منوج ڪمار – Sarangaa

گروپ 47 ۽ جرمن ادب جي بحالي
مئي 1945 جي پھرين ھفتي ۾ جرمني، اتحادي فوج آڏو بنان شرطن جي ھٿيار ڦٽا ڪيا. انھيءَ کان اڳ، 30 اپريل تي نازي جرمني جي چانسلر اڊولف ھٽلر خودڪشي ڪري چڪو ھو. 1933 کان 1945 تائين جاري رھندڙ نازي راڄ، انھيءَ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ٻي مھاڀاري ويڙھہ ۽ انھيءَ ۾ آيل جرمني کي شڪست جرمن قوم لاءِ وڏي تباھي کڻي آئي. سڀ ننڍا وڏا جرمن شھر بمباري ۾ ڀُرجي چڪا هئا. لکين ماڻهو مارجي ، بي گهر يا قيد ٿي ويا. ملڪ ٻہ اڌ ٿي ويو. پاڻ تي فخر ڪندڙ جرمن قوم لاءِ اھو وڏو نفسياتي ۽ سماجي صدمو ھو.
ٻارھن سالن جي نازي راڄ ۾ گوئٽي، شلر، هائني، ٿامس مان، ۽ ڪافڪا واري عظيم ادبي روايت رکندڙ جرمن ادب بہ تمام وڏي ۽ گھري بحران مان گذريو. نازي راڄ هيٺ اديبن مان اها توقع ڪئي ويندي هئي تہ اهي رياست جي نظرياتي مقصدن مطابق لکن ۽ نازي سامراج جي ثقافتي منصوبن ۾ حصو وٺن. انھيءَ دور ۾ اديبن وٽ رڳو ٽي رستا هئا: نازي راڄ جي حمايت، خاموشي، يا جلاوطني. ڪيترائي اهم ليکڪ جرمني ڇڏي ويا، جن ۾ ٿامس مان، برٽالٽ بريخت ۽ ايرڪ ماريا ريمارڪ شامل هئا. ڪافي ليکڪن لکڻ بند ڪري ڇڏيو يا تخليقي زندگيءَ کان الڳ ٿي، ھڪڙي قسم جي ذھني ۽ فڪري قيد ۾ بند ٿي ويا. ادب جوسھيوڳي جرمن سماج سان تعلق جھڙوڪ ختم ٿي ويو. انھيءَ جي نتيجي ۾ ھڪڙي ثقافتي، فڪري ۽ تخليقي خلا جنم ورتو.
نازي راڄ جي خاتمي کانپوءِ برباد ٿيل جرمن سماج ۽ جرمن ادب کي ڪنھن مسيحائي ڇھاءُ جي گهرج ھئي. جرمني کي نئين، ادب، نئين ثقافت ۽ نئين ٻولي جي ضرورت ھئي. انھيءَ لاءِ 1947 واري سال ۾ جرمن ٻولي ۽ ادب جا وڏا نالا گڏ ٿيا تہ جيئن جرمن ادب ۽ ٻولي کي وري جيئاري سگهجي. انھي ۾ هينرچ بول، گنٽر گراس، انگيبورگ باخمين، يووي يونٽسن، هانس مئگنس اينٽسنبرگر، ايلسي آئخنگر، پيٽر وائيس، مارٽن والسر، سيگفرايڊ لينٽس ۽ ٻيا شامل ھئا. انھن اديبن ۽ نقادن اتي ھڪڙي تنظيم جو بنياد وڌو، جنھن کي انھيءَ سال جي نسبت سان گروپ 47 سڏيو ويو.
انھيءَ تنظيم کي ڄاڻي غير رسمي رکيو ويو. انھي جو ڪو آئين، رڪنيت جي في يا ڪو نظرياتي پروگرام نہ هو. ادبي گڏجاڻين ۾ ليکڪ پنھنجيون اڻ ڇپيل لکڻيون پڙهندا هئا ۽ بجاءِ تعريف جي اميد جي، پنھنجي تخليقن کي پنھنجن ساٿين جي سخت تنقيد لاءِ پيش ڪندا ھئا.
گروپ 47 جو سڀ کان اهم ڪم جرمن ٻوليءَ جي وڃايل ويساھہ کي ٻيھر بحال ڪرڻ جي ڪوشش هئي. نازين، ٻوليءَ کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري انھيءَ جي بنيادي معنى ۽ معصوميت برباد ڪري ڇڏي. لفظن پنھنجي اصلوڪي معنا وڃائي نازي نظرياتي معنا سان سلھاڙجي ويا. ڌرتي، عوام ۽ قوم جھڙا لفظ نازي پروپيگنڊا ۾ استعمال ٿي نسل پرستي، نفرت ۽ سامراجي ايجنڊا جا ھٿيار ٿي ويا. ”آخري حل“ جھڙن اصطلاحن ذريعي ٿيندڙ نسل ڪشي جھڙن ڏوھن کي ڍڪيو ويو. جرمن ليکڪن آڏو اھو ھڪڙي وڏو سوال ھو تہ نازي راڄ جي خاتمي کانپوءِ جرمن ٻوليءَ ۾ سچائي سان ڪيئن لکجي سگهبو، جيڪا نازي پروپئگنڊا سبب پنھنجي اصلوڪي صورت وڃائي ويٺي ھجي.
گروپ 47 جي ڪيترن ئي ليکڪن انھيءَ لاءِ بناوٽي، سينگاريل ۽ ٺوڪيل اسلوب، وڏين معنائن ۽ نظرين وارن لفظن ۽ نسل پرستي سان جڙيل اصطلاحن جي بدران سادي اسلوب، ڀوڳ ۽ طنز واري ٽيڪنڪ ۽ روزمرھ جي عام زندگيءَ جي موضوعن کي اختيار ڪيو. اھا نازي فڪر جي غير حقيقي نظرياتي ٻوليءَ جي ابتڙ حقيقي انساني تجربي ڏانھن موٽڻ جي شعوري ڪوشش ھئي.

انھيءَ کانسواءِ، ادب ذريعي تنقيدي سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ پنھنجو پاڻ کان اھي سوال بہ پڇڻ شروع ڪيا، جن کان سڀ لنوائي رھيا ھئا. اھي سوال اٿاريا ويا تہ ان وقت ٿيندڙ ڪلورن تي ماڻهن جي ماٺ ڇو ھئي يا عام جرمنن هٽلر کي ڪيئن قبول ڪيو؟ يھودين، اقليتن، جپسين جي وڏي پيماني تي نسل ڪشي تي اجتماعي ڏوھہ جو تصور ڇا آھي؟ ادب انهن تجربن جو اظھار ڪيئن ڪري، جيڪي اظھار جوڳا ناھن؟ گروپ 47 ۾ شامل اديب انھيءَ تي بہ متفق ھئا تہ تہ 1933 کان 1945 واري جرمني کي وساري هڪ صحتمند جمهوري سڃاڻپ نٿي ٺاهي سگهجي. جرمن قوم کي پنھنجي اجتماعي ڏوھہ کي قبول ڪري ئي اڳتي وڌي سگهي ٿي.
انھيءَ تحريڪ جي ڪري تخليق ٿيل لکڻين ھڪ نئين فڪري ۽ اسلوبي ڌارا کي جنم ڏنو. هئنرچ بول کي 1972 ۾ ملندڙ ادب جي نوبل انعام ۾ سندس تخليقي ڪم کي جنگ کان پوءِ جرمن ادب جي تجديد سان جوڙيو ويو.
ساڳي طرح گنٽر گراس ڏيکاريو تہ جرمن ادب سياسي طور تي جڙيل رهندي بہ ڪافي حد تائين جديد تجربا ڪري سگهي ٿو. سندس ناول ”ٽين جو دُھل“ جنگ کان پوءِ جي جرمن ادب جي اهم ترين لکڻين ۾ سمجهيو ويندو آھي. انھيءَ ناول ۾ گراس ماضيءَ کي روايتي حقيقت پسنديءَ سان پيش ڪرڻ بدران طنزيہ جادوئي حقيقت نگاري جو استعمال ڪيو. انھيءَ عجيب اسٽائل ذريعي اهڙي سماج کي پيش ڪيو ويو، جنھن جي اخلاقي حقيقت بگڙيل هئي. انھيءَ ناول ذريعي گراس پڙهندڙن کي ڏوهہ ۾ شراڪت، بزدلي ۽ اجتماعي ذميواريءَ کي منھن ڏيڻ تي مجبور ڪيو.
انگيبورگ باخمين جنگ کان پوءِ جي جرمن شاعريءَ کي نئون موڙ ڏنو. سندس شاعري جنگ، تاريخي يادگيري، محبت، تشدد ۽ ھڪ ٻئي سان اظھار جي مسئلن جي باري ۾ آھي. خاص طور سندس شاعري ۾ ٻولي بہ ھڪ فرد جيان انھن ڏوھن ۾ شريڪ ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ تشدد ۽ نظرياتي استعمال جون يادون موجود آهن.
گروپ 47 ۾ پال سيلان جي شاعريءَ تي وڏا بحث ٿيا جنھن جي ڪري جنگ کان پوءِ جو جرمن ادب هڪ اسلوب ذريعي نہ، پر ان بحث ذريعي وڌيو تہ تباهيءَ کان پوءِ ٻولي پاڻ ڇا ڪري سگهي ٿي.
گروپ 47 ادبي صلاحيتن لاءِ هڪ نرسري جو ڪردار بہ ادا ڪيو، جتي پراڻن ۽ نون ليکڪن کي گڏ آندو ويو. جوان ليکڪ، اڳ مڃيل ليکڪن آڏو پنھنجون لکڻيون پڙهي سگهندا هئا ۽ انھن تي راءِ وٺي سگهندا هئا. گروپ، ليکڪن، پڙهندڙن، پبلشرن ۽ ثقافتي ادارن وچ ۾ رابطو بہ پيدا ڪيو.
گروپ شروعات ۾ قائم ٿيل ادبي اسٽيبلشمنٽ جي مخالفت ڪئي هئي. پر پوءِ اھو گروپ پاڻ بہ ادبي اسٽيبلشمنٽ ٿي ويو. جنھن سان انھيءَ جي زوال جو سلسلو شروع ٿيو. 1967 ۾ گروپ جي آخري گڏجاڻي شاگردن جي احتجاجي ماحول ۾ ٿي. انھيءَ جو خاتمو انھيءَ ڪري نہ ٿيو جو انھيءَ سان جڙيل جرمن ادب ناڪام ٿي چڪو هو، پر انھيءَ جي ڪري جو اھو پراڻو ماحول تبديل ٿي چڪو ھو، جنھن انھيءَ تحريڪ کي جنم ڏنو.
گروپ 47 جي سڀ کان وڏي حاصلات ڪنھن خاص ادبي نظريئي بدران اھڙو ماحول جوڙڻ ھو، جنھن ۾ جرمن ادب ٻيھر شروعات ڪري سگهي. ھن تحريڪ ذريعي ادبي بحث شروع ٿيا. نوجوان ليکڪن جي حوصلي افزائي ٿي. ادب کي نازي اثرن مان ڪڍي جمهوريت سان جوڙيو ويو. ٻوليءَ جي غلط استعمال کي روڪي، انھيءَ جو ويساھہ، سادگي ۽ معصوميت واپسي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان تحريڪ جرمن ادب کي يورپي ثقافتي زندگيءَ ۾ ٻيھر آندو.

