب معنويت به ھنن کان گم ٿي وئي ھئي، جنھن جي ھاڻي کين ڪا گهرج به نه ھئي. ھو پوڙھن پکين جيان زندگي گذاري رهيا ھئا. رُوسو کي به اھڙي زندگي گذارڻ لاءِ فطرت ڏانھن واپسيءَ جو شوق ھوندو ھو.
مونکي جبل ڏانھن گهمڻ لاءِ وڃڻو ھو، سو مان پب مان ته نڪري آيس، پر انھن درويشن جي دنيا ۾ گهاريل پَلَ ھڪ حسين احساس سان مون سان گڏ ڪيترا ڏينھن گڏ سفر ڪندا رهيا. انسبروڪ ھڪ تاريخي ۽ حسين شھر ھو، پر منھنجي يادن ۾ انسبروڪ هميشه ٽن يارن جي اُھا ٽيبل ۽ ھنن لاءِ احمد جي  اڻ مَيي پيار جي صورت ۾ محفوظ ٿي ويو. مان اڪثر اُھا ٽيبل يادن جي اک سان ڏسي ۽ انھن ٽن جرمن پوڙھن جي اھا خاموش ڪچھري وڏي مزي ۽ ڌيانَ سان ٻُڌي سگهندو آهيان.

(ٽيھين نومبر ٻه ھزار ٻارنھن، ميونخ، جرمني)

ڪاش! زندگي وائلن جي سازَ جھڙي ھجي ھا!
(پرڏیھي سفرن جون ساروڻیون-۱)

ڪنھن اَڃاتل پارَ ڏانھن ڊگهي پنڌ تي نڪرڻ تہ ھر ڇنڇر آچر جي پرھ ڦُٽيءَ جو منھنجو معمول ھو، پر اڄ معمول کان مختلف ڏینھنُ ھو، جو ھڪ طرف سخت سيءُ ھو تہ مٿان وري مِینھنُ بہ ڀَریو بیٺو ھو. منھنجي رھائش واشنگٽن ۾ پوٽومڪ دریاھَ جي ڪناري تي آخري ۽ ورجینیا جي پھرئین اسٽاپ روزلن تي آھي ۽ واشنگٽن جو سڀ کا قدیم ۽ ڪلاسیڪل یورپي طرز جو پاڙو جارج ٽائون اسانجي گهر کان بس ڏھن منٽن جي پنڌَ تي آھي. پوٽومڪ دریاھ جي بس پُل ٽپبي آھي تہ سامهون جارج ٽائون ھوندو آھي، جنھن جي یونیورسٽي آمریڪا ۾ مشھور آھي. ان جي غیر معمولي طور حسین یونیورسٽيءَ جي عمارت مونکي بیحد وڻندي آھي. ان یونیورسٽيءَ جي پولیٽیڪل سائنس شعبي ۾ ڏکڻ ایشیائي سیاسي ۽ تاریخي موضوعن تي مون ڪافي ڀیرا ھڪ مھمان اسڪالر طور لیڪچر ڏنا آھن. ھي علائقو ان واقعي جي ڪري بہ مشھور آھي جو 25 ڊسمبر 1776ع تي جارج واشنگٽن پنھنجي فوج سان ھتان گذرندي ڊلاویئر ندي پار ڪئي ھئي. ان کان پوءِ ئي هن ٽرینٽن ۾ ۾ برطانوي حمايتي فوجن تي اوچتو حملو ڪيو ھو، جيڪو آمريڪي آزاديءَ جي جنگ ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿيو. پر جارج ٽائون جو اھو پاڙو ان کان گهڻو اَڳُ 1751 ۾ جُڙیو ھو ۽ مونکي پھریون ڀیرو اھو ڪلاسیڪل تمدني پاڙو 2006 ۾ منھنجي دلبر ۽ ڏاھي دوست جاوید ڀُٽي گهر ھو. واشنگٽن ۾ تہ ڇا سڄي آمریڪا ۾ جاوید ڀُٽي جو اھو پسندیدہ پاڙو ھو. اسان اڪیچار ڀیرا اھو پاڙو گڏجي پنڌ گهميو آھي، جنھن ۾ منھنجو ھتي مون سان گڏ رھندڙ ۽ پنجین درجي ۾ پڙھندڙ پُٽُ عاطف بہ گڏ گڏ ھوندو آھي.
عاطف اڃا معمول موجب گهر سُتو ئي پیو ھو تہ مان پاڻ کي ویڙھي سیڙھي ڇَٽي کڻي پرھ ڦُٽيءَ جي ڊگهي پنڌ تي نڪري پیس. مان ڇنڇر آچر تي ائین ئي ڪندو آھیان، عاطف اسڪول مان موڪل سبب ٻارھین بجي تائین اُٿندو آھي ۽ مان تیستائین اچي ویندو آھیان. مان گهران نڪري پوٽومڪ پُل تان ئي گذري رھیو ھیس تہ مینھنُ اوڙڪندو اچي سڄي ماحول تي ڇانئجي ویو. مون کي ھونئن بہ ڏُکیا پنڌَ وڻندا آھن ۽ مون وٽ ڇَٽي بہ اٽليءَ جي ۽ ڪلاسیڪل ھئي, سٺیون ڇَٽیون ھونئن بہ گهڻو وڻندیون اٿم. جاوید ڀُٽو منهنجي انھن منفرد ۽ ڪلاسیڪل ڇَٽین جي شوق تي خوش ٿي کلندو ھو. ( آمریڪا مان واپسي تي ڏئي بہ ادي نسرین ترین ۽ کیس آیو ھیس). ھر ڀیري جیئن تہ ڊگهي پنڌَ لاء نئون گَسُ وٺندو ھیس، انڪري مون جارج ٽائون جي پوئین رستي وارو گس ورتو. جیئن ٿَي اڳتي وکون کنیم، تیئن ٿي مینھنَِ پنھنجي رفتار تیز ڪئي. سڄو جھانُ پُسي چڪو ھو رستا، جایون، مون وانگر واڪ تي نڪتل چند ماڻهو ۽ وَڻَ.
جڏھن جارج ٽائون یونیورسٽي ٽپي انجي پُٺین پاڙي ڏانھن ویس تہ مینھنُ اڃا تیز ٿیندو ویو. واشنگٽن جي جنوريءَ جي ٿَڌِ جو مینھنُ جنھن ڏٺو ھوندو، انکي ئي خبر ھوندي تہ ٿَڌِ ۽ مینھنَ جو میلاپ ڪھڙا قھَرَ ۽ ڪِیسَ ڪندو آھي. ھڪ ھنڌ وڃي ھڪ گهاٽي وَڻَ ھیٺان بیٺس تہ منھنجي کاٻي پاسي ھڪ وڏو راندین جو میدان ھو، جیڪو سخت مینھنَ ۽ پرھ ڦُٽيءَ سبب خالي ھو ۽ سامھون ساڄي پاسي گهر ھئا. مان ھونئن بہ ڪنھن چڱي جاءِ تي بیھڻ جي ڳولا ۾ ھیس، پر جنھن ڳالهه مونکي ھتي بیھڻ تي اصل بيوس ڪري ڇڏیو، اُھو ساڄي پاسي کان گهر جي بالڪنيءَ مان ایندڙ وائلن جو اصل اندر ۾ وَڍَ وجھندڙ آواز ھو. منھنجي پویان ھڪ گهر جي دري ھئي، جنھن جي شیشي پویان ھڪ گهریلو سائي ٻلي نیرا تارا ٽمڪایو وڏي مزي ۾ ویٺي ھئي. مون رُڳو ھڪ نظر پوئتي مُڙي اُنَ پیاري ٻليءَ جي اطمینانَ تي وڌي ۽ سِڌو ٿي بیٺس، جو گهر جا مالڪ ائین اندر گهورڻ کي سٺو نہ سمجهندا آھن ۽ وري جي اُھا گهر اندر پالیل ٻليءَ تي ھجي تہ اھا ھراسمینٽ سمجهبي.
منھنجو سڄو ڌیانُ اولھ جي سُرندي یعني وائلن جي مسحور ڪندڙ آواز تي ھو، جیڪو ھڪ آمریڪي پوڙھو پنھنجي گیلريءَ ۾ وڄائي رھیو ھو. ھو بہ پنھنجي ڌیانَ ۾ گم ھو. ھن اھو گیت پورو ڪري ساھي پٽي، ھیٺ نھاریو تہ ھن جي نظر مون تي پئي، جیڪو سخت ٿَڌِ ۽ مینھنَ ۾ بہ وَڻَ ھیٺان ڇَٽي جهلیو کیس وڏي سرور ۽ ڌیانَ سان ٻُڌي رھیو ھیس. پھرین نظر ۾ ھن مونکي ڏٺو ضرور، پر ان تي ڪو ڌیانُ نہ ڏنو. مونکي ھن جي ڌیانَ جي گهرجَ بہ نہ ھئي، مون لاءِ ھن جو ایئن بي خوديءَ ۾ ان ماحول ۾ اھو ساز وڄائڻ ئي ڪافي ھو. لطیف سائینءَ سر سورٺ ۾ چیو آھي تہ:

سرديءَ سالم نہ رھان، گرميءَ ٿیان گداز
امن ڏیجُ امان تون، سائل ھڻي سازُ
ربابي کي رازُ، خالص ڏیجُ خلیل جو.

ھتي تہ مون سان ڪارِ اُھا ھئي جو مان اُنهيءَ سوز سبب سرديءَ ۾ بہ سالم بیٺو ھیس، ھن اھڙا تہ سوز ڀَریا سُرَ ڇیڙیا ھئا جو رڳو منھنجي اندر ئي نہ پر سڄي سنسار ۾ امن پنھنجي امانَ ۾ ھو ۽ ربابيءَ تہ بنا نھارڻ جي ئي ڪیفَ جو راز اندر ۾ اوتي ڇڏیو ھو. دل چیو لطیف جي ٻوليءَ ۾ اھو پُرڪیف سلسلو جاري رکڻ لاءِ چوانس تہ:

جي میراثي مڱڻا، آئون پڻ منجهان تن.

