مصطفيٰ نانگراج – Sarangaa

گمنام برطانوي فنڪار بينڪسيءَ پاران ڀتين تي چٽيل بغاوت ۽ سنڌ(حصو آخري)
ڇا هيءُ آرٽ آهي يا قانون جي ڀڃڪڙي؟
بينڪسي جي ڪم لاءِ هڪ بنيادي سوال هميشه اٿندو رهيو آهي ته ڇا اجازت کان سواءِ ڪنھن ڀت يا عمارت وغيره تي تصوير ٺاهڻ فن آهي يا ڪنھن جي ملڪيت کي نقصان پھچائڻ؟
قانوني طور ڀت يا عمارت وغيره ڪنھن فرد، اداري يا حڪومت جي ملڪيت ٿي سگهي ٿي. پر جڏهن انهيءَ ڀت تي بينڪسي جي تصوير ظاهر ٿئي ٿي ته ساڳي ڀت جي مالي، ثقافتي ۽ سياحتي قيمت وڌي وڃي ٿي. جنھن ڪم کي صبح جو انتظاميا مٽائڻ چاهي ٿي، پر شام تائين ان کي شيشي سان ڍڪي محفوظ ڪيو وڃي ٿو.
ڪڏهن ته عمارت جا مالڪ تصوير کي ڀت سميت ڪٽي نيلام ڪن ٿا. ڪڏهن مقامي ماڻهو احتجاج ڪن ٿا ته اهو ڪم سندن پاڙي ۽ شھر جي ملڪيت آهي. اهڙي صورتحال ۾ سوال رڳو اهو نٿو رهي ته ڀت ڪنھن جي آهي؛ سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته عوامي جڳھه تي ٺھيل ثقافتي يادگيريءَ جو مالڪ ڪير آهي؟
بينڪسي روايتي آرٽ جي انهيءَ نظام کي چئلينج ڪيو، جنھن ۾ فن ڏسڻ لاءِ ميوزيم ۾ وڃڻو، ٽڪيٽ وٺڻي يا مخصوص تعليمي ۽ سماجي پسمنظر رکڻو پوندو آهي. سندس تصويرون بازار، ريلوي پل، اسڪول، اسپتال، پناهگير ڪئمپ ۽ جيل جي ڀت تي عام ماڻهوءَ جي سامهون اچن ٿيون. روايتي آرٽ ۾ ماڻهو فن ڏانهن وڃي ٿو؛ بينڪسي وٽ فن ماڻهوءَ ڏانهن اچي ٿو.

گمنامي، ميڊيا ۽ شھرت
بينڪسي ميڊيا کان ڀڄندي به ميڊيا جي سڀ کان وڏي ڪھاڻين مان هڪ بڻجي ويو. سندس هر نئين تصوير ڪجهه ڪلاڪن ۾ سوشل ميڊيا ۽ عالمي اخبارن تائين پھچي ٿي. تصوير هڪ شھر جي ڀت تي هوندي آهي، پر ان جا لکين نقل دنيا جي اسڪرينن تي گردش ڪندا آهن.
ميڊيا تي سندس فن سان گڏ سندس راز به وڪامندو آهي. هر تصوير کان پوءِ بحث شروع ٿيندو آهي: ڇا اها اصلي آهي؟ بينڪسي اها ڪيئن ٺاهي؟ هو اتي ڪڏهن پھتو؟ ڪنھن کيس ڏٺو؟ ڇا ويجهي سي سي ٽي وي ڪئميرا ۾ سندس عڪس محفوظ ٿيو؟
پر بينڪسي پنھنجي ذاتي زندگيءَ کي شھرت جو سامان نٿو بڻائي. سندس سرڪاري آن لائين موجودگي عام طور نئين فن پاري جي تصديق لاءِ استعمال ٿئي ٿي. هو پنھنجي ناشتي، لباس، دوستن يا گهر جون تصويرون نٿو ڏيکاري. اهڙيءَ طرح هو جديد سيلبرٽي ڪلچر کي چئلينج ڪري ٿو، جنھن ۾ شخصيت ڪڏهن ڪڏهن تخليق کان وڌيڪ اهم بڻجي وڃي ٿي.

سرمائيداريءَ خلاف فن ۽ لکين پائونڊن جون نيلاميون
بينڪسي صارف پرستي، اشتھارن، وڏين ڪمپنين ۽ آرٽ مارڪيٽ تي سخت طنز ڪري ٿو، پر سندس پنھنجا فن پارا لکين پائونڊن ۾ وڪامن ٿا. اها ڳالهه ظاهري طور هڪ وڏو تضاد آهي.
هو جنھن نظام تي تنقيد ڪري ٿو، ساڳيو نظام سندس بغاوت کي قيمتي شيءِ ۾ تبديل ڪري ٿو. بينڪسي ڀت تي عام ماڻهن لاءِ تصوير ٺاهي ٿو، پر ان ڀت مان تصوير کي ڪٽي اهڙي دولتمند شخص جي گهر پھچائي وڃي ٿو، جيڪو قيمتي فن پارا خريد ڪندڙ آهي يا وري اها تصوير نيلامي گهر پھچي وڃي ٿي.
شايد بينڪسي جي فن جي هڪ اهم ڳالهه اها ئي آهي ته هو هن تضاد کي لڪائي نٿو. هو ڏيکاري ٿو ته جديد سرمائيداري ايتري طاقتور آهي، جو پنھنجي خلاف ٿيندڙ احتجاج کي به پيداوار بڻائي وڪڻي سگهي ٿي.
ان جي باوجود تصوير جو پيغام مڪمل طور ختم نٿو ٿئي. وڏي قيمت ۾ وڪامندڙ فن پارو به جنگ، غربت، نگراني يا ناانصافيءَ بابت سوال ڪندو رهي ٿو. بازار ان جي قيمت وڌائي سگهي ٿي، پر ان جي معنا تي مڪمل قبضو نٿي ڪري سگهي. هن قسم جي صورتحال اسان به سنڌ ۾ پيدا ڪندا رهيا آهيون جھڙوڪ ٿر جي غربت واري ڪلچر کي تصويرن ، ڊرامن وغيره ذريعي گليمرائيز ڪري پيش ڪندا رهيا آهيون.

