بلاگ – Sarangaa

اين ڪارسن:2026ع جو نوبل انعام ماڻيندڙ شاعره
اين ڪارسن 1950ع ۾ ٽورانٽو، ڪئناڊا ۾ جنم ورتو. هوءَ شاعره آهي. پوءِ مضمون نگار ۽ ڪلاسيڪي ادب جي پروفيسر ۽ ترجميڪار بہ.

هن ٽورانٽو يونيورسٽيءَ مان ڪلاسيڪي ادب ۾ بي اي، ايم اي ۽ پي ايڇ ڊيءَ جون ڊگريون ماڻيون. امريڪا ۽ ڪئناڊا جي انيڪ يونيورسٽين ۾ پڙهايو اٿائين. تن ۾ ميڪگل ۽ مشيگن يونيورسٽيون بہ شامل آهن.

ڪلاسيڪيت سان لڳاءُ هاءِ اسڪول ۾ ٿيس. هوءَ رسيس ۾ هڪ استادياڻيءَ کان جهوني يوناني ٻولي سکندي هئي. ايئن ڪلاسيڪي هيلينِڪ/يوناني ادب سان گھرو نينھن لڳوس. تنھن جي اثرُ جو اولڙو هُن جي ڪم تي پوندو آيو آهي.

1986ع ۾ هُن جو ڪتاب “ايروس دي بِٽر سُوِيٽ: هڪ مضمون” ڇپيو. تنھن وسيلي هُن پنھنجي اسلوب جو اعلان ڪيو. اُهو پراچين يوناني ادب جو نمونو هو – ۽ بنھ الڳ هو. هُن جھڙوڪ هڪ متروڪ انداز جي ٻيھر مسيحائي ڪئي.

هوءَ انٽر ٽيڪسچوئلٽيءَ جي ٽيڪنڪ پاسٽيش جي ماهر ليکي پئي ويئي آهي. يعني نئين سان پراڻي کي ملائي نئون متن تيار ڪرڻُ. اُهو انداز “آٽو بايوگرافي آف رَيڊ” ۾ نشانبر آهي. اهو ڪتابُ 1998ع ۾ ڇپيو. هيءُ ڪتابُ هن جي ڪمن ۾ خاص جاءِ والاري ٿو جو اُهو منظوم ناول آهي.

هن جا ٻيا چُونڊ ڪتاب آهن:
“دي بيوٽي ​​آف دي هزبنڊ” – مڙس جي سوڀيا، 2001ع
“گلاس، آئرني، اينڊ گاڊ” – 1992ع
“مين ان دي آف آورز” – 2001ع
“پلين واٽر” – 1995ع
“ڊيڪريئيشن” – 2005ع
نوڪس (Nox) – 2010ع
“ريڊ ڊاڪ” – 2013ع
“فِلَوٽ” – 2016ع

هن ڪلاسيڪل يوناني ادب جي ڪمن جا ترجما بہ ڪيا آهن، جن ۾ سئفو ۽ يوريپيڊس جا ناٽڪ (ڏُک مان پِرائڻُ) ۽ ٽن الميائي ناٽڪن جو ڳُٽڪو “اين اوريسٽيا”، 2009ع، شامل آهن.

ڪارسن کي نوبل پرائيز 2026ع ملڻ کان اڳي مليل امتيازن ۾ شامل آهن:

لينَن لٽريري ايوارڊ، 1996ع
گوگن هائم فيلوشپ، 1998ع
ميڪ آرٿر فيلوشپ، 2000ع
گريفن پوئٽري پرائيز،2001ع ۽ 2013ع
گورنر جنرلس ايوارڊ، 2001ع
ٽي ايس ايليٽ پرائيز، 2001ع
ميمبر آف دي آرڊر آف ڪئناڊا، 2005ع
پرنسس آف آسٽرياس ايوارڊ، 2020ع
پين / نبوڪوف ايوارڊ،2021ع

هوءَ پاڻ کي بنيادي طرح وِجوئل آرٽسٽ ۽ چترڪاريءَ جي عاشق سمجهي ٿي.

“ڀانيان تہ ويھارو ورهين تائين مون ڪجهہ بہ خاص نہ لکيو هو، جو آئون چترڪاري ڪندي هوَس يعني تصويرون ٺاهيندي هوَس. تنھن وچ ۾ ائين ئي ٿورو گهڻو لکي بہ وٺندي هوَس، شوق چترڪاري هو. سوچيو ئي نہ هوم تہ ڪا ليکڪہ بڻبيس. ڪئين ڪتابَ ناماچاري ماڻي ويا آهن پر مون کي ويسَھ ناهي تہ آئون ڪا ليکڪہ آهيان. ايترو سو لڳيم ٿو، مون کي تخليق ڪرڻو آهن. اسان جي هلندَي رواج ۾ ڪتابَ شين جي تخليق جو سھنجو وسيلو آهن. پر اُهي هاڻي گهٽ کان گهٽ اطمينان جوڳا ٿيندا وڃن جو مون کي ڪڏهن بہ ناهي لڳو تہ اُهي منھنجن خيالن کي (اُڪلائي يا) ٻاڦوري ٻاهر ڪڍي سگهيا آهن.”

متن جو ماخذ: پوئٽري فائونڊيشن.

ڪرسٽوفر نولن جي فلم اوڊيسي ۽ جديد انسان جو وجودي بحران
جيڪو اسان لفظ ناسٽلجيا استعمال ڪندا آھيون، اھو ٻن يوناني لفظن جو مرڪب آھي: ”ناسٽوس“ جنھن جي معنا گهر ڏانھن واپسي ۽ ”الگوس“ جنھن جي معنا آھي پيڙا. ٻين لفظن ۾ ناسٽلجيا گهر واپس ورڻ جي تڙپ ۽ پيڙا آھي. ادب ۾ جيڪي ناسٽلجيا تي ٻڌل تخليقون آھن، پوءِ اھي پنھنجي گهر، پنھنجي ماضي يا پنھنجي وطن جي سڪ تي ٻڌل ڇونہ ھجن، تن جو بنياد يوناني شاعر ھومر جي اوڊيسي مان آيو آھي. اھو چيو ويندو آھي تہ اڻويھين صديءَ تائين اولھہ جي فڪشن جو ھر ڪتاب يا تہ اوڊيسي مان اتساھيل ھوندو ھيو يا وري اليئڊ مان. پر خاص طور تي ھومر جي اوڊيسي، اڃا تائين مغربي اجتماعي ادبي بيانيي جي پاڙ ۾ ويٺل آھي.
اوڊيسي جو داستان، ڏھہ سال پنھنجي وطن کان پري ٽراءِ واري جنگ ۾ وڙھندڙ سورمن جو پنھنجي گهر واپس ورڻ واري تڙپ جو داستان آھي. يوناني سورمي اوڊيسس ۽ سندس ساٿين جو اھو سفر اڃا ٻيا ڏھہ سال جاري رھيو. اُنهيءَ سفر ۾ کين پاڻ کان وڏين قوتن سان مھاڏو اٽڪائڻو پيو، جو ديوتا کانئن ناراض ھئا. انهن ۾ ھڪ اک وارو راڪاس بہ ھو تہ انسانن کي سوئرن ۾ تبديل ڪرڻ واري ڏائڻ بہ. انهن ۾ ڪنول جا گل کائي، پنھنجي مقصد کان غافل ٿيڻ وارا ماڻهو ھئا تہ پنھنجي موسيقيءَ ذريعي پاڻ ڏي ڇڪي ھڙپ ڪرڻ واري مخلوق بہ ھئي. اتي ستن سالن تائين پنھنجي موھ ۾ ڦاسائيندڙ جل پري ڪيلسپو ھئي تہ غوراب کي غرق ڪرڻ وارا ڪُن بہ. پر ھر قسم جي رنڊڪ ۽ مصيبت ھوندي بہ پنھنجي مقصد جي ويجهو وٺي ويندڙ جنگ جي جدوجھد جو فڪر، جيڪو اڄ کان ٽي ھزار سال اڳ جي ماڻهن لاءِ اتساھيندڙ ھو، سو اڄ جي جديد انسان جي لاءِ بہ ايترو ئي اتساھيندڙ آھي. اوڊيسي، انسان جي جدوجھد جي استعاري طور ھر دور ۾ زندہ رھي آھي.
اھو ئي سبب آھي تہ اوڊيسي کي شاعرن، ناول نگارن، ڊراما نويسن ۽ فلم سازن هر دور ۾ نئين سر تخليق ڪيو آهي. ھر دور جي سوالن جو جواب ڏيڻ لاءِ اوڊيسي کي نئين نموني جنم وٺڻو پوندو آھي. سفر، مھم جوئي ۽ ڪردار جي آزمائش واري هومر جي روايت کي ورجل، سروانٽيس، شيڪسپيئر، ملٽن ۽ اڻ ڳڻين ليکڪن اڳتي وڌايو. جديد ادب ۾ جيمس جوائس ”يوليسس“ ۾ هن رزميائي سفر کي ڊبلن جي هڪ ئي ڏينھن ۾ سمائي ڇڏيو. مارگريٽ ايٽوڊ ”دي پينيلوپيڊ“ ۾ اوڊيسس جي وفادار زال پينيلوپي ۽ ڦاسي ڏنل ٻارهن ٻانهين جي نظر سان ڪھاڻي ٻيھر بيان ڪئي. جڏهن تہ ميڊلين ملر ”سرسي“ ۾ هومر جي دنيا جي هڪ اهم عورت ڪردار کي پنھنجو آواز ڏنو.
ڪرسٽوفر نولن جي فلم ”اوڊيسي“ کي بہ هومر جي ان ڊگهي ۽ مسلسل نئين تخليق ٿيندڙ روايت جي پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي. ڪرسٽوفر نولن هڪ قديم رزميائي داستان کي ايڪويھين صديءَ جي نفسياتي ۽ وجودي مسئلن کي ڦلھورڻ لاءِ استعمال ڪيو آھي.
نولن جو اوڊيسس، رڳو ٽراءِ جي جنگ کان پوءِ پنھنجي وطن، اٿاڪا ڏانھن موٽڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو فاتح جنگجو ناهي، پر ھُو جنگ ھٿان نفسياتي طور ڦٽيل انسان آهي. سندس سفر رڳو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين جو سفر نہ، پر وجودي سفر پڻ آھي. اھو سفر پڇتاءُ ۽ ٻيھر اصلوڪي معصوميت ڏانھن موٽڻ جو سفر پڻ آھي.
ھومر جي اوڊيسي ۽ اليئڊ ۾ اوڊيسس ھڪ انتھائي پيچيدہ ۽ نقص واري ڪردار طور ڏيکاريو ويو آھي. اھو روايتي سورمن وانگي ڪو ڪامل انسان ناھي. اھو بھادر تہ آھي، پر سندس اصل خاصيت دولاب ۽ ڪوڙ آھي. سندس جنگ ۾ اھم ڪردار اھو بہ آھي تہ ھُن ئي ٽراءِ وارن کي شڪست ڏيڻ لاءِ دولاب جو سھارو ورتو. جڏھن ڏھن سالن کان پوءِ بہ يوناني فوجي، ٽراءِ کي شڪست ڏئي نہ سگهيا تہ ھنن اعلان ڪيو تہ اھي واپس وڃي رھيا ھئا ۽ ٽراءِ جي لاءِ تحفي طور ھڪڙو وڏو ڪاٺ جو گهوڙو ڇڏي پيا وڃن. اصل ۾ اُنهيءَ گهوڙي ۾ اوڊيسس سوڌو ڪجهه يوناني فوجي لڪي ويٺا ھئا. ٽراءِ وارا اُنهيءَ گهوڙي کي پنھنجي شھر جي اندر کڻي ويا. رات جي اونداھيءَ ۾ ڪاٺ جي ان گهوڙي جي پيٽ مان اوڊيسس نڪري ٿو. سندس ساٿي، چوري شھر جا دروازا کولي ٿا ڇڏين. رات جي اوندھہ ۾ يوناني فوجي شھر ۾ داخل ٿي، ٽراءِ جي شھرين جو قتل عام ڪن ٿا. نولان جي اوڊيسي ۾ اوڊيسس اُنهيءَ پڇتاءُ جو شڪار ھوندو آھي تہ سندس دولاب جي ڪري ايڏو وڏو قتل عام ٿيو. کيس اُنهيءَ جو بہ افسوس ھوندو آھي تہ ھُن پنھنجي تھذيب جي روايتن کي پائمال ڪيو. جڏھن اوڊيسس آخر ۾ پنھنجن سڀني ساٿين کي وڃائي، اڪيلو پنھنجي ملڪ اٿاڪا ۾ ھڪڙي فقير جي ويس ۾ پھچي ٿو، تہ اتي بي خبر پينيولوپي جي اڳيان اُنهيءَ پڇتاءُ جو ذڪر ھن ريت ڪري ٿو:
” جيڪڏهن اهو اوڊيسس، جنھن کي تون سڃاڻيندي هئينءَ، پنھنجو رستو وڃائي ويٺو هجي تہ؟ جيڪڏهن… هڪ رات، ڪنھن اجنبي شھر ۾، هُن اهڙيون شيون ڏٺيون هجن، جن کيس اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو هجي تہ جنھن گهر سان سندس واقفيت ھئي، اتي هاڻي ھُو رهي ئي نٿو سگهي. جڏهن هُو گهوڙي جي پيٽ مان ٻاهر نڪتو ۽ ھُن ٽراءِ جا دروازا کوليا، تڏهن هُن ڏٺو هجي تہ ڏهن سالن جي ڪاوڙ ۽ غضب هڪ ئي رات ۾ ان شھر تي ڪاهي پيئي ھئي. اسان انهن لاءِ امن جي نذراني طور هڪ تحفو ڇڏيو هو ، جيڪو هُو پنھنجي گهر اندر کڻي ويا. اسان ماڻهن جي وچ ۾ جيڪي ڪجهہ بہ مقدس هو، اسان انھن سڀني جي ڀڃڪڙي ڪئي. اسان جنگ کي شڪار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ٽراءِ جي ڀتين کي ساڙڻ، پنھنجي گهر سوڌو سڄي دنيا کي ساڙڻ برابر هو. ڪاش! جيڪڏهن کيس اُنهيءَ رات، باهہ، افراتفري ۽ اذيت مان گذرندي، ۽ پوءِ پگهر سان ڀريل جشن جي هُل ۾، اھو احساس ھجي ھا تہ هن ڇا ڪيو ھو.“