ڪرسٽوفر نولن جي فلم اوڊيسي ۽ جديد انسان جو وجودي بحران
جيڪو اسان لفظ ناسٽلجيا استعمال ڪندا آھيون، اھو ٻن يوناني لفظن جو مرڪب آھي: ”ناسٽوس“ جنھن جي معنا گهر ڏانھن واپسي ۽ ”الگوس“ جنھن جي معنا آھي پيڙا. ٻين لفظن ۾ ناسٽلجيا گهر واپس ورڻ جي تڙپ ۽ پيڙا آھي. ادب ۾ جيڪي ناسٽلجيا تي ٻڌل تخليقون آھن، پوءِ اھي پنھنجي گهر، پنھنجي ماضي يا پنھنجي وطن جي سڪ تي ٻڌل ڇونہ ھجن، تن جو بنياد يوناني شاعر ھومر جي اوڊيسي مان آيو آھي. اھو چيو ويندو آھي تہ اڻويھين صديءَ تائين اولھہ جي فڪشن جو ھر ڪتاب يا تہ اوڊيسي مان اتساھيل ھوندو ھيو يا وري اليئڊ مان. پر خاص طور تي ھومر جي اوڊيسي، اڃا تائين مغربي اجتماعي ادبي بيانيي جي پاڙ ۾ ويٺل آھي.
اوڊيسي جو داستان، ڏھہ سال پنھنجي وطن کان پري ٽراءِ واري جنگ ۾ وڙھندڙ سورمن جو پنھنجي گهر واپس ورڻ واري تڙپ جو داستان آھي. يوناني سورمي اوڊيسس ۽ سندس ساٿين جو اھو سفر اڃا ٻيا ڏھہ سال جاري رھيو. اُنهيءَ سفر ۾ کين پاڻ کان وڏين قوتن سان مھاڏو اٽڪائڻو پيو، جو ديوتا کانئن ناراض ھئا. انهن ۾ ھڪ اک وارو راڪاس بہ ھو تہ انسانن کي سوئرن ۾ تبديل ڪرڻ واري ڏائڻ بہ. انهن ۾ ڪنول جا گل کائي، پنھنجي مقصد کان غافل ٿيڻ وارا ماڻهو ھئا تہ پنھنجي موسيقيءَ ذريعي پاڻ ڏي ڇڪي ھڙپ ڪرڻ واري مخلوق بہ ھئي. اتي ستن سالن تائين پنھنجي موھ ۾ ڦاسائيندڙ جل پري ڪيلسپو ھئي تہ غوراب کي غرق ڪرڻ وارا ڪُن بہ. پر ھر قسم جي رنڊڪ ۽ مصيبت ھوندي بہ پنھنجي مقصد جي ويجهو وٺي ويندڙ جنگ جي جدوجھد جو فڪر، جيڪو اڄ کان ٽي ھزار سال اڳ جي ماڻهن لاءِ اتساھيندڙ ھو، سو اڄ جي جديد انسان جي لاءِ بہ ايترو ئي اتساھيندڙ آھي. اوڊيسي، انسان جي جدوجھد جي استعاري طور ھر دور ۾ زندہ رھي آھي.
اھو ئي سبب آھي تہ اوڊيسي کي شاعرن، ناول نگارن، ڊراما نويسن ۽ فلم سازن هر دور ۾ نئين سر تخليق ڪيو آهي. ھر دور جي سوالن جو جواب ڏيڻ لاءِ اوڊيسي کي نئين نموني جنم وٺڻو پوندو آھي. سفر، مھم جوئي ۽ ڪردار جي آزمائش واري هومر جي روايت کي ورجل، سروانٽيس، شيڪسپيئر، ملٽن ۽ اڻ ڳڻين ليکڪن اڳتي وڌايو. جديد ادب ۾ جيمس جوائس ”يوليسس“ ۾ هن رزميائي سفر کي ڊبلن جي هڪ ئي ڏينھن ۾ سمائي ڇڏيو. مارگريٽ ايٽوڊ ”دي پينيلوپيڊ“ ۾ اوڊيسس جي وفادار زال پينيلوپي ۽ ڦاسي ڏنل ٻارهن ٻانهين جي نظر سان ڪھاڻي ٻيھر بيان ڪئي. جڏهن تہ ميڊلين ملر ”سرسي“ ۾ هومر جي دنيا جي هڪ اهم عورت ڪردار کي پنھنجو آواز ڏنو.
ڪرسٽوفر نولن جي فلم ”اوڊيسي“ کي بہ هومر جي ان ڊگهي ۽ مسلسل نئين تخليق ٿيندڙ روايت جي پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي. ڪرسٽوفر نولن هڪ قديم رزميائي داستان کي ايڪويھين صديءَ جي نفسياتي ۽ وجودي مسئلن کي ڦلھورڻ لاءِ استعمال ڪيو آھي.
نولن جو اوڊيسس، رڳو ٽراءِ جي جنگ کان پوءِ پنھنجي وطن، اٿاڪا ڏانھن موٽڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو فاتح جنگجو ناهي، پر ھُو جنگ ھٿان نفسياتي طور ڦٽيل انسان آهي. سندس سفر رڳو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين جو سفر نہ، پر وجودي سفر پڻ آھي. اھو سفر پڇتاءُ ۽ ٻيھر اصلوڪي معصوميت ڏانھن موٽڻ جو سفر پڻ آھي.
ھومر جي اوڊيسي ۽ اليئڊ ۾ اوڊيسس ھڪ انتھائي پيچيدہ ۽ نقص واري ڪردار طور ڏيکاريو ويو آھي. اھو روايتي سورمن وانگي ڪو ڪامل انسان ناھي. اھو بھادر تہ آھي، پر سندس اصل خاصيت دولاب ۽ ڪوڙ آھي. سندس جنگ ۾ اھم ڪردار اھو بہ آھي تہ ھُن ئي ٽراءِ وارن کي شڪست ڏيڻ لاءِ دولاب جو سھارو ورتو. جڏھن ڏھن سالن کان پوءِ بہ يوناني فوجي، ٽراءِ کي شڪست ڏئي نہ سگهيا تہ ھنن اعلان ڪيو تہ اھي واپس وڃي رھيا ھئا ۽ ٽراءِ جي لاءِ تحفي طور ھڪڙو وڏو ڪاٺ جو گهوڙو ڇڏي پيا وڃن. اصل ۾ اُنهيءَ گهوڙي ۾ اوڊيسس سوڌو ڪجهه يوناني فوجي لڪي ويٺا ھئا. ٽراءِ وارا اُنهيءَ گهوڙي کي پنھنجي شھر جي اندر کڻي ويا. رات جي اونداھيءَ ۾ ڪاٺ جي ان گهوڙي جي پيٽ مان اوڊيسس نڪري ٿو. سندس ساٿي، چوري شھر جا دروازا کولي ٿا ڇڏين. رات جي اوندھہ ۾ يوناني فوجي شھر ۾ داخل ٿي، ٽراءِ جي شھرين جو قتل عام ڪن ٿا. نولان جي اوڊيسي ۾ اوڊيسس اُنهيءَ پڇتاءُ جو شڪار ھوندو آھي تہ سندس دولاب جي ڪري ايڏو وڏو قتل عام ٿيو. کيس اُنهيءَ جو بہ افسوس ھوندو آھي تہ ھُن پنھنجي تھذيب جي روايتن کي پائمال ڪيو. جڏھن اوڊيسس آخر ۾ پنھنجن سڀني ساٿين کي وڃائي، اڪيلو پنھنجي ملڪ اٿاڪا ۾ ھڪڙي فقير جي ويس ۾ پھچي ٿو، تہ اتي بي خبر پينيولوپي جي اڳيان اُنهيءَ پڇتاءُ جو ذڪر ھن ريت ڪري ٿو:
” جيڪڏهن اهو اوڊيسس، جنھن کي تون سڃاڻيندي هئينءَ، پنھنجو رستو وڃائي ويٺو هجي تہ؟ جيڪڏهن… هڪ رات، ڪنھن اجنبي شھر ۾، هُن اهڙيون شيون ڏٺيون هجن، جن کيس اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو هجي تہ جنھن گهر سان سندس واقفيت ھئي، اتي هاڻي ھُو رهي ئي نٿو سگهي. جڏهن هُو گهوڙي جي پيٽ مان ٻاهر نڪتو ۽ ھُن ٽراءِ جا دروازا کوليا، تڏهن هُن ڏٺو هجي تہ ڏهن سالن جي ڪاوڙ ۽ غضب هڪ ئي رات ۾ ان شھر تي ڪاهي پيئي ھئي. اسان انهن لاءِ امن جي نذراني طور هڪ تحفو ڇڏيو هو ، جيڪو هُو پنھنجي گهر اندر کڻي ويا. اسان ماڻهن جي وچ ۾ جيڪي ڪجهہ بہ مقدس هو، اسان انھن سڀني جي ڀڃڪڙي ڪئي. اسان جنگ کي شڪار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ٽراءِ جي ڀتين کي ساڙڻ، پنھنجي گهر سوڌو سڄي دنيا کي ساڙڻ برابر هو. ڪاش! جيڪڏهن کيس اُنهيءَ رات، باهہ، افراتفري ۽ اذيت مان گذرندي، ۽ پوءِ پگهر سان ڀريل جشن جي هُل ۾، اھو احساس ھجي ھا تہ هن ڇا ڪيو ھو.“

ڪرسٽوفر نولان جي ٻين فلمن وانگر ھيءَ فلم بہ نھايت شاندار آھي. آئي ميڪس ٽيڪنالاجيءَ سان فلمايل هيءَ فلم ڏسڻ ھڪڙو خوبصورت تجربو آھي. فلم جا جنگي منظر، ٻيڙيون، راڪاس، قدرتي منظر ۽ سفر جا مختلف مرحلا صدين کان انسان جي تخيل ۾ رهندڙ ڪھاڻيءَ کي ھڪڙو وجود ڏين ٿا.
پر جنھن ڳالهه مونکي حيران ڪيو، سا اُنهيءَ جي موسيقي آھي. نولان ھن فلم لاءِ موسيقي لاءِ اھي ساز استعمال ڪرڻ پئي چاھيا، جيڪي ٽي ھزار سال اڳ يونان جي اُنهن علائقن ۾ وڄايا ويندا ھئا. اُنهيءَ ۾ مکيہ ساز آيولوس آھي، جيڪو ٻن بانسرين تي مشتمل آھي. ھاڻ اھو ساز يونان مان ختم ٿي ويو آھي. مون جڏھن اُنهيءَ تي ڪجهه تحقيق ڪئي تہ خبر پئي تہ اھو ساز اسان جي الغوزي جھڙو آھي، جيڪو اسان وٽ اڃا زندھ آھي. ڇا قديم سنڌ ۽ يونان جا پاڻ ۾ ايترا لاڳاپا ھئا جو ھنن ٻنھي ديسن ۾ ساڳيا ساز استعمال ٿيندا ھئا، جيڪي ٻي دنيا ۾ استعمال نہ ٿيندا ھئا؟ اھو سوال منھنجي لاءِ اسرار آھي. سڄي فلم ۾ توھان کي قديم الغوزي جھڙو اھو ساز ٻڌڻ ۾ ايندو، جيڪو توھان جي روح ۾ گهڙي ويندو. خاص اُنهيءَ منظر ۾ جڏھن اوڊيسس، جبلن جي ڏانئڻ سائرن جي موسيقي ٻڌندو آھي، جيڪا کيس اندر ۾ موجود پڇتاءُ کي جاڳائيندي آھي ۽ جنھن کي ٻڌي ھُو بي قابو ٿي ويندو آھي. اھو منظر، اُنهيءَ جي موسيقي ۽ انھن تي ميٽ ڊيمن جي اداڪاري، فلمي فن جو شاھڪار آھي.
فلمن تي ڪلاسيڪي اسڪالرن، ھومر کي ترجمو ڪندڙ ايملي ولسن ۽ فلم جي نقادن جي تنقيد باوجود ھومر جي اُنهيءَ دنيا کي ٻيھر زندہ ڪرڻ ۽ اُنهيءَ کي اڄ جي دور جي وجودي بحران سان ڳنڍڻ نولان جي ھڪ ساراھ جوڳي ڪوشش آھي. ھيءَ فلم ھڪڙي تھذيب کي وري جيئارڻ ۽ انهن گيتن کي وري ڳائڻ جي ڪوشش آھي. جيئن فلم جي آخر ۾ پينولوپي ۽ اوڊيسس چوندا آھن:
پينيولوپي: رڳو قصا ڇو ڳايا ويندا آھن؟
اوڊيسس: ڇاڪاڻ تہ اسان جيڪي ڪجهه لکي سگهندا آھيون، انهن مان رڳو گيت ئي زندھ رھندا آھن.
پينولوپي: تھذيب وري زندھ ٿيندي.
اوڊيسس: ھن اونداھي دنيا تي وري پرھ ڦٽندي.“