بينڪسي کي ڏسڻ کان پوءِ
ريڊنگ جيل جي ڀت وٽ بيھي، مون کي محسوس ٿيو ته ڪجهه جايون فقط تاريخي عمارتون ناهن هونديون؛ اهي انساني درد، يادگيري ۽ مزاحمت جا خاموش دفتر هونديون آهن. سامهون هڪ پراڻو جيل هو، جنھن جي ڀتين آسڪر وائلڊ جھڙي اديب جي اڪيلائي ڏٺي هئي. ساڳئي ڀت تي هڪ صديءَ کان پوءِ هڪ گمنام فنڪار قيديءَ کي لفظن جي رسيءَ سان آزاد ٿيندي ڏيکاريو هو. هڪ فنڪار، جنھن جو چھرو دنيا نه ٿي سڃاڻي، اهڙي انسان جي ياد سان ڳالهائي رهيو هو، جنھن کي سندس زماني جي سماج بدنام، سزاوار ۽ قيد ڪيو هو، پر جنھن جو ادب وقت جي جيل مان آزاد ٿي اڄ به زنده آهي. شايد ان ڪري بينڪسي پنھنجي سڃاڻپ لڪائي ٿو، جو هو چاهي ٿو ته اسان سندس چھري ڏانهن نه، پر سندس سوال ڏانھن ڏسون. هو ڀت تي تصوير ٺاهي پاڻ ته هليو وڃي ٿو، پر سوال ڇڏي وڃي ٿو:
جنگ جي سامهون گل جي ڪيتري طاقت آهي؟
قانون جي ورديءَ اندر انسان ڪٿي آهي؟
مسلسل رابطي جي دور ۾ محبت ڇو اڪيلي آهي؟
پارليامينٽ ۾ ويٺل انسان واقعي انسانن وارو رويو رکن ٿا؟
۽ ڇا ادب، فن ۽ تخليق جيل جي ديوارن کان وڌيڪ طاقتور ٿي سگهن ٿا؟
بينڪسي جون ڀتيون ڏسندي، منھنجو ذهن پنھنجي سنڌ ڏانهن به هليو وڃي ٿو. اڄ جڏهن سنڌ اندر نون صوبن، انتظامي ورهاست ۽ ڪراچيءَ کي الڳ انتظامي سڃاڻپ ڏيڻ جون ڳالهيون وري سياسي بحث جو حصو بڻيل آهن، تڏهن بينڪسي جي فن ۾ ”ڀت“ جي علامت وڌيڪ معنيٰ خيز محسوس ٿئي ٿي. هڪ ڌر اهڙين تجويزن کي بھتر حڪمراني، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۽ ماڻهن تائين اختيار پھچائڻ جو رستو سمجهي ٿي، جڏهن ته سنڌ جي وڏي سياسي، فڪري ۽ سماجي راءِ اهو اظھار ڪري ٿي ته تاريخي ڌرتيءَ کي نين حدن ۾ ورهائڻ سان انتظامي مسئلا حل ٿيڻ بدران لساني، ثقافتي، سياسي ۽ اقتصادي وڇوٽيون وڌي وينديون. اصل سوال شايد رڳو اهو ناهي ته نقشي تي نئين لِيڪ ڪٿي ڪڍجي؛ اصل سوال اهو آهي ته ماڻهن کي انصاف، اختيار، ترقي ۽ برابر موقعا ڪيئن ڏجن.
سنڌ به رڳو نقشي تي ٺھيل سرحدن جو نالو ناهي؛ اها هزارين سالن جي تاريخ، سنڌو درياهه، ٻولي، ادب، ثقافت، شھرن، ڳوٺن ۽ مختلف نسلن ۽ ٻولين جي ماڻهن جي گڏيل يادگيريءَ جو نالو آهي. ڪراچي هجي يا ڪشمور، ٿر هجي يا لاڙ، حيدرآباد هجي يا سکر…. بھتر حڪمرانيءَ جي ضرورت هر هنڌ آهي، پر ان جو جواب نيون ديوارون اڏڻ بدران اختيارن جي حقيقي هيٺين سطح تائين منتقلي، مضبوط مقامي حڪومتن، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۽ سڀني شھرين جي برابر حقن ۾ ڳولڻ گهرجي. بينڪسي جي فن مان جيڪڏهن سنڌ لاءِ ڪو استعارو وٺجي ته شايد اهو هي هجي: مسئلن کان بچڻ لاءِ ڀتيون وڌائڻ کان وڌيڪ اهم، انهن ڀتين ۾ گڏ رهڻ جا دروازا کولڻ آهن.
ريڊنگ جي انهيءَ جيل وٽ شروع ٿيل منھنجو تجسس آخرڪار مون کي هن نتيجي تائين پھچايو ته بينڪسي رڳو ڀتين تي تصويرون ٺاهيندڙ چترڪار ناهي. هو جديد سماج جو هڪ گمنام آئينو آهي. هو اسان کي اهي شيون ڏيکاري ٿو، جيڪي روزانو اسان جي سامهون هوندي به اسان کان لڪل رهن ٿيون. هن ڀتين کي ڳالهائڻ نه سيکاريو آهي؛ شايد ڀتيون اڳ ئي ڳالهائينديون رهيون آهن. بينڪسي رڳو اسان کي انهن جي ٻولي ٻڌڻ سيکاري آهي.
ريڊنگ جيل جي ڀت تان هيٺ لھندڙ اهو قيدي اڄ به ڄڻ ڪاغذن جي رسيءَ سان آزاديءَ ڏانهن سفر ڪري رهيو آهي. ٽائيپ رائيٽر سندس وزن به آهي ۽ سھارو به. ان تصوير کي ڏسندي محسوس ٿئي ٿو ته لفظ ڪڏهن بار ٿيندا آهن، ته ڪڏهن ڏاڪڻ؛ ڪڏهن سزا جو سبب بڻبا آهن، ته ڪڏهن آزاديءَ جو رستو.
۽ شايد بينڪسي جي سموري فن جو نچوڙ به اهو ئي آهي: جڏهن طاقت دروازا بند ڪري ڇڏي، تڏهن تخليق ديوارن مان به رستو ڪڍي وٺندي آهي.
اها به هڪ حقيقت آهي ته بينڪسيءَ کي رڳو ڀتين تي چٽ ٺاهيندڙ فنڪار سمجهڻ سندس تخليقي دنيا کي محدود ڪرڻ ٿيندو؛ هن اسٽريٽ آرٽ سان گڏ ڪتابن، مختصر فڪري ۽ طنزيه لکڻين، فلم، دستاويزي ڪم، تنصيبي فن، نمائشن ۽ غيرمعمولي تصوراتي منصوبن وسيلي به پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو آهي. ڪڏهن ڀت سندس ڪينواس بڻجي ٿي، ڪڏهن فلم، ڪڏهن ڪتاب، ته ڪڏهن ڪو هوٽل، نمائش يا سڄو شھري ماحول ئي سندس فن جو حصو بڻجي وڃي ٿو. سندس تخليقن ۾ فن ۽ سياست، طنز ۽ مزاحمت، بازار ۽ بغاوت، جنگ ۽ امن، اقتدار ۽ آزادي، غربت ۽ صارف پرستي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل نظر اچن ٿا. تنھنڪري بينڪسيءَ کي سمجهڻ لاءِ رڳو سندس تصويرن کي ڏسڻ ڪافي ناهي؛ سندس فڪر، سياسي شعور، علمي ۽ ادبي لاڙا، شخصي اسرار، سماجي نظرئي ۽ فن بابت سندس فلسفي کي به الڳ نموني سمجهڻ ضروري آهي. بينڪسيءَ جي انهن پھلوئن مان فن، فڪر، سياست، شخصيت، مطالعي ۽ فڪري جھان تي تفصيلي بحث ڪنھن ٻئي مضمون جو موضوع رهندو. (پورو ٿيو )

mustafanangraj@gmail.com

گمنام برطانوي فنڪار بينڪسيءَ پاران ڀتين تي چٽيل بغاوت ۽ سنڌ(حصو پھريون)
ڀتيون رڳو سِرن، پٿرن ۽ سيمينٽ مان ٺھيل حدون ناهن هونديون. ڪي ڀتيون قيد جون نشانيون هونديون آهن، ڪي ملڪن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ سرحدون ٺاهينديون آهن، ته ڪي وري اقتدار، خوف، مزاحمت ۽ آزاديءَ جون ڪھاڻيون پاڻ ۾ محفوظ رکنديون آهن. ڪڏهن انهن ڀتين تي لکيل هڪ جملو يا ٺھيل هڪ تصوير اهڙو سوال اٿاري ڇڏيندي آهي، جيڪو پارليامينٽ جي ڊگهي تقرير کان به وڌيڪ عرصي تائين ماڻهن جي ذهنن ۾ زنده رهي ٿو. شايد ان ڪري ئي دنيا جو پُراسرار فنڪار بينڪسي ڀتين کي پنھنجي اظھار لاءِ چونڊيندو رهيو آهي.
برطانيا جي ريڊنگ شھر ۾ هڪ پراڻي جيل جي ڀت تي بينڪسيءَ جي ٺاهيل تصوير مون لاءِ به اهڙي ئي هڪ ڀت ثابت ٿي، جيڪا مون کي رڳو هڪ فنڪار جي دنيا تائين نه، پر آزادي، سڃاڻپ، طاقت، سرحدن ۽ پنھنجيءَ سنڌ جي اڄوڪن سوالن تائين وٺي وئي. اڄ جڏهن سنڌ ۾ به انتظامي ورهاست، نون صوبن ۽ تاريخي وحدت بابت بحث اڀريل آهي، تڏهن اهو سوال وڌيڪ اهم محسوس ٿئي ٿو ته ڀتيون ۽ لِيڪون آخر ماڻهن جا مسئلا حل ڪن ٿيون يا نوان فاصلا به پيدا ڪن ٿيون؟ هيءُ مضمون ان سياسي سوال جو سڌو جواب ڏيڻ بدران، بينڪسي جي فن مان اڀرندڙ علامتن وسيلي ان تي سوچڻ جي هڪ ڪوشش آهي.