جڏھن راڳ جو ذڪر ٿیندو آھي تہ پیاري آڪاش کي چوندو آھیان تہ مان بہ مُنو مڱڻھار آھیان، بدین ۾ ڪنھن وڏي مڱڻھار کان سَڳو ٻڌراءِ. سو ھن ھمراھ کي بہ چوڻ ٿي چاھیم تہ سوزَ جي ذوقَ ۾ مُنو نہ پر مان بہ ڏیڍُ مڱڻھار آھیان، اھو سلسلو گهٽ ۾ گهٽ مینھنَ جي بند ٿیڻ تائین بند نہ ڪجانءِ. لطیف سائینءَ چیو آھي تہ:

محلین آیو مڱڻو، کڻي سازَ سري
لڳي تندُ تُنبیر جي، پیا ڪوٽ ڪريِ

جارج ٽائون ۾ ڪي ڪوٽ تہ نہ ڪریا ھئا، پر مونکان ٿَڌِ، مینھنُ، زمانُ ۽ مڪانُ سڀُ وسري ویا ھئا، بس ھر طرف ڪیفُ ئي ڪیفُ ھو. ایتري ۾ پرھَ بہ باکون واھ جو ڪڍیون ھیون ۽ مینھوڳيءَ جي جهڙَ ۾ سِجَ جا ڪرڻا بہ حجاب ۾ ھئا. سڄو حُسن حجاب ۾ ئي آھي، ظاھر انسان جو تجسس ختم ڪیو ڇڏي. بارش بہ ھاڻي جهڪي ٿي چُڪي ھئي، پنھنجي گهر جي پھرین ماڙ جي گیلري مان وائلن وڄائیندڙ پوڙھي بہ ھَرَ ھَرَ ھیٺ نھاري، اھو محسوس ڪري ورتو ھو تہ مان مینھنَ کان بچڻ لاءِ گهٽ ۽ سندس سوز ڀَریو ساز ٻُڌڻ لاءِ ئي بیٺو ھیس. پنھنجو گیت وڄائي وائلن کي ھیٺ رکي، مون ڏانھن نھاریائین تہ ھن بہ محسوس ڪیو تہ منھنجو سڄو ڌیان سندس پاسي ھو. مون کیس ھٿ ٻڌي ٻوڌي انداز ۾ سلام ڪیو تہ ھن بہ مٿان خاموشيءَ سان مُرڪي کیڪاریو. ھن ڀیري نھایت قرب منجهان اشارو ڪندي مٿي اچڻ لاءِ چیائین، مون بہ کیس ڪنول جي بند گُلَ جیان ھٿ ٻڌي سلام ورایو ۽ وٽس اچڻ جي ھامي ڀري. شاید اھو منھنجي سوز تي ڌیانَ ۽ اھو ھٿ ملائي سڌارٿي سلام جي احساساتي سگهه ھئي جو ھن سڀ ڪجهه سمجهي ورتو ھو. اھو سلام ننڍي کنڊ جي سنڌو، سرسوتي ۽ گنگا جمني سڀیتائن جو گڏیل سلام رھیو آھي، جنھن ۾ ماڻهو پنھنجي ھٿن ۽ جسماني وجود کي ئي نہ پر ڄَڻُ تہ ڪنول جي گُلَ جي روپَ ۾ پنھنجي اندر کي میڙي مُٺِ ۾ ڪري، ان ۾ نمرتا ڀري ٿو ڇڏي، انھيءَ نمرتا ڀریي سلام ئي تہ اشوڪا کي ھڪ ظالم حڪمران مان ٻوڌي بڻائي ڇڏیو ھو.
مان ڏاڪڻیون چڙھي مٿي ویس تہ سامهون ھڪ سنھڙو سیپڪڙو سفید شرٽ پھریل اُھو سازندو امریڪي پوڙھو بیٺو ھو، ھن بہ ساڳي طرح سلام ڪیو. اُھي چار ھٿ نہ ھیا، پر ڄڻ تہ ڪنول جا ٻہ گل ھڪ ٻئي کي ڀلیڪار ڪري رھیا ھئا. ھو سڌو مونکي ان گیلريء ۾ وٺي ویو، جتي سندس ساز سمیت ڪیتریون ڪم جون ۽ اجایون شیون ٽڙیل پکڙیل پیون ھیون، ھوبھو زندگيءَ جیان. ان گیلريءَ جي بي ترتیبي زندگيءَ جو ڏیکُ ڏئي رھي ھئي. حُسن رُڳو ترتیب ۾ ناھي ھوندو، پر بي ترتیبيءَ ۾ بہ ھوندو آھي، جو زندگي ٻنهي صورتحالن جو ئي نالو آھي. ھن مونکي ھڪ اسٽول کي اُگهي صاف ڪري ان تي ویھاریو ۽ مون کان ھائوڪار وٺي اندر پاڻي ۽ ڪافي کڻڻ ویو. ھاڻي ان ساڳي ھنڌ کي ان گیلريءَ مان ڏسي رھیو ھوس، جتي ڪیترو وقت سخت ٿَڌِ ۽ مینھنَ ۾ بیھي وائلن تي وڄندڙ مسحور ڪُن گیتَ ٻُڌندو رھیو ھوس. ھاڻي زمان تہ ھونئن ئي مَٽجي ویو ھو، پر منھنجو مڪانُ بہ تبدیل ٿي ویو ھو. مان دل ۾ فیصلو نہ ٿي ڪري سگهيس تہ انھن مان وڌیڪ حسین زمان ۽ مڪانُ ڪھڙو ھو.
مان اڃا انھيءَ آلي مِٽيءَ جي خوشبو، ساون ڌوتل وڻن ۽ ھر طرف ڌوتل ساوڪ جي ماحول جي سحر ۾ ئي گُم ھیس تہ میزبان ننڍي ٽري ۾ ٻہ ڪاریون ڪافیون، پاڻيءَ جي بوتل ۽ ڪجهه مَکڻ ۾ ٺھیل سَنھا بسڪوٽَ کڻي آیو. ھڪ اَڳُ ئي شاندار دل پذیر ماحول مٿان ڪافيءَ جو ھُڳاءَ ۽ بسڪوٽن مان ایندڙ مَکڻ جي خوشبو ماحول کي ویتر معطر ڪري ڇڏیو ھو. زندگيءَ جون اصل حُسناڪیون وڏین شین ۾ نہ پر اھڙین دلپذیر ننڍڙین ننڍڙین خوشین ۾ ھوندیون آھن. اسانجو اڃا ھڪ ٻئي سان تعارف ئي نہ ٿیو ھو، پر انجي گهرج بہ نہ ھئي، ان سان ڪھڙو فرق ٿَي پیو تہ اسانجو نالو، قوم یا ٻي ڪا سُڃاڻپ ڪھڙي ھئي؟ اھڙین گهڙین ۾ تعارف بي معنا بڻجي ویندا آھن. لطیف سائین جیڪو عدم کي آسڻ چیو ھو تہ انجو مطلب اھو ئي ھو تہ اھڙو ماڳُ جتي ذات جي سُڃاڻپ نہ ھجي. ھن ویھي بس مرڪندڙ چھري سان آجیان ڪئي تہ سڀ تعارف ٿي ویا. اصل تعارف تہ ھن پنھنجي اندر جي جھانَ جو پنھنجي سازَ مان نڪرندڙ سوزَ سان ئي ڪرائي ڇڏیو ھو. ھو پنھنجي مزاج ۾ خاموش طبع انسان ٿي لڳو ۽ ھن وٽ بس قربائتي نھارَ ھئي ۽ اُھا وجودي تعارف لاءِ ڪافي ھئي. جنھن وٽ وائلن جي تارُن جي ٻولي ھجي، ان کي پنھنجي زبان جي گهرج گهٽ پوندي ھوندي. سفید شرٽ پاتل ھن معصوم شخص جو سڄو باطن ھن جي مُرڪندڙ نھار مان پنھنجو نبارپڻو ڏیکاري رھیو ھو. اسان ڪجهه گهڙیون ٻئي خاموش ھئاسون ۽ بس گرم ڪافيءَ جي چُسڪین جا رڳو محسوس ٿیندڙ ھلڪا آواز ھئا. اھڙي ماحول ۾ ھڪ ٻئي سان خاموشيءَ سان بہ ڳالهائي سگهبو آھي.
نیٺ مون گفتگو شروع ڪئي ۽ کیس پنھنجو تجربو ٻُڌایم تہ ڪیئن نہ سندس سازَ جي سوزَ منھنجي دل تي مسحور ڪن اثر ڪیو ھو. خلیل جبران درست چیو ھو تہ موسیقي روح جي ٻولي آھي ۽ افلاطون چیو ھو تہ موسیقي اخلاقي قانون ۽ احساسن جي اُھا ٻولي آھي، جیڪا ڪائنات کي روحُ، سوچَ کي پَرَ ۽ تخیل کي اُڏام بخشیندي آھي. ھو منھنجون ڳالھیون ٻُڌي خوش ٿي رھیو ھو. ھن چیو اھو تہ سندس معمول آھي پر منھنجي دلچسپي ۽ موجودگيءَ ان کي خاص بڻائي ڇڏیو ھو. امیر خسرو تہ وري دل کي محبت جو ساز سڏیو ھو. ھو تہ پاڻَ ڪیترن سازن جو موجد ھو ۽ راڳ ۽ سُرَ کي معرفت سان تعبیر ڪندو ھو. بیٿووین چوندو ھو تہ راڳُ ذھن ۽ روح وچ ۾ ٽیاڪڙي ڪندو آھي. البرٽ آئن اسٽائن جو فزڪس کان پوءِ ٻیو وڏو عشق وائلن سان ھو جیڪو ھن ڇھن سالن جي عمر ۾ سکیو ھو ۽ ھو چوندو ھو فزڪس کیس ڪائنات کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ۽ وائلن جو سوز کیس ڪائنات کي محسوس ڪرڻ ۽ ساڻس جُڙڻ ۾ مدد ڪري ٿو. سندس زال ایلسا کیس ڀوڳ ۾ چوندي ھئي تہ ڪاش ھو کیس فزڪس ۽ پنھنجي وائلن جیترو پیارو گهري ھا. (سندس جرمن وائلن جیڪو ھن 1894 ۾ ورتو ھو، اُھو گذریل سال 2025 ۾ اَٺَ لکَ ۽ سٺ ھزار پائونڊن ۾ وڪیو ھو) ھن کي اھو ڏُکُ ھوندو ھو تہ ھو پنھنجو وائلن پنھنجي زندگيء جي آخري ڏھن سالن دوران کاٻي ھٿ جي ڏڪڻي سبب وڄائي نہ سگهندو ھو.
اسان جي ڪچھري ڪلاڪ ڏیڍ ھلندي رھي. ھن مونکي پنھنجي گیلريءَ ۾ ڪیتریون بيحد وڻندڙ ڌُنون ٻُڌایون ۽ مون ڏٺو تہ ھو اھو ساز وڄائڻ وقت ان ۾ ئي گم ٿي ٿَي ویو ۽ ساز ۽ ھن ۾ ڪابہ دوئي باقي نہ ٿَي رھي. صوفین جو اھو تصور ڪیڏو نہ حسین آھي تہ دوئي ۾ عشق جو اھو مقام ممڪن ناھي، جنھن ۾ وجودن جي ڪثرت احساس ۽ ڪیف جي حد تائین وحدت ۾ تبدیل ٿي ویندي آھي. ھن وچ وچ ۾ ڪچھري بہ ڪئي ٿي، اسانجو ھڪ ٻئي سان تعارف بہ ٿیو. ھن جو نالو ڊیوڊ ھو ۽ سندس اصل تعلق باسٽن سان ھو ۽ ھو ھڪ رٽائرڊ استاد ھو. ھن چیو تہ سندس ماءُ کیس وائلن ٻاروتڻ ۾ سیکاریو ھو، جو ھوءَ زندگيءَ ۾ ھڪ ڏکویل مائي ھئي ۽ ٻن ٻارن کان پوءِ وائلن ئي ھن جو واحد داخلي سَھارو ھو. ڪیڏي نہ عجیب ڳالهه ھئي تہ سندس پُٽَ یعني ھن شخص جو سَھارو بہ اھو وائلن ئي بڻیو. ھن ٻُڌایو تہ سندس ٻار ڪیلیفارنیا ۾ رھن ٿا ۽ زال اڌ رنگ سبب ھنڌ تي ئي پئي ھوندي آھي ۽ ھو سندس خدمت ڪندو آھي. مونکي اھو ڏسي بیحد سٺو لڳو تہ ھو اھو سڀ ڪجهه بیزاريء سان نہ پر گھربل حساسیت ۽ محبت سان ٻُڌائي رھیو ھو ۽ ھن کي پنھنجن ٻارن سان بہ ڪا شڪایت نہ ھئي. واقعي سوز ۽ سُر ڪن ماڻهن جي مِٽي ٻیھر ڳوھي, انھن کي ڪاڇي جي چیڪي مِٽيءَ جھڙو نرم ۽ نبار بڻایو ڇڏي. تڏھن تہ شیڪسپیئر چیو ھو تہ جنھن کي موسیقيءَ سان رغبت ناھي، انجي انسان ھئڻ تي شڪ ڪیو. شاید ھن پنھنجو سمورو درد پنھنجین آڱرین ۽ وائلن جي تارن ۾ اوتي ڇڏیو ھو. جڏھن ٽائٽینڪ جھاز ٻُڏي رھیو ھو تہ جھاز ۾ ماڻهن کي سانتیڪو ڪرڻ لاءِ وائلن وڄائیندڙ ویلس ھارٽلي اھڙا سُرَ ڇیڙیندو آھي جو ماڻهن کان ڪجهه گهڙين لاءِ موت جو خوف ئي وسري ویندو آھي. یورپ ۾ مون ننڍن شھرن ۽ ٻھراڙین ۾ جام ٻُڌو آھي اھو سازُ، چیو ویندو آھي تہ سترھین ۽ ارڙھین صدی ۾ اوڀر یورپ ۾ جیڪي ساز ٺھیا، اھڙا بعد جو جدید دور بہ ٺاھي نہ سگهيو. ماڻهو چوندا ھئا تہ وائلن کي اکیون ھوندیون آھن ۽ انھن مان ڳوڙھا بہ وھندا آھن، جیڪي ڏِسبا ناھن پر انھن جي آلاڻ روح ۾ محسوس ٿیندي آھي. مون سچ پچ وڻ جي ھیٺان ٿَڌِ ۽ مینھنَ ۾ انھن ڪوسن ڳوڙھن جي آلاڻ پنھنجي دل ۾ محسوس ڪئي ھئي.
مون ڊیوڊ کان ڀاڪر پائي موڪلایو ۽ دل ۾ سوچیو تہ ھر ماڻهوءَ کي ھڪ ساز ضرور اچڻ گهرجي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان منھنجو گهڻو محبت جو تعلق ھو. مون ٽن قسطن ۾ سندس طویل انٽرویو ڪیو ھو، جیڪو سنڌ ٽي وي تي 2004 ۾ ھلیو ھو، آخري سوال جڏھن زندگيءَ ۾ ڪنھن رھجي ویل حسرت بابت پُڇیو ھو مانس تہ چیو ھئائین تہ “زندگيءَ ۾ ڪو ساز سکي نہ سگهيس”! اڄ ان حسرت جي گھرائي سمجهه ۾ آئي ھئي. مان پُرڪیف ڪیفیت ۾ ڏاڪڻیون لھندو ھیٺ لھي آیس. اڃا صبح جا ساڍا نَوَ ئي ٿیا ھئا ۽ موسم ٿڌي ۽ جُهڙالي ھئي. وائلن مون گهڻو ٻڌو ھو، پر ھيءُ تجربو منفرد ھو. يورپ ۾ چوندا آھن تہ وائلن پُراڻي شراب جیان ھوندو آھي، جیترو پراڻو اوترو قیمتي ۽ نایاب. وائلن بابت ٻي ڏند ڪٿا بہ دلچسپ آھي تہ اھو جیترو پراڻو ۽ وڌیڪ استعمال ٿیل ھوندو، اوترو ان ۾ سوز ۽ درد وڌیڪ گِھرو ھوندو. شاید پوڙھو ساز سڄي ڄمار جا درد گڏ ڪندو ۽ نون سُرن ۾ اوتیندو ویندو آھي. مولانا رومي جو قصو آھي تہ پاڻ جڏھن شمس تبریز جي صحبت کان پوءِ سراپا ڪیفُ ٿَي چڪو ھو ۽ ھن قونیا جي بازار ۾ پھریون ڀیرو بي خوديءَ ۾ رقص ڪیو ھو تہ انجو سبب رباب جو پرسوز آواز ھو، جنھن ھن کي وجد ۾ آڻي ڇڏیو ھو ۽ ھن بعد ۾ ان تي ڪمال جي ڳالهه ڪئي ھئي تہ درد ڀَریو سوز رُڳو آواز ناھي ھوندو، پر اھو ھجر جو آلاپ ھوندو آھي. خوشيءَ کي زبان گهربل ناھي ھوندي ۽ درد وري شرمیلو ھوندو آھي، انجي زبان بڻجڻ ڪا معمولي ڳالهه ناھي. ایران جي وڏي کماچ نواز استاد لُطفي جو قصو آھي تہ ھڪ ڀیري ھڪ شاگرد کیس چیو تہ سندس کماچ ۾ اھو سوز ڇو ناھي، جیڪو استاد لُطفي جي وڄت ۾ آھي، تنھن تي استاد کیس چیو تہ سوز تارن مان نہ پر ساز مان تڏھن نڪرندو آھي، جڏھن درد روح مان رڳن ذریعي لھي آڱرین تائین پُڄندو آھي، تڏھن تہ لطیف سائینءَ بہ “رَڳون ٿیون رباب” چیو ھو. رڳون رباب ائین تہ ناھن ٿیندیون. قدیم زماني ۾ ڪوھ ڪاف جا ماڻهو جبلن جي ھنج ۾ تارن جا ساز وڄائیندا ھئا تہ پوڙھا لوڪ ڏاھا چوندا ھئا تہ آسمانن مان پریون لھي اچي انھن سازن جي تارن ۾ لِڪي ویھندیون آھن ۽ گڏجي انهن ۾ سوز پیدا ڪندیون آھن. نڪولو پگانیني ارڙھین صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ اُڻویھین صديءَ جي پھرئین اڌ جو جَڳَ مشھور وائلن نواز ۽ موسیقار ھو. ھن بابت مشھور ھو تہ سندس شیطان سان سنگت ھئي ۽ ھو جڏھن وائلن وڄائیندو ھو تہ شیطان ڳُجهي نموني وائلن جي تارن مان اھڙو جادوئي سوز پیدا ڪندو ھو جو ماڻهو پاڻ وساري ویھندا ھئا ۽ ماڻهن کان عبادتون وسري ویندیون ھیون. دلچسپ ڳالهه تہ 1840 ۾ جڏھن ھو گذاري ویو تہ پادرین کیس دفنائڻ کان اھو چئي انڪار ڪیو ھو تہ سندس جسم ۾ شیطان روح جي صورت ۾ موجود آھي. دراصل حیرت انگیز تجربن کي ماڻهو مافوق الفطرت تصورن سان منسوب ڪندا ھئا.
مان جارج ٽائون جا آلا رستا، پوڙھیون گهٽیون، ساوا وڻ ۽ سُرمئي بادل ڏسندو، ھلندو ٿَي رھیس ۽ منھنجي اندر ۾ ڊیوڊ جي وائلن جا الاپ ٻُري رھیا ھئا. دل چیو ڪاش! زندگيءَ جون چارئي موسمون وائلن جي چئني تارن جیان پُرڪیف ۽ ھم آھنگ ھجن ھا تہ زندگي ڪیڏي نہ حسین ھجي ھا. دل ۾ ھڪ ارادو ڪیم تہ زندگيءَ ۾ ھڪ ساز ضرور سکندس، جو ساز ۽ سُٺي ڪتابَ جي صحبت گهڻن اندر جي گدلن ۽ بي روح ماڻهن جي صحبت کان ھزار ڀیرا بھتر ھوندي آھي!
(پبلڪ پارڪ جي آلي بینچ, جارج ٽائون، واشنگٽن- صبح جو یارھین بجي، ۱۰ جنوري 2009)