استنبول ئي منھنجو مقدر آھي (اورحان پامڪ)
مون ڪڏهن بہ استنبول نہ ڇڏيو آھي. ۽ نہ وري مون اُهي گهر، اُهي گهٽيون، يا وري پنھنجي ننڍپڻ جا پاڙا ڇڏيا آھن. جيتوڻيڪ آئون وقت بہ وقت استنبول جي مختلف علائقن ۾ رهيو آهيان، پر پنجاهہ سالن کان پوءِ آئون وري انهن ئي ‘پاموڪ اپارٽمينٽس’ ۾ آھيان، جتي منھنجيون پھرين تصويرون ڪڍيون ويون هيون ۽ جتي، منھنجي ماءُ مون کي پھريون ڀيرو پنھنجي ٻانھن ۾ کڻي دنيا ڏيکاري هئي.
اسان هڪڙي اهڙي دور ۾ رهون ٿا جيڪو عالمي طور تي ڌرتي ڇڏيندڙ ۽ لڏيندڙ تخليقڪارن جي حوالي سان سڃاتو ويندو آھي. ڪڏهن ڪڏهن منھنجي لاءِ اهو ٻڌائڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي تہ آئون نہ رڳو ساڳي شھر، پر ساڳي ئي عمارت ۾ ڇو رهيو پيو آهيان. منھنجي ماءُ جو ڳڻتيءَ ڀريو آواز مون کي ياد ايندو آھي، “تون ڪجهہ وقت لاءِ استنبول کان ٻاهر ڇو نٿو نڪرين؟ تون پنھنجو ماحول بدلائڻ جي ڪوشش ڇو نٿو ڪرين؟ ڪجهہ سير سفر ڪر…”
ڪانرڊ، نابوڪوف، نائپال اهڙا اديب آهن جيڪي ٻولين، ثقافتن، ملڪن، کنڊن، بلڪہ تھذيبن جي وچ ۾ لڏپلاڻ ڪرڻ جي حوالي سان سڃاتا ويندا آھن. انهن جي تخيل کي جلاوطنيءَ مان اھڙي سگهه ملي جيڪا ڌرتي ۾ پاڙون ھئڻ مان نہ، پر بي پاڙي هئڻ مان حاصل ٿيندي آھي. پر، منھنجي تخيل جي گھرج آهي تہ آئون ساڳي شھر، ساڳي گهٽي ۽ ساڳي گهر ۾ رهان ۽ ساڳيو ئي منظر ڏسان. استنبول جو مقدر ئي منھنجو مقدر آهي. آئون پنھنجي شھر سان انھيءَ ڪري جڙيل آهيان ڇو تہ آئون اڄ جيڪو ڪجهه آهيان، سو منھنجي شھر جي ڪري آھيان.
فرانسيسي ناول نگار گستائو فلابرٽ، منھنجي ڄم کان 102 سال اڳ استنبول آيو هو. ھُو هتان جي مختلف قسمن جي ماڻهن سان ڀريل گهٽين ۽ ڀرپور زندگيءَ کان تمام گهڻو اتساھڪ ٿيو هو. پنھنجي هڪڙي خط ۾ ھُن اها اڳڪٿي ڪئي هئي تہ هڪ صديءَ کان پوءِ هيءُ شھر دنيا جو گاديءَ جو هنڌ هوندو. پر ٿيو اُنهيءَ جي بلڪل ابتڙ. عثماني سلطنت جي خاتمي کان پوءِ، دنيا تقريبن وساري ڇڏيو تہ استنبول جو ڪو وجود بہ آهي. جنهن شھر ۾ آئون پيدا ٿيس، اهو اُنهيءَ وقت پنھنجي ٻن هزار سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ غريب، بدحال ۽ اڪيلو هو. منھنجي لاءِ اُھو هميشہ پراڻن کنڊرن ۽ زوال پذير سلطنت جي اداسيءَ وارو شھر رهيو آهي. مون پنھنجي پوري زندگي يا تہ استنبول جي اُنهيءَ اداسيءَ سان جهيڙيندي گذاري آهي يا وري ٻين شھر واسين وانگي انهي اداسيءَ کي پنھنجو ڪري ورتو آهي.
زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو، پاڻ کي سڃاڻڻ جي خواھش اسان کي پنھنجي جنم جي حالتن تي سوچڻ تي مجبور ڪندي آهي. اسان ڀلا دنيا جي اُنهيءَ مخصوص ڪنڊ ۾، ۽ اُنهيءَ خاص تاريخ تي ئي ڇو پيدا ٿياسين؟ جنم کان مليل اسان جا خاندان، زندگيءَ جي ڪُڻي ۾ اسان جي حصي ۾ آيل اسان جا ملڪ ۽ شھر، اسان کان محبت جي گهُر ڪن ٿا ۽ اسان بہ دل سان انهن سان محبت بہ ڪيون ٿا. پر ڇا اسان اڃان ڪنھن بھتر زندگيءَ جا حقدار هئاسين؟ آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان تہ آئون ڪيترو بدقسمت هئس جو هڪ اهڙي پراڻي ۽ غريب شھر ۾ پيدا ٿيس، جيڪو هڪ تباهہ ٿيل سلطنت جي ڦلھيارن هيٺان دٻجي ويو هو. پر منهنجي اندر جو هڪ آواز هميشہ اصرار ڪندو آهي تہ اصل ۾ اهو ئي منھنجو ڀاڳ ھو. جيڪڏهن ڳالهہ پئسي ڏوڪڙن جي آهي، تہ آئون پاڻ کي يقينن ڀاڳوارو چئي سگهان ٿو تہ آئون هڪ آسودي گهر ۾ ان وقت پيدا ٿيس، جڏهن شھر پنجنجي زوال جي آخري حد تي هو. جيتوڻيڪ ڪجهہ ماڻهو اُنهيءَ جي ابتڙ سمجھن ٿا. بنا ڪُرڪڻ جي پنھنجي جنم جي شھر کي مون ائين ئي قبول ڪري ورتو آهي جيئن مون پنھنجي جسم ۽ جنس کي قبول ڪيو آهي. جيتوڻيڪ منھنجي خواهش هئي تہ آئون وڌيڪ سھڻو ھجان ھا يا اڃا بہ معصوميت سان پاڻ کان پڇندو آهيان تہ وڌيڪ ڀلو نہ ھجي ھا جيڪڏهن آئون عورت ٿي پيدا ٿيان ها… منھنجو شھر، منھنجي وجود جيان ئي منھنجو مقدر آهي، ۽ اُنهيءَ تي بحث ڪرڻ اجايو.
آئون ستين جون 1952 تي آڌي رات جو ‘موڊا’ جي هڪ ننڍڙي خانگي اسپتال ۾ پيدا ٿيس. مون کي ٻڌايو ويو تہ انھيءَ رات اسپتال جا ڪاريڊور ماٺا هئا، ۽ ائين ئي دنيا بہ پر امن هئي. منھنجي جنم کان ٻہ ڏينھن اڳ اسٽرامبوليني جي ٻرندڙ جبل مان اوچتو نڪرندڙ باهہ ۽ رک کان سواءِ، لڳي ٿو تہ اسان جي ڌرتيءَ تي ٻي ڪا خاص اٿل پٿل نہ ٿي هئي. اخبارون غير اھم خبرن سان ڀريل هيون. ڪجهہ خبرون ڪوريا ۾ وڙهندڙ ترڪي جي فوجين بابت هيون تہ ڪجهہ آمريڪين پاران ڦھلايل اُهي افواهہ هئا تہ م اتر ڪوريا شايد حياتياتي هٿيار استعمال ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو ھو. منھنجي پيدائش کان ڪجهہ ڪلاڪ اڳ، منھنجي ماءُ هڪ مقامي خبر ۾ وڏي دلچسپي وٺي رهي هئي. ٻہ ڏينھن اڳ، قونيہ اسٽوڊنٽ سينٽر جي نگرانن ۽ “بھادر” رهواسين هڪ خطرناڪ نقاب پوش ڏوھاري کي، هڪ گهر جي وھنجڻ جاءِ جي دريءَ مان اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪندي ڏٺو هو. ھُنن گهٽين ۾ سندس پيڇو ڪيو ۽ کيس ڪاٺ جي گودام تائين وٺي ويا، جتي پوليس کي گارگند ڪرڻ کان پوءِ، اُنهيءَ ڏوهاريءَ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. سيڌو وڪڻندڙ هڪ دڪاندار سندس لاش جي سڃاڻپ لانگا نالي هڪ اهڙي ڏوھاريءٓ طور ڪئي، جنھن هڪ سال اڳ ڏينھن ڏٺي سندس دڪان ۾ گهڙي بندوق جي زور تي کيس ڦُريو هو.
منھنجي ماءُ جڏهن اُنهيءَ واقعي بابت خبرون پڙهي رهي هئي، تڏهن هوءَ پنھنجي ڪمري ۾ اڪيلي هئي، يا گهٽ ۾ گهٽ ڪيترن سالن کان پوءِ ھُن مون کي پشيماني ۽ بيزاريءَ مان ائين ئي ٻڌايو هو. منھنجو پيءُ مونکي اسپتال پھچائڻ کان پوءِ ڳڻتيءَ ۾ ھو، ۽ جڏهن منھنجي ماءُ جي ويم واري حالت ۾ ڪا بھتري نہ آئي، تہ ھُو دوستن سان ملڻ هليو ويو هو. ويم واري ڪمري ۾ ساڻس رڳو منھنجي ماسي هئي، جيڪا اڌ رات جو اسپتال جي باغ جي ڀت ٽپي اندر پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي. منھنجي ماءُ جڏهن پھريون ڀيرو مون تي نظر وڌي، تہ کيس آئون پنھنجي وڏي ڀاءُ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٻرو ۽ نازڪ لڳو هوس.
ھتي اھو آئون ٻڌائيندو ھلان تہ ترڪي ٻوليءَ ۾ اسان وٽ هڪ خاص زمان هوندو آهي، جيڪو اسان کي ٻڌل ڳالهہ ۽ پنھنجي اکين سان ڏٺل واقعي جي وچ ۾ فرق ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. اسان زمان جو اھو صيغو تڏھن استعمال ڪندا آهيون جڏهن اسان خواب، پرين جون ڪھاڻيون يا اهڙا ماضيءَ جا واقعا بيان ڪندا آهيون جن جا اسان پاڻ شاھد نہ هوندا آهيون. پنھنجي زندگيءَ جي شروعاتي تجربن کي ياد ڪرڻ وقت پڻ اھو هڪ ڪارائتو فرق رکڻو آهي. اسان جا پينگها، اسان جون ٻارن واريون گاڏيون، اسان جا پھريان قدم اهو سڀ ڪجهہ اسان کي پنھنجي ماءُ پيءُ جو ٻڌايل هوندو آهي. اسان پنھنجي باري ۾ اُهي قصا ائين ئي پوري توجهہ سان ٻڌندا آهيون ڄڻ ڪنھن ٻئي فرد جو دلچسپ قصو ٻڌندا ھجون. اهو احساس اھڙو ئي دلچسپ ھوندو آهي ڄڻ پاڻ کي خواب ۾ ڏسڻ. پر اسان کي اُنهيءَ جي وڏي قيمت ڀرڻي پوندي آهي. هڪ دفعي جڏهن اسان جي ذهنن ۾ پاڻ بابت اُھي ٻين جون ٻڌايل ڳالهيون نقش ٿي وينديون آھن تہ اُھي، اسان لاءِ پنھنجين سندين يادگيرين کان وڌيڪ اهم ٿي وينديون آھن. جنھن نموني اسان پنھنجي زندگيءَ بابت ٻين کان ڄاڻون ٿا، ائين ئي اسان پنھنجي شھر بابت بہ پنھنجو تصور ٻين جي ٻڌايل ڳالهين مطابق جوڙيندا آهيون.
ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن آئون پنهنجي شهر ۽ پنهنجي باري ۾ ٻڌل ڪھاڻين کي پنھنجو سمجهي وٺندو آهيان، تہ منھنجي دل چاهيندي آهي تہ چوان ”هڪڙو زمانو هو جڏهن آئون تصويرون ٺاهيندو هوس. مون ٻڌو آهي تہ آئون استنبول ۾ پيدا ٿيو هوس. ۽ آئون سمجهان ٿو تہ آئون ٿورو عجيب ٻار هوس. پوءِ، جڏهن آئون ٻاويھن سالن جو ٿيس، تہ لڳي ٿو ڄڻ مون بنا ڪنھن سبب جي ناول لکڻ شروع ڪري ڏنا.“ آئون چاهيان ٿو تہ پنھنجي سڄي ڪھاڻي اهڙي طرح لکان تہ ڄڻ منھنجي زندگي، ڪنھن ٻئي سان پيش آيل واقعو هجي. ڄڻ تہ اُهو ڪو خواب هجي جنھن ۾ مون کي پنھنجو آواز جهيڻو ٿيندي ۽ پنھنجي مرضيءَ کي ڪنھن طلسم جي حوالي ٿيندي محسوس ڪيو هجي. داستان جي ٻولي ڪيتري بہ خوبصورت هجي، پر مون کي اها بي اعتباري لڳندي آهي. ڇو تہ آئون اهو قبول نٿو ڪري سگهان تہ اسان جي صفا اوائلي زندگيءَ بابت اُهي قصا اسان کي پنھنجي اصل زندگيءَ لاءِ تيار ڪن ٿا جيڪا اسان جي سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ شروع ٿيڻي آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون جھڙن ماڻهن لاءِ اها ٻي زندگي ٻيو ڪجهہ بہ ناهي، پر اهو ئي ڪتاب آهي جيڪو هن وقت توهان جي هٿ ۾ آهي. تنھنڪري، پيارا پڙهندڙو، پوري توجهہ سان پڙهو. مون کي توهان سان سچ ڳالهائڻ ڏيو، ۽ بدلي ۾ آئون توهان کان همدرديءَ جو طلبگار آهيان.
(اورحان پامڪ جي ساروڻين جي ڪتاب ”استنبول“ جي پھرئين باب مان کنيل ٽڪرو)