ڪرسٽوفر نولان جي ٻين فلمن وانگر ھيءَ فلم بہ نھايت شاندار آھي. آئي ميڪس ٽيڪنالاجيءَ سان فلمايل هيءَ فلم ڏسڻ ھڪڙو خوبصورت تجربو آھي. فلم جا جنگي منظر، ٻيڙيون، راڪاس، قدرتي منظر ۽ سفر جا مختلف مرحلا صدين کان انسان جي تخيل ۾ رهندڙ ڪھاڻيءَ کي ھڪڙو وجود ڏين ٿا.
پر جنھن ڳالهه مونکي حيران ڪيو، سا اُنهيءَ جي موسيقي آھي. نولان ھن فلم لاءِ موسيقي لاءِ اھي ساز استعمال ڪرڻ پئي چاھيا، جيڪي ٽي ھزار سال اڳ يونان جي اُنهن علائقن ۾ وڄايا ويندا ھئا. اُنهيءَ ۾ مکيہ ساز آيولوس آھي، جيڪو ٻن بانسرين تي مشتمل آھي. ھاڻ اھو ساز يونان مان ختم ٿي ويو آھي. مون جڏھن اُنهيءَ تي ڪجهه تحقيق ڪئي تہ خبر پئي تہ اھو ساز اسان جي الغوزي جھڙو آھي، جيڪو اسان وٽ اڃا زندھ آھي. ڇا قديم سنڌ ۽ يونان جا پاڻ ۾ ايترا لاڳاپا ھئا جو ھنن ٻنھي ديسن ۾ ساڳيا ساز استعمال ٿيندا ھئا، جيڪي ٻي دنيا ۾ استعمال نہ ٿيندا ھئا؟ اھو سوال منھنجي لاءِ اسرار آھي. سڄي فلم ۾ توھان کي قديم الغوزي جھڙو اھو ساز ٻڌڻ ۾ ايندو، جيڪو توھان جي روح ۾ گهڙي ويندو. خاص اُنهيءَ منظر ۾ جڏھن اوڊيسس، جبلن جي ڏانئڻ سائرن جي موسيقي ٻڌندو آھي، جيڪا کيس اندر ۾ موجود پڇتاءُ کي جاڳائيندي آھي ۽ جنھن کي ٻڌي ھُو بي قابو ٿي ويندو آھي. اھو منظر، اُنهيءَ جي موسيقي ۽ انھن تي ميٽ ڊيمن جي اداڪاري، فلمي فن جو شاھڪار آھي.
فلمن تي ڪلاسيڪي اسڪالرن، ھومر کي ترجمو ڪندڙ ايملي ولسن ۽ فلم جي نقادن جي تنقيد باوجود ھومر جي اُنهيءَ دنيا کي ٻيھر زندہ ڪرڻ ۽ اُنهيءَ کي اڄ جي دور جي وجودي بحران سان ڳنڍڻ نولان جي ھڪ ساراھ جوڳي ڪوشش آھي. ھيءَ فلم ھڪڙي تھذيب کي وري جيئارڻ ۽ انهن گيتن کي وري ڳائڻ جي ڪوشش آھي. جيئن فلم جي آخر ۾ پينولوپي ۽ اوڊيسس چوندا آھن:
پينيولوپي: رڳو قصا ڇو ڳايا ويندا آھن؟
اوڊيسس: ڇاڪاڻ تہ اسان جيڪي ڪجهه لکي سگهندا آھيون، انهن مان رڳو گيت ئي زندھ رھندا آھن.
پينولوپي: تھذيب وري زندھ ٿيندي.
اوڊيسس: ھن اونداھي دنيا تي وري پرھ ڦٽندي.“

ڪاوڙ کي دٻائي جيئندڙ ڇوڪري
ھوءَ تھجد وقت لکندي آهي!

جڏهن هوءَ سوچڻ جھڙي ٿي، تڏهن ڊپ اڳ ۾ ئي اندر اچي ويٺو هئس. مهمان وانگر نه، مالڪ وانگر، مڪمل حاوي ٿيل.

ياد ناهي ڪڏهن آيو. بس هوءَ رانديڪن کان اڳ، کلڻ کان اڳ، ان ڳالهه کان اڳ جنھن کي “ٻالڪپڻ ” چوندا آهن، جيڪو هلڪو هجڻ گهرجي ها….پر ڀاري ھيو.
ٻيا ٻار گهٽيءَ ۾ راند ڪندا هئا. هوءَ ڏسندي رهندي ھئي، پاڻ کيڏندي نه هئي. ڇو ته
سٺيون ڇوڪريون ٻاهر کيڏڻ نه وينديون آهن.

ٻيا ٻار بي اختيار وڏي پر اعتماد آواز سان کلندا هئا، هڪ ٻئي کي سڏيندا هئا، بس خوشيءَ خاطر شور ڪندا هئا. پر هن جلدي سمجهي ورتو ته سندس کلڻ جو آواز هڪ حد کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي. سندس خواهشن جي ماپ هجڻ گهرجي. “نه” لفظ ھن جي لغت ۾ ئي شامل نه ڪيو ويو هيو.

ھن صرف “ها” چوڻ سکي هئي. ان لاءِ نه ته ڪنھن اکر نه سيکاريا ھيس، پر ان لاءِ ته جڏهن به هوءَ سوچيندي هئي، ٻڌندي هئي ته وڏن کي انڪار ڪرن بي ادبي آهي، ائين هن پنھنجيءَ سوچ پنھنجي خيالن مان “نه” لفظ ڪڍي ميساري ڇڏيو. پر ڪا ڀاري شيءِ ان کي واپس ڌڪيندي هئي. لحاظ، مروت، ادب، وڏن جو احترام…ھن اھو ڪجهه سکيو ھو. ڄمڻ سان خاموشي ۽ نوڙت جي اخلاقيات تي ئي هلڻ سکيو ڪيائين. اڳ ئي رستو طع ٿيل اها ڇوڪري جھڙو روبوٽ هجي.
توهان چونڊ نه ٿا ڪريو، اهو بس توهان ٿي ويندا آهيو.

هوءَ سٺي ڌيءُ هئي.
سٺين ڌيئن جون سھيليون نه هونديون آهن.
سٺيون نياڻيون ڊائجسٽ نه پڙهنديون آهن.
سٺيون نياڻيون ٽيليويزن تي ڊراما نه ڏسنديون آهن، نه وري ڪنھن ڳالھ تي ٽھڪ ڏئي زور سان کلنديون آهن.
سٺيون ڌيئون وڏن سان اکيون ملائي نه ڳالهائينديون آهن. وڏا هميشه صحيح هوندا اهن، انهن پيدا ڪيو هوندو آهي، انهن جو ئي ڌيئن تي لق هوندو آهي. اهي پنهنجن فيصلن، پنهنجين انائن تي ڌيئن جي قرباني ڪري ڇڏيندا آهن. بنا پنھنجي ضمير تي ڪو بوجهه رکندي. ڇو ته هو پيدا ڪندڙ يا پاليندڙ آهن، ته انهن جو ئي انهن ڌيئن، ڀينرن تي حق هوندو آهي. جيئارڻ، چيچلائن، سکيو رکڻ يا مارڻ.