مان پنھنجي برطانيا جي سفر دوران هڪ ڏينھن پنھنجي دوست ڊاڪٽر دائم درواڻ سان گڏ ريڊنگ شھر گهمي رهيو هئس ته هڪ جاءِ تان گذرندي، سامهون پراڻي جيل جي ديوار تي ٺھيل هڪ غيرمعمولي فن پارو نظر آيو. معلوم ٿيو ته ان جو تخليقڪار اهڙو گمنام فنڪار آهي، جيڪو شھرن جي ڀتين، عمارتن ۽ عوامي جڳھين تي تصويرون ٺاهي، پنھنجي چھري بدران پنھنجي فن کي ماڻهن آڏو ڇڏي وڃي ٿو. اڄ تائين سندس اصل سڃاڻپ بابت مڪمل يقين سان ڪجهه چوڻ آسان ناهي، پر سندس تصويرون دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سڃاتيون وڃن ٿيون.
اها ڳالهه مون لاءِ ڏاڍي حيران ڪندڙ هئي: هيءُ ڪھڙو فنڪار آهي، جنھن جون تصويرون سڄي دنيا سڃاڻي ٿي، پر دنيا کيس نٿي سڃاڻي؟ هو پنھنجي چھري کي لڪائي، ڀتين کي آواز ڇو بڻائي ٿو؟ ۽ هڪ جيل جي ڀت تي ٺھيل تصوير انسان کي آزاديءَ کان وٺي پنھنجي ڌرتي، سڃاڻپ ۽ سياسي سرحدن تائين ايترا سوال سوچڻ تي ڇو مجبور ڪري ٿي؟ اهو تجسس مون کي بينڪسي جي زندگي، فن، علامتن ۽ فڪري پسمنظر جي کوجنا ڏانھن وٺي ويو. منھنجي سامهون آهستي آهستي رڳو هڪ گمنام برطانوي فنڪار نه، پر جديد دور جو هڪ وڏو ثقافتي، سياسي ۽ اخلاقي سوال ظاهر ٿيڻ لڳو. ان فنڪار جو نالو بينڪسي آهي.
ريڊنگ جيل جي ديوار تان فرار ٿيندڙ قيدي، جنھن جي فن پاري منھنجو ڌيان ڇڪايو.
مارچ 2021ع ۾ ظاهر ٿيل هن تصوير ۾ هڪ قيدي جيل جي ڀت تان ڪاغذن جي ڊگهي پٽيءَ جي مدد سان هيٺ لھندي ڏيکاريو ويو آهي. ان ڪاغذي رسيءَ جي هيٺئين حصي سان هڪ ٽائيپ رائيٽر ٻڌل آهي. بينڪسي بعد ۾ هڪ وڊيو ذريعي هن فن پاري جي تصديق ڪئي. اهو ڪم Create Escape يعني ”تخليق وسيلي فرار“ جي نالي سان مشھور ٿيو.
ظاهري طور اها هڪ قيديءَ جي جيل مان فرار ٿيڻ جي تصوير آهي، پر جيڪڏهن ان کي ٿورو غور سان ڏسجي ته اها رڳو جسماني فرار جي ڪھاڻي ناهي. جيل جي ڀت رياست، سزا، پابندي ۽ قيد جي علامت بڻجي ٿي؛ ڪاغذ ادب، لکڻ ۽ تخليق جي علامت آهي؛ جڏهن ته ٽائيپ رائيٽر اظھار جي آزاديءَ جي نمائندگي ڪري ٿو.
قيدي ڀت کي ڪنھن هٿيار، ڏاڪڻ يا طاقت وسيلي پار نٿو ڪري. هو لفظن ۽ تخليق جي مدد سان جيل مان ٻاهر نڪري رهيو آهي. ڄڻ بينڪسي اهو چوڻ چاهي ٿو ته انسان جو جسم قيد ٿي سگهي ٿو، پر سندس تخيل، فڪر ۽ اظھار کي هميشه لاءِ قيد نٿو ڪري سگهجي.
ريڊنگ جيل جي هن تصوير جي اهميت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي، جو هي جيل مشھور آئرش شاعر، ناٽڪ نگار ۽ اديب آسڪر وائلڊ سان جڙيل آهي. وائلڊ کي 1895ع ۾ قيد جي سزا ڏني وئي هئي. جيل جي اذيتناڪ تجربي سندس زندگي ۽ ادب تي گھرو اثر وڌو. سندس مشھور نظم The Ballad of Reading Gaol ۽ خط De Profundis انهيءَ دور جي درد، اڪيلائيءَ ۽ انساني تذليل سان لاڳاپيل آهن.
بينڪسي جي تصوير ۾ ڏيکاريل قيديءَ کي سرڪاري طور آسڪر وائلڊ جو پورٽريٽ قرار نه ڏنو ويو آهي، پر تصوير جو هنڌ، ڪاغذن جي رسي ۽ ٽائيپ رائيٽر ان کي وائلڊ جي ادبي ورثي سان ڳنڍين ٿا. ڄڻ هڪ صديءَ کان پوءِ هڪ ٻيو گمنام فنڪار انهيءَ جيل جي ڀت تي اچي اهو چئي رهيو هجي ته ادب اڄ به جيل جي ديوار کان وڌيڪ طاقتور آهي.
اهو فنڪار، جنھن جو چھرو هڪ راز آهي.
بينڪسي اصل ۾ ڪير آهي؟ ان سوال جو صحيح جواب اڃا تائين ڪنھن وٽ به موجود ناهي.
“Banksy” سندس اصل نالو نه، پر هڪ تخلص آهي. مختلف وقتن تي سندس سڃاڻپ بابت ڪيترائي نظريا پيش ڪيا ويا. ڪڏهن کيس برسٽل سان تعلق رکندڙ رابن گننگهم نالي شخص سان ڳنڍيو ويو، ته ڪڏهن چيو ويو ته بينڪسي ڪنھن هڪ ماڻهوءَ بدران فنڪارن جي هڪ ٽيم آهي. وڏي پيماني جي نمائش، مختلف ملڪن ۾ منصوبن ۽ منظم ميڊيا رابطن سبب ٽيم وارو نظريو به بحث هيٺ رهيو آهي، پر انهن مان ڪا به دعويٰ قطعي حقيقت طور ثابت ناهي ٿي سگهي.
ممڪن آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن پنھنجي زندگيءَ ۾ هن کي ڏٺو يا ساڻس ڪم ڪيو هجي، پر عوام آڏو سندس اصل سڃاڻپ ۽ تصديق وارو چھرو ظاهر ناهي ٿي سگهيو. اها گمنامي هاڻي سندس شخصيت جو اتفاقي نه، پر بنيادي حصو بڻجي چڪي آهي.
هن جي گمناميءَ جو هڪ قانوني سبب به ٿي سگهي ٿو. عوامي يا نجي ملڪيت تي اجازت کان سواءِ تصوير ٺاهڻ ڪيترن هنڌن تي قانوني ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو. جيڪڏهن هو پنھنجي سڃاڻپ ظاهر ڪري ها، ته مٿس ملڪيت کي نقصان پھچائڻ يا غيرقانوني گرافيٽي (Graffiti) جا ڪيس هلي سگهن پيا. گرافيٽي (Graffiti) اهڙي لکڻي، نشان، نالي، شڪل يا تصوير کي چئبو آهي، جيڪا عام طور ڀت، پل، ٽرڪ، بس، ريل گاڏي، عمارت يا ڪنھن عوامي جاءِ تي رنگ، اسپري پينٽ، مارڪر وغيره سان ٺاهي وڃي. مثال طور پاڻ وٽ ڪفيل ڀائي گهوٽڪيءَ وارو هو. جيڪو 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ٽرڪن، لارين ۽ بسن تي رنگين تصويرون ٺاهڻ ۽ پنھنجو نالو لکڻ سبب مشھور ٿيو. بينڪسي ڀتين تي پنھنجو نشان ڇڏي گمنام رهيو، جڏهن ته ڪفيل ڀائي سنڌ جي روڊن تي هلندڙ ٽرڪن ۽ بسن کي پنھنجو ڪئنواس بڻائي، هر تصوير تي پنھنجو نالو ڇڏي مشھور ٿيو. ٻنهي وٽ شھر ۽ روڊ ئي گيلري بڻيل رهيا.
پر بينڪسيءَ جي گمنامي رڳو قانون کان بچڻ جي تدبير ناهي. اها هڪ فڪري ۽ فني حڪمت عملي پڻ آهي. جديد دنيا ۾ فنڪار، اداڪار ۽ مشھور شخصيتون پنھنجو چھرو، لباس، گهر، روزاني زندگي ۽ ذاتي لاڳاپا به شھرت جو حصو بڻائين ٿا. بينڪسي ان سڄي ثقافت کي ابتو ڪري ڇڏيو آهي. هن پنھنجي چھري کي هٽائي، پنھنجي ڪم کي مرڪز ۾ آندو آهي.
هو ڄڻ اسان کان پڇي ٿو: ڇا فن کي سمجهڻ لاءِ فنڪار جو چھرو ڏسڻ ضروري آهي؟
بينڪسيءَ جي غيرموجودگي ئي سندس سڀ کان وڏي موجودگي بڻجي وئي آهي. ماڻهو جڏهن ڪنھن ڀت تي نئين تصوير ڏسن ٿا ته سڀ کان پھريان اهو سوال ڪن ٿا ته ڇا هي بينڪسي جو ڪم آهي؟ پر ڪجهه ئي لمحن کان پوءِ تصوير جو سوال فنڪار جي سڃاڻپ تي غالب اچي وڃي ٿو.