جيمس جوائس جو يوليسز ۽ ترجمي جو فن
پنھنجي محبوب ليکڪن سان محبت جي اظھار جا ماڻهن جا پنھنجا نرالا ڍنگ ھوندا آھن. ھر سال 16 جون تي آئرلينڊ جي گادي واري شھر ڊبلن ۾ ”بلومس ڊي“ ملھايو ويندو آھي. اِھو ڏينھن عظيم آئرش ليکڪ جيمس جوائس جي شاھڪار ناول يوليسز جي مکيہ ڪردار ليو پولڊ بلوم جي حوالي سان ملھايو ويندو آھي. جوائس جو ناول 16 جون 1904 تي ليو پولڊ بلوم جي ڊبلن ۾ گھاريل هڪڙي ڏينھن جي جي ڪٿا آهي، جنھن ۾ ڊبلن شھرن جي گهٽين، دڪانن، شراب خانن، چرچ، پلين کان وٺي ڳاڙهي بازار تائين جي هر جڳهه ۽ منظر کي پيش ڪيو ويو آهي.
انهيءَ ڏينھن تي جيمس جوائس جا چاهيندڙ اُهي ڪپڙا پائيندا آهن، جيڪي بلوم ۽ ٻين ڪردارن انهيءَ ڏينھن پاتا هئا ۽ انهن گهٽين ۾ ويندا آهن، جتي بلوم ويو هو ۽ انهن جڳھين تي ماني کائيندا آهن، جتي هُن ماني کاڌي هئي.۽ ايئن بنان تقريرن ۽ فنڪشنن جي ماڻهو سڄي شھر ۾ گهمندا آھن ۽ پنھنجي ملڪ جي اُنهيءَ عظيم ليکڪ کي مان ڏيندا آھن.
1922 ۾ ڇپيل جيمس جوائس جي ناول يوليسز کي هن صديءَ جو عظيم ترين ناول سمجهيو ويندو آھي. تقريبن 800 صفحن تي ڦھليل لکيل هيءُ ناول پنھنجي دور جو انتھائي مشھور ۽ ساڳئي وقت تي انتھائي تڪراري ناول رهيو آهي. آمريڪا جھڙي ملڪ ۾ ڪافي وقت تائين انهيءَ ناول تي فحش هئڻ جي الزام سبب پابندي لڳل هئي.
يوليسز جي عظمت پنھنجي جڳھ تي، پر ان ناول کي ادب جو سڀ کان ڏکين ناولن ۾ ڳڻيو ويندو آھي. ناول ۾ ڪا ڪھاڻي، ڪو مربوط پلاٽ ۽ ڪو سڌو بيانيو بہ ناھي. ناول شعور جي وھڪري جي ٽيڪنيڪ ۾ لکيل آھي جنھن ۾ ڪردار جي ذھن ۾ ھلندڙ خيالن جي ھر سلسلي کي بلڪل اھڙي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آھي جيئن ۽ جنھن ترتيب سان اھي ذھن ۾ ايندا آھن. بي ربط جملن، اوچتو تبديل ٿيندڙ خيالن ۽ بنا وضاحت جي تصور کي پيش ڪرڻ جي ڪري پڙھندڙ کي تمام گهڻو خيال رکڻو پوندو آھي. گهاڙيٽي ۽ موضوعي اڻت جي لحاظ کان جوائس جو ناول، ھومر جي يوناني رزميائي قصي آڊيسز تي ٻڌل آھي. اُنهيءَ ڪري ھومر جي اُنھي قصي سان واقفيت ۽ اُنهيءَ جي داستاني ورھاست ۽ بناوت جي ڄاڻ ھن ناول کي سمجھڻ جو پھريون قدم آھي. اُنهيءَ کانسواءِ ناول ۾ يوناني ڏند ڪٿائن، آئرش لوڪ ڪٿائن، مذھب، ادب، تاريخ، فلسفي، نفسيات، جاگرافي ۽ ٻين علمن جا اڻڳڻيا حوالا آھن جن سان اڳواٽ واقفيت کانسواءَ اھو ناول سمجهڻ ممڪن ناھي. جوائس، ھڪ ساختي تجربي طور، ناول جي ھر حصي کي بلڪل الڳ اسلوب ۾ لکيو آھي، تنھن جي ڪري عام ناولن جي برعڪس اسان کي ھڪ ئي ھنڌ مختلف اسلوبي انداز ملن ٿا. آئرش، لاطيني ۽ يوناني ٻولين جي لفظن ۽ اصطلاحن جي استعمال ناول کي ويتر ڏکيو ڪري ڇڏيو آھي. سڀ کان وڏي ڳالهه تہ ناول انگريزي لفظن جي کيڏوڻن، علامت نگاري، ٻن معنائن وارا اظھارن، استعارن ۽ لساني تجربن سان ڀريل آھي جن کي اُھي سمجهي يا لطف وٺي سگهندا جيڪي انگريزي تي مھارت رکن ٿا.

پر ھن سال 16 جون تي جڏھن دنيا ۾ بلومس ڊي ملهايو پئي ويو تہ اُنهيءَ ڏينھن تي پاڪستان ۾ جيمس جوائس جي حوالي سان تمام وڏو بحث شروع ٿيو. اھو بحث انور سن راءِ پاران ٿيل يوليسز جي اردو ترجمي جي حوالي سان آھي. حالانڪہ اھو بحث اُنهيءَ ترجمي جي شايع ٿيڻ کان اڳ اپريل ۾ اُنهيءَ جو اعلان مھل شروع ٿيو ھو. انھيءَ وقت اردو جي ناول نگار ۽ ترجميڪار، سيد ڪاشف رضا جو خيال ھو تہ يوليسيز جو اردو ترجمو ممڪن ناھي ۽ انور سن راءِ کان تہ بلڪل ممڪن ناھي جو سندس اڳ ڪيل ترجما ڪي ايڏا سٺا ناھن. پر ان وقت عام راءِ اھا ھئي، جيستائين اھو ترجمو ھٿ ۾ نہ ٿو اچي تہ انھيءَ تي راءِ ڏيڻ غير مناسب ھوندو. پر جڏھن ھاڻ ڪتاب اھو ترجمو مارڪيٽ ۾ اچي ويو آھي تہ ڪافي نقادن، اديبن ۽ سٺن پڙھندڙن جي راءِ آھي تہ اھو ڪو سٺو ترجمو ناھي. سوشل ميڊيا تي ٿيل بحث ۾ اھو خيال بہ ظاھر ڪيو پيو وڃي تہ شايد اھو ترجمو مصنوعي ڏاھپ ذريعي ٿيل مشيني ترجمو آھي، جنھن جي رڳو ڪجهه سنوار ڪئي وئي آھي.
ھتي ترجمي جي فن حوالي سان ڪجهه ذڪر ڪجي. پھريون، ڇا يوليسز جھڙن ڏکين ۽ ڳتيل ناول کي ترجمو ڪري سگهجي ٿو؟ انھيءَ سوال جي جواب ۾ اسان کي سمجهڻو پوندو تہ ڪو بہ ترجمو ڪامل نہ ھوندو ھو. سڀ کا بھترين ترجمو بہ اصل فنپاري کي ڪنھن ٻي ٻولي ۾ مڪمل الٿو نہ ٿو ڪري سگهي. ھر ڪنھن ٻوليءَ جون ھڪڙيون نياريون ترڪيبون، منفرد اظھار ۽ مخصوص لساني تجربا ھوندا آھن، جيڪي ٻي ٻولي ۾ انھيءَ ساڳي سگهه ۽ سونھن سان نہ ٿا اچي سگهن. پر اُنهيءَ جي باوجود، اھڙن ڪتابن جا ترجما ٿيڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ترجمي جي ذريعي ئي جيڪڏھن مڪمل طور تي نہ بہ سھي، پر ڪنھن ادبي فن پاري جي سونھون، ڏاھپ ۽ ڪيفيتن جي ھڪ حصي تائين پھچ ڪري سگهون ٿا. خاص طور تي اھي حصا جيڪي آفاقي آھن ۽ جيڪي انساني تجربي جو گڏيل ميراث ٿي سگهن ٿا.
پر ھتي اصل سوال ترجميڪار جي قابليت جي باري ۾ آھي. ڪنھن بہ شاھڪار ادبي فنپاري جي ترجمي لاءِ ترجميڪار جون فني قابليتون انهي شھپاري جي عظمتن مطابق ھئڻ گهرجن. بنا تجربي ۽ قابليت رکندڙ جي ھٿان ٿيل ترجمو ڪنھن بہ شاھڪار کي ڌوڙ ڪري سگهي ٿو. ڪنھن سٺي ترجميڪار لاءِ نہ رڳو اھو تمام ضروري آھي تہ کيس ٻنھي ٻولين تي تمام سٺي مھارت ھجي، پر انهي سان گڏ کيس ادب جي گهرجن سان پڻ واقفيت ھجي. اُنهيءَ سان گڏ وٽس تخليقي تصور بہ ھئڻ گهرجي. ڪنھن تخليقي شاھڪار جو ترجمو بہ ايترو ئي تخليقي ھئڻ گهرجي، جو نہ رڳو اُنهيءَ جي ٻاھرين بناوت پر جيترو ممڪن ٿي سگهي، اُنهيءَ جو روح بہ ٻي ٻولي منتقل ٿئي. ترجميڪار جو ھڪ اھم ڪارج اھو بہ آھي تہ پنھنجي ٻولي ۾ اُنهيءَ شاھڪار لاءِ جڳھہ ٺاھڻ لاءِ وسعت آڻي. انهي لاءِ ڪي نوان لساني بناوتون ۽ نيون اظھاري ريتون يا ضرورت پوڻ تي نون لفظن ۽ نون اصطلاح پڻ جوڙي سگهي. ڪنھن ٻي ٻوليءَ مان ڪو شاھڪار ترجمو ڪرڻ، پنھنجي ٻوليءَ ۾ وسعت ڏيڻ جو موقعو بہ ھوندو آھي. اُنهيءَ لاءِ ترجميڪار کي پنھنجي ٻوليء ۾ نوان تجربا ڪرڻا پوندا تہ جيئن پڙھندڙن کي ڪن نون اظھارن، ڪيفيتن ۽ احساسن سان متعارف ڪرائي سگهي. ڪن ھنڌن تي ترجميڪار جو ڪم تخليقڪار کان بہ مشڪل ھوندو آھي.
اڄ جي دور ۾ ھڪ سوال مصنوعي ذھانت جي ذريعي ٿيندڙ مشيني ترجمي جو بہ آھي. ھن وقت سنڌي ۾ تہ نہ، پر اردوءَ سوڌو ٻين ٻولين ۾ سٺو مشيني ترجمو ڪري سگهجي ٿو. پر ھن وقت بہ اھو ترجمو غير افسانوي ادب، صحافياڻي مواد يا علمي يا ٽيڪنڪي مواد لاءِ بھتر آھي. اُنهيءَ ترجمي ۾ بہ غلطين جا کوڙ امڪان ھوندا آھن ۽ اھو انساني نظرداري کانسواءِ شايع ٿيڻ نہ گهرجي. پر جيستائين تخليقي ۽ افسانوي ادب جي ڳالھہ آھي تہ ھن وقت مشيني ترجمي مان مدد وٺڻ انتھائي نقصانڪار ۽ بي مقصد آھي. حالانڪ ھاڻ بہ جلد ڪمائڻ جي چڪر ۾ مشيني ترجما ٿين پيا پر اُھي. اُنهيءَ سونھن، احساسن ۽ فڪر کان عاري ھوندا آھن جيڪي انساني ترجمي جي ذريعي انھيءَ ۾ برقرار رکي سگهجن ٿا. ٿي سگهي ٿو تہ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ مصنوعي ڏاھپ ۾ اھا قابليت اچي سگهي تہ اُنهيءَ جي ذريعي تخليقي ادب جو بہ ترجمو بھتر ڪري سگهجي. پر ھن وقت ھڪ جاندار ترجمي لاءِ نہ رڳو انساني ڏاھپ پر انساني احساسن جي ضرورت آھي.
آخر ۾ پاڻ واپس يولسز جي ڪيل ترجمي تي ٿا اچون. جيڪي مون اُنهيءَ جا ابتدائي صفحا ڏٺا آھن تہ مونکي اھو ترجمو ناقص ٿو لڳي. مون انور سن راءِ جا پابلو نرودا جي نظمن جا ڪيل ترجما بہ پڙھيا آھن. ھُن انهن خوبصورت نظمن جو ترجمو بنان سونھن، احساسن ۽ روح جي ڪيو آھي. ايترو جو ڪافي جڳھين تي انھن جي مشيني ھئڻ جو گمان ٿي ٿو. اسان جھڙن پڙھندڙن لاءِ يوليسز کي بغير وضاحتي حاشين جي پڙھڻ بيڪار آھي. ھاڻ يا تہ انتظار ڪجي تہ اُنهيءَ جو ڪو مستند ترجمو اچي. يا وري اُنهيءَ کي اصل ٻوليءَ ۾ پڙھجي. پر عظيم فن پارا جبل جي چوٽي جيان ھوندا آھن، انهن تائين پھچڻ لاءِ ضروري قابليت ۽ مھارت جي ضرورت ھوندي آھي. جوائس جو يوليسز بہ اھڙي چوٽي آھي، جنھن تي چڙھڻ لاءِ دل گردو گهرجي.

تعزيت نامو: ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جو خواب
اسان دل سان سوچڻ وارا ماڻهو، ھُو دماغ سان غور ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو ھو. اسان احساسن تي ڀاڙڻ وارا ماڻهو، ھُو تجربن، عقل ۽ منطق تي ٻڌل سوچ رکڻ لاءِ جاکوڙيندو ھو. اسان شاعريءَ جي طلسماتي دنيا ۾ جيئڻ وارا ماڻهو، ھُو سائنس جي حقيقتن کي قبول ڪرائڻ لاءِ پتوڙيندو ھو. اسان سندس ڳالهه ڪڏھن بہ ڪونہ ٻڌي ۽ ھُو بنان انھيءَ جي پرواھ ڪندي پنھنجي ڪم ۾ رُڌل رھيو. نيٺ ھُو بيماريءَ سان جهيڙيندي، اسان کان پري ويو ھليو ۽ پويان اسان لاءِ علم، ڏاھپ، سائنس ۽ سمجهه جو ورثو ڇڏي ويو.