هوءَ اهڙا ڪيترا ئي خيال پنھنجي ذهن ۾ آڻيندي، گم ٿيڻ ۾ تمام ماهر ٿي ويندي هئي. ڪڏهن ڳوڙهن جو سمنڊ اٿلي پوندو هئس ته ڪڏهن خاموش ٽھڪ ڏيندي هئي.
وڏن وٽ لٺ ۽ چٺ وارو معاملو هوندو آهي. ايئن دوکي ۾ رکندا آھن جيئن هو فيصلو نه ڪري سگهي ته هن سان ظلم، زيادتي، نا انصافي ٿيندي آهي يا هوءَ ناشڪري آهي.
بھرحال، هن کي گهر جي چوديواري اندر آزادي به هئي.
هوءَ سائيڪل هلائيندي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن پينٽ ۽ شرٽ پائيندي هئي. بس کيس ايتري ئي آزادي ميسر ھئي
هوءَ هڪ وڏي شھر جي آرامده گهر جي لاڏلي ڌيءَ هئي ۽ انهيءَ تضاد ۾ ساهه کڻندي هئي.
هوءَ لکندي هئي. جڏهن ڏينھن تمام ڳرا لڳندا هئا، ننڊ مان اُٿي لکندي هئي، اڌ رات جو اونداه ۾ پين سان پني تي اندازي سان لکندي هئي. خيالن کي قيد ڪرن چاهيندي هئي. جيئن صبح جو وسري نه وڃي. جيڪو گذريو، جيڪو ڏکيو لڳو، جيڪو چئي نه سگهي ۽ چوڻ به چاهي.
ٽي وي تي ٻارن جو سنڌي موسيقيءَ جو پروگرام نشر ٿيندو هيو، جيڪو هوءَ شوق سان هلڪي آواز ۾ ٻڌندي هئي. جڏهن سندس والد گهر ۾ نه هوندو هيو. ان پروگرام ۾ خط لکيا هيا…. ايئن هڪ ڏينھن اوچتو هن پنھنجا لفظ، ان پروگرام ۾ ٻڌا….
چنڊ ماما وڻندو آهين، ڏاڍو سٺو لڳندو آهين….. هوءَ ايڏو خوش ٿي، جيڏو عيد تي به خوش نه ٿي هوندي.

هن پنھنجي پيءُ کي نه ٻڌايو. سٺيون ڌيئون اهڙا ڪم نه ڪنديون آهن، ۽ اها ڳالهه هن اڳ ۾ ئي سکي ورتي هئي. سو هن اهو فخر اڪيلي، سيني اندر، پاڻ سان رکيو.
هوءَ ننڍي ٻار هئي. پر هن اڳ ۾ ئي سکي ورتو هو ته خوشي خاموشيءَ سان، اڪيلي، پنھنجي اندر جي ڪنھن خانگي ڪمري ۾ ملهائجي.
ڪو نه ٻڌائيندو آهي ته ڊپ ۽ لحاظ ۾ نڪتل ٻار ڇا ڪندو آهي.
ٻارخاموشيءَ سان مري ويندو آهي.
ڪو اعلان نه ٿيندو آهي. والدين کي خبر نه پوندي آهي. گهر هلندو رهندو آهي. ماني پچندي آهي. پڙهائي ٿيندي آهي. ٻار مسڪرائيندو آهي.پر ان مسڪرائڻ ۾ ننڍپڻ کان ڏيکاءُ سکي ويندو آهي.
پر ڪا شيءِ دفن ٿي ويندي آهي، خاموشيءَ سان، بنا ڪنھن رسم جي، سندس سيني جي اڱڻ ۾. بنا ڪفن جي. سندس پاڻ تي اعتماد. سندس فطري سمجهه. اهو بي لغام، بي خوف حصو جيڪو چوندو آھي تہ مان به آهيان. منھنجو وجود به آهي.
اهو حصو زمين ۾ هليو ويندو آهي. ۽ قبر تي ڪو نشان نه هوندو آهي، سو ماتم ڪرڻ به ڪير نه ايندو آهي.
بس جيڪڏهن ڪجهه ايندو آهي ته اهو غصو ۽ ڪاوڙ هوندي آھي.

ان وقت هن ان کي غصو نه سڏيو، بس ڄاتائين ته ڪا شيءِ اندر ۾ گهر ٺاهي رهي هئي، جنھن کي دٻائڻ به سکڻو آهي. هوءَ هر هفتي ڀاري، ڳرو سامان گھليندي هئي. ڪمري جي ترتيب بدلائيندي ھئي. گول گول گهمندي، الماڙي، صوفا سيٽ، پلنگ، ڊريسنگ ٽيبل، ٽيليويزن، ننڍڙا نازڪ هٿ ٿڪجي ويندا هئا، پر دماغ آرام نه ڪندو هئس. فرج صاف ڪندي، رڌڻي جي ڪنڊ ڪنڊ صاف ڪندي رهندي هئي. رڌ پچاءَ ۾ ماهر ٿر وئي ننڍڙي عمر ۾.
مهمان ايندا هئا ته تعريف ڪندا هئا، نياڻي هجي ته اهڙي سمورو گهر سنڀاليو اٿس پڙهائي سان گڏ. پر انهن کي خبر نه هئي ته خوف مان پيدا ٿيل غصو سندس هٿن مان ڳالهائيندو هو. ڇاڪاڻ تہ وات کي خاموشي سيکاري وئي هئي.
هڪ ڏينھن سٺي ڌيءُ شايد ڊپ جي وفاداري مان آزاد ٿئي ۽ خاموش غصي کي اعتماد سان مات ڏئي سگهي…
پر هوءَ اڄ به اڌ رات جو تھجد وقت جاڳي لکندي آهي، پنھنجو ڊپ، پنھنجي اڪيلائي، پنھنجو غصو….

خواهش ۽ پڇتاءُ جي وچ ۾ زندگي!
عمر جو اھو حصو جيڪو اڪثر چاليھن سالن کان پوءِ شروع ٿيندو آهي، انسان پاڻ سان ايماندار ٿيڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي. سموري دنيا جي روين کي پنھنجيءَ ذات جي ڪٽھڙي ۾ بيھاري، پاڻ جج به ٿيندو آهي ته وڪيل به…
چاليھن پنجيتاليھن سالن کان پوءِ اسان مان ڪيترن کي اوچتو محسوس ٿيندو آهي ته زندگيءٓ جو ھڪ وڏو حصو اسان جيئا ئي نه آهيون. ذميواريون هيون، ماڻهو هئا، پنھنجن جون، دنيا جون توقعات هيون، جن ۾ پاڻ کي ڀت ۾ ڪوڪي جيان فٽ رکڻو هيو. سو ڀت ۾ لڳل ڪوڪي ۾ هڪ خالي هينگر وانگي زندگي گذاري ڇڏيندا آهيون ۽ اسان انهن سڀني جي وچ ۾ پنھنجو پاڻ کي ڪٿي وساري يا وڃائي ويھندا آهيون.
ڪي ماڻهو ان عمر ۾ مذهب ڏانھن وڌي ويندا آهن، ڄڻ ان ذريعي پنھنجي اندر جو خالي پڻو ڀرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڪي ٻيا، پنھنجي ٻالڪپڻي ۽ جوانيءَ کي وري جيئڻ جو خواب ڏسڻ لڳندا آهن. سندن خواھش ھوندي آھي تہ خدا کين ھڪ ٻيو موقعو ڏئي ۽ ھو وري سانڀر واري عمر کان جيئن شروع ڪن.
پر سچ اهو آهي ته نه ذميواريون ئي ختم ٿيڻ جو نالو وٺنديون آهن، نه ئي دنيا يا پنھنجا ان ڳالهه جو ڪڏھن اعتراف ڪندا آهن ته توهان ڪيڏي قرباني ڏني. ڪيترو پنھنجي حصي جا ڪم بھتر نموني ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جسماني پورهيو جتي ختم ٿيندو آهي، اتان کان ذهن تي پورهئي جي ٻيڻي ذميواري اچي ويندي آهي. تدهن به اسان کي محسوس ڪرايو ويندو آهي ته جيترو ڪرڻو هيو، اوترو نه ڪيو ويو. پر زندگي تڏھن به هلندي رهندي آهي.
وقت گذري وڃڻ کان پوءِ سمجهه ڪنھن ڪم جي نه لڳندي آهي.
اهو سوال اسان سڀني جي خيال ۾ ڪنھن نه ڪنھن رات ضرور ٻرندو آهي. جڏهن آئينو سامهون هوندو آهي ۽ چھرو پاڻ کان سوال پڇندو آهي ته “تون ڪير آهين؟ تو پاڻ لاءِ ڇا ڪيو؟” ان وقت جواب جي شڪل ۾ رڳو خاموشي هوندي آهي يا اسان پاڻ سان نظرون نه ملائڻ چاهيندا آهيون.
اسان جيڏو وقت ٻين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ لڳايو، ايترو پاڻ ڏانھن نه موٽياسون. ۽ پوءِ، جڏهن ٿورو ساهي ملندي آهي، ته اندر مان آواز اٿندو آهي: “مون کي جيئڻو آهي، مون کي پنھنجي حصي جو جيئڻو آهي.”
ڪجهه ماڻهو ان عمر ۾ واقعي جيئڻ شروع ڪندا آهن. نوان شوق ڳوليندا آهن، سفر ڪندا آهن، ڪتاب پڙهندا، خاموش خوشيون ڳوليندا آهن، پاڻ سان دوستي ڪندا يا پراڻا دوست ڳوليندا، انهن سان رابطا ڪندا، ملندا آهن. اهي خوش قسمت آهن.
ٻيا پر پڇتاءَ ۾ پڄاڻي ڪندا آهن. ڇو نه ڪيو، ڇو نه چيو، ڇو نه جيئاسون، اهي سوال بڻجي ويندا آهن، ۽ پاڻ کان پڇاڻن جي اھڙي پڇتاءَ ۾ ئي عمر گذري ويندي آهي.
البته ان سموري صورتحال کي سمجهندي به ڪي ڪردار اھڙا بہ آھن، جيڪي آخري ساھ تائين ذميوارين ۾ ئي رهندا آهن. نه انهن کي ڇڏي سگهندا آهن، نه انهن مان نڪري سگهندا آهن، نه ان ۾ پاڻ لاءِ جاءِ ٺاهي سگهندا آهن. اهي سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ٿيل ماڻهو آهن. دنيا جي نظر ۾ به، ۽ پنھنجي نظر ۾ به.
پر ڇا دير گھڻي ٿي وئي آهي؟
نه.
دير تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن توهان فيصلو ڪيو ته دير ٿي وئي. زندگي جيئڻ لاءِ ڪا مخصوص عمر مقرر نه آهي. چاليھه سال تجربي جي دولت آهي. نادانيءَ جي نه. جيڪي سال گذريا، انهن مان سکيل سبق ئي اصل سرمايو آهي.
پر ان لاءِ هڪ ڳالهه ضروري آهي، ته پاڻ سان ايماندار ٿجي. اهو قبول ڪرڻ ته مون گهڻو ڪجهه انهن جي خوشيءَ لاءِ ڇڏيو، جيڪي ڪڏھن قدر ئي نه ڪري سگهيا. اهو سمجهڻ ته خود کي وساريو، اھا ڪا خوبي نه هئي، اھو هڪ نقصان هو. پنھنجي لاءِ جيئڻ جي خواهش کي هڪ خود غرضي ٻڌائي ويندي آهي ڄڻ پنهنجي زندگي ٻين جو قرض هجي، ۽ پنهنجي ذات لاء جيئڻ گناھ هجي.
پر هڪ ڳالهه ياد رکجي، تي
زندگي ٻيھر نه ملندي. نه ٻالڪپڻو واپس ايندو، نه اها جواني جيڪا جيئڻ جا خواب ڏسندي هئي. پر” اڄ ” اڃا توهان جو آهي. ان ۾ هڪ فيصلو ڪري سگهجي ٿو, پنھنجي لاءِ وقت ڪڍڻ جو، پنھنجي آواز ٻڌڻ جو، پنھنجي خوشيءَ کي ذميواري جيترو ئي سنجيدگيءَ سان وٺڻ جو…
ڇو ته پڇتاءُ ڪرڻ آسان آهي، پر ذميدارين جي زنجيرن کي گهرگهلو ڪري جيئڻ لاءِ همٿ گهرجي.