بينڪسي جو برسٽل کان شروع ٿيندڙ سفر
بينڪسي جي فني سفر جو تعلق انگلينڊ جي شھر برسٽل سان جوڙيو وڃي ٿو. 1980ع ۽ 1990ع وارن ڏهاڪن ۾ برسٽل موسيقي، گرافيٽي، هپ هاپ، ريگي، ڊب ۽ متبادل ثقافتي تحريڪن جو اهم مرڪز هو. شھر جي بندرگاهي تاريخ، غلامن جي واپار سان جڙيل ماضي، نسلي تنوع، پورهيت پاڙا ۽ سياسي احتجاج نوجوان فنڪارن لاءِ هڪ غيرمعمولي ماحول پيدا ڪندا هئا.
اهڙي ماحول ۾ بينڪسي ڀتين کي پنھنجو ڪئنواس بڻايو. شروعات ۾ هو روايتي گرافيٽي ٺاهيندو هو، پر بعد ۾ هن اسٽينسل واري طريقي کي اختيار ڪيو. اسٽينسل ۾ تصوير جو خاڪو اڳواٽ ڪاغذ يا ٻئي مواد تي ڪٽي تيار ڪيو ويندو آهي. پوءِ اهو خاڪو ڀت تي رکي اسپري رنگ هڻڻ سان تصوير ٿوري وقت ۾ مڪمل ٿي ويندي آهي.
غيرقانوني يا غيرمجاز هنڌن تي ڪم ڪندڙ فنڪار لاءِ رفتار ضروري هوندي آهي. پوليس يا عمارت جي مالڪ جي اچڻ کان اڳ ڪم مڪمل ڪري اتان تڪڙو ڀڄي وڃڻو هوندو آهي. بينڪسي اسٽينسل جي انهيءَ عملي ضرورت کي هڪ مڪمل فني ٻوليءَ ۾ بدلائي ڇڏيو. سندس تصويرن ۾ غيرضروري تفصيل گهٽ آهن، پر علامتي معنيٰ گھري نظر اچي ٿي. ڪارو، اڇو ۽ ڪڏهن هڪ مخصوص رنگ، خاص طور ڳاڙهو، استعمال ڪري هو اهڙو منظر ٺاهي ٿو ، جيڪو چند سيڪنڊن ۾ ڏسندڙ جي ذهن ۾ نقش ٿي وڃي ٿو.
بينڪسي هڪ گمنام برطانوي اسٽريٽ آرٽسٽ آهي، جنھن جون فني پاڙون برسٽل جي گرافيٽي تحريڪ ۾ آهن. هن پنھنجي شروعات گرافيٽي آرٽسٽ طور ڪئي، پر اسٽينسل گرافيٽي کي سياسي ۽ سماجي علامتن سان اهڙي سطح تي پھچايو آهي، جو سندس ڪم روايتي گرافيٽي جون حدون اورانگهي جديد اسٽريٽ آرٽ ۽ همعصر عوامي فن جو حصو بڻجي ويو آهي.

بينڪسي جي تصويرن ۾ ڳالهائيندڙ علامتون
بينڪسي جي فن ۾ ڪجهه ڪردار ۽ شيون بار بار ظاهر ٿين ٿيون: ٻار، ڪوئا، باندر، پوليس آفيسر، سپاهي، گل، ڦوڪڻا ۽ ڀتيون. سندس تصويرن ۾ ٻار معصوميت، مستقبل ۽ اميد جي علامت آهن. پر اهي ٻار اڪثر اهڙي دنيا ۾ بيٺل نظر اچن ٿا، جيڪا وڏن ماڻهن جنگ، غربت، سرحدن يا صارف پرستيءَ وسيلي خراب ڪئي وئي آهي. ڪوئا اهڙي مخلوق آهي، جيڪا شھر جي اونداهين ڪنڊن ۾ زنده رهي ٿي. ماڻهو ان کي پسند نٿا ڪن، پر اها ختم نٿي ٿئي. بينڪسي وٽ ڪوئو حاشيي تي ڌڪيل انسان، باغي نوجوان ۽ گمنام اسٽريٽ آرٽسٽ جي علامت بڻيل آهي. گل امن ۽ اخلاقي مزاحمت جي نشاني آهن. پوليس طاقت، قانون ۽ نگرانيءَ جي نمائندگي ڪري ٿي. باندر اقتدار جي غرور، سياسي نااهلي ۽ انساني خودپسنديءَ تي طنز بڻجي ويل آهن. ڀت پاڻ سرحد، قيد، ملڪيت ۽ رياستي طاقت جي علامت آهي.

بينڪسي جي سڀ کان مشھور تصويرن مان هڪ Girl with Balloon (ڦوڪڻي واري ڇوڪري) آهي. ان ۾ هڪ ننڍڙي ڇوڪري ڳاڙهي دل جي شڪل واري ڦوڪڻي ڏانهن هٿ وڌائي رهي آهي. اهو واضح ناهي ته ڦوڪڻو سندس هٿ مان نڪري ويو آهي يا هوءَ ان کي پڪڙڻ چاهي ٿي. ان ڪري تصوير هڪ ئي وقت وڃايل محبت، اميد، آزادي ۽ انساني آرزوءَ جي علامت بڻجي وئي آهي.
2018ع ۾ جڏهن انهيءَ تصوير جو هڪ نمونو لنڊن جي Sotheby’s نيلامي گهر ۾ وڪاميو، ته نيلامي مڪمل ٿيندي ئي فريم ۾ لڪايل مشين تصوير کي ڪترڻ شروع ڪيو. اڌ ڪٽيل تصوير کي پوءِ Love Is in the Bin (محبت ڪچري جي ٽوڪريءَ ۾ ) نالو ڏنو ويو. هتي بينڪسي شايد آرٽ جي واپار تي طنز ڪرڻ چاهي آهي، پر سرمائيداراڻي مارڪيٽ ان احتجاج کي به وڌيڪ قيمتي فن پاري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
سندس هڪ ٻئي مشھور فن پاري Flower Thrower ۾ نقاب پوش احتجاج ڪندڙ پٿر يا باهه واري بوتل بدران گلن جو گلدستو اڇلائي ٿو. جسم جي سموري ڪاوڙ ۽ احتجاج موجود آهي، پر هٿيار تبديل ٿي ويو آهي. تصوير ٻڌائي ٿي ته امن ڪمزوري نه، پر مزاحمت جو هڪ وڌيڪ اخلاقي طريقو به ٿي سگهي ٿو.
بينڪسيءَ جي هڪ ٻئي فنپاري Kissing Coppers ۾ ٻه وردي پوش پوليس آفيسر هڪ ٻئي کي چمي ڏين ٿا. وردي طاقت، ضابطي ۽ سختيءَ جي علامت آهي، جڏهن ته چمي محبت، قربت ۽ انساني نرميءَ جي. ٻنهي کي گڏ رکي بينڪسي طاقت جي روايتي مرداڻي تصور کي ٽوڙي ٿو.
Devolved Parliament واري تصوير ۾ وري پارليامينٽ جي بينچن تي انسانن بدران چمپينزي ويٺل ڏيکاريا اٿس. عمارت، تقريرون ۽ پارلياماني رسمون ساڳيون آهن، پر نمائندا باندر آهن. هي تصوير جمهوريت جي توهين نه، پر جمهوريت جي زوال، سياسي نااهلي ۽ اقتدار جي بيحسيءَ تي طنز آهي.
Mobile Lovers ۾ هڪ مرد ۽ عورت هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي بيٺا آهن، پر ٻنهي جون نظرون پنھنجي موبائل فونن تي آهن. جسماني طور گڏ هوندي به ذهني طور پري آهن. تصوير جديد انسان جي انهيءَ اڪيلائيءَ کي ظاهر ڪري ٿي، جيڪا مسلسل رابطي جي باوجود وڌندي وڃي ٿي.
COVID-19 جي وبا دوران ٺاهيل Game Changer ۾ هڪ ٻار Batman ۽ Spider-Man جا رانديڪا هڪ پاسي رکي، نرس جي گڏي سان کيڏي ٿو. نرس ماسڪ پاتل آهي ۽ سندس پٺيان سپر هيرو واري چادر ڦڙڪي رهي آهي. بينڪسي هيرو جي پراڻي تعريف بدلائي ڇڏي: اصل هيرو اهو نه، جيڪو آسمان ۾ اڏامي، پر اهو آهي، جيڪو وبا جي ڏينھن ۾ بيمارن جي خدمت ڪري. (هلندڙ)
mustafanangraj@gmail.com