سائين علي مرتضيٰ ڌاريجو جديد سنڌ جي چند ماڻهن مان ھو، جيڪو روشن خيالي، سائنس، ماحوليات جي سمجهه ۽ عقلي فڪر کي عام ماڻهن منجهه سندن ئي ٻوليءَ ۾ پکيڙڻ لاءِ اڌ صديءَ کان بہ وڌيڪ عرصي کان مصروف ھو. سندس سائنس تي تحقيقي مقالا بين الاقوامي جرنلن ۾ ڇپجندا تہ ھئا پر ڌاريجي صاحب جي اھا مٓت ھئي تہ علم رڳو پنھنجي لاءِ مان، عھدا ۽ حيثيت پرائڻ لاءِ ناھي. پر علم، پنھنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن ڌڻين جي امانت آھي ۽ اُنهيءَ علم کي نہ ونڊڻ، خيانت آھي. اُنهيءَ لاءِ ھُن ڪيترن ئي اھم سائنسي موضوعن تي طبعزاد ڪتابن يا ترجمن جي صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شاھوڪار ڪيو. ھُن لغتون جوڙيون ۽ ادارا ٺاھيا ۽ مختلف حيثيتن ۾ پتوڙيندو رھيو. ھُن سائنس ۽ ماحول تي رسالا ڪڍيا ۽ سائنس سوسائٽي کي وري متحرڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ھُن ٽن نسلن کي پڙھايو ۽ تربيت ڪئي. ڌاريجي صاحب کيس مليل زندگيءَ ۾ ايترو ڪجهه ڪيو، جو ھينئر سندس حياتي جي وھي کاتي جو پوتا ميل ٿا ڪريون تہ اسان سڀ سندس قرضي ٿا لڳون. پر انهيءٓ قرض کي واپس ڪرڻ لاءِ اسان ڪڏھن بہ نہ سوچيو.

منھنجي ڌاريجي صاحب جي ڪتابن سان پھريون ڀيرو واقفيت شايد 1991 واري سال ۾ ٿي ھئي. نئين نئين جواني جا سال ھئا. جڏھن جنس جي منع ڪيل ميوي ڏانھن ڪشش فطري ھئي. انهي پراسرار موضوع جي حوالي سان ذھن ۾ ھزارين سوال ھئا پر انھن جي خاطري وارن جوابن جو ڪو وسيلو نہ ھو. جنس جي موضوع تي ڪوڪ شاستر باتصوير ۽ شاديءَ جي پھرين رات جھڙا ڪتاب ھئا، جيڪي لڪ ڇپ ۾ نوجوانن جي ھٿن ۾ ايندا ھئا، جنھن ۾ ڏنل ليڪيل تصويرن مان اُھي لطف وٺڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا. انهن ڪتابن ۽ مٿان ھڪ جيڏن وٽان مليل جنس جي باري ۾ ڏند ڪٿائن نوجوانن جي ذھنن کي بيمار ڪرڻ ۽ منجهن وھم پيدا ڪرڻ کانسواءِ ڪجھہ بہ نہ ڪيو. تن ڏينھن ۾ سنڌيڪا پاران ڌاريجي صاحب جو ڪتاب ”جنس جي سائنسي ڄاڻ“ مارڪيٽ ۾ آيو. اھو ڪتاب جنس جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ شايد پھريون سائنسي ڪتاب ھو، جنھن ۾ ڌاريجي صاحب انتھائي سولي ٻوليءَ ۾ جنسيات جي موضوع تي انتھائي واضح طريقي سان ڄاڻ ڏني. انھيءَ ڪتاب ذريعي اسان جي نسل کي اُنهيءَ اھم موضوع تي پھريون ڀيرو سائنسي ڄاڻ ملي ۽ اسان جي ذھنن ۾ موجود ڪيترن ئي سوالن جا پھريون ڀيرو جواب مليا. اُنهيءَ کانپوءِ 1994 ۾ سندس ڪتاب ”ڇـاتـين جـي سائنسي ڄاڻ“ پڻ آيو. انھن ڪتابن سنڌيءَ ۾ انهن موضوعن تي پيل ٽيبو کي ٽوڙيو ۽ کلئي ذھن سان انهن تي ڳالهه ٻولهه کي ممڪن بڻايو.
اُنهيءَ کان اڳ ۽ اُنهيءَ کانپوءِ بہ ڌاريجي صاحب ”انوکا گره“،” ڪينسر“، ”اسانجون اکيون“،” ڪينسري بيماريون“، ”سـريـر جـي آتم ڪھاڻي“ ، ۽ ” ، جت ويڄ نه طبيب “ سوڌو ٻيا ڪتاب بہ ڏنا، جن ۾ وايومنڊل کان وٺي انسان جي بدن، ان سان لاڳاپيل مسئلا ۽ طب جي باري ۾ ڄاڻ ھئي.
ڌاريجو صاحب سنڌ جو شايد پھريون ليکڪ ھو، جنھن کي اھا سمڪ ھئي تہ ايندڙ وقت ۾ ھن ڌرتيءَ کي پيش ايندڙ سڀ کان وڏو مسئلو ماحولياتي تبديليءَ جو ھوندو. اُنهيءَ لاءِ ھو مسلسل لکندو رھيو ۽ ھُن اُنهيءَ موضوع تي ”مـوسـمـي تـبديـلــي ڇـا آهـي؟“ ۽ ”تپندڙ ڌرتي ۽ مٽجندڙ مندون“ جھڙا ڪتاب ڏنا. ھتي آئون خاص طور تي سندس شايع ٿيل آخرين ٻن ترجمو ڪيل ڪتابن جو ذڪر ڪندس. ھڪ ڊارون جي جيوڻي ھئي، جنھن ۾ ڌاريجي صاحب انتھائي سولن لفظن ۾ سندس ارتقا جي نظريي کي پڻ کولي سمجهايو. اھو ارتقا جو نظريو آھي، جيڪو ھن ڪائنات جي اسرڻ، ھن ڌرتيءَ جي موجود سڀني جيون جي موجودہ صورت ۾ ھئڻ، انهن ۾ آيل تبديلين ۽ ماضيءَ ۾ انهن جي ختم ٿيڻ جي وضاحت ڏئي سگهي ٿو ۽ جنھن کي سمجھڻ کانسواءِ پنھنجي چوڌاري ڪنھن بہ لقاءٓ جو مفھوم ۽ سمجهاڻي ڏيڻ ممڪن ناھي.
سنڌ لاءِ سندس آخري پورھيو جديد سائيڪلوپيڊڪ ميڊيڪل ڊڪشنري ھئي. دنيا جي انتھائي معتبر ۽ جامع برٽش ميڊيڪل ايسوسيئشن جي ترتيب ڏنل السٽريٽيڊ ميڊيڪل ڊڪشنري کي بنياد ٺاھي، مرتب ڪيل 850 صفحن تي مشتمل انھيءَڊڪشنري ۾ 7000 کان وڌيڪ اصطلاحن جي انسائيڪلوپيڊيا جي معيار تي تشريحي وضاحت ڏنل ھئي. اُنهيءَ ۾ بيماريون، انھن جا سبب، انھن جي سڃاڻپ، تپاس، علاج، احتياط ، مختلف دوائون، انھن جو استعمال پڻ شامل آھي. جيڪڏھن ڌاريجو صاحب ٻيو ڪجهه نہ ڪري ھا تہ رڳي اھا ڊڪشنري ئي سندس اسان تي احسان ھو.
سندن اڻڇپيل ڪتابن جو بہ ھڪڙو چڱو انگ آھي. اُھي ڪتاب ڪو پبلشر ڇاپڻ لاءِ تيار نہ ھو، ڇاڪاڻ تہ انهن بہ ڄاتو ٿي تہ سنڌ ۾ سائنس تي ڪتاب ڇاپڻ ھڪڙو گهاٽي جو سودو آھي. اُنهيءَ لاءِ ھن پاڻ سائنس جي ادب جي واڌاري لاءِ ’سائنس پبليڪيشن‘ لاڙڪاڻي جو بنياد وڌو، جنھن ذريعي مختلف سائنسي ڪتاب ڇپرايائين ۽ ماحول جي نالي سان رسالي کي پڻ جاري ڪيائين.
ڌاريجي صاحب جي وڏي ڪوشش ھئي تہ سنڌ سائنس سوسائٽي وري ٻيھر متحرڪ ٿئي. ھُن اُنهيءَ لاءِ ڪوششون بہ ورتيون. سندس اھو تصور ھو تہ سنڌي سماج جي ڀلائي اُنهيءَ ۾ آھي تہ اتي جي واھڻن ۽ شھرن ۾ سائنس ڪلب کلن، جن ۾ ٻارن کي ڪچي کان پنھنجي ٻوليءَ ۾ سائنسي طريقن جي سکيا ڏجي. سنڌ جي ھر اسڪول ۾ سائنسي ميلا ٿين ۽ شاگردن ۾ سائنسي سوچ پيدا ڪجي. اڳ وانگي سنڌ ۾ ٻيھر ”سائنس“ جو رسالو نڪري، جنھن ۾ سنڌيءَ ۾ سائنس جي نين کوجنائن تي مضمون ھجن. يونيورسٽين ۾ سائنس تي مذاڪرا ٿين ۽ سنڌ جي نوجوانن کي فڪري طور تي باقي دنيا سان ڳنڍجي. پر سندس خواھش، ديواني جو خواب ئي ثابت ٿي.
جتي ٻيا اديب ڏھاڪا اڳ لکيل ڪجهه تخليقن جو قرض اسان کان اڃا مڃتا ۽ اعزازن جي صورت ۾ وصول ڪن پيا، اتي ڌاريجو صاحب سخت بيماريءَ جي ھوندي پنھنجي آخري گهڙين تائين پنھنجي ڪم ۾ مصروف رھيو. جيستائين ساھ جي تند ثابت ھئي، تيستائين ھُو سنڌ کي ڏيندو رھيو. مڃتا ۽ مان جي تِڇ خواھشن کان پري، سنڌ جو ھيءُ عاشق پنھنجي آخري لمحي تائين سنڌ کي علمي طور سگهارو ڪرڻ واري خواب کي ساڀيان ڏيڻ ۾ مصروف رھيو.

ڪتابن جي عالمي ڏينھن تي پراڻن ڪتابن جا اسرار
آئون اڳي ڪنھن ٻئي ھٿ مان گذري آيل ڪتاب کڻان ٿو، جيڪو مون وٽ پراڻن ڪتابن جي ھڪ ويب سائيٽ جي ذريعي پھتو. ڪتاب جي پھرين اندرين صفحي تي اُنهيءَ ڪتاب جي اڳوڻي چاھيندڙ جي لاءِ جنم ڏينھن جي ھڪڙي ارپنا ملي ٿي.”ميٿيو لاءِ، آئون چاھيان ٿي تہ جڏھن ھوُ ھيءُ ڪتاب پڙھي تہ کيس ھر صفحي ۽ ھر سٽ تي منھنجي سار اچي. پيار وچان سوزن“. ڪتاب جي اندر ھڪڙو ھٿ جو ٺھيل بڪ مارڪ پيل آھي، جنھن جي شفاف پلاسٽڪ جي پنيءَ ۾ انتھائي نفاست سان مختلف قسمن جان پٓن محفوظ ٿيل آھن. پيلا، ساوا، ناسي، گلابي پٓن. خبر ناھي سوزن ۽ ميٿيو ڪير ھئا؟ شايد اھي ھڪ ٻئي سان پيار ڪندا ھئا. شايد اھو بڪ مارڪ سوزن جو ٺاھيل ھئو ۽ اُنهيءَ ۾ پيل پٓن سندن ڪنھن ياد سان جڙيل ھئا. اُنهيءَ اڳ واپرايل ڪتاب مونکي اُن جي ليکڪ جي تہ واقفيت ڪرائي، پر ان سان گڏ ٻن ٻين فردن سان بہ ملاقات ڪرائي، جيڪي انهي ڪتاب سان لاڳاپيل ھئا ۽ جن جي پيار جو ھڪڙو اظھار انھيءَ ڪتاب سان بہ جڙيل ھو.

نون ڪتابن جو پنھنجو نشو ھوندو آھي. ان جي اجرن ڪنوارن صفحن جي لمس ۾ محبوب کي پھريون ڀيرو ڇُھڻ جھڙو لطف ھوندو آھي.  مان ايندڙ تازي ڇپائي جي خوشبو ڪنھن اھڙي ڦوھ جوان ناري جي سڳنڌ جھڙي ھوندي آھي جنھن جي اکين ۾ تازا مجاز جا الماس جرڪندا ھجن. انھن جي ڳنڍيل صفحن کي نزاڪت سان الڳ ڪرڻ وقت ايندڙ آواز ۾ ڪنھن جي پيار مان ڪيل سُس پُس جھڙي سرشاري ملندي آھي. پر پراڻن ڪتابن جا پنھنجا اسرار ھوندا آھن. جيڪي  پراڻي شراب جي سرور، ميچيوئر عورت سان عشق يا  پراڻن دوستن سان ڪچھريءَ جھڙا ھوندا آھن.