حَسن جي حُسن جي ھاڪ
زندگي ڀلي اهڙي
ٽڪ تي رليءَ جھڙي
مان وڇايان، تون نه ويھين
ڇو نه پوءِ ويڙهي ڇڏيان!

زندگي هن وٽ واقعي به ٽُڪ واري رليءَ جھڙي هئي…..صبح جو موبائيل ته وقت ڏسڻ لاءِ آن ڪيم، پر هڪ خراب خبر وقت جو اڳ جهليو بيٺي هئي….”حسن درس گذاري ويو.“ ان کان پوءِ No more…sad demise ۽ حسن جي شعرن وارا ايس ايم ايس ايندا رهيا. گذريل هفتي کان جڏهن طارق عالم جو وڇوڙو ٿيو آهي، تڏهن کان No more جھڙي منحوس ٽرم وارا الائي ڪيترا ايس ايم ايس ايندا رهيا آهن، پر اهو تصور ۾ به نه هو ته اڄ اهو ساڳيو منحوس ٽرم حسن درس جي حوالي سان به اچي سينو جهليندو. منھنجي هن سان فون تي آخري ڀيرو ڳالهه ان رات ئي ٿي هئي، جنھن صبح تي هن کي سدائين لاءِ وڇڙڻو هو. مون هن کي فون ڪئي ته صبح جو ملڻو آهي، 11 وڳي جو وقت مقرر ڪيوسين، پر شايد هن جو ڪنھن ٻئي هنڌ وقت مقرر ٿيل هو….جنھن ڏينھن طارق گذاري ويو هو، تدفين کان وٺي شام دير تائين اسان گڏ هئاسين، ۽ مون جڏهن هن کي هڪ ڏينھن پھرين فون ڪيو ته ان وقت به هن ٻڌايو ته ميڊم مھتاب کي طارق وارن جي گهر وٺي آيو آهيان، اتي ويٺا آهيون. مان محسوس ٿو ڪريان ته ڄڻ هو طارق جو ڏک ونڊيندي ونڊيندي سنڌ کي هڪ اهڙو ڏک ڏئي هليو ويو آهي، جيڪو ان جي سيني ۾ اونهاري جي باهه جيان دکندو ئي رهندو…اها سنڌ، جنھن کي هن پرينءَ جو پاڇو ڪوٺيو هو. هن لاءِ ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو هئي، ۽ سارا پرين ڄڻ ته سنڌ هئا، جيڪي هن لاءِ جر تي جرڪن پيا.
حسن درس ڇا هو؟ ان سوال جو جواب ڪراچيءَ ۾ برٽش ڪائونسل طرفان ٿيل لٽرري فيسٽيول ۾ حسن جي ئي ويجهي دوست محمد حنيف (ايڪسپلوڊنگ مينگوز جي ليکڪ) ان جو تعارف ڪرائيندي ڏاڍي بھتر نموني ڏنو هو. هن چيو هو ته ”مان جڏهن حسن سان 20 سال پيرين مليو هئس، تڏهن هن ٻڌايو هو ته هو شاعر آهي، ۽ اڄ جڏهن هن سان 20 سالن کان پوءِ مليو آهيان، تڏهن به هو شاعريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو ڪري….” واقعي به هن شاعر ٿيڻ پئي چاهيو، شاعر ٿيو، ۽ پويان هن سموري سنڌ سان گڏ پنھنجي شاعريءَ کي به سوڳوار ڇڏيو آهي. شاعر لفظن کي ريجهائيندا آهن، ۽ لفظ شاعرن کي ريجهائيندا آهن، انهن درميان جيڪا لڪ لڪوٽيءَ جي راند هلندي آهي، سا راند جھڙي نموني حسن سان هلندي رهي، مان سوچيان ٿو ته ڄڻ لفظن کي ريجهائڻ وارو شاعر وڇڙي ويو آهي. مون کي لڳي ٿو ته جيئن استاد بسم الله خان جي موت کان پوءِ ان وانگر ڪير شھنائي نٿو وڄائي سگهي، تيئن حسن وٽ لفظن سان راند جو جيڪو هنر هو، ۽ ڊڪشن جو جيڪو آرٽ هو، سو ٻئي ڪنھن جي وس ڳالهه شايد ئي هجي. هن مون کي ٻڌايو هو ته ”مون شاعر ٿيڻ لاءِ درگاهه مشائخ ۾ دعا گهري هئي.“ ماڻهو درگاهن تي پٽ پنڻ لاءِ ويندا آهن، ۽ هيءُ انوکو ماڻهو هو، جنھن درگاهه تي وڃي شاعر ٿيڻ جي دعا گهري…. شاعر ٿيڻ جي دعا، سا به سنڌ ۾، جتي شاعريءَ جي وڏي ۾ وڏي موٽ ”واهه واهه“ کان اڳتي ڪجهه به ڪونهي. ان ديس ۾ ڪو ماڻهو ڪنھن درگاهه تي وڃي شاعر ٿيڻ جي دعا گهري ته اهو ماڻهو يقينن غير روايتي هوندو. پر اها دعا جھڙي نموني سان اگهامي، تنھن رڳو حسن درس کي ئي نه رڱيو، پر سموري سنڌي شاعريءَ کي رڱي ڇڏيو. هڪ غير روايتي ماڻهوءَ جي شاعري به غير روايتي هئي، پر هن جڏهن روايتي موضوع کنيا ته انهن کي به اهڙو رنگين بڻائي ڇڏيائين، جيئن عيد ڏهاڙي ٻارن جا ڪپڙا…..انيڪ رنگن وارا.

مالهي ويو آ ماني کائڻ،
تنهائي پئي ٿي باغ سنڀالي!
ڪيترو نه غير روايتي شعر آهي. سنڀال جو تصور سدائين ڪنھن ماڻهوءَ جي هجڻ سان آهي، پر حسن هتي تنهائيءَ کي باغ جي سنڀال لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، يا وري هن جون هي سٽون ته:
ٿڌ وسي ٿي واريءَ تي
ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو.
هو شروع کان شاعر هو، ۽ آخري دم تائين شاعر ئي رهيو. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي هئي، تڏهن حسن ستين درجي ۾ پڙهندو هو، ۽ هن ئي هن شاعريءَ جي شروعات ڪئي هئي، ۽ اهو لازوال شعر تخليق ڪيو ته، ”ڦاسيءَ جي جهولي ۾ هن کي ننڊ اچي وئي.“ جيڪو شعر پوءِ جيالن جي هر جلسي ۾ پڙهيو ويندو هو. شاعرن کي شعر لکڻ لاءِ رڳو زندگيون Motivate ناهن ڪنديون، پر ڪي اهڙا موت به شعر لکڻ لاءِ اتساهيندا آهن، جن موتن ۾ دراصل زندگي لڪل هوندي آهي. ڪيڏي نه اتفاق جي ڳالهه آهي، جو حسن شھيد ڀٽي جي موت تي به لازوال سٽون تخليق ڪيون، ۽ جڏهن محترمه بينظير جي شھادت ٿي هئي، تڏهن به هن انوکي شاعر هن کي جيڪا ڀيٽا ڏني، ان جو ڪو متبادل ٿي نٿو سگهي.
ادي هيءَ آجيان ڪھڙي
وئي جا موڪلاڻي ٿي!
هي اهڙي مصرع آهي، جنھن هڪڙي مصرع ۾ محترمه جي 18 هين آڪٽوبر آمد کان 27 ڊسمبر شھادت تائين جو ڄڻ ته سمورو منظر چٽجي وڃي ٿو. بينظير جي جيڪا آجيان ٿي هئي، سا ڄڻ ته موڪلاڻي ئي هئي، ۽ لڳي پيو ته هوءَ وطن وري ئي موڪلائڻ لاءِ هجي. پر ان ڪيفيت ۽ منظر کي حسن جھڙو ڪو شاعر ئي سمجهي سگهي ٿو. هو زندگيءَ سان ڀرپور شاعر هو، ۽ هن جي زندگيءَ شاعريءَ سان ڀرپور هئي. خيال هن جي ذهن جي ڊانس فلور تي حسينائن وانگر گڏ ٿيندا هئا، ۽ پوءِ اهي حسينائون حسن جي شاعريءَ ۾ تبديل ٿي وينديون هيون. اوهان حسن جو ڪو به شعر کڻي ڏسو، ان ۾ اوهان کي جيڪا جماليات ملندي، ان مان ئي اندازو هڻي سگهجي ٿو ته حَسن حُسن جي ڪيترو ويجهو هو.
اها سنڌ، جنھن کي حسن پرينءَ جو پاڇو ڪوٺيو هو، سا سنڌ ته ساڳي آهي، پر ان سنڌ ۾ اڄ حسن ڪونهي. سنڌ جون گهٽيون، روڊ رستا، حيدرآباد ۽ ان حيدرآباد جون هوائون هتي ئي رهجي ويون آهن، پر حسن ڪونهي، ۽ اهي هوائون حسن کي يقينن ڳولينديون، ان جي ئي شعر وانگر ته،
هيءَ هوا تنهنجي حسن جي هاڪ ۾،

غيرت جي آڙ ۾ عورتن خلاف ھلندڙ ظلم جو ڪاروبار
جڏهن انا، تڪبر ۽ جھالت انسان جي ذهن تي حاوي ٿي وڃن ٿا، تڏهن اهو ظلم کي “غيرت” جو نالو ڏئي، پاڻ کي درست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. حقيقت ۾ غيرت ڪڏهن به ظلم، قتل، جبر يا عورتن ۽ ٻارن جي استحصال جي اجازت نٿي ڏئي. اها رڳو هڪ بيمار ذهنيت هوندي آهي، جيڪا پنھنجي ڪمزورين، خوف ۽ ناڪامين کي “عزت” ۽ “غيرت” جي پردي پٺيان لڪائڻ چاهي ٿي.
اسان جي سماج ۾ غيرت جي نالي تي عورتن تي تشدد، قتل، ٻارن سان زيادتي، جنسي استحصال ۽ بي انصافيءٓ جا واقعا روز وڌي رهيا آهن. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪيترائي ڀيرا اهي ظلم ڪنھن اجنبي طرفان نه، پر پنھنجي ئي گهر ڀاتين، خاندانن ۽ برادرين جي ماڻهن طرفان ڪيا وڃن ٿا. ڀائر، چاچا، ماما، وڏيرا ۽ جرڳا ڪندڙ ماڻهو پاڻ کي “غيرتمند” ظاهر ڪن ٿا، پر حقيقت ۾ اهي پنھنجي طاقت ۽ سماجي اثر کي ڪمزور ماڻهن خلاف استعمال ڪن ٿا.
اهي ئي ماڻهو پنھنجن گهرن جي عورتن ۽ ٻارن کي بھتر تعليم، آزادي ۽ زندگيءَ جون سھولتون ڏين ٿا، پر ٻين جي ڌيئرن ۽ عورتن لاءِ سخت فيصلا ۽ پابنديون مقرر ڪن ٿا. اها ٻٽي سوچ سماج ۾ ناانصافي ۽ خوف کي جنم ڏئي ٿي.
جن ملڪن ۾ قانون تي سختيءَ سان عمل ٿئي ٿو، اتي ماڻهو قانون جي خوف سبب اهڙا ظلم ڪرڻ کان اڳ ڪيترائي ڀيرا سوچين ٿا. سخت سزائون ۽ انصاف جو مضبوط نظام سماج کي ڪنٽرول ۾ رکي ٿو. پر جتي قانون ڪمزور هجي، اتي ظالم ماڻهو پنھنجي انا ۽ تڪبر کي “غيرت” جو نالو ڏئي، بيگناهن تي ظلم ڪندا رهن ٿا.
اسان جي گهرن ۾ به ٻارن جي تربيت ۾ فرق رکيو وڃي ٿو. ڌيئرن لاءِ اخلاق، عزت ۽ فرمانبرداريءٓ جا سخت معيار رکيا وڃن ٿا، جڏهن ته پٽن کي آزادي ۽ برتريءَ جو احساس ڏياريو وڃي ٿو. نتيجي ۾ اهو ٻار وڏو ٿي پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ عقلمند، طاقتور ۽ حق تي سمجهڻ لڳي ٿو. پوءِ هو عورت جي هر اختلاف، انڪار يا آزاديءَ کي پنھنجي “غيرت” خلاف سمجهي تشدد ۽ ظلم جو رستو اختيار ڪري ٿو.

حقيقت ۾ غيرت انسانيت، احترام ۽ انصاف جو نالو آهي، نه ڪي قتل، جبر ۽ عورتن جي زندگين تي حاڪميت جو. جيڪڏهن سماج مان اهڙي ذهني بيماري ختم ڪرڻي آهي ته قانون کي مضبوط، سزائن کي سخت ۽ تعليم کي برابريءَ تي ٻڌل بڻائڻو پوندو.
رياست جي ذميواري آهي ته اها هر مظلوم جي حفاظت ڪري، ظلم ڪندڙ کي سخت سزا ڏئي، ۽ اهڙو سماج ٺاهي جتي ڪنھن کي به “غيرت” جي نالي تي انسانيت سان کيڏڻ جي اجازت نه هجي.

اڌوري رھجي وڃڻ جي ڪھاڻي
هر ماڻهوءَ جي هڪ ڪھاڻي هوندي آهي، پر اها ڪھاڻي هلندي ٻئي ماڻهوءَ سان آهي. ڪنھن به فرد جي ڪھاڻي ڪيڏي به خوبصورت هجي، پر اها بيٺل ٻئي ماڻهوءَ جي سھاري تي هوندي آهي. ڪير ڪيڏو به طاقتور ۽ خوشحال ڇو نه هجي، پر انهي جي ڪھاڻي ٻئي ماڻهوءَ وٽ قيد هوندي آهي. اھو قيد ڀلي کڻي ايذائيندڙ نه به هجي، پر ماڻهو ڳالهه جي معاملي ۾ ڄڻ وس ٻئي جي هوندو آهي.
جيئن ڪھاڻي شروع ڪرڻ لاءِ ٻئي سھاري جي ضرورت هوندي آهي، ائين ڪھاڻي ٻڌائڻ لاءِ به ٻيو ماڻهو گهربل هوندو آهي. ڪافي ڪھاڻيون ڀلي کڻي بندي جي چاهڻ کانسواءِ فطري تخليق ٿي وينديون هجن، پر انهن ڪھاڻين ۾ به ٻيو بندو ضرور شامل هوندو آهي، اهو بندو فطرت پنھنجي نظام سان کڻي ايندي آهي يا ڪھاڻي پنھنجي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ پاڻ سان گڏ آڻيندي آهي. اهو ته ڪھاڻي تخليق ڪرڻ وارا ئي ٻڌائي سگهن ٿا.
ڪو اهو به ضد ڪري سگهي ٿو ته هڪڙي ماڻهوءَ جي هڪڙي ڪھاڻي ڇو؟ هر ماڻهوءَ جون ڪئين ڪھاڻيون به ٿي سگهن ٿيون. ائين هوندو به آهي، پر اهي ڪھاڻيون به هونديون ٻئي ماڻهوءَ تي بيٺل آهي. ماڻهوءَ جي ڪھاڻي پنھنجي لاءِ ڪجهه به ناهي هوندي، ڪھاڻيءَ جو مطلب ئي آهي ٻئي ماڻهوءَ سان جڙيل ڳالهه. هڪڙو ماڻهو ڪئين ڪھاڻيون به ٿي سگهي ٿو ۽ هڪڙي ڪھاڻي هڪ کان وڌيڪ ماڻهن سان به جڙيل ٿي سگهي ٿي، پر هر ماڻهوءَ جي ڪھاڻي ٻئي ماڻهوءَ کانسواءِ اڌوري هوندي آهي. ڪھاڻي کي مڪمل ٻيو ماڻهو ئي ڪندو آهي.
هڪڙي ماڻهوءَ جي زندگيءَ مان ٻئي ماڻهوءَ جي نڪري وڃڻ سان ان جي ڪھاڻي نامڪمل رھجي ويندي آهي. ڪھاڻيءَ جي نامڪمل ٿي وڃڻ جو احساس تڏهن شديد ٿيندو آهي، جڏهن توهان جي پسند ناپسند ڄاڻڻ وارو ڪو قيمتي فرد توهان جي زندگيءَ مان نڪري ويندو آهي. زندگيءَ مان قيمتي ماڻهوءَ جي نڪري وڃڻ سان توهان جا لطيفا اڌورا ٿي پوندا آهن، انهن کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ وارو ڪو ئي ناهي رهندو. پسند جي موسيقي جي لذت ٻئي کي چکائڻ کان ماڻهو محروم ٿي ويندو آهي. توهان ڪتاب ۽ ليکڪ ڪھڙا پسند ڪندا آهيو، چانھه ۾ کنڊ ڪيتري وجهندا آهيو، برانڊ ڪھڙي ۽ پيڪ ڪيترا پيئندا آهيو، لباس ڪھڙو پائيندا آهيو، خوشبو ڪھڙي پسند ڪندا آهيو، اهو سڀ ڄاڻڻ وارو ماڻهو هليو وڃي ته باقي ساهه کڻڻ واري زندگي رهجي ويندي آهي. ڊگهي مدي وارن رشتن ۽ تعلقاتن ۾ ٻن ماڻهن جي ڪھاڻي ائين گڏوگڏ ۽ ويجهي هلندي آهي جو ٻنهي کان اهو وسري ويندو آهي ته ڪنھن جي ڪھاڻي ڪنھن وٽ وڌيڪ آهي. ان ڳالهه جو پتو تڏهن ئي پوندو آهي، جڏهن ٻنهي مان ڪو هڪڙو نڪري ويندو آهي، ڪھاڻي پوءِ آهستي آهستي محسوس ڪرائڻ شروع ڪندي آهي ته آئون اڌوري آهيان، منھنجو اهم حصو هليو ويو آهي.
پراڻن رشتن تي بيٺل ڪھاڻيءَ ۾ ڪئين موڙ هوندا آهن، ڪئين ڳالهيون هونديون آهن، جيڪي ڪردارن هڪ ٻئي سان ڪيون هونديون آهن يا ڪردارن جون هڪٻئي سان جڙيل هونديون آهن. اهي ڳالهيون بي معنيٰ ٿي وينديون آهن، انهن جي معنيٰ ۽ پسمنظر سمجهڻ لاءِ ساڳيو وقت ۽ ماحول نئين ماڻهوءَ سان جڙي ناهي سگهندو. بس ائين ڪھاڻي اڌوري ٿيو وڃي.
زندگيءَ مان جيڪڏهن لطيفو ٻڌائڻ ۽ ٻڌڻ وارو نڪري وڃي، ڪتاب ونڊڻ وارو نڪري وڃي، سٺي موسيقي ٻڌندڙ ۽ ونڊ ڪندڙ نڪري وڃي ته باقي زندگي رهي ئي ڪھڙي ٿي. هڪڙو ماڻهو دنيا مان ڇا ويندو آهي، پاڻ سان گڏ ڪئين ڪھاڻيون کڻي ويندو آهي. دنيا ڇڏيندڙ ماڻهوءَ لاءِ اڪثر سنڌيءَ ۾ چوندا آهن، مونکي اڌورو ڪري ويو… ان جو مقصد شايد اهو ئي آهي ته دنيا ۾ رهجي ويل جي ڪھاڻي جو اڌ ويندڙ کڻي ويو آهي

تعليمي نظام هيروز بجاءِ ٽِڪ ٽاڪر ڇو پيو پيدا ڪري؟!
هن وقت جڏهن دنيا هڪ گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي، ٽيڪنالاجي دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيا آهن، تڏهن به اسان علم، ڏاهپ، سائنس ۽ ترقيءَ جي دڳ تي هلڻ بجاءِ سماجي تحفظ، معاشي حقن، صنفي امتياز جي خاتمي، صحت ۽ طبي سھولتن جي حاصلات، قانون جي حڪمراني، وسيلن ۽ روزگار جي ڊوڙ ۽ بنيادي انساني مسئلن جي حل لاءِ وڙهي رهيا آهيون. اهڙن سمورن مسئلن سان گڏ سڀ کان اهم حق تعليم جو آهي، جيڪا ئي سموري ترقي ۽ اڳتي وڌڻ جو مک هٿيار آهي. بدقسمتيءَ سان اها به اسان لاءِ خواب بڻيل آهي. نسل رُلي رهيا آهن. لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. سرڪار وٽ انگن اکرن جي راند آهي، جيڪا اها هر ڀيري کيڏندي رهي ٿي. سرڪار جي مفت واري تعليم خود سرڪار جا نمائنده، سياستدان، بيوروڪريٽ ۽ استاد به پنھنجن ٻارن کي ڏيارڻ لاءِ تيار نه آهن. خانگي اسڪولن وٽ وري تعليم معنا پئسن ٺاهڻ جي مشين. مقصد ۽ معيار کان وانجهيل مھانگا خانگي اسڪول، پرائمري سطح کان ئي ٻارن جي تربيت بجاءِ انهن جي بگاڙ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا. بظاهر معياري تعليم جا دعويدار اهي ادارا، ٻارن جي شخصيت سازيءَ بجاءِ انهن جي شخصيت کي تباهه ڪري رهيا آهن.
خانگي اسڪول هڪ طرف مهانگين فين سان غريب طبقي کي لٽي رهيا آهن، ٻئي پاسي اڪثر اسڪولن جو معيار سرڪاري اسڪولن کان به خراب آهي. ٻار کي مھانگا ڪتاب، مھانگيون فيون، مھانگا ۽ بي معنا ڏينھن ملهرائيندڙ اسڪول هر ماءُ پيءُ کي چوندا ته ٻار کي ٽيوشن ضرور پڙهايو. جيڪڏهن ٽيوشن ئي پڙهائڻو آهي ته ٻار مھانگي اسڪول ۾ ڇو ٿو پڙهي؟ اڪثر ٽيوشن ڏيندڙ وري ٻار کي اسڪول جو ڪم ڪرائي، پئسا وصول ڪندا. ٻار جي تربيت يا بنيادي ڄاڻ ۾ اضافو وري به نه ٿيندو. وڏن ۽ نالي وارن اسڪولن کي ڇڏي، شھرن جي رهائشي علائقن ۾ موجود ننڍين ننڍين ٻه يا ٽي ماڙ عمارتن ۾ هلندڙ اسڪولن ۾، هوا ۽ روشنيءَ جي مناسب گذر جو بندوبست نه ملندو. گهُٽ ٻوسٽ وارن ڪمرن ۾، بنا ڪنھن راند جي ميدان، جهولن، وڻن يا ٻوٽن جي موجودگيءَ جي، فرضي انگلش نما ماحول ۾ ڪوڙي تعليم جو دوکو هلي رهيو آهي. اسڪولن جي اشتھارن ۾ ڪمپيوٽر ۽ سائنس ليب جو ذڪر هوندو، پر اسڪول ۾ بينچ به سڄي نه هوندي. روز ڪنھن نئين فرمائش جو وزن مائٽن تي وجهندي، اسڪول مھذب ڦرلٽ ڪري رهيا آهن. اهي ادارا هلائيندڙ بظاهر باشعور ماڻهو استادن کي جيڪا اجرت ڏين ٿا، سا ته کل جوڳي آهي ئي، پر استادن جي مقرري به بنا ڪنھن جانچ پڙتال جھڙوڪ: ٽيسٽ، انٽرويو، ڊگري، سکيا، اهليت، معيار ويندي ڊيمو جي به لتاڙ ٿئي ٿي. ڇا هڪ مئٽرڪ يا انٽر پڙهندڙ يا ڪاليج سائيڊ ڊگري ڪندڙ اميدوار ان جي اهل هوندو آهي ته ڇھن کان پندرھن هزارن تائين پگهار ڏئي، ٻارن جو مستقبل ان جي حوالي ڪري ڇڏجي؟. ننڍن اسڪولن ۾ ڊگري هولڊر جو ريٽ ڏھ هزار مقرر ڪيل آهي، جيڪو وري هڪ قسم جو ذهني استحصال آهي. ان صورت ۾ هڪ استاد جنھن جي ۽ شاگردن جي عمر ۾ ڪو وڏو فرق ناهي هوندو، جنھن جي پنھنجي سھپ جي سطح زيرو هجي، ڪلاس روم جو ڊسيپلين قائم رکي سگهندو؟ ڇا هڪ سيکڙاٽ ۽ تربيت کان وانجهيل استاد، سستي پگهار تي نصاب جي تسلي بخش سکيا ڏئي سگهندو؟ غير نصابي سرگرمين توڙي ٻار جي ڪردار سازيءَ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهندو؟ مزي جي ڳالهه ته سرڪار به خانگي اسڪولن جي استادن جي معيار جي جاچ جو ڪو نظام نٿي ٺاهي. وڏن شھرن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ استاد پاڻ به سنڌي ناهن. ڇا سرڪار اهو نٿي سمجهي، ته اهڙا استاد ڪھڙي سنڌي پڙهائيندا هوندا.

ٻئي پاسي سرڪار جو سمورو زور پنن ۾ پاليسيون ٺاهڻ تي آهي. سماجي حقيقتن، اسڪولن جي حالت، سھولتن، پاليسين جي نتيجن بابت سروي، اسڪولن جي هلڻ نه هلڻ بابت ڊيٽا ڪليڪشن، استادن جي اسڪولن کان غير حاضر رهڻ بابت ڪنھن سختيءَ سميت هڪ به پاسو اهڙو نه آهي، جيڪو سرڪاري اسڪول پلاءِ ڪشش پيدا ڪري. سرڪار اهو ڇو نٿي سوچي، ته جنھن سرڪاري اسڪول ۾ ميدان به آهي، وڻ به آهن، ڪلاس روم به آهن، ڪتاب به مفت آهن، پوءِ به مائٽ ٻار اتي ڇو نٿا داخل ڪرائن؟ ان جي ڀيٽ ۾ بيڪار ئي سھي، پر خانگي اسڪول طرف ڇو پيا وڃن؟ سبب اهو آهي ته جھڙي به جڳاڙي، وري به تعليم اتي ملي ٿي. ماڻهن ۾ اهو تاثر عام ٿي ويو آهي، جنھن کي ختم ڪرڻ ۽ ماڻهن جو اعتماد بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي فرض شناس استادن جو قدر ڪرڻو پوندو، ۽ اهڙا رول ماڊل اسڪول به ٺاهڻا پوندا، جتي مائٽ خانگي اسڪول مان ٻار ڪڍي، سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائين. هر ضلعي ۾ اهڙا ڏهه اسڪول به ٺھن، ته بيڪار خانگي اسڪولن جي تڏا ويڙهه شروع ٿي ويندي.
اي.سي.اي، بي.ايڊ، ايم.ايڊ ۽ سي.ٽي سکيا ڪورسز، استاد مقرر ڪرڻ کا اڳ ورتل ٽيسٽ، هارڊ ۽ سافٽ ايريا لاءِ پيدا ڪيل آسانيون، ايتريقدر جو ڊاڪٽر ۽ انجنئرز جون ماسترن طور ڀرتيون، اسپيسفڪ بجيٽس، اِي پورٽلز، بايو مئٽرڪ سسٽم، ۽ اهي سڀ مرحلا جيڪي سرڪاري نوڪريءَ جي حاصلات لاءِ ڪنھن به اميدوار جي اڌ عمر ڳڙڪائي ٿا وڃن، سي به نيٺ معياري تعليم ۽ معياري شاگرد پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ڇو ٿي رهيا آهن؟ سرڪار کي ان بابت سنجيدگيءَ سان ويچارڻ جي ضرورت آهي. هاڻي وري ٽيچنگ لائسنس جي شروعات ڪئي پئي وڃي، جيڪو يقينن مثبت عمل آهي. پر اهو لاڀائتو ڪيئن ٿيندو، اهو سرڪار لاءِ چئلينج ضرور آهي.
اي. آئي مطابق دنيا جي 193 ملڪن مان تعليمي لحاظ کان پاڪستان دنيا جي 157 يا 164 نمبر تي آهي ۽ ايجوڪيشن رينڪنگ ڪنٽريز 2026 مطابق 136 نمبر تي ۽ گلوبل ايجوڪيشن سروي مطابق 157 تي…
تعليمي استحصال ۽ ميرٽ جي لتاڙ جو اهم پاسو بورڊ جا امتحان ۽ انهن پويان هلندڙ واپار آهي. مقابلي جا امتحان ته هونئن ئي ان معاملي ۾ بدنام آهن. پئسا ڦينڪ تماشا ديک. شايد ان ڪري ئي اسان وٽ هيروز بجاءِ ٽِڪ ٽاڪرز پيدا ٿي رهيا آهن. سرڪار پاڻ سوچي، ته هوءَ جنھن تعليمي نظام تي ڀاڙي رهي آهي، ان جي نتيجي ۾ مستقبل جو وطن ڪن قابل، پڙهيل، سياسي ۽ معاشي معاملن کان واقف ۽ سنجيده نسل جي هٿن ۾ نه هوندو، بلڪ هر شعبو ۽ هر ادارو ٽِڪ ٽاڪرز ئي سنڀاليندا. نتيجا هر ڪو سمجهي سگهي ٿو.

ڪتابن جي عالمي ڏينھن تي پراڻن ڪتابن جا اسرار
آئون اڳي ڪنھن ٻئي ھٿ مان گذري آيل ڪتاب کڻان ٿو، جيڪو مون وٽ پراڻن ڪتابن جي ھڪ ويب سائيٽ جي ذريعي پھتو. ڪتاب جي پھرين اندرين صفحي تي اُنهيءَ ڪتاب جي اڳوڻي چاھيندڙ جي لاءِ جنم ڏينھن جي ھڪڙي ارپنا ملي ٿي.”ميٿيو لاءِ، آئون چاھيان ٿي تہ جڏھن ھوُ ھيءُ ڪتاب پڙھي تہ کيس ھر صفحي ۽ ھر سٽ تي منھنجي سار اچي. پيار وچان سوزن“. ڪتاب جي اندر ھڪڙو ھٿ جو ٺھيل بڪ مارڪ پيل آھي، جنھن جي شفاف پلاسٽڪ جي پنيءَ ۾ انتھائي نفاست سان مختلف قسمن جان پٓن محفوظ ٿيل آھن. پيلا، ساوا، ناسي، گلابي پٓن. خبر ناھي سوزن ۽ ميٿيو ڪير ھئا؟ شايد اھي ھڪ ٻئي سان پيار ڪندا ھئا. شايد اھو بڪ مارڪ سوزن جو ٺاھيل ھئو ۽ اُنهيءَ ۾ پيل پٓن سندن ڪنھن ياد سان جڙيل ھئا. اُنهيءَ اڳ واپرايل ڪتاب مونکي اُن جي ليکڪ جي تہ واقفيت ڪرائي، پر ان سان گڏ ٻن ٻين فردن سان بہ ملاقات ڪرائي، جيڪي انهي ڪتاب سان لاڳاپيل ھئا ۽ جن جي پيار جو ھڪڙو اظھار انھيءَ ڪتاب سان بہ جڙيل ھو.

نون ڪتابن جو پنھنجو نشو ھوندو آھي. ان جي اجرن ڪنوارن صفحن جي لمس ۾ محبوب کي پھريون ڀيرو ڇُھڻ جھڙو لطف ھوندو آھي.  مان ايندڙ تازي ڇپائي جي خوشبو ڪنھن اھڙي ڦوھ جوان ناري جي سڳنڌ جھڙي ھوندي آھي جنھن جي اکين ۾ تازا مجاز جا الماس جرڪندا ھجن. انھن جي ڳنڍيل صفحن کي نزاڪت سان الڳ ڪرڻ وقت ايندڙ آواز ۾ ڪنھن جي پيار مان ڪيل سُس پُس جھڙي سرشاري ملندي آھي. پر پراڻن ڪتابن جا پنھنجا اسرار ھوندا آھن. جيڪي  پراڻي شراب جي سرور، ميچيوئر عورت سان عشق يا  پراڻن دوستن سان ڪچھريءَ جھڙا ھوندا آھن.

پُراڻي، واپرايل ۽ پھرين بہ چاھيل ڪتاب ۾ رڳو پڙھندڙ ۽ ليکڪ جو تعلق نہ ھوندو آھي. انھيءَ تعلق ۾ ھڪ ٽيون شخص بہ ھوندو. اُنهيءَ ڪتاب ۾ رڳو ليکڪ جي دلين جي ديارن جا داستان نہ ھوندا آھن، پر ان ۾ ڪتاب جي اڳوڻي چاھيندڙ جي حياتيءَ جا قصا بہ درج ٿيل ھوندا آھن. (ھا، ڪتاب جا مالڪ نہ ھوندا آھن ڪتاب جا رڳو چاھيندڙ ھوندا آھن.)  اھڙن ڪتابن ۾ مواد کانسواءِ ٻيون بہ گهڻيون شيون ھونديون آھن، جيڪي نون ڪتابن ۾ نہ ملنديون آھن ۽ سي ھونديون آھن: ڪنھن تعلق جي ياد، ڪنھن ٻئي جي وجود جي سار، ڪنھن ٻي حياتيءَ جا اولڙا. انھن ڪتابن جي ذريعي توھان پاڻ کي ڪنھن ٻئي فرد سان جڙيل محسوس ڪندا آھيو، جنھن توھان کان اڳ اُنهيءَ ڪتاب جي صفحن کي ورايو ھو. جنھن جي بہ دل شايد انهن ساڳين لفظن تي زور سان ڌڙڪي ھوندي، جن لفظن توھان جي وجود ۾ وجد اوتيو ھو. جنھن بہ اُنهيءَ ڪتاب جي ڪنھن ڪردار ۾ پنھنجو اولڙو ڏٺو ھوندو، جنھن ڪردار کي توھان بہ پاڻ جھڙو ڀاسيو ھو. جنھن بہ توھان وانگي ئي شايد ڪتاب کي ٿوريءَ دير لاءِ بند ڪري پولارن ڏي نھاريو ھوندو ۽ پنھنجي ڪنھن ماضيءَ جي واقعي کي ساريو ھوندو.

ٻئي وٽان آيل ڪنھن پراڻي ڪتاب جو جُلد ممڪن آھي تہ وقت جي دز جي ڪري ڌُنڌارو ٿي ويو ھجي. گهڻو ڪري انھيءَ جا پنا وِھانءَ کانپوءِ ھلڪي ٿي ويل مينديءَ وانگر پيلا ھوندا آھن. انھن جي يادگيري لاءِ موڙيل ۽ سنوان ڪيل صفحن تي ڪنھن ڪُراڙي جي پيشانيءَ جيان گهُنج ھوندا آھن. انهن جي ورقن تي ڀرجي ويل زخمن جيان مختلف نشان ھوندا آھن. ان جي جملن ھيٺان چيڪي مِٽيءَ ۾  مسافرن جي رھجي ويل قدم جيان  ليڪيل سٽون ھونديون آھن.  پر اھي مٿان ورايل صفحا، اھي  نشان، اھي پيلا پنا ۽ اھي نشانبر جملا ئي ڪتاب سان محبت جا اھڃاڻ آھن. اُھي وريل صفحا ٻڌائيندا آهن تہ پڙھندڙ جو ڪتاب سان ڪو اٻھرو ۽ تڪڙو تعلق نہ ھو، پر سندن تعلق ڪيترن ئي ويھڪن تي مشتمل ھو. ڪتاب جون ھيٺان ليڪيل سٽون ٻڌائينديون آھن تہ پڙھندڙ ڪھڙي ڪيفيتن مان گذريون ھو. ڪھڙين سٽن سندس اندر ۾ لڪل پيڙائن کي نروار ڪيو. ڪھڙي ڳالھہ ھُن جي اکين کي ڀڄائي ويندي ھئي. ڪھڙو لفظ ھُن جي محبت کي پڌرو ڪندو ھو.

انھن ڪتابن ۾ رڳو اھي ھيٺيان ليڪيل سٽون ئي نہ ھونديون آھن، پر ڪتاب جي حاشين ۾، اُنهيءَ پڙھندڙ، ڪتاب جي موضوع جي حوالي سان پنھنجا مشاھدا، تجربا، احساس، اتفاق، تعريفون، تنقيدون ۽   پنھنجا رايا بہ درج ڪيا ھوندا آھن. اھي حاشيا بہ ڪتاب جي سونھن ۽ سمجهه کي اڃا ويجھائيندا آھن. اھا حاشين ۾ نہ رڳو ڪتاب جي مواد جي باري ۾ تنقيدي ۽ تشريحي راءِ ھوندي آھي، پر اُھي پنھنجي جوھر ۾ بہ علم ۽ احساسن جو گنج ھوندا آھن. انھن حاشين ۾ ڪڏھن ڪڏھن اُنهيءَ اڳوڻي پڙھندڙ جي دل جون ڳالهيون، ڪي ذاتي ڏک، ڪي لڪل احساس بہ درج ٿيل ھوندا آھن، جيڪي انهيءٓ ڪتاب جي ڪنھن سٽ انهن جي اندر جي اونداھي غفائن مان ٻاھر ڪڍي ڪتاب جي اجرن پنن تي اُپٽايا ھوندا آھن . ڪنھن مھل تہ انھن حاشين کي پڙھڻ جو لطف اصلوڪي ڪتاب کان بہ وڌيڪ ھوندو آھي. اُھي حاشيا اسان کي پڙھڻ واري جي شخصيت، علم، ڄاڻ، احساس، ڪيفيتن ۽ گھري سُڌ جي پروڙ ڏيندا آھن.

انھن پراڻن اڳ چاھيل ڪتابن مان ملندڙ گلن جون سُڪل مکڙيون، ٽرين يا جھاز جون ٽڪٽيون، گهر جي سامان جي لسٽ، خريداري جي رسيد، ڪنھن جو ڏنل ڪارڊ، ڪنھن کي نہ موڪلي سگهيل پيغام، نئين سال جا پيمان، يادگيرو رکڻ لاءِ لکيل ڪا پرچي، رکي ۽ وساري ڇڏيل ڪاڳر….. اھي سڀ اُنهيءَ جي اڳوڻي چاھيندڙ جي زندگيءَ جو ڪو قصو ٻڌائين ٿا. ڪتابن مان ملندڙ اھي شيون انهن جي سفرن، محبتن، مزاجن، واعدن، محبتن، ڪيفيتن جون ساکي آھن.

پر پراڻن ڪتابن جي ھٽن، رديءَ وارن جي گاڏن، آچر ڏينھن تي لڳندڙ  فٽ پاٿ جي پراڻن ڪتابن جي پِڙين، ناياب ڪتابن جي ويبسائيٽن ۽ اڇلايل ڪچري جي ڍيرن تان ملندڙ ڪتاب ڪي ٻيا قصا بہ ٻڌائيندا آھن. اھي قصا تاريخ جي قضين، زندگيءَ جي لاھن چاڙھن، ٽٽل رشتن، بي قدر اولادن، بي حس دوستن ۽ بي وفا محبوبن جا ھوندا آھن. ڪنھن جي تہ بي وفائي ھئي، جو پيار سان ڏنل ڪتاب ۽ ان ۾ موجود بڪ مارڪ پنھنجي زندگيءَ مان ڪڍي اڇلايا ويا. اھا بي حسي تہ آھي جو ڪنھن وڏي ليکڪ يا ڪنھن طاقتور ماڻهوءَ کي پاٻوھ مان ڏنل نون ليکڪن جا ڪتاب بنان پڙھڻ جي تور جي حساب سان رديءَ ۾ ويندا آھن. اُھو بي قدر اولاد تہ ھوندو آھي جو پنھنجي والدين جي ورھين سان سانڍيل ڪتابن کي انهن جي قبر جي مٽي سڪڻ کان اڳ ئي اڇلائي ڇڏيندو آھي. اھي تاريخ جا قضيا ئي آھن جو جنگين، لڏپلاڻن ۽ ورھاڱن ۾ اجڙندڙ ماڻهن جا ڪتب خانا ڪچرن ۾ اڇلايا ويندا آھن. اُھي معاشي مسئلا ءُ زندگيءَ جا لاھا چاڙھا ھوندا آھن جو اولاد جيان پيارن ڪتابن کي پاڻ کان الڳ ڪرڻو پوندو آھي. اھي ٻين ھٿن مان گذريل، اھي واپرايل، اھي اڳ چاھيل ڪتاب اسان کي اھو بہ احساس ڏيارين ٿا تہ شايد اسان جي وڃڻ کانپوءِ اسان جا ڪتاب بہ ايئن ئي فٽ پاٿن تي ھوندا. ڪو ٻيو اسان جا پڙھيل، اسان جي نشانبر، اسان جي چاھيل ڪتابن کي دڪاندار سان اگهه تي بحث ڪري خريد ڪندو. جڏھن اھو ڪتاب کوليندو تہ اسان جي وجود کي وري ياد جي مختصر حياتي ملندي. اسان جي حياتي بہ انهن جي حياتين کي ڇُھندي.

”ڪروڌ“ جي دنيا
”گرانٽا“ رسالي جي 174 هين شماري ۾ فرينچ-آمريڪي آرٽسٽ ۽ ليکڪا لوئي بورخيس Louise Bourgeois جا ننڍپڻ ۾ آرٽ جي انداز ۾ پنن تي لکيل ڪجهه ننڍڙا ليک Psychoanalytic Writings واري حصي ۾ ڇپيا آهن. انهن ليکن ۾ سندس سوچ جي نفسياتي تبديلين، پنھنجي ڪيل ڳالهه کي رد ۽ وري ساڳيءَ ڳالهه تي اچي بيھڻ جھڙيون مختصر لکتون آهن. ڪجهه ته ڏاڍيون فلسفياڻيون آهن، جيئن When I do not ‘attack’ I do not feel myself aliveيا وري I feel threatened so I act threatened جھڙيون سٽون شامل آهن. اڳتي هلي لوئي ڪيترا ئي نفسياتي مضمون لکيا هئا. سندس بنيادي نفسياتي محور ان ڳالهه تي آهي ته ڪيئن ماڻهو پنھنجي اندر ۾ بدلاءُ سان وڙهي رهيو هوندو آهي.

مون کي وري اسان جي ادب ۽ فن جي تاڃي پيٽي سان سندس انهن لکڻين جو جوڙ محسوس ٿيو ۽ پاڻ تي لاڳو ڪندي، هن وقت سنڌ جي ادب ۽ فن جي دنيا ۾ موجود ڪِروڌ جي عنصر تي ڪجهه گھرائيءَ سان سوچيم ۽ ان بنياد تي ڪي نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيم.