محنت، تعليم ۽ برطانيا ۾ سنڌي
سنڌي ماڻهن جي پرڏيھه ڏانھن تعليمي ۽ روزگار واري سفر جي به پنھنجي هڪ تاريخ آهي. هڪ زمانو اهو هو، جڏهن دنيا جا ڪيترائي ملڪ اعليٰ تعليم، تحقيق، روزگار ۽ مستقل رهائش جا دروازا کولي رهيا هئا، پر سنڌ مان ٻاهر نڪرڻ جو رجحان اڃا ايترو عام نه هو. ان وقت سنڌي ماڻهو پرڏيھه ڏانھن تمام ٿوري تعداد ۾ ويندا هئا. انهن ۾ به اڪثر اهي خاندان شامل هوندا هئا، جيڪي معاشي طور مضبوط، شھري پسمنظر رکندڙ يا اڳ ئي تعليم ۽ سرڪاري نوڪرين سان لاڳاپيل هوندا هئا. عام ٻھراڙيءَ جو نوجوان، خاص طور هارين، مزدورن يا وچولي طبقي جي گهرن مان نڪرندڙ شاگرد، اهڙن موقعن کي پري جو خواب سمجهندو هو.
پوءِ آهستي آهستي حالتون تبديل ٿيڻ لڳيون. سنڌي نوجوانن ۾ تعليم بابت شعور وڌيو، انگريزي ٻوليءَ، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ عالمي يونيورسٽين تائين رسائي جا رستا کليا. پھرئين مرحلي ۾ شھرن مان ڪجهه پڙهيل خاندانن جا ٻار ٻاهر وڃڻ لڳا؛ ٻئي مرحلي ۾ وچولي طبقي جي نوجوانن به اسڪالرشپن، داخلا ۽ روزگار جي موقعن ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو؛ ۽ پوءِ ٽئين مرحلي ۾ اها تبديلي وڌيڪ وسيع ٿي. هاڻي سنڌ جي ٻھراڙين، ننڍن شھرن ۽ هارين جي گهرن مان به نوجوان اعليٰ تعليم لاءِ نڪرڻ لڳا. انهن مان ڪي ڊگريون مڪمل ڪري واپس پنھنجي وطن آيا، ڪي وري پرڏيھه ۾ ئي روزگار سان لاڳاپجي ويا، ۽ ڪي اهڙا به آهن، جن سنڌ ۽ پرڏيھه جي وچ ۾ علم، تجربو ۽ خدمت جو هڪ نئون رشتو قائم ڪيو.اڄ صورتحال اها آهي ته برطانيا جھڙي ملڪ ۾ به سنڌين جي موجودگي نمايان نموني محسوس ٿئي ٿي. اندازي موجب رڳو برطانيا ۾ هزارين سنڌي آباد آهن، جن جو انگ مختلف حوالن ۾ لڳ ڀڳ 25000 کان 30000 تائين ٻڌايو وڃي ٿو. اهي سنڌي لنڊن، ريڊنگ، برمنگهم، مانچسٽر، ليڊز، ناٽنگهم، گلاسگو ۽ ٻين ننڍن وڏن شھرن ۾ رهن ٿا. ڪي ڪاروبار سان لاڳاپيل آهن، ڪي سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ ڪم ڪن ٿا، ڪي تعليم، صحت، ٽيڪنالاجي، ٽرانسپورٽ، ريسٽورنٽ، ريٽيل ۽ ٻين شعبن ۾ پنھنجو روزگار ڪمائي رهيا آهن. لنڊن ۾ ته سنڌي ڪميونٽيءَ جي موجودگي وڌيڪ چٽي نظر اچي ٿي، جتي وقت بوقت سنڌي ثقافتي گڏجاڻيون، ادبي محفلون ۽ سماجي ملاقاتون ٿينديون رهن ٿيون.
اهڙن پراڻن ۽ سرگرم خاندانن مان هڪ حوالو پياري گل ميتلو صاحب ۽ سندس خاندان جو به ملي ٿو، جيڪي لنڊن ۾ سنڌين کي ڪنھن نه ڪنھن بھاني گڏ ڪرڻ، هڪ ٻئي سان ملائڻ ۽ ڪميونٽيءَ جو رشتو زنده رکڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. سندن باري ۾ هڪ الڳ مضمون لکڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته پرڏيھه ۾ رهندڙ اهڙيون شخصيتون رڳو پنھنجو ڪاروبار يا زندگي نٿيون هلائن، پر پنھنجي ٻولي، ثقافت، سڃاڻپ ۽ ماڻهن سان لاڳاپو به سنڀالي رکن ٿيون. پر هن وقت منھنجو خاص ڌيان ان ڳالهه تي آهي ته سنڌ جا نوجوان برطانيا ۾ پڙهائيءَ لاءِ ڪيئن اچي سگهن ٿا، ڪھڙن شعبن ۾ اڳتي وڌي سگهن ٿا، ۽ پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هتي روزگار جا ڪهڙا موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا.
برطانيا ۾ رهندي مون جيڪو سڀ کان اهم احساس ٿيو آهي، اهو هي آهي ته برطانيا ڏانھن سفر فقط جھاز جي ٽڪيٽ، پاسپورٽ ۽ ويزا جو نالو ناهي؛ اهو هڪ ذهني، تعليمي ۽ شخصي سفر به آهي. سنڌ جي ڪنھن ننڍڙي شھر، ڳوٺ، ٻھراڙي يا وچولي طبقي جي گهر مان نڪرندڙ نوجوان جڏهن انگلينڊ جي ڪنھن يونيورسٽيءَ جي دروازي تائين پھچي ٿو، ته هو رڳو پنھنجو ذاتي خواب پورو نٿو ڪري، پر پٺيان ايندڙ ڪيترن نوجوانن لاءِ به هڪ نئون رستو روشن ڪري ٿو. سندس ڪاميابي ٻين کي اهو يقين ڏياري ٿي ته عالمي يونيورسٽيون صرف اميرن، وڏن شھرن يا مخصوص خاندانن لاءِ ناهن؛ اهي انهن سڀني لاءِ آهن، جيڪي محنت، تياري، معلومات ۽ مستقل مزاجي سان اڳتي وڌڻ چاهين ٿا.
برطانيا جي ٿڌي هوا، منظم شھر، وقت جي پابندي، وڏيون لائبرريون، ريسرچ جو ماحول، مختلف قوميتن جا شاگرد، ۽ ڪلاس روم ۾ آزاد نموني سوال ڪرڻ جي روايت، هڪ نوجوان کي اندر کان بدلائي ڇڏين ٿا. هتي شاگرد صرف ڪتاب نٿو پڙهي، پر سوچڻ، سوال ڪرڻ، دليل ڏيڻ، پنھنجي ڳالهه پيش ڪرڻ ۽ دنيا کي نئين نظر سان ڏسڻ سکي ٿو. يونيورسٽيءَ جي ڪلاس ۾ جڏهن ڪنھن سنڌي نوجوان کي پنھنجي ڳوٺ، پنھنجي سماج، پنھنجي پاڻي، پنھنجي صحت، پنھنجي زراعت يا پنھنجي ماڻهن بابت ڳالهائڻ جو موقعو ملي ٿو، تڏهن کيس احساس ٿئي ٿو ته سندس مقامي تجربو به عالمي علم جو حصو بڻجي سگهي ٿو.
اهو سفر نوجوان کي ٻڌائي ٿو ته دنيا فقط انهن حدن تائين محدود ناهي، جيڪي هن پنھنجي ڳوٺ، شھر يا ملڪ ۾ ڏٺيون آهن. دنيا انهن لاءِ کليل آهي، جيڪي پاڻ کي تيار ڪن ٿا. پر اها تياري صرف خواب ڏسڻ سان نه ٿيندي آهي؛ ان لاءِ پڙهائيءَ ۾ سنجيدگي، انگريزي ٻوليءَ تي ڌيان، انٽرنيٽ وسيلي صحيح معلومات ڳولڻ، يونيورسٽين جون ويب سائيٽون پڙهڻ، اسڪالرشپن جون آخري تاريخون نوٽ ڪرڻ، دستاويز وقت تي تيار ڪرڻ، ۽ هر مرحلي ۾ پاڻ تي ڀروسو رکڻ ضروري آهي.
سنڌ جي نوجوانن لاءِ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هو پرڏيھه کي صرف روزگار يا رهائش جو هنڌ نه سمجهن، پر علم، تحقيق، مھارت ۽ عالمي تجربي جو مرڪز سمجهن. برطانيا جھڙا ملڪ انهن نوجوانن لاءِ وڏو موقعو آهن، جيڪي صرف پنھنجي ذاتي ترقي نٿا چاهين، پر پنھنجي خاندان، پنهنجي سماج ۽ پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ به ڪجهه ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا. سنڌ مان نڪرندڙ هر محنتي نوجوان جڏهن عالمي يونيورسٽيءَ تائين پھچي ٿو، تڏهن هو سنڌ جي نئين نسل کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته منزل پري ضرور آهي، پر ناممڪن ناهي.