پُراڻي، واپرايل ۽ پھرين بہ چاھيل ڪتاب ۾ رڳو پڙھندڙ ۽ ليکڪ جو تعلق نہ ھوندو آھي. انھيءَ تعلق ۾ ھڪ ٽيون شخص بہ ھوندو. اُنهيءَ ڪتاب ۾ رڳو ليکڪ جي دلين جي ديارن جا داستان نہ ھوندا آھن، پر ان ۾ ڪتاب جي اڳوڻي چاھيندڙ جي حياتيءَ جا قصا بہ درج ٿيل ھوندا آھن. (ھا، ڪتاب جا مالڪ نہ ھوندا آھن ڪتاب جا رڳو چاھيندڙ ھوندا آھن.)  اھڙن ڪتابن ۾ مواد کانسواءِ ٻيون بہ گهڻيون شيون ھونديون آھن، جيڪي نون ڪتابن ۾ نہ ملنديون آھن ۽ سي ھونديون آھن: ڪنھن تعلق جي ياد، ڪنھن ٻئي جي وجود جي سار، ڪنھن ٻي حياتيءَ جا اولڙا. انھن ڪتابن جي ذريعي توھان پاڻ کي ڪنھن ٻئي فرد سان جڙيل محسوس ڪندا آھيو، جنھن توھان کان اڳ اُنهيءَ ڪتاب جي صفحن کي ورايو ھو. جنھن جي بہ دل شايد انهن ساڳين لفظن تي زور سان ڌڙڪي ھوندي، جن لفظن توھان جي وجود ۾ وجد اوتيو ھو. جنھن بہ اُنهيءَ ڪتاب جي ڪنھن ڪردار ۾ پنھنجو اولڙو ڏٺو ھوندو، جنھن ڪردار کي توھان بہ پاڻ جھڙو ڀاسيو ھو. جنھن بہ توھان وانگي ئي شايد ڪتاب کي ٿوريءَ دير لاءِ بند ڪري پولارن ڏي نھاريو ھوندو ۽ پنھنجي ڪنھن ماضيءَ جي واقعي کي ساريو ھوندو.

ٻئي وٽان آيل ڪنھن پراڻي ڪتاب جو جُلد ممڪن آھي تہ وقت جي دز جي ڪري ڌُنڌارو ٿي ويو ھجي. گهڻو ڪري انھيءَ جا پنا وِھانءَ کانپوءِ ھلڪي ٿي ويل مينديءَ وانگر پيلا ھوندا آھن. انھن جي يادگيري لاءِ موڙيل ۽ سنوان ڪيل صفحن تي ڪنھن ڪُراڙي جي پيشانيءَ جيان گهُنج ھوندا آھن. انهن جي ورقن تي ڀرجي ويل زخمن جيان مختلف نشان ھوندا آھن. ان جي جملن ھيٺان چيڪي مِٽيءَ ۾  مسافرن جي رھجي ويل قدم جيان  ليڪيل سٽون ھونديون آھن.  پر اھي مٿان ورايل صفحا، اھي  نشان، اھي پيلا پنا ۽ اھي نشانبر جملا ئي ڪتاب سان محبت جا اھڃاڻ آھن. اُھي وريل صفحا ٻڌائيندا آهن تہ پڙھندڙ جو ڪتاب سان ڪو اٻھرو ۽ تڪڙو تعلق نہ ھو، پر سندن تعلق ڪيترن ئي ويھڪن تي مشتمل ھو. ڪتاب جون ھيٺان ليڪيل سٽون ٻڌائينديون آھن تہ پڙھندڙ ڪھڙي ڪيفيتن مان گذريون ھو. ڪھڙين سٽن سندس اندر ۾ لڪل پيڙائن کي نروار ڪيو. ڪھڙي ڳالھہ ھُن جي اکين کي ڀڄائي ويندي ھئي. ڪھڙو لفظ ھُن جي محبت کي پڌرو ڪندو ھو.

انھن ڪتابن ۾ رڳو اھي ھيٺيان ليڪيل سٽون ئي نہ ھونديون آھن، پر ڪتاب جي حاشين ۾، اُنهيءَ پڙھندڙ، ڪتاب جي موضوع جي حوالي سان پنھنجا مشاھدا، تجربا، احساس، اتفاق، تعريفون، تنقيدون ۽   پنھنجا رايا بہ درج ڪيا ھوندا آھن. اھي حاشيا بہ ڪتاب جي سونھن ۽ سمجهه کي اڃا ويجھائيندا آھن. اھا حاشين ۾ نہ رڳو ڪتاب جي مواد جي باري ۾ تنقيدي ۽ تشريحي راءِ ھوندي آھي، پر اُھي پنھنجي جوھر ۾ بہ علم ۽ احساسن جو گنج ھوندا آھن. انھن حاشين ۾ ڪڏھن ڪڏھن اُنهيءَ اڳوڻي پڙھندڙ جي دل جون ڳالهيون، ڪي ذاتي ڏک، ڪي لڪل احساس بہ درج ٿيل ھوندا آھن، جيڪي انهيءٓ ڪتاب جي ڪنھن سٽ انهن جي اندر جي اونداھي غفائن مان ٻاھر ڪڍي ڪتاب جي اجرن پنن تي اُپٽايا ھوندا آھن . ڪنھن مھل تہ انھن حاشين کي پڙھڻ جو لطف اصلوڪي ڪتاب کان بہ وڌيڪ ھوندو آھي. اُھي حاشيا اسان کي پڙھڻ واري جي شخصيت، علم، ڄاڻ، احساس، ڪيفيتن ۽ گھري سُڌ جي پروڙ ڏيندا آھن.

انھن پراڻن اڳ چاھيل ڪتابن مان ملندڙ گلن جون سُڪل مکڙيون، ٽرين يا جھاز جون ٽڪٽيون، گهر جي سامان جي لسٽ، خريداري جي رسيد، ڪنھن جو ڏنل ڪارڊ، ڪنھن کي نہ موڪلي سگهيل پيغام، نئين سال جا پيمان، يادگيرو رکڻ لاءِ لکيل ڪا پرچي، رکي ۽ وساري ڇڏيل ڪاڳر….. اھي سڀ اُنهيءَ جي اڳوڻي چاھيندڙ جي زندگيءَ جو ڪو قصو ٻڌائين ٿا. ڪتابن مان ملندڙ اھي شيون انهن جي سفرن، محبتن، مزاجن، واعدن، محبتن، ڪيفيتن جون ساکي آھن.

پر پراڻن ڪتابن جي ھٽن، رديءَ وارن جي گاڏن، آچر ڏينھن تي لڳندڙ  فٽ پاٿ جي پراڻن ڪتابن جي پِڙين، ناياب ڪتابن جي ويبسائيٽن ۽ اڇلايل ڪچري جي ڍيرن تان ملندڙ ڪتاب ڪي ٻيا قصا بہ ٻڌائيندا آھن. اھي قصا تاريخ جي قضين، زندگيءَ جي لاھن چاڙھن، ٽٽل رشتن، بي قدر اولادن، بي حس دوستن ۽ بي وفا محبوبن جا ھوندا آھن. ڪنھن جي تہ بي وفائي ھئي، جو پيار سان ڏنل ڪتاب ۽ ان ۾ موجود بڪ مارڪ پنھنجي زندگيءَ مان ڪڍي اڇلايا ويا. اھا بي حسي تہ آھي جو ڪنھن وڏي ليکڪ يا ڪنھن طاقتور ماڻهوءَ کي پاٻوھ مان ڏنل نون ليکڪن جا ڪتاب بنان پڙھڻ جي تور جي حساب سان رديءَ ۾ ويندا آھن. اُھو بي قدر اولاد تہ ھوندو آھي جو پنھنجي والدين جي ورھين سان سانڍيل ڪتابن کي انهن جي قبر جي مٽي سڪڻ کان اڳ ئي اڇلائي ڇڏيندو آھي. اھي تاريخ جا قضيا ئي آھن جو جنگين، لڏپلاڻن ۽ ورھاڱن ۾ اجڙندڙ ماڻهن جا ڪتب خانا ڪچرن ۾ اڇلايا ويندا آھن. اُھي معاشي مسئلا ءُ زندگيءَ جا لاھا چاڙھا ھوندا آھن جو اولاد جيان پيارن ڪتابن کي پاڻ کان الڳ ڪرڻو پوندو آھي. اھي ٻين ھٿن مان گذريل، اھي واپرايل، اھي اڳ چاھيل ڪتاب اسان کي اھو بہ احساس ڏيارين ٿا تہ شايد اسان جي وڃڻ کانپوءِ اسان جا ڪتاب بہ ايئن ئي فٽ پاٿن تي ھوندا. ڪو ٻيو اسان جا پڙھيل، اسان جي نشانبر، اسان جي چاھيل ڪتابن کي دڪاندار سان اگهه تي بحث ڪري خريد ڪندو. جڏھن اھو ڪتاب کوليندو تہ اسان جي وجود کي وري ياد جي مختصر حياتي ملندي. اسان جي حياتي بہ انهن جي حياتين کي ڇُھندي.

پيٽرس لُمُمبا جو قتل ۽ شيخ اياز
17 جنوري 1961 تي آفريڪي ملڪ ڪانگو ۾ ملڪ جي معزول ڪيل وزيراعظم ۽ آفريڪا جي عظيم رھنما پيٽرس لُممبا کي  فائرنگ اسڪواڊ ذريعي قتل ڪيو ويو. سندس  ويجها ساٿي مورس مپولو ۽ جوزف اوڪيٽو پڻ ساڻس گڏجي ماريا ويا. سندس انهيءَ قتل ۾ ان وقت جي فوجي حڪمرانن سان گڏ، آمريڪي سي آءِ اي ۽ بيلجيم جي حڪومت جو پڻ ھٿ ھو. انهيءَ ظالماڻي قتل جي ڇھن ڏهاڪن کان پوءِ، مارچ 2026ع ۾ برسلز جي هڪ عدالت پاران 93 سالن جي اڳوڻي بيلجيئم سفارتڪار ايٽين ڊيوگنان تي پيٽرس لُممبا جي قتل ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڏنو آھي. ڊيوگنان، انهيءَ ظالماڻي قتل ۾ ملوث ڏوھارين مان اڪيلو ماڻهو ھو جيڪو اڃا تائين حيات ھو.  جيتوڻيڪ ڪيس جو نتيجو اڃا غير يقيني آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ  ايٽين ڊيوگنان جو ڪيس ھڪ تاريخي ڏوھہ ۽ اڳوڻي بيٺڪي راڄن مٿان سندن ڪيل ڏوھن جي ذميواريءَ جو سوال اٿاري ٿو.

پيٽرس لُممبا 1925ع ۾ ڪانگو جي ڪاسائي واري علائقي ۾ پيدا ٿيو. ھيرن ۽ سونَ سان گڏ ٻين قيمتي  معدنيات سان شاھوڪار ھن ملڪ تي بيلجيئم جي بادشاھ ليوپولڊ ٻئي جو ذاتي راڄ ھو. لُممبا هڪ اهڙي ملڪ ۾ وڏو ٿيو، جيڪو بيٺڪي ڦرلٽ، جبري پورھيي، نسلي نفرت،  تشدد ۽ ناانصافيءَ جو شڪار هو. غلامي ۽ ظلم جي انهن شروعاتي تجربن سندس سياسي شعور کي اڀاريو، جيڪو  اڳتي هلي آزاديءَ جي لاءِ سندس جدوجھد جو بنياد بڻيا.

1950ع واري ڏهاڪي جي آخر تائين، لُممبا ڪانگو جي آزاديءَ واري تحريڪ جي مقبول اڳواڻ ۽ ھڪ بااثر مقرر طور اڀري چڪو هو. انهيءَ سان گڏ ھُو سڄي آفريقي اتحاد ۽ خودمختياريءَ واري جدوجھد جو پڻ هڪ اهم آواز ھو.

تمام وڏي جدوجھد ۽ ويڙھ کانپوءِ 30 جون 1960ع تي ڪانگو کي بيلجيئم کان آزادي ملي. انهيءَ سال ڪانگو  ۾ ٿيل چونڊن ۾ کٽڻ کان پوءِ لُممبا وزيراعظم ٿيو. پر ان وقت ڪانگو، آمريڪا ۽ روس ۾ ھلندڙ سرد جنگ جو ميدان بڻيل ھو. لُممبا کي ھڪ ڪمونيسٽ طور ڏٺو ويو ۽ اٿندي ئي سندس خلاف سازشون شروع ٿي ويون.

لُمُمبا جو تختو جوزف ڊيزائري موبوتو جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ فوجي بغاوت ذريعي اونڌو ڪيو ويو. فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران گرفتار ٿيڻ کان پوءِ ، کيس تشدد ڪري  قتل ڪيو ويو. موت کان پوءِ سندس لاش کي تيزاب ۾ ڳاريو ويو تہ جيئن سندس وجود جو ڪو نشان نہ رهي. سندس قتل ۾ ڪانگو جي فوجي جنتا سان گڏ بيلجيم جي حڪومت جا ايجنٽ بہ شامل ھئا. ڏهاڪن تائين، سندس باقيات مان بچي ويل واحد شيءِ سونَ جو هڪ ڏند هو، جيڪو آخرڪار 2022ع ۾ بيلجيئم پاران سندس گهرڀاتين کي واپس ڪيو ويو.

لُممبا ۽ شيخ اياز

لُمُمبا جو قتل ويھين صديءَ جي سڀ کان اهم سياسي قتلن مان منجهان ھو. سندس قتل سڄيءَ دنيا ۾ ھڪ صدمو طاري ڪري ڇڏيو. ڪيترن ئي ملڪن ۾  سندس قتل خلاف مظاھرا ٿيا. شاعرن کيس خراج پيش ڪيو. پاڪستان ۾ تنھن وقت جي کاٻيءَ ڌر جي پارٽين ۽ خاص طور شاگردن لُمُمبا جي بيرحماڻي قتل خلاف ملڪ جي وڏن شھرن ۾ مظاھرا ڪيا. تنھن وقت جي مشھور شاگرد اڳواڻ طارق علي پنھنجي ڪتاب “اسٽريٽ فائيٽنگ يِئرس” ۾ انھن مظاھرن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آھي.

شيخ اياز اھو شاعر ھو، جنھن وٽ دنيا ۾ ٿيندڙ ھر ظلم ڄڻ ھُن تي ٿيندڙ ھو. اياز پڻ پنھنجي ڪتاب ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“  ۾ لُمُمبا جو ديس جي عنوان سان اٺ بيت لکيا، جنھن ۾ ھُن لُمُمبا کي پنھنجو ڀاءُ سڏيو ۽ سندس موت تي پنھنجي پيڙا جو اظھار ڪندي، کيس اھو محسوس ٿيو تہ ڄڻ لُممبا جي پرڻ ٿيل جسم مان رت ھُو نہ فقط محسوس ڪري سگهي ٿو، پر ان جي تڪليف کي بہ ڀوڳي سگهي ٿو.

آنءُ لُممبا آهيان، ءِ ٻيو منھنجو ڀاءُ،

آهي جنھن جي پِيڙ جو مون ۾ اڄ پڙلاءُ،

گُهوري هن جو گهاءُ، مون مان رت چڪي پيو.

ان سان گڏ اياز دنيا جي مظلومن سان پنھنجي يڪجھتيءَ جو اظھار ڪيو. بقول اياز جي، ڇاڪاڻ ته سندس شاعري پنھنجي ملڪ ۾ زندانن کي لوڏي ٿي، ھُو انهيءَ ڪري لُممبا جي ڪانگو ۾ ٿيل قتل تي بہ دانھن ڪري ٿو.

اڄ هي منھنجو گيت، جو ڌوڏي ٿو زندان،

ڪانگو جو ارمان، ان لئہ ناهي اوپرو.

ساڳيءَ ريت اياز پاڻ کي بہ لُممبا وانگر ئي سمجهي ٿو، جنھن کي پنھنجي جان جي پرواھ ناھي. ھُو انھن ڪانئر دشمنن کي بہ للڪاري ٿو.

آنءُ لُممبا آهيان، سوريءَ مٿي سچ!

ڀڄي مون کان بچ، توکي سانگو ساهه جو!

پر اياز لُممبا جي موت تي رڳو سکڻي ڏک جو اظھار نہ ٿو ڪري. اياز وٽ اھو تصور آھي تہ پنھنجي ملڪ ۾ مظلومن سان گڏجي نہ بيھڻ ۽ رڳو ٻاھرين ملڪن ۾ ٿيل ظلم جي مذمت ڪرڻ ھڪڙي ادبي ۽ سياسي  بدديانتي آھي. ڪراچيءَ جي هڪ اردو شاعر سان مخاطب  ٿيل انھن  بيتن ۾ ھُو  انهيءَ منافقت کي نندي ٿو. اياز جي خيال ۾ ٻاھرين ملڪ ۾ ٿيل  ظلم کي نندڻ ۾ انهن شاعرن کي ڪو ذاتي جوکو ناھي، جڏھن تہ پنھنجي ملڪ ۾ ٿيل ظلم کي نندڻ ۾ جيءَ جو جوکو آھي، جيڪو جوکو اُھي شاعر کڻڻ لاءِ تيار ناھن.

ڀاءُ مري ٿو ڀڪ ۾، توکي ناهي ديا،

لُممبا جي ديس تي، پر تو گيت چيا،

ڇو جو ناهي هيا، ان ۾ جوکو جيءَ جو!

اياز اھڙي منافقت واري مزاحمتي شاعريءَ کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ھُو اھڙي شاعري کي ڪوڙي شاعري ٿو چئي، جيڪا پنھنجي ديس جي دردن جي بدران رڳو پرائي ديس جي درد لاءِ آھي.

ڀر م پنھنجي ڀاءُ تي، ڇو نہ ڪيئي ڪھڪاءُ؟

ڪوڙي تنھنجي شاعري، هيا، تو نہ حياءُ!

ڪانگو جو سوداءُ، ڪراچيءَ ۾ ٿو ڪرين!

اياز چواڻي تہ پنھنجي ملڪ ۾ ڀلي ماڻهوءَ جو ماس پيو پٽجي، پر اھي منافق شاعر انهيءَ کي نظرانداز ڪري آفريڪا جو قياس ڪن ٿا. اھي شاعر پنھنجي ديس جي لاءِ پر رڳو ڪنھن ڏورانھين ديس لاءِ اداس آھن.

هتي ڀل تہ ڇني پيو، مِروُن ماڻهوءَ ماس،

آهي تنهنجي اوجهه ۾، آفريڪا جو قياس،

آهين ڇا نہ اداس، ڪنھن ڏورانهين ڏيھ لئه!

ھُو انھن شاعرن کي طعنو ڏيندي چئي ٿو تہ ڇاڪاڻ تہ لُممبا کي فائرنگ اسڪواڊ ۾ گوليون ھڻندڙ شومبي جي گولي کين پھچي نہ ٿي سگھي، تنھن ڪري ھُو اھڙي ظلم جي خلاف ڳالھائن ٿا، جڏھن تہ پنھنجي ملڪ ۾ اھڙي آواز اٿارڻ تي خطرو آھي.

ڪنھن ڏورانهين ڏيھ لئه ٻاجهاري ٻولي،

ڇو جو توکان دور آ، شومبي جي گولي؟

لُنءَ لُنءَ تو لولي، پيڙا ڪنھن پرڏيهه جي!

ٻول ٻڌائن ٻولڙيا، ساهه ڪري سانگو،

ويس ڪرين ڪھڙو به تون، نچين ٿو نانگو،

ڪوڙ ڀڄي ڪانگو، دک وساري ديس جا.

لُممبا تي لکيل اياز جا بيت نہ رڳو اياز جي بين الاقوامي مظلوم دوستيءَ جو اظھار آھن، پر اھي پنھنجي وطن سان بہ اھڙي سچائي سان بيھڻ جو وچن آھن. سندس انھن بيتن ۾  پنھنجي موقف تي ھر حال تي قائم رھڻ ۽ بنان ڪنھن نتيجي جي پرواھہ ڪرڻ جي مظلومن جو ساٿ ڏيڻ پڻ آھي.

فاطما ڀٽو جون ساروڻيون: پيڙا کان زندگيءَ ڏانھن واپسيءَ تائين
آڌيءَ رات کان وٺي اَسر ويل تائين جو وقت انتھائي اونداھو ۽ انتھائي پُراسرار ھوندو آھي. انهيءَ وقت ۾ جڏهن عام طرح ماڻهو پنھنجون پريشانيون وساري ننڊ جي حوالي ٿيندا آھن ته انھن ئي پَھرن ۾ ئي بيخوابيءَ جو شڪار ماڻهو پنھنجي اندر جي سڀ کان گھرن خوفن سان سامهون ٿيندا آهن. ھيءَ اھا ئي ويل ھوندي آھي، جڏھن وڌ ۾ وڌ ٻار ڄمندا آھن ۽ وڌ ۾ وڌ ماڻهو مرندا به آھن. ھي اُھي گهڙيون آھن، جڏھن خوبصورت خواب ايندا آھن ۽ ھيءُ ئي اھو ٽاڻو آھي،  جڏهن ڀوائتا خواب سڀ کان وڌيڪ حقيقي لڳندا آهن. ھنن ئي پَھرن ۾ فرشتن جا نازڪ وجود پاڻ سان گڏ محسوس ڪبا آھن ۽ انھن ئي ساعتن ۾  شيطاني وجودن جي قوت سڀ کان وڌيڪ محسوس ٿيندي آهي. رات جي انھن پَھرن کي سڏبو آھي بگهڙ جو پَھر.

فاطما ڀٽو جي ساروڻين جو ڪتاب  The Hour of Wolf ( بگهڙ جو پَھر)  سندس زندگيءَ جي انهيءَ اونداھي دور جي ڪٿا آھي، جڏھن ھوءَ پنھنجي وجود جي سڀ کان وڌيڪ پيڙا ڀرين ڪيفيتن مان گذري رھي ھئي. ھونئن ته ڀُٽي خاندان جي ھن نينگريءَ سان درد جو تعلق  شايد جنم کان وٺي ھو. ھوءَ ڄائي ڪابل ۾، جتي سندس پيءُ مير مرتضيٰ ڀٽو جلاوطن ھو. سندس جنم کان ٿورو وقت ئي پوءِ سندس والدين جي طلاق ٿي ۽ کيس ماءُ جي ڇانوَ بنا ئي جلاوطني جا ڏينھن گھارڻا پيا. تڏهن ھوءَ ڪا ايڏي وڏي به ڪونه ھئي، جڏھن سندس پيءُ جو قتل ٿيو. سندس پيءُ جي وڃڻ کان پوءِ ھُن دنيا ۾  پاڻ کي بلڪل اڪيلو پئي ڀانيو. ماڻهن جي آڏو ھمت جو استعارو بڻيل فاطما ڀٽو اندر ۾ ڀُريل ھئي. ۽ جڏھن ھُوءَ انھن وجودي بحرانن کي مُنھن ڏئي رھي ھئي، تڏھن سندس زندگيءَ ۾ ھڪ شخص آيو، جنھن کيس ھمٿ ڏني ۽ کيس مايوسين مان ڪڍيو، ۽ انھيءَ ساڳي شخص مسلسل يارھن ورھيه پنھنجي نفسياتي قيد ۾ رکيو. ھُو کيس نفسياتي ۽ روحاني طور تشدد ڪندو رھيو. انھن يارھن سالن جي وِھ ڀريل تعلق جي قصي کي فاطما ڀٽو انتھائي جرئت سان پنھنجين ساروڻين جي ڪتاب ۾ بيان ڪيو آھي.

فاطما ڀٽو پنھنجي ڪتاب ۾ ان ماڻهوءَ  جو نالو نه ڏنو آھي. ھُن انهيءَ ماڻهوءَ  جو رڳو ”اھو شخص“ چئي ذڪر ڪري ٿي. سندس زندگيءَ  ۾ اھو شخص تڏھن آيو، جڏھن ھُوءَ پنھنجي پيءُ مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل کان پوءِ واري عرصي ۾ ذھني پيڙا جو شڪار ھئي. پنھنجي ڪتاب ”سانگس آف بلڊ اينڊ سوَرڊ“ جي تشھيري مھم دوران ھُوءَ لنڊن ۾ ھئي، جتي ھُوءَ پنھنجو آواز وڃائي ويٺي ھئي. پنھنجي ماٽيجي ماءُ جي سلوڪ سبب ھُوءَ اڪيلائي محسوس ڪري رھي ھئي ۽ کيس لڳو ته سندس زندگيءَ ۾ اونداهيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه ھو. اھڙي دور ۾ اُھو شخص سندس زندگيءَ ۾ اميد بڻجيي آيو، ۽ جنھن کيس انھيءَ پيڙا مان ڪڍيو. اھو شخص ھڪ ئي وقت ڪيترن ئي تضادن جو مجموعو ھو. ھُو انتھائي وجيھه، پڙھيل لکيل، راندين ۽ ورزش جو شوقين، روحانيت ۾ يقين رکندڙ ۽ رومانوي ھو. پر ساڳئي وقت ھو نرگسيت پسند، ٻين تي حاوي رھندڙ، ڪنجوس ۽ خود غرض به ھو.  ھُو ھڪ ئي وقت مھربان به ھو ته ظالم به . ھُو ھر شئي جي باري ۾ ڄاڻ به رکندو ھو، پر ھُن کي ٻين جي احساسن جي ڪابه ڄاڻ نه ھوندي ھئي.

شروعاتي ڏينھن ۾ فاطما ڀٽو ان شخص کي هڪ روحاني سُونھين جي حيثيت سان ڏسندي هئي، ڇاڪاڻ ته هُو کيس جيئڻ جو ڍنگ سيکاريندو  ھو . پر جيئن ئي ھوءَ آهستي آهستي مڪمل طور مٿس ڀاڙڻ لڳي، تڏهن هن پنھنجي شخصيت جو بيحس ۽ تڪبر ڀريو پاسو ظاهر ڪرڻ شروع ڪيو. اھو شخص مسلسل انهيءَ تعلق کي ڪنھن باضابطه رشتي جو درجو ڏيڻ کان ٽال مٽول ڪندو رھيو. ھُو کيس گهٽ سمجهائڻ، مٿس طنز ۽ تحقير ڪرڻ لڳو. جڏهن به هوءَ ان رويي بابت شڪايت ڪندي هئي ته کيس ڇڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳندو هو.

ان خوف ۾ ته متان ھُوءَ وري اڪيلي نه رھجي، ھُوءَ انهيءَ  وِھ ڀرئي رشتي  ۾ جُڙي رھي. فاطما ڀٽو لکي ٿي:”مون ڪڏهن به اهو تصور نه ڪيو هو ته مون جھڙي مضبوط ارادي  واري ۽ آزاد خيال عورت کي به ڪنھن اهڙي سِرڪڻ ۾ ڦاسڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. مون پاڻ کي بار بار اهو يقين ڏياريو ته هي لاڳاپا بلڪل فطري ۽ قبول ڪرڻ جوڳا آهن.“

فاطما ڀٽو کي پڪ ھئي ته ھوءَ پنھنجي پيار سان انهيءَ شخص کي تبديل ڪري سگهندي. پر وقت گذرڻ سان سندس اھا پڪ ھڪڙي شڪ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ آخر اھو شڪ انهيءَ يقين ۾ تبديل ٿي ويو ته اھو شخص رڳو ھُن کي استعمال ڪري ۽ کيڏي رھيو آھي. ھڪ عورت ھئڻ جي حيثيت سان کيس اھو به شديد احساس ھو ته سندس حياتياتي گهڙيال تيزيءَ سان سرڪي رھيو آھي. ھُن کي لڳو ته جيڪڏھن ھُن دير ڪئي ته ھوءَ شايد ماءُ نه ٿي سگهي. ھُن انهيءَ خوف جي ڪري پنھنجي ٻج کي محفوظ به ڪرايو. پر انهيءَ شخص کي سندس ڪا به پرواھ نه ھئي. کيس لڳو ته اھو شخص سندس لاءِ رڳو ذھني دٻاءُ کان سواءِ ڪجهھ به نه ٿو آڻي سگهي. ھن کي لڳو ته ھڪ ڀيرو وري اڪيلائپ سندس مقدر ۾ لکيل آھي.

خوشقسمتيءَ سان فاطما ڀٽو جي زندگيءَ ۾ هڪ وفادار ۽ محبت ڀريو ساٿي موجود ھو. ۽ اھا سندس جيڪ رسل ٽيرير نسل جي پاليل ڪتي”ڪُوڪُو“ ھئي. جتي فاطما ڀٽو کي انسان کان مايوسي ملي،  اتي جانور کيس جيئڻ جو جواز ڏنو. سندس انهيءَ زندگيءَ ۾ اھو جانورن جو پيار ئي ھو، جنھن سندس زندگيءَ کي جيئڻ جوڳو ڪيو. فاطما ڀٽو پنھنجي ننڍپڻ جي انهيءَ ھرڻ جي ٻچي کي ساري ٿي، جنھن جو نالو ھُن بامبي رکيو ھو، ۽ جنھن کي پوءِ کانئن ڌار ڪري، ڪراچيءَ جي راڻي باغ موڪليو ويو، جتي ڪجهه ئي عرصي ۾ شايد صدمي ۾ اھو ٻڄڙو مري ويو.

فاطما ڀٽو جو ھيءُ ڪتاب جتي انھيءَ شخص سان سندس پيڙا ڀريل تعلق جو داستان آھي، اتي اھو ڪُوڪُو سان سندس پيار ڀري رشتي جو قصو به آھي.  اُهي ٻئي جاڳندي توڙي سمهندي هڪ ٻئي سان گڏ ھوندا ھئا. انھيءَ ڪتاب ۾ ھُوءَ ڪُوڪُو جي پھرين گرڀ جو ذڪر ڪري ٿي، جيڪو ھڪ مُئل گلر جي صورت ۾ ختم ٿيو. جنھن کان پوءِ ڪُوڪُو صدمي ۾ ھئي. ھُوءَ سندس ٻئي گرڀ ۽ ان کان پوءِ جنميل ڇھن گُلرن جي ولر جو به ذڪر انتھائي پيار سان ڪري ٿي، جن جي ڪري ڪووڊ جي دوران اٽليءَ ۾ سخت لاڪ ڊائون ۾ کيس اڪيلائپ کي برداشت ڪرڻ جو موقعو مليو.

نيٺ اھو وقت به آيو، جڏھن ھُن فيصلو ڪيو ته ھاڻ انهيءَ شخص جي تذليل ۽ بي حسيءَ کي وڌيڪ برداشت ڪرڻ بجاءِ رد ڪري. انهيءَ شخص کيس شاديءَ جي صلاح ڪئي، پر انهيءَ شرط سان ته ھُو لکڻ ۽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندي. پر فاطما ڀٽو لاءِ اھڙي زندگي قبولجڻ جھڙي نه ھئي، جنھن ۾ اھڙا سمجھوتا ڪرڻا پون، ۽ جنھن ۾ خوف ۽ مايوسيءَ جي غلامي ڪرڻي پوي.

فاطما ڀٽو جي  ساروڻين جو اختتام سٺي سوڻ سان ٿئي ٿو. کيس ھڪ آمريڪي نوجوان ملي ٿو، جنھن سان سندس ذھن ۽ دل ملن ٿا ۽ سندن وھانءُ ڪراچيءَ ۾  سندس ڏاڏي جي لئبريريءَ ۾ ٿئي ٿو. ڪجهھ وقت کان پوءِ فاطما ڀٽو جي ماءُ ٿيڻ جي سَڌ پوري ٿئي ٿي.

فاطما ڀٽو جون ساروڻيون سندس لاءِ ھڪ ڪيٿارسس جو عمل پڻ آھن. ھُن پنھنجي درد کي لڪائڻ بدران انهيءَ جو اظھار ڪري، انهيءَ درد مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو. ھي ساروڻيون انتھائي نازڪ احساسن کي سمجهڻ ۽ ھڪ اذيت ڀري تعلق ۾ جيئڻ جي پيڙا ۽ انهيءَ مان نڪري اچڻ جي جدوجھد کي بيان ڪن ٿيون. جتي فاطما ڀٽو رشتن جي بي اعتباريءَ جو ذڪر ڪري ٿي، اتي اليگرا جھڙين دوستن جي ساٿ کي به ساراھي ٿي. ھيءُ ساروڻيون ھڪ فرد جو داستان ھئڻ سان گڏ پيار، دوستي، يقين، روحانيت، ماحوليات، نفسيات ۽ ڪائنات جي سڀني جيوَن سان گڏ جيئڻ جي باري  ۾ به آھن.

فاطما ڀٽو لاءِ اھو سڀ ڪجهھ بيان ڪرڻ سولو نه ھوندو، جو ھُوءَ ھڪ ليکڪ ھئڻ سان گڏ ملڪ جي ھڪ اھم سياسي گهراڻي جو فرد پڻ آھي. اھي ساروڻيون لکڻ انتھائي جرئت جو ڪم آھي، جنھن جرئت جو مظاھرو فقط  فاطما ڀٽو ئي ڪري سگهي ٿي.

دنيا جو انوکو ناول، جنھن تي ميوزم بہ ٺھيو ۽ نيٽفليڪس جي سيريز بہ
تازو ’نيٽفلڪس‘ تي اورحان پامڪ جي ناول ”ميوزم آف انوسينس“ تي ٻڌل ھڪ سيريز ڏيکاري پئي
وڃي. ڇھه سال اڳ به پامڪ جي انھيءَ ناول تي ٽيليويزن سيريز ٺاھڻ لاءِ حق ورتا ويا هئا. پر جڏھن
کيس سيريز جو خلاصو مليو ته هُو پريشان ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته ناول کي اسڪرين تي لاءِ آڻڻ لاءِ
اهڙيون تبديليون ڪيون هيون، جيڪي پامڪ جي نظر ۾ حد کان وڌيڪ هيون، ۽ انهن اصل ڪھاڻيءَ
کي مڪمل طور تي تبديل ڪري ڇڏيو هو.

پامُڪ پنھنجي ڪھاڻيءَ جا حق واپس وٺڻ لاءِ پروڊيوسر تي ڪيس ڪري ڇڏيو. هُن 2022ع ۾ اهو
ڪيس کٽي ورتو ۽ پوءِ هڪ ترڪ پروڊيوسر سان گڏ ٻيھر ڪوشش ڪئي، پر هن ڀيري ڪھاڻيءَ تي
پنھنجو ڪنٽرول برقرار رکڻ لاءِ سخت شرط رکيائين. چئن سالن کان پوءِ، هو آخرڪار ان جي نتيجي
مان خوش آهي. ويلنٽائن ڊي کان ھڪ ڏينھن اڳ 13 فيبروريءَ تي ھيءَ منفرد پيار ڪھاڻي ’نيٽفليڪس‘
تي نوَن حصن جي سيريز طور پيش ڪئي وئي آهي.
انهيءَ کان اڳ پامُڪ جي انھيءَ ناول تي ھڪ ميوزم به جوڙيو ويو هو. اھو ميوزم شايد دنيا جو ھڪ
منفرد ميوزم آھي، جنھن ۾ ڪنھن تاريخي دور يا ڪنھن حقيقي شخص بدران هڪ ناول جي خيالي
ڪھاڻي ۽ ڪردارن کي آڏو رکي جوڙيو ويو آھي.

پامُڪ جو ناول ”ميوزم آف انوسينس“ ھڪ وڏ گهراڻي جي نوجوان ڪمال جي پنھنجي غريب مائٽياڻيءَ
فسون سان عشق جي ڪھاڻيءَ تي ٻڌل آهي. طبقاتي فرق واري انهيءَ عشق جا مسئلا ۽ ڪمال جو انهيءَ
عشق ۾ جنون جو داستان بيان ٿيل آھي. ناول ۾ اھو ڏيکاريو ويو آهي ته ڪمال پنھنجي محبوبه سان جڙيل
ھر شئي کي ڪيئن گڏ ٿو ڪري. انھن شين ۾ سگريٽ جا ٽوٽا به شامل ھئا، جيڪي ھوءَ ايش ٽري ۾
اڇلائيندي ھئي ته سندس لباس کان وٺي ٽوٿ برش، ڦڻيون، ماچيس جون دٻيون، رانديڪا، استنبول جي
منظرن جي تصويرن سميت ھزارين شيون شامل هونديون آهن. آخر ۾ جڏھن فسون گذاري وڃي ٿي ته ان
جي ياد ۾ ھُو ھڪ ميوزم ٿو ٺاهي، جنھن ۾ ساڻس جڙيل هر شئي رکي ٿو. هيءُ ناول ھڪ حقيقي
ڪردار تي ٻڌل ھو، جنھن پنھنجيءَ محبوبه سان شديد عشق ٿي ڪيو.
اورحان پامُڪ انھيءَ ناول کي صفحن تي پيش ڪرڻ کان اڳتي وڌي استنبول ۾ ھڪ ميوزم جوڙيو
آھي، جيڪو ھن ناول جي ڪردارن سان جڙيل شين ۽ منظرن جي باري ۾ آھي.
پامُڪ جو ناول نه رڳو ٻن ڪردارن جو قصو ھيو، پر اھو استنبول سان پامڪ جي عشق جو به داستان
آھي. ھن ميوزم ۽ ناول ذريعي هن استنبول جي سماجي تاريخ کي به رقم ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ ھُن
استنبول جي انهيءَ دور جو سامان گڏ ڪرڻ شروع ڪيو.
پامُڪ ناول ۽ ميوزم تي ھڪ ئي وقت ڪم شروع ڪيو ھو. ھُن رڳو ڪھاڻي ٻڌائڻ نه پئي گهُري، پر
ان کي ھڪ جسماني روپ ڏيڻ پئي چاھيو.

ميوزم ناول جي 83 بابن مطابق ترتيب ڏنل ھو. ھر حصي ۾ ناول جي انهيءَ باب سان جڙيل شيون
رکيل ھيون. ڪٿي فسون جي گهر جو سامان پيل ھو، ته ڪٿي سندس ٻالڪپڻ جا رانديڪا. ھڪڙو سڄو
شيلف انھن 4213 سگريٽ جي ٽوٽن تي مشتمل ھو، جيڪي فسون ڇڪي ايش ٽري ۾ اڇلائيندي ھئي ۽
جن کي ڪمال سالن تائين گڏ ڪندو رھيو ھو.
پامڪ ڪنھن هنڌ چيو ھو ته عام طور ميوزم قومن جي شان کي ڏيکارڻ لاءِ ٺاھبا آھن، پر ھيءُ ميوزم
ھڪ تصوراتي فرد جي ياد ۾ ھو. ھن ميوزم ۾ پيل پراڻيون پرفيوم جون بوتلون، رومال، سلائي مشين،
ڦڻيون ۽ ٻيون سامان اصل ۾ ھڪ الميائي قصي سان پڙھندڙ جي وابستگيءَ کي ٻيھر جوڙڻ لاءِ ھيو.
پامُڪ لکيو ھو ته ڪنھن جي سارَ ڪنھن سِڌي لڪير وانگر نه ھوندي آھي، جيڪا اڳيان وڌندي رھي.
پر سارَ وَر وڪڙ ۽ دائرن ۾ ڦرندي رھندي آھي. ميوزم به انهيءَ فڪر تحت ڊزائن ڪيو ويو، جنھن ۾
فسون سان جڙيل شيون وقت جي سڌي ترتيب ۾ نه ھيون، پر ياد جي دائرن ۽ وَرن وڪڙن تي مشتمل

ھيون. جيتوڻيڪ ليکڪن جي گهرن ۽ تخليقن جي حوالي سان دنيا ۾ ٻيا به ميوزم آھن، پر پامُڪ جو
ميوزم انهيءَ لحاظ کان منفرد آھي، جو اھو فقط ھڪڙي ڪردار تي مرڪوز آھي ۽ جنھن ۾ حقيقت ۽
فساني جي وچ واري لڪير ميسارجي ويل آھي.
ناول تي ٺھيل انھيءَ سيريز جو تعلق رڳو ڪتاب سان نه پر ميوزم سان پڻ آھي. سيريز جي ھر حصي
جي اختتام تي انهيءَ کي ميوزم ۾ رکيل ڪنھن نه ڪنھن شئي سان جوڙيو ويو آھي. اھو ادب جي دنيا جو
ھڪ منفرد مظھر آھي، جنھن ۾ ناول، ميوزم ۽ ٽي وي سيريز گڏجي ھڪ تصور پيش ڪن ٿا.