سنڌ ۾ هن وقت ادبي پروگرامن جو گهڻو محور ادبي ميلا/فيسٽيول آهن يا وري ڪي انفرادي طور ٿيندڙ پروگرام آهن. ڪجهه وقت کان انهن پروگرامن تي ”ڪجهه فرد“، جن ۾ اديب يا وري سوشل ڪامينٽريٽر شامل آهن، شديد تنقيد ڪندي نظر اچن ٿا. مثال طور پروگرامن يا سيشنن ۾ شامل ٿيندڙ شخصيتن بابت اها عام راءِ سامهون ايندي آهي ته:

ساڳيا ماڻهو ويھاريا وڃن ٿا.

پروگرام ۾ ڪرسيون خالي پيون آهن.

نوجوانن کي موقعو نه ٿو ملي.

سرڪاري اديب آهن.

پيسن لاءِ پروگرام ڪيا اٿن.

اداري کي چنبڙيو پيو آهي…..

۽ اهڙيون ٻيون ڪيئي ڳالهيون بحث هيٺ پيون اينديون آهن. ڏٺو وڃي ته اهو اڻ سڌيءَ طرح هڪ قسم جو ڪلب بڻجي وڃي ٿو، جيڪو رڳو پاڻ کي ”عقل ڪُل“ سمجهي ٿو ۽ پوءِ هڪ ليول تي اچي جڏهن اهو شدت اختيار ڪري ٿو؛ ته ان مان هڪ ”ڪروڌي ڪلب“ جي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿو. اهڙيون ڳالهيون ڪندڙن ۾ ڪي ”اصول پسند“ به ٿي سگهن ٿا. ڪنھن چواڻي ته انهن مان وري ڪن کي پنھنجي ”پيٽ جو سُور“ به هوندو آهي. ممڪن آهي اهو درست به هجي ۽ ساڻن زيادتي به ٿي رهي هجي، پر اهي پنھنجي ڳالهه ڪرڻ بجاءِ ان کي ’اجتماعيت‘ ۾ کڻي ڳالهائن ٿا. هاڻ نُڪتي وار انهن جو مختصر ڇيد ڪريون ٿا:

جڏهن اهڙا ڪي ساڳيا ماڻهو ويھارڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ته اڪثر ماڻهن جو ان مان مطلب کين نظر انداز ڪرڻ هوندو آهي ۽ جڏهن پاڻ پروگرام ۾ شامل ٿي ويندا آهن ته پوءِ ڳالهه ختم ٿي ويندي آهي. هونئن ڏٺو وڃي ته پروگرامن ۾ موقعا سڀ کي ملندا آهن، پر باصلاحيت ئي اڳتي نڪري ايندا آهن ۽ پوءِ اهي ئي ٻُڌا ويندا آهن. وري مزي جي ڳالهه اها آهي ته جيڪي ’سوال اٿاريندڙ‘ هوندا آهن، اهي جڏهن پاڻ پروگرام ڪندا آهن ته انهن کي گهرائيندا آهن، جن تي اهي ٻين جي پروگرامن ۾ شموليت تي اعتراض ڪندا رهندا آهن.

ڪيترن ئي پروگرامن يا فيسٽولس جي سيشنن ۾ ڪرسيون خالي هجڻ بابت به طعنا ٻڌڻ ۾ ملندا آهن ۽ اهي سوال اٿاريندڙ به ڪي  ساڳي ”ڪروڌي ڪلب“ وارا هوندا آهن ۽ ڪي وري ان تي علمي انداز ۾ سوال اٿاريندا آهن ۽ ان جي اپٽار به علمي ۽ ادبي انداز ۾ ڪندا آهن. مزي جي ڳالهه ته اهي جڏهن پاڻ پروگرام ڪندا آهن ته ان ۾ به ڪرسيون خالي نظر اينديون آهن. پوءِ ڪجهه وقت خاموش رهندا آهن.

نوجوانن کي موقعو نه ملڻ جي ڳالهه به اڪثر اهي ڪندا آهن، جن جو خيال هوندو آهي ته کين پروگرام ۾ نظرانداز ڪيو ٿو وڃي، پر پنھنجن پروگرامن ۾ ورلي ئي نوجوان گهرائيندا آهن. هن سوال جو سڌو جواب صلاحيت آهي. دنيا ۾ ڪٿي به ادبي ۽ فني ڪٿ عمر سان ناهي ڪئي ويندي، ۽ نه ئي پيڙهي وڇوٽي جي بنياد تي چونڊ ڪئي ويندي آهي. سادو فارمولو هوندو آهي ته باصلاحيت هجي ۽ جنھن موضوع يا شعبي بابت پروگرام آهي، ان تي کيس دسترس هجي. صلاحيت آڏو ڊگري بي معنا بڻجي ويندي آهي.

مختلف اديبن کي ”سرڪاري اديب“ جو طعنو ڏيندڙ اهو ناهن ٻڌائي سگهيا ته اهي ڪنھن کي اهو لقب ’عنايت‘ ڪن پيا. جيڪڏهن سرڪاري نوڪري ڪندڙ کي سرڪاري اديب چون ٿا ته اها شڪايت ڪندڙن جي اڪثريت پاڻ به ڪندي آهي. مراعتون به حاصل ڪندي آهي. ڪي ته گهر ويٺي پگهارون کڻندا آهن. سرڪاري پروگرامن ۾ به شريڪ هوندا آهن. مون کي ته ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به اهڙا نه سُجهن، جيڪي صفا ڪي ’انقلابي‘ هجن ۽ ٺپ جواب ڏين. مون ذاتي تجربو ڪيو آهي ته اهڙو بيانيو پيش ڪندڙ موقعو ملڻ تي ’اصولن‘ کي به وساري ويھندا آهن. سو سرڪاري اديب دراصل هڪ ’ٺپو‘ آهي، جيڪو پنھنجي داخلا لاءِ کيسي ۾ موجود رهي ٿو. سرڪار سان ويجهڙائپ رکندڙ هڪ ”ادبي لڏو“ ضرور هوندو آهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اهو ڪو سندن ڊڪٽيشن تي هلندو هجي. دنيا ۾ سياسي پارٽين سان لاڳاپيل اديب هوندا آهن ۽ پوءِ اها پارٽي اقتدار ۾ اچي وڃي ٿي ته اهي اديب يقيني طور پنھنجي پارٽي ڏانهن ئي لاڙو رکندا، ان ڪري جيڪڏهن سڌو انهن جا نالا کڻي اهو بيانيو پيش ڪيو ويندو ته پوءِ اها ڳالهه ڪنھن حد تائين منطقي سمجهي ويندي. باقي جنرلائيز ڪرڻ سان معاملو نفسياتي ذمري ۾ ايندو. اهو به ٿيندو آهي ته سرڪار ۾ آيل پارٽيءَ جو اديب به ”با اصول“ هوندو آهي. يا ڪنھن به سياسي پارٽي سان لاڳاپو عيب ناهي. ان ڪري ”ٺپي بازي“ ۽ ”سرٽيفڪيٽ ورهائڻ“ واري ادبي گروهن واري لڏي کي ڪنھن جي به ٿورين ڪمزورين ۽ غلطين جو انتظار هوندو آهي.

پيسن لاءِ پروگرام ڪرائڻ واري ڳالهه ڪجهه ماڻهن جي حوالي سان درست ٿي سگهي ٿي. پر دنيا ۾ ايونٽ مينجمنٽ جا پيسا ورتا ويندا آهن. شموليت جو معاوضو ڏنو به ويندو آهي ۽ ورتو به ويندو آهي. البته پئسا مڪمل کائي وڃجن، اها ڪرپشن آهي. هڪڙو دور هيو، جڏهن پروگرام رضاڪاراڻي طور ڪيا ويندا هئا. چندو ڪري ادبي ۽ ثقافتي پروگرام ڪرايا ويندا هئا، پر دنيا ۾ جڏهن کان ڪمرشلزم ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر آيو آهي، ان ”معاوضي واري جذبي“ کي وڌائي ڇڏيو آهي. ڇو ته معاشي بارن سبب ادب ۽ فن وٽ پروفيشنلزم سان سلھاڙجي وڃڻ اوس ضروري ٿي پيو آهي.

”اداري کي چنبڙيو پيو آهي“ جھڙو واڪا ڪندڙ سوال انتھائي اهم آهي. البته اهو ضرور ڏسجي ته اهو سوال اٿاريندڙ ڪير آهي ۽ ان سوال پٺيان سندس نيت ڪھڙي آهي؟

عام طور ڏٺو وڃي ته اهو سوال نيڪ نيتيءَ سان ادارن جي بھتريءَ لاءِ اٿاريو ويندو آهي. ڇو ته ادب ۽ فن جي ادارن جا ڪي ڪرتا ڌرتا اهڙا هوندا آهن، جيڪي ان کي ياعمر چنبڙيل هوندا آهن. ڪي اهڙا هوندا آهن جيڪي مسلسل ڪم ڪري اداري جي مجبوري بڻجي ويندا آهن ۽ ڪي وري ادارن کي ختم ۽ تباهه ڪرڻ لاءِ ايندا آهن. پر اسان وٽ اهو سوال اهي اٿارين ٿا، جيڪي ادارن جي حقيقتن کان آگاهه ناهن هوندا ۽ ٻُڌ سڌ تي ڪاهي پوندا آهن. ڪي وري سرڪاري ملازم به ان ڪروڌ ۾ ورتل هوندا آهن، جڏهن ته اهي به ڪنھن اداري ۾ 60 سالن جي عمر تائين 25 سالن کان مٿي نوڪري ڪري رهيا هوندا آهن، ڇا ان کي چنبڙڻ چئبو؟. ان ڪري ادارن ۾ ماڻهن جي ميرٽ تي موجودگي هجڻ گهرجي. جڏهن ته چونڊ عمل وسيلي ادارن جي ٿيندڙ سربراهن بابت سوال اٿارڻ جو مطلب اهو به ٿي سگهي ٿو ته انهن اڪثريتي ماڻهن جي فيصلي کي غلط چيو ويو، جيڪي ان کي چونڊين ٿا.

اصل ۾ اهي معاملا جتي ڪجهه ’اصولي‘ آهن ته اتي اڪثريتي ’ڪروڌي‘ آهن. ان کي عام طور هڪ نفسياتي معاملو به چئي سگهجي ٿو، جيڪو فرض ڪيو ته مون جيان هر وقت ڪروڌ ۾ رهي، ان کي “Chronic Anger” چيو ويندو آهي. يا وري “Oppositional / Argumentative Behavior”چيو ويندو آهي. انهن جي ڪارڻن ۽ علامتن کي ڏسڻو هجي ته ’اهڙن‘ ماڻهن سان ڪجهه وقت گذاري ڏسو…..!!

اهڙي ڳالهه جيڪا اهي ڪندا آهن يا سوچيندا آهن، ڪو ٻيو ڪري وجهي ته ان مٿان ڪاوڙجي پوندا. اهڙا ماڻهو جيڪي ڪالهه تائين هڪ ٻئي جي خلاف هوندا آهن، پٽڪن کي ڌوڙ ڪندا آهن، جڏهن ”ڪروڌي ڪلب“ اندر داخل ٿي گڏبا آهن ته هڪ ٻئي جا پڳ مٽ يار ٿي ويندا آهن…!