اڄ سنڌي نوجوانن لاءِ اعليٰ تعليم جا موقعا اڳ کان گهڻا آهن. هاڻي داخلا، اسڪالرشپ، رهائش، ويزا، فيس، يونيورسٽيءَ سان رابطو، سڀ ڪجهه آن لائين ٿي سگهي ٿو. اصل ضرورت ڪنھن وڏي ڪنسلٽنٽ، سفارش يا غيرضروري خرچ جي نه، پر انگريزي پڙهڻ جي همت، معلومات ڳولڻ جي صلاحيت، وقت تي درخواست ڏيڻ، دستاويز سنڀالڻ ۽ مستقل مزاجيءَ جي آهي.
منھنجي ڌيءُ انوشا جو مثال به اهڙو ئي آهي. هن ناٽنگهم يونيورسٽيءَ ۾ پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرس لاءِ اسڪالرشپ حاصل ڪئي. اهم ڳالهه اها نه آهي ته هوءَ برطانيا پھتي؛ اهم ڳالهه اها آهي ته يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ کان وٺي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ، رهائش جو بندوبست ڪرڻ، ويزا ۽ سنڌ کان ناٽنگهم تائين سفر جا مرحلا هن پاڻ آن لائين مڪمل ڪيا، بغير ڪنھن ڪنسلٽنٽ جي. اهو تجربو سنڌ جي ٻين نوجوانن لاءِ هڪ واضح پيغام آهي ته جيڪڏهن ارادو مضبوط هجي، محنت مسلسل هجي ۽ معلومات صحيح ذريعن مان ورتي وڃي ته وڏا رستا پاڻ ٺھي وڃن ٿا.
برطانيا ۾ هن وقت ڪجهه شعبا خاص اهميت رکن ٿا. صحت، پبلڪ هيلٿ، ايپيڊيميالاجي، هيلٿ ريسرچ، نرسنگ، سوشل ڪيئر، ڊيٽا سائنس، آرٽيفيشل انٽيليجنس، سائبر سيڪيورٽي، سافٽ ويئر انجنيئرنگ، بايو ٽيڪنالاجي، لائيف سائنسز، ماحولياتي سائنس، ڪلائيميٽ چينج، ڪلين انرجي، انجنيئرنگ، ڪنسٽرڪشن، بزنس اينالسٽڪس، فنانس، اڪائونٽنگ ۽ پروفيشنل سروسز جھڙن شعبن ۾ نوجوانن کي سنجيدگيءَ سان دلچسپي وٺڻ گهرجي. برطانيا جي 2025 واري صنعتي حڪمت عملي ۾ به ڊجيٽل ٽيڪنالاجي، لائيف سائنسز، ڪلين انرجي، ايڊوانسڊ مينوفيڪچرنگ، فنانشل سروسز ۽ پروفيشنل سروسز کي مستقبل جي اهم شعبن طور رکيو ويو آهي. صحت ۽ سوشل ڪيئر بابت به سرڪاري رپورٽن ۾ وڌندڙ گهرج ۽ مھارتن جي کوٽ جو ذڪر ملي ٿو، خاص طور تي عمر رسيده آبادي ۽ ڊجيٽل هيلٿ سبب.
سنڌي نوجوانن لاءِ پبلڪ هيلٿ خاص طور اهم ميدان آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ پاڻ پاڻي، صفائي، غذائيت، ٻوڏ، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، وبائن، ماحولياتي تبديلي ۽ صحت جي اڻبرابري جھڙن مسئلن سان منھن ڏئي رهي آهي. جيڪو نوجوان برطانيا مان پبلڪ هيلٿ، هيلٿ ڊيٽا، ايپيڊيميالاجي يا گلوبل هيلٿ پڙهي ٿو، اهو رڳو پنھنجي ڪيريئر لاءِ نه، پر پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ به ڪمائتو علم کڻي واپس اچي سگهي ٿو. انوشا جو پبلڪ هيلٿ ڏانھن وڃڻ به ان ڪري فقط هڪ ذاتي ڪاميابي نه آهي؛ اهو سنڌ جي نوجوانن کي ٻڌائي ٿو ته اسان جا مقامي مسئلا عالمي علم سان ڳنڍجي سگهن ٿا.
پر رڳو ڊگري ڪافي ناهي. برطانيا ۾ مقابلو سخت آهي. اتي نوجوان کي وقت جي پابندي، تحقيق، لکڻ، پريزنٽيشن، ڊيٽا اينالسس، ڪميونيڪيشن، ٽيم ورڪ ۽ عملي مھارتن تي ڪم ڪرڻو پوي ٿو. جيڪو شاگرد پڙهائي دوران ئي رضاڪاراڻي ڪم، انٽرنشپ، ريسرچ اسسٽنٽ شپ، يونيورسٽي ڪيريئر سروسز، لنڪڊ اِن، سي وي، ڪور ليٽر ۽ نيٽ ورڪنگ تي ڌيان ڏئي ٿو، ان لاءِ روزگار جا رستا به کلي پون ٿا. ڪئين سنڌي نوجوان اتي برطانيا جي مختلف علائقن ۾ وڃي محنت ڪري سيٽل ٿيا آهن جن سان جڏهن ملاقات ٿئي ٿي ته سچ ته دل خوش ٿي وڃي ٿي. ويجهڙ ۾ لنڊن ۾ ٿيل سانا جي ڪانفرنس ۾ ڪئين سنڌي نوجوان مليا ۽ پنھنجي محنت ۽ ڪاميابين جا داستان کولي ڇڏيا جن جي باري ۾ فردن فردن لکڻ جي نيت آهي. جيڪي گهڻو ڪري هيٺئين ڪلاس مان آيل آهن جيڪا ڳالهه سنڌ جي سماجي تبديليءَ ۽ ڪاميابيءَ لاءِ پائدار ۽ ڊگهي مدي واري ثابت ٿيندي. برطانيا ۾ موجود سنڌي پنھنجي سنڌ مان ايندڙ ماڻهن خاص طور تي نوجوانن جي رهنمائي ڪرڻ ۾ بلڪل نٿا ڪيٻائن، پر حقيقت ۾ ايندڙ پنھنجو رستو مشڪل هوندي به جوڙي وٺن ٿا ۽ کين ٻين جي ضرورت گهٽ پوي ٿي صرف گهر کان نڪرڻ ۽ برطانيا پھچڻ جي جستجو ۽ اڻتڻ هئڻ ضروري آهي.
برطانيا ۾ پڙهائي کان پوءِ ڪم ڪرڻ جا موقعا موجود آهن، پر انهن کي حقيقت پسند نظر سان ڏسڻ گهرجي. برطانيا جي Graduate visa تحت اهل شاگرد پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڪم ڳولي يا ڪم ڪري سگهن ٿا؛ موجوده سرڪاري ڄاڻ موجب 31 ڊسمبر 2026 تائين درخواست ڏيندڙن لاءِ عام طور 2 سال، ۽ 1 جنوري 2027 کان پوءِ درخواست ڏيندڙن لاءِ 18 مھينا آهن، جڏهن ته پي ايڇ ڊي وارن لاءِ 3 سال آهن. ڊگهي عرصي لاءِ رهڻ چاهيندڙن کي اڪثر Skilled Worker visa جهڙن رستن ڏانھن وڃڻو پوندو، جنھن لاءِ نوڪري، اسپانسر، پگهار ۽ مخصوص قانوني شرطون اهم ٿين ٿيون. برطانيا جي Immigration Salary List ۾ ڪجهه شعبن ۽ نوڪرين لاءِ الڳ پگهار جا معيار به ڏنل آهن، تنھنڪري هر نوجوان کي پنھنجي فيلڊ بابت تازه سرڪاري معلومات پاڻ پڙهڻ گهرجي.
هن سڄي سفر ۾ والدين جو ڪردار انتھائي اهم آهي. اسان جا ڪيترائي والدين اولاد لاءِ محبت ته گهڻي رکن ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن معلومات، اعتماد ۽ تعليمي ماحول ڏيڻ ۾ پوئتي رهجي وڃن ٿا. نوجوانن کي وڏا خواب ڏيارڻ لاءِ گهر ۾ ڪتاب، سوال ڪرڻ جي آزادي، انگريزي ۽ ڪمپيوٽر سکڻ جو ماحول، ڌيئرن تي اعتماد، ۽ ناڪاميءَ کان نه ڊڄڻ جي تربيت ضروري آهي. خاص طور تي پيئرن کي گهرجي ته پنھنجي ڌيئرن ۽ پٽن کي برابر موقعا ڏين. ڌيءُ کي “پرائي امانت” سمجهڻ بدران علم، صلاحيت ۽ قيادت جو مرڪز سمجهڻ گهرجي.
سنڌ کان ناٽنگهم تائين جو سفر هڪ سبق ڏئي ٿو: دنيا جي يونيورسٽين جا دروازا بند ناهن؛ اسان جي تياري اڪثر اڌوري هوندي آهي. نوجوانن کي گهرجي ته هو اڄ کان ئي پنھنجي فيلڊ چونڊين، سٺا نمبر کڻن، IELTS يا انگريزي مھارت بھتر ڪن، ريسرچ ۽ لکڻ جي عادت وجهن، يونيورسٽين جون ويب سائيٽون پاڻ پڙهن، اسڪالرشپن جون آخري تاريخون نوٽ ڪن، ۽ ڪنهن به ايجنٽ تي انڌو ڀروسو نه ڪن. مدد وٺڻ غلط ناهي، پر پنھنجي مستقبل جو مالڪ پاڻ ٿيڻ ضروري آهي.
انوشا جو سفر اهو ٻڌائي ٿو ته سنڌي نوجوان عالمي معيار جي يونيورسٽيءَ تائين پھچي سگهي ٿو، اسڪالرشپ وٺي سگهي ٿو، اڪيلو آن لائين عمل سمجهي سگهي ٿو، ۽ برطانيا جھڙي ملڪ ۾ پاڻ لاءِ علم ۽ روزگار جا رستا ڳولي سگهي ٿو. پر ان لاءِ خواب سان گڏ نظم، محنت سان گڏ ڄاڻ، ۽ جذبي سان گڏ صبر گهرجي.
سنڌ جي نوجوانن کي هاڻي صرف نوڪري ڳولڻ واري سوچ مان نڪرڻو پوندو؛ کين اهڙن شعبن ڏانهن وڃڻو پوندو جتي ايندڙ ڏهن سالن جي دنيا کي ماهرن جي ضرورت هوندي. صحت، ڊيٽا، ٽيڪنالاجي، ماحول، توانائي، تحقيق ۽ سماجي ترقي ـ اهي ئي اهي ميدان آهن جتي سنڌي نوجوان پاڻ کي تيار ڪري نه رڳو پنھنجي زندگي بدلائي سگهي ٿو، پر پنھنجي سماج لاءِ به روشني آڻي سگهي ٿو.