هڪ حَسين يوناني ڇوڪري ۽ اِزمير ۾ آخري رات
مان مَسخ ٿي ويل تاريخ ۾ جهاتيون پائڻ جي تَجَسُسَ ۾ قلعي جو ھر بچيل پاسو گهمندو گهمندو، قلعي جي بچيل چوٽين تي چڙھندو رهيس. قلعي جا چار دَرَ يا گُذرَ اڃا به بچيل ھُئا جن ۾ ٻه وڏا ۽ ٻه ننڍا ھُئا. مون سڀني درن مان لنگهي، ھر بچيل ماڳُ يا ڪُنڊَ ڏسڻ ٿي چاھي، جو انهيءَ قلعي لاءِ ئي ته جبل جو هيترو ڏکيو پنڌُ ۽ ايڪونجاھُ چاڙهيون چڙھي، ھتي پھتو ھوس. ھن قلعي جا ڪُل چوويھه وڏا بُرجَ تعمير ڪيا ويا ھُئا، جن مان ھاڻي چند ئي وڃي بچيا آھن. اھا ڪيڏي نه عجيب ۽ دلچسپ ڳالهه آھي ته جڏھن اھي بُرجَ تعمير ڪيا ويا ھُئا ته انهن جا نالا يوناني ديوتائن جي نالن سان يعني اَرتيميسيا، ليٽو، اَگاٿي ٽائچي، ڊيوس ڪوروئي ۽ هيراڪلي سوغيرہ رکيا ويا ھُئا. اھي ديوتائن جا نالا اھو سمجهي رکيا ويا ھُئا ته ديوتائن جي نالن سبب قلعو محفوظ رھندو. مذھبي ۽ وھمي عقيدا به انسان کي ڪيئن نه خود فريبي سيکارين ٿا. دنيا ۾ ڪيترن پيغمبرن جون پنھنجون ٻوليون به بچي نه سگهيون. ڪيترن جا ماڳ مڪانَ ۽ مقدس ڪتاب به ساڳي حالت ۾ محفوظ رھي نه سگهيا ۽ دنيا جي وڏي آبادي اڄ به انھن جي پويان آھي ته اُھي کين نجات ڏياريندا. مسلمانن پنھنجو مقدس ڪتاب ۽ ماڳ مڪان ته بچايا آھن، پر سندن گهڻائي پنھنجي مذھب جو اصل غريب پرور ۽ اصلاح پسند سماجي ۽ سياسي جوھر شايد وڃائي چُڪي آھي، ۽ مجموعي طور جمود ۽ ماضي پرستيءَ سبب فڪري، علمي ۽ سياسي طور بدترين زوال ۾ آھي. في الحال ته اھو زوال اڃا وڌي رهيوآھي، جو تُرڪيءَ جھڙو ملڪ ۽ معاشرو به ھڪ سيڪيولر صدي گذارڻ کان پوءِ به مذھب ڏانھن موٽَ کائي رهيو آھي. سو ظاھر آھي ته اھي ديوتائن جا نالا به ھن قلعي کي بچائي نه سگهيا. بچائينديون انسان کي پنھنجيون انفرادي ۽ اجتماعي تدبيرون آھن باقي سڀ اَجايا اعتقادَ، سَکڻا آسرا ۽ خودفريبيون آھن.  سڄيءَ دنيا جي تاريخ ٻُڌائي ٿي ته قديم ڪتابَ، اَجايون بڻايل مقدس قبرون ۽ وَھمي آسرا ماڻهن کي ڪجهھ به نه ٿا ڏئي سگهن. انسان جي نجات ھن جي سائنسي، تنقيدي، سماجي، معاشي ۽ سياسي شعور ۽ سندس  عملي تدبيرن ۾ ئي رھي آھي. دراصل تاريخي ماڳَ ڏسڻ جو تيستائين ڪو به فاعدو ناھي، جيستائين انهن کي تاريخي۽ تنقيدي شعور سان نه ٿو ڏسجي ۽ انهن مان پنھنجي ھمعصر دور جي نسبت سان ڪي بنيادي نتيجا ڪڍي، انھن مان پِرائجي نه ٿو.

مان سڄو ڏينھن جبل جي پنڌَ، تاريخي قديم يوناني شھر جي لاهين چاڙهين وارين گهٽين ۽ اَگورا قلعي تي گذاري چُڪو ھوس. شام ٿيڻ واري ھُئي، سو ھاڻي وري لَھڻَ جي تياري ڪيم. لَھڻَ جو به وڏو پنڌُ ھو، پر وري به سئولو ھو، جو رستو ھاڻي لَھوارو ھو. اَگورا کان واپسيءَ تي آُيس پئي ته ھڪُ ننڍڙو ٻارڙو پيءُ سان روئي ڪو  اََنگَلُ ڪري رهيو ھو. ٻارڙو بيحد پيارو ھو ۽ سندس ٿورڙي وڏي ڀيڻ به سندس پاسي ۾ بيٺي ھُئي. مان کيس روئندو ڏسي بيھي رهيس. سندس پيءُ کان اِشارن ۾ پڇيم ته ڇو ٿو روئي، ته چوڻ لڳو ٻيھر خرچي پيو گهُري. ٻنھي جي معصوميت دل کي لڳي. نيٺ پنھنجي ھٿ ۾ جهليل ٿيلهيءَ ۾ رکيل ڀُڳڙا ۽ مُڱيرا ٻنھي ٻارڙن کي ڏنم ته سندن ڳوڙھا ئي ڄَڻُ گم ٿي ويا. سندن خواھش نبار ڪيتري نه ننڍڙي، پر ھنن لاءِ ان گهڙيءَ ڪيتري نه اھم ھُئي. ڏِٺُم ته ھاڻي ٻئي کِلي خوش ٿي رهيا ھُئا. سوچيم ٻارن جي به انگلَ يا خرچيءَ جو ڪو وقت ھوندو آھي ڇا؟ اصل بادشاھ ته ٻارَ ھوندا آھن. سندن پيءُ تشڪُرُ تَشَڪُرُ چوندو رهيو ۽ مون ھڪ لطيف احساس سان ھنن کي ۽ اَگورا کي الوداع ڪيو. سڪندر جي جرنلن طرفان ٺھرايل ھن قلعي جي ڪَسمپُرسيِ جو حالُ اھو ھو جو اُتي ھڪ ٻارڙو شيءِ لاءِ روئي رهيو ھو. قلعن جو انجام اڳي پوءِ اِھو ئي ٿيڻو ھو. طاقت جي نَشي ۾ مست حڪمران طبقن کي اھا ڳالهه سمجهه ۾ ناھي ايندي. لاھور جي مغل پوره ۾ ھاڻي ماڻهو نِھاري ۽ پايا کائڻ ويندا آھن ۽ دھليءَ ۾ مُغلن جو اولاد پِني ٿو، جنھن تي ادي نورالھُدا شاھ ڪمال جو ٽيلي ناٽڪ لکيو ھو: ”اب ميرا انتظار کر!“. الميو اھو آھي ته ھاڻي انهن جو انتظار به ڪير ڪندو؟ بابر جڏھن لاھور ۽ دھلي فتح ڪري پنھنجي تڙ ڏاڏي چنگيز ۽ ھلاڪوءَ جي روايت کي ورجائيندي، سِسين جا مينارَ اُڀا ڪيا ھُئا ته سوچيو ھُئائين ته سندس خاندان جي آخري، شريف ۽ شاعر مغل حڪمران بھادر شاھ ظفر جو اھڙو حَشَرُ ٿيندو، جو رَنگونَ ۾ سندس نِٻَلَ جسم مٿان مَکيون ھٽائڻ وارو به ڪير نه ھوندو!

شام پنھنجا مُھانڊا ڪڍي رھي ھُئي ۽ مونکي چانھه جي طلب پئي ٿي. هيٺ قديم شھر جون لاهيون لَھڻ شروع ڪيم ۽ ڪوشش ڪيم ته ھاڻي ٻيون گهٽيون وٺان. ائين لھندو اچي ھڪ ننڍڙي ڪيفي تي بيٺس، جنھن جو ھڪ ئي مالڪ، ھڪ ئي چانھن ۽ ڪافي ٺاھڻ وارو ۽ ھڪ ئي سروس ڪرڻ وارو پوڙھو ھو. ڪيفي ننڍڙي پر نھايت صاف سُٿري ھئي. مالڪ جي ٽيبل تي سندس ٻلي وڏي آرام سان ائين ويٺل ھئي جيئن ڪو ٻار گهڻن مھينن کان پوءِ گھر آيل پيءُ کي وڏيءَ سِڪَ مان ڏسندو آھي. ٻلي ۽ ڪيفي جو مالڪ ڏسڻ ۾ ئي پُرسُڪون ھئا. ٻُوسٽ واري ۽ اندر جي پليت جو مُھانڊو ئي پري کان پَڌرو! دل چيو، چانھن پيئڻ لاءِ هيءَ جاءِ ڀلي آھي. جڏھن دل ڳالهه اُڪلائي ڇڏي ته پوءِ اسانجي ڪھڙي مجالَ جو وڌيڪ ڊيگهه ڪجي. مون ڪيفي جي انهيءَ جُهوني سَنهڙي سيپڪڙي مالڪ ۽ سندس ٻِليءَ کي کيڪار ڪري، چانھه جو چيو ۽ ھڪ اسٽول تي ويھي رهيس. ٿَڪُ ھو، سو ٻئي ڪوپ َ جو به چيو مانس. تُرڪش ڪوپ ھونئن ئي ٻن ٽن سُرڪين جيترا ٿين. ٻي چانھه سان گڏ ھو به اچي منھنجي پاسي ۾ ويٺو. خوشي ٿي، جو ھن کي ڪجهھ انگريزي آئي ٿَي. ھن ٻڌايو ته ھو ھڪ رٽائرڊ پرائمري استاد ھو، پر ھو چُست چوبندُ ۽ پنھنجو گذران پنھنجي پورهئي سان ڪري رهيو ھو.

اسان وٽ ته ماهو رٽائر ٿي زندگيءَ مان به رٽائر ٿيو وڃن. ھن سان رواجي حال احوال ڪري، کانئس پڇيم ته ڇا اڃا به ھتي يوناني ۽ عيسائي رھن ٿا؟ ھو جيئن ته ھڪ رٽائر استاد ھو، سو ھن جي ڳالهائڻ ۾ تاريخي شعور، تڪيل توريل ٻولي ۽ سمجهائڻ وارو انداز ھو. ھن کي ڏسي مونکي اَسيءَ جي ڏھاڪي وارو قمبر وارو پنھنجو استاد سائين نور محمد ياد آيو، جيڪو علي خان ۾ رھندو ھو ۽ شام جو سڄي شھر جو چڪر ھڻي، واڪ ڪندي نظر ايندو ھو. ھن ٻڌايو ته ھيءَ وَسندي گهڻو زمانو يونانين جي ئي  رھي، پر 1922ع ۾ جڏھن تُرڪيءَ اتاترڪ جي فوج جي اڳواڻيءَ ۾ شھر کي فتح ڪيو ھو ته 1923ع جي معاھدي تحت تُرڪيءَ ۽ يونان وچ ۾ ٿيل آباديءَ جي مَٽاسَٽا به ٿي ھئي ۽ پوءِ آھستي آھستي يوناني آبادي ھتان يونان ھجرت ڪندي وئي. جنھن ازمير ۾ تاريخ جو ڊگهو زمانو يونانين جي گهڻائي رھي، اُتي ھاڻي اُھي ٿورائيءَ ۾ آھن. ھن چيو ته ھا باقي واپار سانگي اڄ به ازمير جو گهڻو تعلق يونان سان ئي آھي ۽ يوناني ھتي ايندا رھن ٿا. عيسائيت بابت ھن ٻڌايو ته اُھي به ٿورائيءَ ۾ پر شھر ۾ ھر ھنڌ آباد آھن. ھن جي اھا ڳالهه مون لاءِ نئين ھئي ته بائيبل ۾ جن سَتن چَرچُن جو ذڪر ٿيل آھي، انھن مان ھڪ ازمير ۾ ئي ھُئي. مسيحيت جي اُڀار وقت ھي ھڪ مسيحي شھر ھو. ھاڻي گهڻائي مسلمان تُرڪن جي آھي، جو شھر جي تُرڪيءَ ۾ انضمام کي ھڪ صديءَ کان به ٻه سال وڌيڪ گذري چُڪا آھن. کيس چيم ته ڇا ڪنھن يونانيءَ کي ڏسي سگهان ٿو؟ پوڙھو زندھ دل ھو، سو ڀوڳَ واري معصوم مُرڪَ سان پُڇيائين ته يوناني مرد يا ڪا مائي؟ مون کلي کيس چيو ته يوناني مرد کي ڏسڻ لاءِ سقراط يا افلاطون ۽ ارسطوءَ جا مُجسما ئي ڪافي آھن. زندھ صورت ۾ ته ڪا مائي ئي يونان جي حُسن، ڏيا ۽ ڏِيلَ جي درست نمائندگي ڪندي. ھن چيو، کاٻي پاسي واري گهٽي يونانين جي آھي. ٿورو انتظار ڪر! ائين اسان جي ڪچھري جاري ھُئي ته ھن پڇيو ته تو ازمير جي خاص مٺائي بويوز کاڌي آهي؟ مون نه ۾ ڪنڌُ ڌوڻيو ته ھو پاسي واري دُڪانَ تان بويوز وٺي آيو. جيڪا ھڪ پيسٽريءَ جو قسم ھئي، ۽ ازمير جي خاص سُڃاڻپ ھئي. مون ڪٿي پڙهيو ھو ته ازمير جا ماڻهو قربائتا، مھمان نواز ۽ مھربان مزاج جا ھوندا آھن. اھو ٻن ڏينھن جي تجربي مان نسورو سچ ثابت ٿيو ھو. اسانجي بي ترتيب ڪچھري جاري ھُئي ته ھن سامهون وڏي اعتماد ۽ لوڏَ سان ايندڙ ڇوڪريءَ ڏانھن اشارو ڪري چيو ته اھا يوناني ڇوڪري اَٿئي. مون ھن تي ھڪ نظر وڌي ۽ بيساختگيءَ سان ڊائريءَ ۾ ھَٿُ وِڌم. مون ان لمحي کي ھڪ نظم ۾ محفوظ ڪرڻ ٿي چاهيو. لکيم.

يوناني ڇوڪريءَ جي نالي!

ڏاڙھونءَ رَتا ڳَلَ ھُن جا

نِھارَ ھن جي اَنگوري

مُرڪَ ھن جي مُشڪَ جھڙي

ڇُھاءُ جنھن جو هيرَ جھڙو

وارَ ھن جا زعفراني

قَدُ ھن جو صَنوبري

چالَ ھن جي سفيد ھڪڙي ڊيلَ جھڙي!

ھوءَ بي پرواھ يوناني ڇوڪري

ائين وئي ٿَي

وارَ لوڏي

ڪُڏَندي

ڄَڻُ ھُئا

ماضي ۽ مستقبل ھُن جي ئي مُٺِ ۾

رَنگ بَرَنگيِِ ڳاڙھَ سِريِ

اِزميري ھوءَ شالَ جھڙي!

يوناني ھڪَ ڇوڪري!

(شام جو ستين وڳي، پاگوس قلعو- اِزمير)

مون ھن جي وقارَ، اعتمادَ، پنھنجي حُسن تي نازَ ۽ رنگَ مان ئي يونان کي پَسي ورتو ھو! جيئن جُز ڪُلَ ۾ ھوندو آھي، تيئن ڪُل به ته جُزَ ۾ سمايل ھوندو آھي. جُز ۽ ڪُلَ کي خيال پسند صوفي وجودي فڪر جي ٻئي پاسي کڻي ويا، پر يوناني ارسطوئي منطق به ته  Inductive ۽ Deductive معنا ۾ جُز ۽ ڪُلَ جي ڪَٿَ جا پيمانا آھن يعني جُز مان ڪُلَ کي سمجهڻ يا ڪُلَ مانُ جز کي پرکڻ. ھنُ سان انيڪ موضوعن تي بي ترتيب پر ڀلي ڪچھري ٿي. نيٺ ھن اُستاد کان موڪلايم. ھڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته تُرڪيءَ جو ھي واحد اھڙو علائقو ھو، جتي نه مسجدون گهڻيون هيون، ۽ نه وري مذهبيت. ھونئن به اِزمير ترڪيءَ جو شايد واحد اھڙو علائقو آهي، جتي نه رڳو گهڻي مذهبيت ناھي، پر مذھبي تنوع به آھي. واپاري شھر ائين ئي ھوندا آھن. مارڪس صنعتي مزدورن کي ان ڪري به انقلاب جو ھر اوّل دَستو سڏيو ھو، جو اُھي زرعي پورهيتن وانگر غير منظم، ثقافتي ۽ مذھبي ٻَنڌڻن ۾ ٻَڌَلَ ۽ موجود ڦورو نظام جي رَضا تي راضي ناھن ھوندا. سامي مذھبن جا اڪثر پيغمبر به شھري ھئا. گوتم ۽ مھاوير به شھري ھئا. ھندو مت ۾ رامُ به راجيه جَنڪ جي شھري رياست جَنڪ پور جو رھواسي ھو، جيڪو شھر ھاڻي نيپال ۾ آھي. ٻھراڙين ۾ لوڪ شاعري ته ٿي سگهي ٿي، پر تھذيبن، تمدن، واپار ۽ تبديلين جا محور ۽ مرڪز تاريخ ۾ شھر رهيا آھن. اھو ته ويھين صديءَ ۾ چين جي ڪامريڊ مائوءَ ۽ ويٽنام جي ھوچي مُنهھ جو ڪمال ھو، جو ھنن ھارين کي به انقلابي قوت ثابت ڪري ڏيکاريو.

اِزمير جي آخري رات:

ڪمري تي موٽي آيس ۽ ووڊڪا جو گلاس ٺاھي چوٿين ماڙ تي پنھنجي ڪمري جي گئلريءَ ۾ ويھي جبل تي جو نھارَ وڌم ته يقين ئي نه ٿي آيو، ته منھنجو ڪالهوڪو ڏينھن انهيءَ جبل جي گهٽين ۽ جبل جي چوٽيءَ تي اَگورا تي گذريو ھو. جيئن مِٺيءَ جي گَڊي ڀِٽَ تان رات جو هيٺ نھاربو آھي ته لڳندو آھي ته سڄو شھر ڪو مندر ھجي، جنھن ۾ رڳو ڏيئا ٻري رهيا ھجن. سيوھڻ بابت ڏند ڪٿا آھي ته بودلي بھارَ ڏنڊو ڦيرائي شھر اونڌو ڪري ڇڏيو ھو. ھتي به لڳو ٿي ڄڻ ڪنھن يوناني ديوتا مِٺيءَ جي شھر کي رات جي پھر ۾ اونڌو ڪري، اِزمير جي جبل تي رکي ڇڏيو ھو. جبل تي رڳو ڏيئا ٻَري رهيا ھُئا. ڄاتُم ٿي ته اھو ھر ڏيئو ھرھڪ گهر ھو، جنھن ۾ تاريخ جون ڪيئي ڪھاڻيون ۽ داستان پوڙھن ماڻهن جي سينن ۾ ساھَ کڻي رهيا ھئا. اُھي داستانَ جيڪي ھنن پنھنجي ان نسل کان ٻُڌا، جڏھن ھتي يوناني گهڻائيءَ ۾ ۽ تُرڪَ ٿورائيءَ ۾ ھُئا. زندگيءَ جون سڀ ڪھاڻيون ۽ سمورا داستان ڪو لکت ۾ محفوظ ٿورو ئي ٿيندا آھن. گهڻا ائين نسل در نسل منتقل ٿيندي، تاريخ جي ويسر ۾ اَلوپ ٿي ويندا آھن. مون انھن گهٽين ۾ گهمندي، انهن داستانن جي نشانن کي ڳولڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. دل چيو ته ھڪ رات انهيءَ جبل جي ڪنھن جاءِ جي ڇَتِ تي رھجي ھا، پر سُڀاڻي ته منھنجي استنبول ڏانھن واپسي ھُئي. زندگيءَ ۾ گهڻا حسين خيال تڏھن ايندا آھن، جڏھن گهڻي دير ٿي چُڪي ھوندي آھي.  اِھا ئي زندگيءَ جي حقيقت به آھي ته الميو به!

اِزمير:چوٽيءَ تي ٺھيل قلعو، قديم وسندي ۽ شاعريءَ وارا ڏاڙهون
(قسط: 2)

ٻيون ڏينھن

رات دير تائين جنھن جبل جي قديم يوناني وَسنديءَ کي وڏي اُتساھَ ۽ اڪيرمان ڏٺو ھئم، اڄ صبح جو اُٿڻ سان ئي اِھو خيال دل تي چڙهيو بيٺو ھو ته اَڄُ پنڌ اُتي وڃبو. ھاڻي سمجهه ۾ آيو ٿي ته مذھبي ماڻهو پنھنجن تاريخي مذھبي ماڳن ڏانھن وڃڻ لاءِ ايترا پُرجوش ڇو ھوندا آھن؟ فرق رڳو اھو آھي ته ھنن جي اُتساھ جو سرچشمو عقيدا ۽ ’نجات‘ جا خود فريب آسرا ھوندا آھن ۽ اسان جھڙن جي اُتساھ جو سبب فلسفو، سائنس، ادب، فن ۽ انساني تھذيب ۽ تمدن جي تاريخ آھي. اِھو ته مان رات جو ئي سمجهي ويو ھوس ته سڄو شھر لتاڙي ۽ جبل جون وسنديون اُڪاري، چوٽيءَ تي سِڪندر مَقدونيءَ جي جوڙايل قلعي تائين پنڌ وڃڻ لاءِ وڏو جگر گهرجي، جيڪو منھنجي ارادي ۽ سگهه ۾ ته بلڪل موجود ھو. قونيا اچڻ کان اڳ ھڪ ڏينھن مون ۽ امتياز چوويھه ڪلوميٽر اَوجلار ساحل جي پَٽيءَ تي ڊگهو پنڌُ ڪيو ھو. نيٺ سَنبت ڪري نِڪتس ۽ پنھنجيءَ ھوٽل کان جبل جي پاڙَ يعني هيٺاهينءَ تي پھتس، جنھن جي ٻنهي پاسي کان اِزمير جي قديم بازار آھي. تڏھن پوليس واري کان پڇيم ته قلعي ڏانھن رستو ڪھڙو ويندو؟ ته ھن چيو، اھا چاڙھي چڙھندو وَڃُ ته نيٺ قلعي تي پُڄي ويندين، جو سڀ رستا گهُمي ڦِري اوڏانھن ئي ويندا.

مون پنڌُ شروع ڪيو ته جبل جي اندر لڪيل جھانَ کُلندا ٿي ويا. ھيءُ جبل ته خود ھڪ وڏو شھر آھي، جنھن جي کاٻي ساڄي ھر طرف اڻ کُٽ گهٽيون هيون. ھر گهٽي ھڪُ مڪمل پاڙو ھُئي. پراڻا غريباڻا ۽ هيٺئين وچولي طبقي جا گهر، ھر گهر کي ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ ساديون بالڪنيون، درن جي آڏو ڪي ننڍيون ته ڪي وڏيون دِڪيون، گهرن کي ننڍا ننڍا ورانڊا، جن جي چوڌاري ٻُوٽن جون ڪونڊيون ۽ ٻليون ته ڄڻ ھر گهر ۾ لازمي. پڪ اٿم ته تُرڪي، آذربائيجان ۽ ايران ۾ ماڻهو گهريلو ٻلين کي پھرين شُمار ڪري، پوءِ پنھنجا ٻار ڳڻيندا ھوندا، جو ٻليون به کين ٻارن جيان ئي دادليون ۽ پياريون آھن. سڄو ماحول ڪجهھ ڪوھُ مريءَ جي پُراڻن پاڙن جھڙو ھو. ھونئن به واريءَ جي ماڻهن جو مزاج ساڳيو  پاڻيءَ جي پاسي ۾ رھندڙ دنيا جا سڀ ماڻهو لڳ ڀڳ ساڳيا، ھارپو  ڪندڙن جا موضوع ۽ مِٽي ساڳي، شھرن جي مصنوعي ماحول جا مزاج به مصنوعي ۽ جبل جون وسنديون نٿيا ڳَليءَ جون ھجن يا اِزمير جون، ماحول ساڳيو، يقيني طور مزاج به ساڳيا ھوندا. فرق رڳو اھو آھي ته ازمير جابلو ماڻهو جبل کان هيٺ لھن ته چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ اٿن. اھو ئي سبب ھو جو وڪٽر هيوگو جڏھن ھتي گهمڻ آيو ھو ته ھُن چيو ھو: ’ازمير اُھو شھر آھي، جنھن کي ڳچيءَ ۾ سمنڊ جو ھارُ پاتل آھي.‘ ممبئي به ائين ئي آھي. پھريون ڀيرو جڏھن 1991 ۾ ممبئيءَ وڃڻ ٿيو ھو ته شام جو سمنڊ جي ڪناري تي چادر وڇائي، ووڊڪا جي بوتل کولي، سنڌي ڪھاڻيڪار ۽ دلبر انسان شيام جئي سنگھاڻيءَ چيو ھو: ”جامي! هيءَ اَٿئي نيڪليس بيچ!“ واقعي فطرت ساحل کي نيري سمنڊ جو دنيا جو سڀ کان قيمتي نيڪليس پارائي ڇڏيو ھو. اِزمير به ائين ئي ھو، جتي ڪالهھ شام مون وڏي پَسارَ ڪري، ٿَڌِ ۾ ٿَڌو بيئر پيتو ھو ۽ ٺيلهي تان ٽانڊي جي پڪل مڇي وٺي کاڌي ھُئي. ٿَڌِ ۾ ٿڌو بيئر دراصل پھر کي جدلياتي رنگُ ڏيڻ جي تدبير ھئي معنا نفيءَ جي نفي! مڙئي جدلياتي بَھانا- اصل ڳالهھ گهڙيءَ کي ماڻڻ ۽ چوڙڻ جي ھُئي.

گهرن جي بيھڪ ساڳي پراڻي ھئي. يا ته ماڻهو غريب ھئا يا ھنن ھن قديم شھر جي تاريخي وَسندين جي تاريخي بيھڪ کي نواڻِ جي نالي ۾ تبديل ڪرڻ يعني بگاڙڻ نه ٿي چاهيو. جي مان به ھتي جو رھاڪُو ھجان ھا ته مان به ائين ئي ڪيان ھا. ڏٺم ته ھڪ ڪلوميٽر پنڌ ڪري آيو ھوس. اھو پنڌ ھونئن ته ڪجهھ به ناھي، پر جبل جو ايترو پنڌ سئولو ناھي. ارادو ھو ته ڪٿي ويھي ساھي پٽيان. اھو به خيال دل ۾ ھو ته ماڻهن جا گهر آھن، سو ڪو اعتراض نه ڪري. ڏٺم ته کاٻي پاسي ھڪ اَسي سالن جي لڳ ڀڳ عمر جو ھڪ باوقار پوڙھو پنھنجي ورانڊي ۾ ھڪ ڪُرسيءَ تي وڏو ڪارو ڪوٽ پايو ۽ لَڪُڻ پاسي ۾ رکيو اَڪيلو چانھن پي رهيو ھو. مونکي پھرين نظر ۾ ئي ھن جي خوش لباسي ۽ خوش مزاجي ۽ اُھا به اڪيلائيءَ ۽ واندڪائيءَ ۾ به خوش لباسي ۽ خوش مزاجي بيحد وڻي. اھو زندگيءَ سان پيار ڪرڻ ۽ ان جي حُسناڪين مان ھَٿُ نه ڪڍڻ جو ھڪ اُتساهيندڙ رويو ھو. منھنجو هُڦيل ساھُ ڏسي، ھو سمجهي ويوته ساھي پَٽڻ ٿي چاهيم. اشارو ڪري اندر اچڻ جو چيائين. سندس ڪاٺَ جو ننڍو در ھونئن ئي کُليو پيو ھو. چانھن جو پُڇيائين ته مون به کڻي ھا ڪئي. ھوُ اندرويو ۽ ڪجهھ ئي دير ۾ ھڪ ننڍي ٽِري ۾ پاڻيءَ جو گلاس، مُڱيرن جي لائي،  ننڍڙي پياليءَ ۾ ٿورا ڀُڳَلَ مُڱيرا ۽ ٻه چانھيون کڻي آيو. مون کيس بيحد احترام ۽ ٿورائتي انداز ۾ ”تَشڪر تَشڪر“ چيو ته ھن مُرڪي مونکي چانھن کڻڻ جو چيو. تُرڪ به چانھن کي ’چاءِ‘ چون، سو سواءِ انهيءَ ھڪڙي لفظ جي، ٻي ڪنھن به لفظ يا جُملي جي معنيٰ سمجهه ۾ نه ٿي آئي، پر مطلب سمجهه ۾ آيو ٿي. معنويت انسان جي سگهه به آھي ته ڪمزوري به، جو ھو معنويت کان سواءِ رابطو نه ٿو ڪري سگهي.  ٻولي معنويت جو قالب ۽ نظام آھي، پر ٻيون سڀ جيوتون معنويت کان سواءِ به ھڪ ٻئي سان رابطو ۽ مڪمل اظھار ڪن ٿيون. اسان به مڪمل ڪچھري ڪئي، جنھن ۾ مفھوم سڀ ھو، پر معنويت کان بي نياز گفتگو ھُئي. دلچسپ ڳالهھ اھا ھئي ته ھن لاءِ اھو احساس ئي ڪافي ھو ته مان ھن کي ڌيانَ ۽ احترام سان ٻُڌي رهيو ھوس ۽ ھو ان خيال کان بي نياز ٿي گفتگو ڪري رهيو ھو ته مان ھن جون ڳالهيون سمجهي به رهيو آهيان يا نه؟ جھان ديده ماڻهو ھو، سو ھن کي اندازو ھو ته مفھوم مونکي سمجهه ۾ اچي رهيو آھي. مون سندس لباس، ميزباني ۽ شخصيت جي تعريف ڪئي ته ھو بيحد خوش ٿيو ۽ ان بي ساخته خوشيءَ ھن جو وقار اڃا به وڌائي ڇڏيو، جيڪو ھن جي شفيق مُرڪَ مان ئي ظاھر ھو. مان کانئس موڪلائي مٿس ۽ سندس ورانڊي تي ھڪ نظر وجهي اڳتي هليس، پر اھا گهڙي هميشه لاءِ حسين يادن ۾ پنھنجي جاءِ والاري وئي. ماڻهو ٻئي جي مَٺائيءَ کي ته زندگيءَ جو تلخ تجربو سمجهي کڻي وساري ڇڏي، پر ڪنھن جي اھڙي مھربان ۽ بي لوث چڱائيءَ کي ڪڏھن به وساري نه ٿو سگهي.

ھن جابلو وَسندين ۾ به اُھو سڀ ڪجهھ ھو، جيڪو اھڙن ننڍن شھرن ۾ ھوندو آھي يعني عام گهرَ، انھن جون ڏيڍيون، ورانڊا، دُڪانَ، حجمَ، ننڍڙيون بيڪريون ۽ انھن مان ايندڙ مَسحور ڪندڙ اَٽي، گيھهَ ۽ محسوس ٿيندڙ ھلڪي مِٺاڻِ جي خوشبو، سبزيون ۽ ميون جا عام دُڪانَ ۽ سادا عوامي ڪيفيز. اسڪول ۽ ڪاليج ايندڙ ۽ ويندڙ ٻارَ، ورانڊن ۾ ڌوتل ڪپڙا سُڪائيندڙ پَڪيءَ عمر جون مايون. بيپرواھيءَ سان ھلندڙ نوجوان ڇوڪريون ۽ گهرن جي دِڪين ۽ بالڪنين ۾ اڪيلا يا گڏجي ويٺل واندا پوڙھا، وَڻَ ۽ انھن تي ويٺل خاموش ۽ ٻوليندڙ پَکي! ائين اِھي سڀ نظارا ڪندو، سوچيندو، ماضيءَ ۾ گُم ٿيندو، نيٺ وڃي جبل جي چوٽيءَ تي پھتس، جتي سڪندر جو ٺھرايل قلعو باقي بچيل آثارن سان موجود ھو.

ھن شھر جي تاريخ به عجيب آھي. شھر آباد ڪيو يونانين، اڳتي ھلي ان تي قبضو ڪيو رومين ۽ شھر ايرانين وٽ به رهيو. سڪندر وري پنھنجي اوڀرائين ڪاھُن دوران انھن ايرانين کان شھر ڇڏرايو. بعد ۾ ائين يونانين کان تُرڪن پندرهين صديءَ جي شروعات يعني 1415 ۾ عثمانيه جي سُلطان محمت شھر پنھنجي قبضي ۾ ورتو ۽ 1426 ۾ اِزمير مڪمل طور تي ترڪيءَ جي عثمانيه سلطنت جي تحويل ۾ اچي ويو، ۽ اھو تُرڪ شھر سڏجڻ لڳو. ھن شھر سان رڳو تاريخ جي سياسي لاھن چاڙھن ئي نه پر فطرت جي حادثن به گهٽ نه ڪئي، جو سمنڊن ۽ جبلن سبب ھي زلزلن جي زد ۾ ايندڙ علائقا آھن. چيو وڃي ٿو ته ھن شھر کي 1688 ۾ ۽ بعد ۾ 1778 ۾ آيل تاريخ جي وڏن زلزلن مڪمل طور تباھ ڪري ڇڏيو ھو. ھن شھر جي مالڪي سدائين سَمُنڊَ پئي ڪئي آھي، جو سامونڊي بندر سبب ھيءُ شھر وري وري آباد ٿيندو رهيو.. ھي ته ان لحاظ کان به ھڪ عجيب شھر آھي جو ھتي ٻه سمنڊ يعني ميڊيٽيرين ۽ ٻئي سَمُنڊَ اچي مِلن ٿا. انھيءَ ڪري ازمير جو ڊيلٽا به تمام وڏو آھي. ھتي جا ڏاڙھون يورپ، يونان، ترڪيءَ ۽ ايران تائين مشھور آھن. شاعرن ازميري ڏاڙُھن تي وڏيون شاعريون ڪيون آھن. ازمير جي ڏاڙُھن تي سينڊرا جو مشھور نظم لکيل آھي. قديم يوناني لوڪ شاعريءَ ۾ حسينائن جي ڳِٽَن کي ازميري ڏاڙھُن سان تشبيھه ڏني ويندي هئي. قنڌار وارا وري چون ته اھڙا ڏاڙھون دنيا ۾ ٻيو ڪٿي به ناھن ٿيندا.  محبت جي اھڙي وڌاءَ کي اسانجو پيارو دوست نور احمد خوجو پنھنجي مخصوص طنزیہ انداز ۾ چوندو ھو: ”ادا مڙئي زيبِ داستان!“. زندگيءَ مان جي اھڙا بي ضرر محبت ڀريا رومانوي وڌاءَ ڪڍي ڇڏجن ته باقي ڇا بچندو؟ فطري طور حسين, تاريخي۽ تھذيبي طور مڃيل شھرن کي پنھنجي ھڪ نرگسيت ٿيندي آھي. ازمير کي به اھو رومانوي وڌاءُ سُونھين ٿو. محبت ھونئن به حقيقت پسند نه ٿي ٿي سگهي. اُھا وَڌاءُ ضرور ڪندي. حقيقت پسندي شعور جو ڪم آھي، انسان جي انھن ٻنهي عقلي ۽ احساساتي مظھرن کي سلامت رھڻ گهرجي. ڪنھن به ھڪ عنصر جي کوٽ انسان جي داخليت ۽ خارجيت جو توازن وڃائي ڇڏيندي.

ازمير شھر جو وڻندڙ نظارو

مان ساهيون پٽيندو، نيٺ جبل جي اُنَ چوٽيءَ تي پُڄي ويس جيڪا رڳو جبل جي چوٽي ۽ ھن قديم يوناني، رومي،  بازنطيني ۽ ھاڻي تُرڪ شھر جي آخري اُونچائي ئي نه، پر ھڪ قديم ۽ وچولي دورن جي تاريخ جو اھم اُھڃاڻ ھو يعني اُھو قبلِ مسيح دور جو قلعو، جنھن کي يوناني اَگورا سڏيندا ھئا ۽ تُرڪن ان جو نالو چوڏهين صديءَ ۾  مَٽائي ڪادف ڪَلي رکيو، جيڪو سترهين صديءَ جي مشھور تُرڪ سياح آيوليا صليبيءَ موجب دراصل سندن ھڪ حسين راڻيءَ جو نالو ھو. تُرڪن چوڏهين صديءَ ۾ رڳو ھن تاريخي قلعي جو نالو ئي نه مٽايو ھو، پر انکي عارضي طور بند پڻ ڪري ڇڏيو ھو. جبل جي چوٽيءَ تي چڙھي نھاريم  ته پھرين نظر ۾ اھو ھڪ وڏو جابلو پارڪ لڳو. کاٻي پاسي کان قلعي جي ديوار جا ڪجهھ آثار نظر آيا. اُتي بيٺل ھڪ مقامي ماڻهوءَ کان پڇيم ته ھن ٻڌايو ته قلعي جو مُک دروازو ۽ گهڻا آثار اڳتي ھلي ساڄي طرف ھئا. قلعي جي مُک دروازي، ديوار ۽ باقي بچيل آثارن طرف دَيار جا گهڻا، ڊِگها ۽ جهُونا وَڻَ ھُئا. جبل جي مٿانھين چوٽيءَ تي ھرطرف کان يا ته سمنڊُ ھو يا ازمير شھر جا نظارا. شھر ۽ سمنڊ تي جبل جي چوٽيءَ تان نظر وڌم ته سوچي، وڪٽر هِيوگو کي ته اھو چوڻ گهربو ھو ته اصل ۾ سمنڊ جي ازميري ساحل کي شھر جي تمدن جو ھارُ پاتل ھو. شھر ۾ گهمندي اندازو ئي نه ٿي ٿيو ته ھي ڪو ايترو وڏو ۽ ڦھليل شھر آھي. جبل جي چوٽيءَ تي واقع قلعي اَگورا جي باقي بچيل اونچائين تان بيھي اندازو ٿيو ته ھي ڪيترو نه وسيع ۽ چئني پاسن کان ڦھليل شھر آھي. قديم شھر ته انهيءَ جبل جي وَسندين ۾ ھو يا ساحلن تي. ان دور ۾ سامونڊي مُھاڻن ۽ واپار سانگي ايندڙن جون ننڍيون ننڍيون وسنديون هيون، جيئن سترهين صديءَ تائين اسان جي ڪَلاچي ھُئي. ميرن به جڏھن ڪراچيءَ کي ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ قلات خاندان کان واپس ورتو ته شھر ايترو ننڍو ھو، جو انکي چوديواري ڏياري ھُئائون يعني شھر جو مطلب ھو مِٺي کُوھَ واري وَسندي، جو مِٺو دَرُ ۽ کاري کُوھ واري وسنديءَ جو کارو دَرُ. مونکي ڪراچيءَ جا اِھي قديم پاڙا زبيده برواڻيءَ ويھه ٻاويھه سالَ اَڳُ گهُمايا ھُئا ۽ کارا در جون ڪمال جون روايتي مانيون کارايون هيون. ھوءَ سنڌ سميت پراڻي ڪراچيءَ جي وڏي عاشق آھي ۽ ھڪ بنھھ سچي، سَدوري ۽ نبار سنڌياڻي ۽ ھاڻي ھڪ مڃيل ليکڪا آھي.

قلعي جا بچيل آثار پنھنجي ساڳي ھَٺَ سان بيٺا ھُئا، جنھن ھَٺَ سان ۽ رياستي طاقت جي علامت طور اُھي ٺھرايا ويندا آھن. وڏا دَرَ، اونچيون ۽ ويڪريون ديوارون ۽ تعمير جي فن جا يادگار پر ڳائيندو ته وري به ھرڪو سڪندر‎ کي جنھن قلعي ۾ لڳندڙ ھڪ پَٿَرُ به پنھنجي ھٿ سان نه کنيو ھوندو، ڪير ياد ڪندو انھن ڪاريگرن، استاد اوستن ۽ غلاميءَ کي جن زندگيون  اِھي قلعا ۽ ڪوٽَ تعمير ڪندي ڳَري ويون، مغلن جي دور ۾ به ڳائبو ته شاھجھانُ، انجي تعمير ڪندڙ گمنام پورهيتن ۽ ڪاريگرن کي ته تاريخ به ياد نه ڪندي. ھن قلعي جي تعمير، تباھي ۽ ورائي ورائي تعمير مختلف دورن ۾ ٿيندي رھي آھي. چيو وڃي ٿو ته ابتدائي  تعمير هيلنسڪ دور ۾ مڪمل ٿي، بعد ۾ رومن، بازنطيني آئيڊرينو گُلاري ۽ عثمانيه دورن ۾ انجا اندريان حصا گهرج مطابق تعمير ٿيندا ۽ وڌندا رهيا. چيو وڃي ٿو ته ھتي ھڪ مشھور هيگيوز  چرچ به ھئي، جنھن جا آثار ھاڻي مڪمل طور وڃائجي چُڪا آھن البته عثمانيه دور جي ٺھرايل ھڪ وڏي مسجد اڃا به جيئن جو تيئن بيٺي آھي. چرچ ته ڊھي وئي باقي مسجد بيٺي آھي ضرور، انجا سبب سياسي ۽ مذھبي ھوندا. تاريخ جا فطري حادثا ته اھو مذھبي فرق نه ٿا ڪري سگهن. تُرڪ مسلمانن جڏھن چوڏهين صديءَ ۾ ھن قلعي تي پھريون ڀيرو قبضو ڪيو ھو ته اُھي ھن قلعي کي وڌائيندا ۽ انجي مرمت ۽ مسلسل تعمير ڪندا رهيا. چون ٿا ته انجي تُرڪن پاران پھرين وڏي مرمت پندرهين صديءَ ۾ ۽ آخري ڀيرو ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري ڪئي وئي ھُئي. اصل ۾ قديم۽ وچولي دورن ۾ اھي قلعا رڳو شاھي خاندان يا حڪمرانن جي رھائش لاءِ ئي نه پر رياست يا شھر جي دفاعي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندا ھُئا، انڪري انھن جي اهميت گهڻ پاسائين ھُئي. جيتوڻيڪ ھي قلعو گهڻو وقت ھڪ ننڍي شھر جي حيثيت پڻ رکندو ھو ۽ ماڻهو ھتي ھڪ وڏي وَسندي طور رھندا ھئا بلڪل ائين جيئن اسان آذربائيجان ۾ پراڻي شھر کي ھڪ قلعي ۽ وڏي ڪوٽ اندر ڏٺو ھو، جتي اڄ به ماڻهن جا شاندار گهر ھئا ۽ اُھا ھڪ جيئري انساني وَسندي ھُئي. وسنديون ته اسان وٽ به حيدرآباد ۾ پَڪي ۽ ڪَچي قلعي ۾ آھن، پر انھن قلعن کي برباد ڪري، ان تي پنھنجيون وسنديون قائم ڪيون آھن. نه وري اھو ڪنھن به حڪومت ۾ افعال آھي ته انھن کي متبادل رھائشون ڏئي، انھن قلعن کي ممڪن حد تائين تاريخي ماڳن طور بحال ۽ محفوظ ڪرڻ جون سنجيده ڪوششون ڪن. ھي قلعو به سورهين صدي کان انهي مقصد لاءِ استعمال ٿيندو ھو، ويندي شاھي خزانا ۽ اميرن جا قيمتي سامان به قلعي جي تَھھَ خانن ۾ رکيا ويندا ھُئا. ھاڻي بس ان جا ڪجهھ آثار ئي بچيل ھئا، جيڪي ڏسڻ به دنيا اچي ٿي. (هلندڙ)

ھومرَ جو گُم ٿي ويل شھرُ، نيرو ساحلُ ۽ يوناني حُسن
بس ۾ ماڻهن جي چُرپُر تي اَکِ کُلي ته معلوم ٿيو ته اسانجي بس اِزمير پُڄي چُڪي ھُئي. مون اُٿي پنھنجو سامان کنيو. مَواليءَ جي گهر کي باھ لڳي ته ھن پنھنجو ڏنڊو ڪُونڊو کڻي چيو،” ھاڻي اُڪو ئي باھ لڳي.“ سو مان به سفر ۾ پنھنجي ڪتابن ۽ ڊائريءَ وارو ٿيلهو پھرين هٿيڪو ڪندو آهيان، پوءِ باقي سڀ خير آھي. اڪثر سامان گم به ٿيو اٿم. 2012 ۾ سردار شاھ ۽ مان هيوسٽن کان واشنگٽن گڏ پئي آياسون ته منھنجو سمورو سامان گم ٿي ويو ۽ اقبال ترين گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر نه جو نه مليو. سردار شاھ جا ڪپڙا پائي، مان واشنگٽن مان موٽي آيس ۽ ھو وري ڪوسٽاريڪا هليو ويو. اسان قونيا کان نَوَ ڪلاڪ ميٽرو بس ۾ سفر ڪري، اِزمير پھتا ھُئاسون. مونکي ته سفر جو پندرھون ڪلاڪ ھو، جو ڇھه ڪلاڪ قونيا جي بس اسٽاپ تي به گذريا ھئم، پر اورھان پاموڪ جو ناول ”منھنجو نالو سُرخ آھي“ پڙھندي، وقت سٺو گذريو ھو.  اِھو پرھَ ڦُٽيءَ جو وقت ھو ۽ مون سوچيو، جيستائين سِجُ آرس ڀَڃيِ اُڀري بيھي، تيسين تُرڪش سيلماني چانھن جي ٻن ڪوپن جو دور ھلائجي. سيءُ ته ھتي به ھو، پر قونيا وارا قھري پارا نه ھُئا. قونيا ۾ ته سيءَ سٺي خبر چار ورتي ھئي.

مون سامان وڃي چانھن جي ھڪ عوامي ڪيفي اندر رکيو ۽ بيري کي چانھن جو چيم. ڪيفي ۾ ھلڪي موسيقي به ھلي رھي ھُئي، جيڪا ماحول ۾ وڻندڙ احساس پيدا ڪري رھي ھُئي. ڪوشش ڪيم ته ھنن کان اندر شھر وڃڻ جو ڪو ڏس پَتو يا بس جو ئي کڻي نمبر معلوم ڪيان، پر ھتي ٻوليءَ جو وڏو مسئلو آھي. ڪاڇي جي برھماڻين، غيبي ديري جي چانڊين يا ننگر جي ڪولهين سان ته وري به انگريزيءَ ۾ ڪي لفظ ڳالهائي سگهجن ٿا، پر ھتي اھو به ممڪن نه ھو. سو مون اڳتي جو سوچڻ ڇڏي، چانھن، صبح جي ٿڌي پَھرَ ۽ ھلڪي موسيقي تي ئي ڌيان ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ترڪيءَ ۾ چانھن ٺاهيندڙ ۽ ڪيفيز ۾ چانھيون ڏيندڙ بيرا پاڻ سڄو ڏينھن پيا اھي تُرڪش معنا سليماني چانھيون پيئندا آھن. ھتي به ڪُلَ چار ھمراھ ھُئا ۽ چارئي ھلندي ڦرندي پاڻ به چانھن جا چَسڪا وٺي رهيا ھُئا. سوچيم جي وتائي فقير جي ڳالهھ وانگر ھي ھوٽل ھنن جو ھو ته پوءِ ھنن کي به ڦٻنديون اھي چانھيون ئي. باقي جي مالڪ ڪي ٻيا آھن ته پوءِ اُھي آسرو وڃي ڪنھن ٻئي ڪم مان ڪن. اُتي ماضيءَ جو ھڪ دلچسپ قصو ياد آيو. 1992 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبريريءَ ۾ ليکڪ ۽ صحافت جي استاد آغا رفيق فوٽو اسٽيٽ جو ھڪ دُڪان کوليو ھو. جاويد ڀُٽو آغا رفيق جو شڪارپور کان ننڍپڻ جو گِھرو دوست ھو. جاويد ڀُٽو جيترو گهڻ پڙهيو ۽ عالم شخص ھو، اوترو ئي زنده دل ۽ دوستن سان مستيون ۽ مشڪريون ڪرڻ وارو ماڻهو به ھو. جاويد ڀُٽو ۽ مان ڪجهھ پَنا فوٽو اسٽيٽ ڪرائڻ لاءِ آغا رفيق واري فوٽو اسٽيٽ جي ڪارنر تي وياسون. اسان کان فوٽو اسٽيٽ ڪندڙ ڇوڪري اھو سمجهي ٿورا کُليا پئسا نه ورتا جو ھن سمجهيو ته آغا رفيق جا دوست آھن. ان تي جاويد کي مشڪري سُجهي. چيائين ته رات جو آغا رفيق کي تنگ ڪرڻو آھي. نيٺ رات جو عبدالقادر جوڻيجو، جاويد ڀُٽو ۽ مان آغا صاحب جي گهر وياسون ۽ جاويد وڏو داستان ٺاھيو ته جامي ۽ مان تنھنجي فوٽو اسٽيٽ ڪارنر تي وياسون، ۽ ڏٺوسون ته ھو ڇوڪرو اڪثر ماڻهن کان اھو چئي فوٽو اسٽيٽ جا پئسا نه پيو وٺي ته توھان سائين آغا صاحب جا دوست آهيو. توھان کان ڪھڙا پئسا وٺجن. پوءِ ته آغا صاحب جو ردعمل ڏسڻ وٽان ھو. چئي مان به چوان، دُڪانُ ڪمائڻ بدران نقصان ۾ پيو وڃي. عبدالقادر جوڻيجو ته ھونئن ئي وڏو داستان گو ھو، سو ھن به مزو وٺڻ خاطر ڪجهھ قصا اُتي جو اُتي ٺاھي ٻڌايس. ٻئي شاھد مونکي ڪيو ويٺا ھُئا. ڪيترا ڪلاڪ آغا صاحب کي تنگ ڪري نيٺ جاويد ٻڌايس ته اھو سڀ ڀوڳ ھو. آغا رفيق جاويد کي پيار ۽ پنھنجائپ ۾ ننڍپڻ کان ’جائو‘ سڏيندو ھو، سو ويتر بخيل ٿيندي چيائين ته ”جاوا! تون اندر ۾ سُرخو آهين، سو ھاڻي ڪم واري ڇوڪري تي اجايا ڪَکَ پيو رکين. منھنجو ڀل جُهڳو ئي جهَڻِ ٿئي !“ جاويد جي شرارتي کِلَ ھن جي شڪَ کي ويتر پڪو ڪري رھي ھُئي. جڏھن مون کيس پڪ ڏني، تڏھن وڃي آغا صاحب کي ويساهه آيو. ھتي ته جي ڪيفي ۾ مالڪ اچي ھا ته صدمي ۾ سندس هنيانءُ ڦاٽي پوي ھا.

ڪلاڪ کن ۾ ڏينھن ٿي چڪو ھو، سو سامان کڻي وڃي ٻاھر بيٺس ته اِزمير شھر وڃڻ جو ڪو ڏس پتو معلوم ڪجي. ڏٺم ته بسن مان لھندڙ سڀئي سياح ڏاڪڻيون لھي، اولھھ طرف وڃي رهيا ھئا. سو سمجهيم ته دَڳُ ته اھو ئي ھوندو. گهڻن ئي ماڻهن کان پُڇيم، پر وَريو ڪجهھ ئي نه. نيٺ ھڪ معتبر پوڙھِي پروفيسر، جنھن ٻڌايو ته ھوءَ استنبول مان ڌيءُ سان ملڻ آئي ھئي، نه رڳو دَڳ سمجهايو، بس واري کي پارته ڪئي ته ھو مونکي اوتوگار کان اڳيان ڪَونَڪ جي آخري ساحلي اسٽاپ تي لاھي، پر  بس ۾ منھنجو ڀاڙو به هن پنھنجي ڪارڊ سان ڀريو. ايئن مون سان قونيا ۽ سِليءَ ۾  به ٿيو ھو. ان مان ظاھر ھو ته ھتي مقامي ماڻهو مسافرن يا سياحن کي نه رڳو پسند ڪن ٿا، پر ضرورت پوڻ تي سھڪار به ڪن ٿا. ترڪيءَ ۾ سفر ۾ اھو  وڏو مسئلو آھي ته بس ۾ ڪرايو ڪيش نه، پر ڪارڊ ذريعي ئي ڏئي سگهجي ٿو. مٿان مصيبت ته ھر شھر جو ڪارڊ پنھنجو آھي، جو اھا آمدني لوڪل حڪومت جي ھوندي آھي. بس ھلڻ شروع ڪيو ته پھرئين ڏيک ۾ شھر جي ترقياتي ڍانچي متاثر نه ڪيو. 1922۾ ڪمال اتاترڪ ھي شھر يونانين کي شڪست ڏئي، ترڪي ۾ ٻيھر ۽ حتمي طرح ضم ته ڪري ڇڏيو، پر ھڪ صدي گذرڻ کان پوءِ به شھر جي اُھا مالڪي نظر نه ٿي آئي، جيڪا تُرڪيءَ جي ھر وڏي شھر ۾ نظر ايندي آھي. جڏھن ته استنبول ۽ انقرہ کان پوءِ ازمير ترڪيءَ جو ٽيون وڏو شھر آھي، جنھن جي آبادي اڌ ڪروڙ جي برابر آھي. مان ته ھونئن به جديد شھر لاءِ نه پر اِزمير جي قديم پاڙن ۽ انجي حَسين ساحل لاءِ وڃي رهيو ھوس. نيٺ بس وڃي اڌ ڪلاڪ اندر آخري اسٽاپ تي ڪونَڪ جي ساحل تي لاٿو. وري مسئلو ته ھوٽل ڪٿي ۽ ڪيئن وٺجي؟ اھو ته سمجهھ ۾ اچي چڪو ھو ته ٽيڪسيءَ کان سواءِ ڪو چاڙھو نه ٿيندو. پاسي ۾ ئي پنج ست ٽيڪسين وارا بيٺل ھئا. ھڪ جُهوني کي وڃي چيم ته ”آبي!“ ته پنھنجائپ مان ڏٺائين- جو تُرڪيءَ ۾ آبي وڏي ڀاءُ کي چئبو آھي. پُڇڻ تي جو ٻڌايومانس ته پاڪستان مان آيل آهيان ته سڀني ٽيڪسين وارن کي وڏی خوشي ۽ جوش مان وڏي آواز چوڻ لڳو ته ’ھي ڪاردش (معنيٰ دوست) پاچستان جو مسلمان آهي.‘ مذھب جو ٻُرڪو اڄ ڪلهھ تُرڪن تي مڙئي ڪجهھ سَرسُ آھي، سو پڇيائين ته ھوٽل مھانگو، وچولو يا بنھھ سَستو ھجي. سو چيومانس ته وچولو ھجي. اسانجي اھا سڄي گفتگو گوگل ترجميڪار معرفت ٿي رھي ھُئي. نيٺ وڏي شاھراھ ۽ نئين بازار جي کاٻي پاسي ٽيڪسي اچي ھڪ چڱي ھوٽل آڏو بيھاريائون، جنھن جو نالو علي سان لکيل ھو. سمجهيم ته اھو نالو علي جان آھي، جو تُرڪَ جيم کي سين لکندا آھن.

ڪجهه ئي دير ۾ مان پنھنجي ھوٽل جي چوٿين ماڙ جي گئلريءَ ۾ بيٺو ھوس ۽ منھنجي ساڄي پاسي اِزمير جي سَمنڊ جو ڪَونَڪ وارو حسين ساحل ھو. سامھون ازمير جو قديم شھر جيڪو جبل تي ھو ۽ کاٻي پاسي شھر جو جديد پاسو ھو. جيئن مون چاهيو ٿي، ھوٽل ۽ ڪمرو اھڙو ئي مليو ھو. لڳي ٿو ٽيڪسيءَ وارو ڪاردش پَھرُ وھي ويو ھو. مان چڱي دير تائين گئلريءَ مان شھر جي قديم پاسي کي ڏسندو رهيس. اھو ھڪ خواب ٿي لڳو ته مان قديم يوناني شھر ازمير ۾ ھوس، جيڪو ھومر جو شھر ھو. ھومر ھتي ئي ڄائو ھو ۽ سڄي ڄمار ھن ئي تاريخي شھر ۾ گذاري هئائين. ھن شھر سان ملاقات 2015 ۾ ٿيندي ٿيندي رھجي وئي ھُئي، جو ڊاڪٽر آڪاش ۽ مان استنبول مان قديم رومن شھر ايفيسس وڃي رھيا ھُئاسون، ته اسان اَسُرَ جو ناشتو ازمير ۾ ئي ڪيو ھو. جيئن ته ازمير ان ٽوئر جو حصو نه ھو، انڪري بس رڳو اڌ ڪلاڪ لاءِ ئي بيٺي ھُئي ۽ اھو ارمان دل ۾ رھجي ويو ھو ته ازمير نه گُهمي سگهياسون. اڄ ان خواب جي ساڀيان ٿي ھُئي. رڳو ھومر ڇو، يونان جي پھرئين فلسفي ٿاليس جا ٻه وڏا شاگرد اناڪساغوراث ۽ اَناڪسي يمندر به ته ھن ئي شھر جا ھُئا. زينوفينس به ھن ئي شھر ۾ ڄائو ھو. ڊايوجينس جو تعلق به ھن ئي شھر سان ھو، جنھن جو قديم  نالو ازمير نه هو، پر سمائرنا ھو. ھن شھر جو نالو تُرڪن تبديل ڪيو، جيئن مسلمانن اتر پرديش جي تاريخي شھر پرياگ جو نالو تبديل ڪري، الھه آباد رکي ڇڏيو. قديم شھرن يا ماڳن جون سُڃاڻپون مذھب جي بنياد تي تبديل ڪرڻ تاريخ کي مسخ ڪرڻ جي برابر آھي. ”مون سي ڏٺا ماءِ جنين ڏٺو پرينءَ کي” جي مصداق منھنجي سامھون اُھو قديم شھر ھو، جنھن تاريخ جا وڏا لاها چاڙھا ۽ رنگ ڏٺا ھُئا، پر ساڍا اَٺَ ھزار سال پراڻو ھيءُ شھر وری به ڪو موهن جو دڙو نه ھو، پر ھڪ جيئرو شھر ھو.

سڄي رات جي سفر جو ٿَڪُ به ھو، پر مون سُمهڻ نه ٿي چاهيو، مون شھر جي جديد پاسي بجاءِ ان جا  پُراڻا پاسا ۽ پاڙا گهمڻ ٿي چاهيا. خاص طور اِزمير جھڙن قديم تاريخي شھرن کي جديد بازارن ۽ گاڏين ۾ گهمي نه ٿو سگهجي. ٽوئرسٽ بس ۾ شھر کي گهمڻ جو ارادو ٻئي ڏينھن لاءِ ترڪ ڪيم. ڪنھن به شھر سان تعارفي سفر مان پنڌ ئي ڪندو آهيان. ڪپڙا تبديل ڪري شھر گهمڻ لاءِ هيٺ لٿاسون ته رسيپشن واري ھمراھ سَڏُ ڪري چيو ته وڃي ناشتو ڪر، جيڪو لڳو پيو آھي. اھڙو تجربو اڳ ۾ ڪڏھن نه ٿيو ھو، جو عام طور ھوٽل ۾ رھڻ دوران ناشتو ٻئي ڏينھن صبح جو ڪري سگهبو آھي. مون کي به بُکَ چڱي لڳي ھئي ۽ وري تُرڪش ناشتو ته سڄي دنيا ۾ مشھور آھي، جو ان کي خاص طور تُرڪش ناشتو چئي، اسم خاص ڪري ڇڏيو اٿن. تُرڪيءَ ۾ باقي سڄو ڏينھن ڀل ته جُڳاڙ سُڳاڙ تي ڪم ھلي، پر ناشتو اسانجي پياري دوست سائين علي دوست عاجز وانگر ھنن جي ڪمزوري آھي. علي دوست کي به تُرڪي گهمڻ جو وڏو شوق آھي. مونکي اڪثر پيو چوندو آھي، پر جي تُرڪش ناشتي جو تجربو ٿيس ته ھتي لڏي اچڻ لاءِ به سوچي سگهي ٿو. اوٻاريل بيدا، آمليٽ، چيز جا انيڪ قسم، زيتون (اولِوِ) جا اڪيچار قسم، ماکي، مکڻ، ھنداڻا، گدرا، ٽماٽا، کيرا، ڄانڀي جا پنَ، ساوا ڌاڻا، آئيس برگ، گوشت جا ساسيجز، ڊبل روٽيون، تازي ڏھي، مَھيءَ جھڙي گهاٽي لَسي، ڪافي ۽ تُرڪش چانھن. اسان جو ھڪ بزرگ مائٽ جنھن کي اسان ننڍپڻ ۾ ڏاڏو اسحاق چوندا ھئاسون، اُھو جڏھن ڪنھن ڪاڄ ۾ ويندو ھو ته پوءِ ٻه ڏينھن ماني نه کائيندو ھو. مانيءَ جو پُڇبو ھوس ته چوندو ھو، ”ابا ڪاڄ مان ھڪ ئي ڍئو ڪري آيو آهيان.“ سو اڄ مون به ايتريون شيون ڏسي ھڪ ئي ڍئو ڪيو. ھاڻي جي ٻه ڏينھن ماني نه ملي ته به خير ھو. ناشتو ڪري، لابيءَ ۾ ويھي پنھنجي استاد سائين محمد ابراهيم جويي جي روايت تي عمل ڪندي، تُرڪش سيلماني چانھن جا ٻه ڪوپ پيتم.

(هلندڙ)