ڊاڪٽر خادم منگي – Sarangaa

رگ ويد ۾ سنڌو بابت سلوڪ منظوم ترجمو
(رگ ويد ۾، سنڌو درياھہ جي ساراھہ ۾ لکيل نوَن ئي شلوڪن جو نئين انداز سان منظوم ترجمو ڪيو اٿم. روايت ۽ جدت جو خيال رکيو اٿم. سمورن لقائن کي ترقي پسند جي اک سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. )

پھريون:

اَنُ تو مان، جَلُ تو مان ٿو ملي،
تنھنجو آڌرڀاءُ ٿا ڪَريون سنڌو!
ست سرتيون ساڻ ڪيو وَھندي اچين،
رَڇَ تو مان ٿا سڀئي ڀَريون سنڌو!
پَٽ راڻيءَ جان لڳين راڻين ۾ تون،
ھي ڏياٽيون تو منجهان ٻَريون سنڌو!
۽ جيئاپو ٿو ملي ھر جيوَ کي،
ھي سڀئي تو ۾ مَڇيون تَريون سنڌو!
ڇوڙُ کاري ڇاڻَ ۾ جنھن پل ڪَرين،
سمنڊ جون تنھن پل اکيون ٺريون سنڌو!

ٻيون:

تنھنجو رستو جوڙيو ماڻهن مِلي،
تو منجهان ماڻهن کي ھرھر ٻَلُ مليو.
اَنَ، اٽا آڻي ڀَرين ڀانڊا سڀئي،
روح کي راحت سندو ھر پَلُ مليو.
جي صدين کان ئي اگهاڙا ھا بدن،
تن لڱن کي ڪو لٽو پاتلُ مليو.
وارياسا سڀ ڪُنڊون پاسا ڀريا،
جوءِ ساريءَ ۾ رڳو جل ٿلُ مليو.
تون اچين ڪيلاش جي چوٽي چمي،
تاجُ توکي ئي سنڌو! پاتلُ مليو.

ٽيون:

شينھن جان گجگوڙ پئي جُهڙَ سان گَسي،
ڇا تہ آ رفتار تنھنجي ڇا چوان!
وِڄُ وانگر ور وڪڙ کائي ڪَرين،
پَٽ پنھنجي لَٽ سان سارا سنوان.
جرڪندڙ لھرون کڻي گذرين پئي،
پاڻ جوڙيندي وڃين رستا نوان.
پيرُ تنھنجو جِتِ، ساوٓڪ آ اُتي،
ڇو نہ توکي آءُٗ پو پيرين پوان.
تون ازل کان اي سنڌو! وَھندي اچين،
۽ ابد تائين سدا رھندينءَ روان.

چوٿون:

کيرُ سان ٽٻ اوھہ سان سوئا ڳئون،
رنڀندي گابي ڏي جِئن ڊڪندي اچي.
ڪوئي جوڌو جنگ جي ميدان ڏي،
دٻدٻي سان جيئن ڌوڪيندو اچي.
چاھَہ مان توکي ڪنارا ٿا چُمن،
رنگ ريٽو ھر قدم تي پيو رَچي.
ڪامڻي ڪائي گَهڙي سان جي گِهڙي.
مان چوان ٿو ھيل ڀي مشڪل بچي.
سڀ نديون تنھنجون رھن پاڻيءَ ڀَرُو،
شال سنڌو! تو مٿان ميڙو مچي.

پنجون:

گيت چِؤ گنگا! سنڌوءَ جي شان ۾،
۽ اچي جمنا! تون جئہ جئڪار چئُہ.
اي سرسواتي! اٿي ساراھہ ڪر،
تون بہ ستلج! پاڻ سھرا ڳاءِ سؤ.
مارُڌُرڌا، بياس، جھلم ۽ چناب،
روبرو راوي! وڃي تون پيش پؤ.
سڪ سانڍي اي سشوما! ساڻ ھل،
امن جي واديءَ منجهان ايندءِ نہ تؤ.
ڳاٽ اوچو شل ھماليہ جان ھجئي،
ڪو بہ سنڌو! تو منجهان ڪنھنکي نہ ڀؤُ.

ڇھون:

وھڪرن جي ھن وڏيءَ ويڙھاند ۾،
گومتي توڻي تکي ڀَلُ جان ھَلي.
پر انھيءَ کان تيز تون ٿيندي وڃين،
ترشما توساڻ ٿِي جنھن پل رَلي.
سسرتو، رس ۽ شويتيءَ جو سفر،
ھر دفعي تو وٽ ختم ٿي، ٿي ڀلي.
تون ڪڀا کي ۽ ميھتنو کي کنيو،
ڪِين ڪنھن جو تو اڳيان چارو چلي.
تون ڪٿي رُڪڻي نہ آن جُهڪڻي نہ آن،
ٽَلَ ڪيڏي ڀي پِيو دشمن ٽَلي.

ستون:

ڪوبہ تنھنجو ڪين ٿو رستو جَهلي،
تون سڌي آن، تون تکي آن تير جان.
تو ۾ امرت رس آ اڻکُٽ ڀريل،
تون اڇي اجري پويتر کير جان.
برڪشي توسان نہ ڪنھن سرڪش ڪئي
تون اجهلُ، اڻموٽُ آھين وير جان.
تنھنجي سندرتا ۽ ڪوملتا عجيب،
مارئيءَ، مومل سمان ۽ ھير جان.
نانءُ ئي تنھنجو ھِئين جو ٺار آ،
تون تہ ھٖي سنڌو! ڏکڻ جي ھير جان.

اٺون:

تون وھين ٿي ديس مالامال مان،
جِتِ ماڻھو ائٽ جوڙيندا اچن.
ڇا رَٿُون ۽ ڇا تہ گهوڙا شاندار،
ھي ھوا جا رخ موڙيندا اچن.
ڳھہ ڳٺا، ڪپڙا لٽا، کاڌا عجيب،
ٽارِيُنِ مان گُلَ روڙيندا اچن.
جت پشم، ماکي ۽ شيشم عام جام،
ھنر جا جهنڊا بہ کوڙيندا اچن.
ڌيانَ جا ۽ گيانَ جا ادراڪ جا،
نت نوان رستا بہ ووڙيندا اچن.

نائون:

ھٖي ڪلنگيدار سنڌو! آءُ ني،
واءُ تي جيئن مينھن ٿيندو آ سوار.
جيئن گهوڙي تي چڙھي ڪو ٿي اچي،
جنگ جي ميدان ڏي جوڌو تيار.
ريجَ تنھنجي سان سڀئي پوٺا ٺرن،
اَنَ جو گَهر گَهر ٿئي شل! ڪو انبار.
بس سندءِ واکاڻ سنڌو! پيو ڪري،
ھر ٻڍو، توڻي جواڻ ۽ ھرڪو ٻارُ.
مان نہ ڪوئي ڀي رِشي يا ڪو مُني،
پوءِ بہ تولئہ آ دعاگو وارُ وارُ.