سنڌي سماج جي ترقيءَ جو بنياد
1947ع تائين سنڌ جي اقتصادي، علمي، ادبي، صحت جي سھولتن ۽ اڏاوتي ترقيءَ جو دارومدار گهڻي قدر سنڌي هندن تي هو. اهي وڻج واپار، شھري زندگي، تعليم، ادبي سرگرمين، ادارتي ڪم ڪار ۽ سماجي خدمتن ۾ نسبتاً وڌيڪ اڳتي هئا. شھرن ۾ سندن موجودگي، واپار ۾ مھارت، تعليم ڏانھن لاڙو، ۽ ادارن سان لاڳاپي سبب سنڌ جي گهڻن شعبن ۾ انهن جو نمايان ڪردار هو. ورهاڱي جي نتيجي ۾ جڏهن انهن مان وڏو حصو سنڌ مان لڏي ويو ته سنڌ جي شھرن، وڻج واپار، تعليمي ۽ سماجي ادارن، صحت جي سھولتن، اڏاوتي ڪم، ۽ سرڪاري ڪاروهنوار ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو.

ان خال جي نتيجي ۾ شھر، واپار، ادارتي اختيار ۽ گهڻي حد تائين سرڪاري ڪاروهنوار انهن نون آيل  ماڻهن جي هٿ ۾ هليو  ويو، جيڪي  سنڌ، سنڌي سماج ۽ سنڌي ٻوليءَ سان دلي طور جڙڻ  کان پاسيرا رهيا  ۽ هيل تائين پاسيرائي آهن. اهڙيءَ طرح سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ماڻهن  جي سماجي ۽ ادارتي ترقيءَ جو اهو تسلسل، جيڪو ورهاڱي کان اڳ موجود هو، اهو شديد متاثر ٿيو.

ان وقت باقي اصلوڪا سنڌي گهڻي قدر ٻھراڙين ۾ رهندڙ ۽ پوکي راهيءَ سان لاڳاپيل هئا. انهن مان اڪثريت جي زندگي زراعت، مالداري ۽ روزمره محنت سان جڙيل هئي، پر ان مان به پيٽ قوت مشڪل سان پورو ٿيندو هو. سواءِ چند وڏن زميندارن جي، جن وٽ زمين، وسيلا ۽ سماجي اثر رسوخ موجود هو، عام هاري، ننڍو آبادگار ۽ ٻھراڙيءَ جو ماڻهو معاشي طور ڏکيائين ۾ ڦاٿل هو. ان ڪري ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ماڻهو وڻج واپار، شھري ادارن، جديد تعليم ۽ معاشي موقعن ۾ وڌيڪ پٺتي رهجي ويا.

پر شل اڳئين جھان ۾ انسان دوست زرعي سائنسدان ڊاڪٽر نارمن بورلاگ کي سک ملي، جنھن جي اڳواڻيءَ ۾ 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جيڪو نئون زرعي انقلاب، يعني Green Revolution آيو، تنھن ٻين ڪيترن علائقن وانگر سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي ماڻهن جي به قسمت تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن زرعي انقلاب جي نتيجي ۾ وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ نيون جنسون، بھتر ٻج، ڪيميائي ڀاڻ، زرعي زهر، آبپاشيءَ جا بھتر طريقا، زرعي مشينون ۽ جديد زرعي طريقا متعارف ٿيا. انهن وسيلن جي ڪري فصلن جي پيداوار ۾ نمايان اضافو ٿيو، زرعي آمدني وڌي، ۽ ڪيترن آبادگارن کي پھريون ڀيرو معاشي سُڪون جو ساهه کڻڻ جو موقعو مليو.

انهن نين جنسن ۽ زرعي طريقن جي ڪري ڪڻڪ، چانور، ڪپھه ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ واڌ آئي. زراعت رڳو روزي روٽيءَ جو ذريعو نه رهي، پر ڪيترن خاندانن لاءِ آمدني، تعليم، سماجي اڳڀرائي ۽ شھري رابطن جو ذريعو به بڻي. سنڌي ماڻهن جي آمدنيءَ ۾ جيڪا بھتري آئي، ان جي نتيجي ۾ انهن پنھنجي اولاد کي پڙهائڻ شروع ڪيو. ٻھراڙيءَ مان ڪيترائي ٻار اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين پھتا. اهڙيءَ طرح سنڌي قوم اندر هڪڙو پڙهيو لکيو، باشعور، فڪري ۽ سماجي طور سرگرم طبقو پيدا ٿيو.

ان طبقي علم، ادب، هنر، صحافت، سياست، سماجي سجاڳي ۽ سنڌ جي قومي شعور ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو. اهو طبقو اڄ تائين پنھنجي وس، حالتن ۽ صلاحيتن مطابق سنڌ جي سجاڳي، تعليم، ٻولي، ثقافت، حقن ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ان ئي دور کان سنڌي ماڻهن مان ڪجهه قابل، محنتي ۽ پڙهيل ماڻهو دنيا جي مختلف ملڪن ڏانھن به ويا، جتي انهن تعليم، صحت، انجنيئرنگ، ڪاروبار، تحقيق، سرڪاري  ۽ غيرسرڪاري نوڪرين ۽ سماجي خدمتن ۾ پنھنجو مقام ٺاهيو.

اهڙي ئي سنڌي ڊائسپورا جي هڪ جهلڪ مون تازو 25 اپريل  2026ع تي لنڊن ۾ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا ( SANA)پاران ”انٽرنيشنل سنڌي ڊائسپورا ڪانفرنس “جي عنوان سان ڪوٺايل عالمي ڪانفرنس ۾ پنھنجي اکين سان ڏٺي. ان ڪانفرنس ۾ دنيا جي مختلف ملڪن مان سنڌي ڊاڪٽرن، انجنيئرن، واپارين، شاگردن، نوڪري پيشا ماڻهن، سماجي ڪارڪنن، تنظيمن جي نمائندن ۽ انفرادي شخصيتن شرڪت ڪئي. انهن پنھنجي پنھنجي شعبي، ملڪ ۽ وسيلن جي حوالي سان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ٿيندڙ ڪوششن جو ذڪر ڪيو.

ڪانفرنس ۾ اها تجويز به زيرِ غور آئي ته جيڪڏهن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ موجود سنڌي ماڻهو الڳ الڳ ڪوششن بدران هڪ گڏيل پليٽفارم تان منظم طريقي سان ڪم ڪن ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي وڌيڪ فائدو پھچي سگهي ٿو. سندن خيال هو ته دنيا ۾ جيڪي تعليم، ڪاروبار، نوڪرين، اسڪالرشپن، تحقيق، ٽيڪنالاجي، صحت، ڪاروباري نيٽ ورڪ ۽ ادارتي رابطن جا موقعا موجود آهن، تن مان سنڌي ماڻهن کي فائدو وٺڻ ۾ وڌي چڙهي  مدد ڪرڻ گهرجي. ساڳئي وقت سنڌ اندر، خاص طور تي ٻھراڙين جي ترقيءَ لاءِ، وڌيڪ اثرائتو، مربوط ۽ عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

هن ڪانفرنس ۾ مون کي به هڪ زرعي ماهر ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ ٻه اکر ڳالهائڻ جو موقعو مليو. مون مٿي ڄاڻايل تاريخي، سماجي ۽ معاشي پسمنظر جي بنياد تي اها تجويز رکي ته سنڌي ماڻهن جي سجاڳي، تعليم، سماجي اڳڀرائي ۽ معاشي ترقيءَ جو بنياد وڏي حد تائين سنڌ جي زرعي شعبي جي ترقيءَ سان جڙيل آهي. جيڪڏهن زراعت ڪمزور ٿيندي ته ٻھراڙي ڪمزور ٿيندي، جيڪڏهن ٻھراڙي ڪمزور ٿيندي ته عام سنڌي خاندان جي آمدني گهٽ ٿيندي، ۽ جيڪڏهن آمدني گهٽ ٿيندي ته تعليم، صحت، هنر، ڪاروبار ۽ سماجي ترقيءَ جا موقعا به محدود ٿيندا.

بدقسمتيءَ سان سنڌ جو زرعي شعبو هن وقت دنيا جي نئين زرعي ترقي، جديد ٽيڪنالاجي، ڪاروباري سوچ، مارڪيٽ سان ڳانڍاپي، ويليو ايڊيشن، غذائي تحفظ، موسمياتي تبديليءَ سان مطابقت، پاڻيءَ جي بچت، ۽ علم تي ٻڌل زراعت جي حوالي سان تمام گهڻو پٺتي رهجي ويو آهي. روايتي طريقي سان ٿيندڙ زراعت ڪيترن هنڌن تي گهٽ منافعي بخش، بلڪ ڪٿي ڪٿي غير منافعي بخش بڻجي وئي آهي. پيداواري خرچ وڌي رهيا آهن، پاڻيءَ جي کوٽ وڌي رهي آهي، موسمياتي تبديليون فصلن تي اثرانداز ٿي رهيون آهن، مارڪيٽ غير يقيني آهي، ۽ آبادگار کي پنھنجي محنت جو مناسب اجورو  نٿو ملي.

ان صورتحال جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته سنڌ جي زرعي شعبي لاءِ اهڙي جديد، جامع ۽ عالمي معيارن سان هم آهنگ پاليسي ۽ عملي حڪمت عملي موجود ناهي، جيڪا موجوده دور جي ضرورتن سان مطابقت رکي. دنيا ۾ زراعت هاڻي رڳو زمين، پاڻي، ٻج ۽ محنت جو نالو نه رهي آهي، پر اها مارڪيٽ، تحقيق، ٽيڪنالاجي، ڊيٽا، مشينري، ويليو چين، پروسيسنگ، ايڪسپورٽ، موسمياتي لچڪ، غذائي معيار ۽ مقامي صنعت سان جڙيل هڪ مڪمل معاشي نظام بڻجي چڪي آهي. سنڌ کي به هاڻي زراعت کي اهڙي ئي وسيع ۽ جديد تناظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي.

روايتي، گهٽ منافعي بخش زراعت جي ڪري غربت وڌي رهي آهي. غربت جي ڪري عام سنڌي ماڻهو تعليم، صحت، هنر، ڪاروبار ۽ سماجي اڳڀرائيءَ ۾ پٺتي رهجندو پيو وڃي. ان ڪري سنڌي سماج ۾ جيڪا پھرين شعور جي ترقي ٿي هئي ۽ جنھن مان هڪڙو پڙهيو لکيو، باشعور ۽ سماجي طور سرگرم طبقو پيدا ٿيو هو، اهو سلسلو وقت سان گڏ سست رفتاري، معاشي دٻاءُ ۽ سطحپڻي جو شڪار ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن زراعت کي جديد نه بڻايو ويو ته سنڌي سماج جي تعليمي ۽ سماجي ترقيءَ جو بنياد به ڪمزور ٿيندو ويندو.

ان ڪري مون سانا جي ڪانفرنس ۾ سانا سميت سڀني شريڪ سنڌي دوستن جي سامهون اها تجويز رکي ته سنڌ جي زراعت جي مالڪي ڪئي وڃي. سنڌ جي زراعت کي صرف آبادگارن جو مسئلو نه، پر سنڌي سماج جي بقا، تعليم، معاشي ترقي، عورتن جي بااختياري، نوجوانن جي روزگار، مقامي صنعت ۽ قومي سجاڳيءَ جو بنيادي مسئلو سمجهيو وڃي. ٻين اهم ڪمن سان گڏ سنڌي ڊائسپورا، زرعي ماهر، تعليمي ادارا، سماجي تنظيمون، ڪاروباري ماڻهو ۽ پاليسي ساز گڏجي سنڌ جي زرعي شعبي جي بھتريءَ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙين.

ان سلسلي ۾سانا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي دوستن پاران زراعت متعلق هڪ مستقل ورڪنگ گروپ جوڙڻ گهرجي. ان ورڪنگ گروپ ۾ زرعي ماهر، اقتصاديات، پاڻيءَ، مارڪيٽنگ ۽ ايڪسپورٽ جا ماهر، صحت ۽ غذائيت جا ماهر، يونيورسٽين جا استاد، آبادگار نمائندا، عورتن ۽ نوجوانن جا نمائندا، ۽ سنڌ جي ٻھراڙيءَ سان لاڳاپيل عملي تجربو رکندڙ ماڻهو شامل ٿيڻ گهرجن. هي ورڪنگ گروپ سنڌ جي زراعت بابت هڪ واضح ايجنڊا تيار ڪري، جنھن ۾ پيداواري لاڳت گهٽائڻ، پاڻيءَ جو بھتر استعمال، جديد فصلن جي چونڊ، مارڪيٽ تائين رسائي، ويليو ايڊيشن، زرعي صنعت، نامياتي ۽ غذائيت سان لاڳاپيل زراعت، عورتن جي شموليت، نوجوانن لاءِ زرعي ڪاروبار، ۽ موسمياتي تبديليءَ سان مقابلي جھڙا موضوع شامل هجن.

ان سان گڏ زراعت تي ڪم ڪندڙ عالمي ادارن۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان فني سھڪار لاءِ رابطا ڪيا وڃن. سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ زرعي ماهرن، يونيورسٽين، تحقيقاتي ادارن، آبادگار تنظيمن ۽ سرڪاري ادارن جي شرڪت سان هڪ عالمي يا اعليٰ سطحي ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي، جنھن ۾ سنڌ جي زراعت کي عالمي زرعي ترقيءَ جي تناظر ۾ پرکيو وڃي. ان ڪانفرنس جو مقصد صرف تقريرون ڪرڻ نه هجي، پر سنڌ جي زراعت لاءِ هڪ عملي، مرحليوار ۽ مستقبل واري  رُخ جو  لائحه عمل تيار ڪرڻ هجي.

ساڳئي وقت ڪنھن عالمي يا معتبر فني اداري جي تعاون سان سنڌ جي زرعي شعبي بابت هڪ جامع جائزاتي رپورٽ تيار ڪرائي وڃي. اها رپورٽ زمين، پاڻي، فصلن، پيداوار، مارڪيٽ، لاڳت، نفعي، موسمياتي خطري، ننڍن آبادگارن، عورتن، نوجوانن، زرعي صنعت، ايڪسپورٽ، غذائي تحفظ ۽ پاليسيءَ جي کوٽ ۽ زراعت سان لاڳاپيل ادارن جي حالت  بابت واضح تصوير پيش ڪري. پوءِ ان رپورٽ جي بنياد تي سنڌ سرڪار کي هڪ نئين زرعي حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي ۽ ان تي عمل لاءِ قائل ڪيو وڃي.

اهڙي حڪمت عملي ۾ سنڌ جي زراعت کي صرف وڌيڪ پيداوار تائين محدود نه رکيو وڃي، پر ان کي وڌيڪ نفعي بخش، پائدار، غذائيت دوست، مارڪيٽ سان ڳنڍيل، پاڻي بچائيندڙ، علم تي ٻڌل ۽ ڪاروباري رخ رکندڙ بڻايو وڃي. زراعت کي مقامي صنعت، پروسيسنگ، اسٽوريج، ڪولڊ چين، پيڪنگ، برانڊنگ، ايڪسپورٽ ۽ جديد ڪاروباري ماڊلز سان ڳنڍيو وڃي. ننڍن آبادگارن  ۽ هارين نارين کي رڳو پيدا ڪندڙ نه، پر زرعي ڪاروبار جو حصو بڻايو وڃي.

جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته سنڌ جو زرعي شعبو آهستي آهستي بھتر ٿيڻ لڳندو. زراعت جي بھتريءَ سان ٻھراڙيءَ جي آمدني وڌندي، ٻارن جي تعليم جا موقعا وڌندا، عورتن جي معاشي شموليت وڌندي، نوجوانن لاءِ روزگار ۽ ڪاروبار جا نوان رستا کُلندا، مقامي زرعي صنعت کي هٿي ملندي، صحت ۽ غذائيت ۾ بھتري ايندي، ۽ سنڌي سماج ۾ شعوري، تعليمي، معاشي ۽ سماجي ترقيءَ جو نئون دور شروع ٿي سگهي ٿو.

زراعت کي مضبوط ڪرڻ جو مطلب صرف فصل وڌائڻ نه آهي؛ ان جو مطلب آهي سنڌ جي ٻھراڙيءَ کي مضبوط ڪرڻ، هاريءَ کي عزت ڏيڻ، عورتن کي موقعا ڏيڻ، نوجوانن کي روزگار ڏيڻ، ٻارن کي تعليم ڏيڻ، مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ، ۽ سنڌ جي مستقبل کي مضبوط بنيادن تي بيھارڻ. سنڌ جي ترقيءَ جو رستو تعليم مان ضرور گذري ٿو، پر اها تعليم تڏهن عام ماڻهوءَ تائين پھچندي، جڏهن ٻھراڙيءَ جي معيشت مضبوط هوندي. ۽ ٻھراڙيءَ جي معيشت جو بنياد اڄ به زراعت آهي. تنھن ڪري سنڌ جي زراعت جي نئين سر مالڪي، سُڌارا، جديديت ۽ عالمي سطح جي حڪمت عملي وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي.