بڪ شيلف – Sarangaa

ٻيا ڏينھن
ارشد وحيد جو انگريزيءَ ۾لکيل ناول other Days ، جنھن جي ادبي اھميت کي نظر ۾ رکندي کيس پطرس بخاري ايوارڊ ملي چڪو آهي، تنھن جو سنڌي ترجمو ”ٻيا ڏينھن“ جي نالي سان سنڌ جي ناليواري سينئر صحافي، اديب، ليکڪ ۽ محقق محترم نصير اعجاز اهڙيءَ ته ادبي ڄاڻ، فن ۽ ڏاهپ سان ڪيو آهي، جو پڙهندڙ لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏٰکيو ٿي پيو آهي ته هيءُ ناول نصير اعجاز جو لکيل آهي، يا ترجمو ڪيل آهي.
ناول نگار کي جيڪي ذاتي طرح سڃاڻن ٿا، انهن کي خبر آهي ته ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ترقي پسند نظرياتي سوچ رکندڙ ۽ رجعت پرست عقيدي پسندن جي ويڙھ عروج تي هئي ته ان وقت ليکڪ به عملي طرح ان جدوجھد سان سلھاڙيل هو.
ترقي پسند پھريون ڀيرو زيرزمين سرگرمين سان گڏوگڏ ٿورو منھن ٻاهر ڪڍي ظاهر ٿيا. جيتوڻيڪ ڳجهي پارٽي مرڻ گهڙي تائين حجاب جي پردي ۾ رهي. ڪامريڊ، شاگردن، مل مزدورن، اديبن، دانشورن، مڊل ڪلاس جي ننڍن ننڍن ملازم مسڪين پورھيتن جي مطالبن جي کليل پٺڀرائي ڪئي ۽ مارشل لا کي به للڪاريو. جلسا جلوس ڪڍيا، قيد بند به ڪاٽيا ۽ سياسي پارٽين ۾ گس جا ڪامريڊ جو ڪردار به ادا ڪيو. هارين ۽ ڪسانن، مزدورن جون ڪميٽيون وڏي بھادريءَ سان وڏيرن، چوڌرين ۽ مل مالڪن سان ڪامريڊن جي گس جا پاليسي کان گهڻو اڳ هارين، مزدورن ۽ ڪسانن جون جدوجھدون هلندڙ هيون.
ترقي پسند اڳواڻن توڙي سندن جاءِ نشينن ۾ هزار خوبيون هونديون، پر ٻه ٽي اڻوڻندڙ اهڙيون عادتون ۽ علتون هونديون هيون، جن مان مرڻ گهڙي تائين جان ڇڏائي نه سگهيا. نتيجي ۾ انهن عادتن ۽ علتن کين مقبول عوامي ليڊر جي درجي تي پھچڻ کان محروم رکيو. اهوئي سبب آهي جو انقلابي نظريه ۽ عقيدي پرستن جي ڪيل ويڙهه مان نئين نسل کي جيترو فائدو گهربل هو، ان کان وڌيڪ مايوسي، نراسائي ۽ نقصان پھتو. اهي هاڻ ”سُرخ ۽ سبز هئي ايشيا“ وارن جون پارٽيون، ڪميٽيون ۽ شڪست کاڌل مغل بادشاهن جي اولادن جيان وڏن جي ماضيءَ جي ڪارنامن، ڪتابن، تقريرن جا پوسٽر کڻيو پيا ماڻهن کي منجهائين.
ليکڪ ارشد وحيد جو ڪمال اهو آهي جو نه ڪنھن جو نالو کڻي ٿو، نه ڪنھن جي ڪردارڪشي يا ساراه ڪري ٿو. نه تنقيد، نه تبصرو، نه نتيجو، نه وري پنھنجو رايو پيش ٿو ڪري. ارشد وحيد ستر واري ڏهاڪي ۾ ايشيا سُرخ آهي يا ايشيا سبز آهي جي حقيقت جي اهڙي معصوميت سان منظر نگاري ۽ تصويرڪشي ڪئي، جو شايد سمجهندو هوندو ته مون ته ڪنھن جي لاءِ ڪجهه ڪونه چيو آهي- مگر هو پنھنجيءَ ڄاڻ ۽ يادگيريءَ جي آڌار تي اهڙو آئينو ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، جنھن ۾ سرخ توڙي سبز انقلاب وارن کي پنھنجي پنھنجي شڪل ۽ پنھنجا پنھنجا پرڪار چٽا نظر ايندا.
انقلابي اڳواڻ توڙي انهن جا جاءِ نشين پنھنجن نظرياتي ڪلاسن تقريرن تحريرن ۾ جيڪو ٿلهي ليکي سبق ڏين ٿا، ان جا ڪجهه نُڪتا مختلف ڪردارن وٽان ليکڪ چوِرايا آهن.

هو نئين تھذيب جو حصو هوندا. ‏

سياسي سماجي ۽ نسلي فرق جي خلاف هوندا.

نئون تعلق جوڙڻ جي همت ڪندڙن ۾ پراڻا لاڳاپا ختم ڪرڻ جي همت به هجڻ گهرجي. منجهيل سوچ رکندڙ ٻنهين رشتن کان ويندا.

جيڪي ماڻهو نئين دنيا قائم ڪرڻ چاهن ٿا، انهن کي پوئتي مڙي ڏسڻ نه گهرجي.

توهانجي زندگيءَ ۾ پيار کڻي ڪيترو اهميت وارو هجي، پر اوهان رڳو هڪ رشتي سان پاڻ کي ڳنڍي نٿا رکي سگهو. ٻيا به کوڙ لاڳاپا آهن.

ڊپ ڪنھن کي به سندس پسند جي واٽ ڳولڻ نه ٿو ڏئي، جنھن جي خلاف اوهان بغاوت ڪندا.

غيرمنظم هجڻ ۽ پنھنجي خواهش جو غلام هجڻ اوهان کي معذور بڻائي ڇڏيندو.
ناول ۾ ساره هڪ اهڙو ڪردار ڏيکاريو ويو آهي، جنھن مٿيان اصول ٻڌي، دل سان قبول ڪري، هر حالت ۾ عمل ڪرڻ جو پڪو پھه ڪيو. داؤد جيڪو پارٽيءَ ۾ گرو واري حيثيت رکندو هو، ساره ان کان بيحد متاثر هئي. داؤد سان گڏ گڏ هوندي هئي. ماڌو لال حسين جي ميلي ۾ داؤد سان گڏ ڀنگ جو چُڪو پي، وڌيڪ چري ٿي ۽ داؤد جي پويان پويان ڇوڪرن جي هاسٽل ۾ وارڊن جي ڪمري ۾ اڪيلي داؤد سان ڪچھري ڪندي هئي. ايشيا سبز وارن کيس پڪڙي ڏاڍي مار ڪٽ ڪئي ۽ داؤد جا ته هَڏ گُڏ ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيائون. داؤد ۽ ساره جي واهر لاءِ ڪير به ڪونه آيو. داؤد جو علاج مائٽن ڪرايو ۽ چاڪ ٿيڻ کان پو‏‏ءِ فرمانبردار ٻار جيان ساره کان بنا موڪلائڻ جي لنڊن هليو ويو. ساره کي مائٽ وٺڻ آيا ته هن انڪار ڪري ڇڏيو. ڳوٺان مائٽن مني آرڊر موڪليو، اهو به واپس ڪري ڇڏيائين. مائٽ به ويا، گرو به هليو ويو.
ساره پوءِ به همت نه هاري. ساره سان ڏک ونڊڻ جي بھاني ظفر انکي ويجهو ٿيو. پوءِ ان سان ميل ميلاپ وڌيو. گڏجي وائن شراب پيئندا هئا. ظفر پارٽيءَ ۾ داؤد کان پوءِ سينيئر ڪارڪن هو. ظفر شاگردن، دانشورن، اديبن، مزدورن ۽ هارين کي منظم ڪندو هو. ساره ظفر سان گڏ شراب به پيئندي هئي. ٻنهي ڪارڪنن جي حالت ڏسي، پارٽي جي استاد کين مشورو ڏنو ته هاڻ پنھنجي زندگيءَ کي ڪنھن ضابطي ۾ آڻيو . ساره چيو ته آئون شاديءَ لاءِ تيار آهيان، پر ظفر لنوائي ويو. جڏهن ساره پيٽ سان ٿي ته پوءِ ظفر ساڻس شادي ڪئي. ڇوڪري ڄائي. ساره ان جو نالو سامي رکيو، ظفر بدلجي ويو. گارگند، طعنا، مھڻا ڏيڻ لڳو ته سامي الائي ڪنھن مان آهي. نتيجو طلاق تي پھتو.
سائره جو ڪو به اوهي واهي نه رهيو. ڪيڏانھن وڃي. بئنڪ مان لنڊن برانچ ۾ سندس بدلي ٿي. هوءَ ڏاڍي خوش ٿي ته ساميءَ جي پرورش نئين ماحول ۾ ڪندي، پر واه قسمت! ساره لنڊن ۾ جنھن عورت وٽ ساميءَ کي سنڀالڻ جي ذميواري ڏني، اها به انقلاب سبز هي وارن جي ڪارڪن هئي، جنھن ساميءَ جي اهڙي تربيت ڪئي، جو هوءَ پنھنجيءَ ماءُ کان نفرت ڪرڻ لڳي ۽ بالغ ٿيڻ کان پوءِ جھادين سان رابطا قائم ڪيا. اهڙيءَ ريت الائي ڪيتريون سارائون
اياز جي بقول:
ڪنڌيءَ ٽٽل ڪانھَن کي، ڪھڙو هيرَ هڳاءُ…
ساڳيو حال ايشيا سبز وارن جو هو. بانو تعليم وٺڻ دوران ٻھرين وٽ رهي. شاهين عقيدت پسند جھادي هو. ان سان لاڳاپا رکيا. پوءِ شاهين گم ٿي ويو ته بانو احمر پوءِ داؤد سان گڏ رهڻ لڳي. شاهين کين ڳولي ڳولي بانو کي داؤد وٽ وڃي لڌو ۽ پسٽل ڪڍي بانو تي فائر ڪيو، مگر وچ ۾ انقلابي عاشق داؤد اچي ويو ۽ گولين جو کاڄ ٿي ويو. نظريو، انقلاب، نئون سماج اڏڻ لاءِ انقلابي استاد ۽ گرو داؤد جيان ڪارڪن به وڏا وڏا خواب ڏسندا هئا، حال پچا ٿيندا ۽ ماڻهن کي انقلاب جي ور وڪڙن واري واٽ جي خطرن ذريعي ماٺو ۾ ڪندا هئا .
لطيف فرمايو آهي:
هاري رکج حق، سانڀارا ساهڙ جا
خواب خيال خطرا، تنين ڏيج طرف،
ڪرين غير غرق، ته مشاهدو ماڻيين.
”ٻيا ڏينھن“ ناول نه صرف هڪ ادبي شاهڪار آهي، پر ان جي پڙهڻ سان هڪ دور جي سياسي هلچل جي خبر پوي ٿي. ان سان گڏ غير جانبدار تعميري تنقيد ۽ محب وطن ڪارڪنن جي بھتر رهنمائي ۽ خطرن ۽ ڇڙواڳين جي ڄاڻ ملي ٿي. ناول هر طرح هڪ بھترين ناول آهي.

وصل جي رات
گهڻي قَدرُ سليس، سَھل ۽ لوڪ واهپي جِي ٻوليءَ ۾ لفظنَ جِي جَڙاوَتِي گُلابَ وَرکا ڪندڙ ڪَوِيگُلاب چانڊيي جي شعر چوڻ جو اِظھار بيحد سادو ۽ اَثرائتي مَنُ ماجرا بيان ڪرڻ وارو آهي. پر پڙهندڙ هِن جِي شاعريءَ کي ساهتڪِ سَٻنڌُ وارِي ڪَوِتاگَرِيءَ مان ٻاهرتو ڪري بيھارڻ ۽ سُگهڙائِپُ وارِي گُفتنَ گُلڪارِيءَ جي ذمري ۾ گڏائڻ وارِي غلطي ڪرڻ جو هرگز به نه سوچين. ڇو ته سندس ڪَوِتائُون ساديون سُوديون هُوندي به اَدبِي آشنائي، ڀَرپور فَني تڪ تور، سُرتِ سچائيءَ جي فِڪر، ٻوليءَ جي حُسناڪي ۽ آفاقي انساني قَدرن، اَمن، آشتي ۽ پِرت پِيارُ جي اجتماعي پيغامن سان پُر آهن. ڪِٿي ڪِٿي هِن جي بندشي جَڙاءُ ۾Lack of Aesthetic Exaggeration  ضرورکُٽڪي ٿو، پر مَجمُوعِي طور هِيءُ پنھنجي اَسلُوب (Diction)۾ ؛”هَڙئِي حاجِتُون مَنسُوبَ هوتنَ سين…!“ يا ”آءٌ سڀ ڏينھن گُهران سُپرين…!“ جھڙِي مَرڪُوزيت پسنديءَ سان اڳرو ڪاهيندو وڃي ٿو.

گُلابَ ”جيئن آهي، جھڙو آهي ۽ جِتي آهي…‘“ واري سچائيءَ جي ٽيڪي تي پاڻ کي پنھنجي پِريتم آڏو پُوري هيج سان نِڇاوَر ڪندو نظر اچي ٿو. گُلاب جو پِريتڻو اُجرائِپ جِي اِنتھا جا ڏَسَ ڏيندو، سندس تخيل مان جهَلڪي ٿو. هِن جو نينھن نِشانبر ٿيندي به ڍڪ، حيا ۽ پوترتا جا قدر ساڻ کڻي هلي ٿو. هِن مِجاز ۾ رَهنمائيءَ واسطي جابجا حقيقي هاديءَ جِي بارها ڀَرِ وَرتي آهي. هن جي شاعرِي پڙهڻ سان سندس سادگيءَ ڀريو شخصي خاڪو به جَچِي جُڙِِي اڳيان اچي ٿو وڃي. هِن وٽ جَفا تي روايتي جُلهان ڪرڻ ۽ پنھنجي سُورنَ سَنتابن جي هر پل شڪوه شِڪايت ڪرڻ واري هلت دائمي نه آهي…!

هِن جي غزلن جا ڪي ڪي بند ته بنھه ڇِرڪُ ڀَرائي ٿا وِجهن….هن جي پنجڪڙن جِي مُشاهداتي سگهه به باقاعدي نوٽيس ۾ آڻڻ جھڙي آهي. هِن جا ڪُجهه دوها ته مُون دِل سان اَثَر قبولي؛ لِيڪي ڪري رَکِيا آهن. اَچو ته گُلاب جي غزلن جا ڪوريل ڪي اَهڙا توجه طلبُ بندَ دِلبَند پاڻ به پڙهندا هلون:

-اُڀ نِيرڙي پَڙي سان، سامهُون نَدِي اُگهاڙِي،
اَکِ ٽيٽ سان ٿو سُورجِ ڏِسندو وَڃي ڏِهاڙِي.

ٿر جي گُلاب صَحرا جيئن منُ رهي ٿو پياسو،
بادل به ڪا اسان کان شايد آ ڳالهه پاڙِي.

– رت جا ڄڻ دُٻا هُجن ايڏو،
هن جي اکڙين جو رنگ ريٽو هو.

درد هڪٻئي جو، ساکُ هڪٻئي جِي،
هڪٻئي جِي اسان پُڪار ميان!

ساهه پيارو ڪري رهان ويھي،
ڪيئن کڻان سِنڌُ جِي مَيارَ ميان!

ڪنھن ۾ ٿو تُون وفا جِي آس رکين،
او پاڳل نه ڦٽَ کي اَڪُ هَڻُ.

جيئن ڪو مَھٽي تَرِيءَ تي ڀُڳڙنَ کي،
تُون به مَھٽي غُصي کي اِيئن ڦڪُ هَڻُ.

روئي هر ڪنھن سان ڏُک بيانُ ڪري،
ڇو ٿو پاڻي اکين جو زيانُ ڪري!
حساسُ دِليون پنھنجي اندر جي آتم، خُودِي، خُوددارِي ۽ پنھنجو پاڻ سان ڪيئن مِلنديون آهن ۽ اُنهن ساعتن جي اِدراڪِي اهميت هيکلاين جو حاصلُ ڪيئن کڻي ايندِي آهي؛ اُن ڏِسُ ۾ گُلاب رقم طَراز آهي ته:

وري اڄ رات پنھنجو پاڻَ سان منھنجو ملڻ ٿي ويو،
اکيون آليون لٿل چھرو ڳلن تي لُڙڪ- چارا وو!

اوهان ڀل ميلا لڳايو ڪھڪشائن جا،
مگر غالب اوهان تي چنڊ ئي رهندو سِتارا وو!

ٻِطَرفي اِظھار جا؛ نينڊَ ۽ وَراڻِي گاڏڙ سُونھائندڙ عڪس پَسائيندڙ پھنجي مَڪالماتي غزل (Dialogue Based Ghazal) ۾ هيئن لَبُ ڪُشائِي (چپ چور) ڪندو نظر اَچي ٿو:

چيومانس: ”مون کي ڪندينءَ گلُ سَڳِيءَ جو؟“
چيائين: ته ”ڇا ڀروسو اَجنبِيءَ جو.“

چيو مانس: ”ڏِسُ چَنڊُ جِي رات آ اڄُ“،
چيائين: ”ته مَنُ ئي مُئل آ خُوشيءَ جو“.

چيومانس: ”ڪيئن ٿو لڳئي هاڻي جيونَ“
چيائين؛ ته ”ٻيو نانءُ آ بي وسيءَ جو.“

آ سدائين اَنا جي گهوڙي تي،
زِندگانِي فَنا جي گهوڙي تي.

شل هُجي موتِ ڀي يادِ ڪنھن کي،
آدمِي ڀاوَنا جي گهوڙي تي.

ننڊ جي ڪيف ۾ ڄاتو مُون،
رُوح کي کوجنا جي گهوڙي تي!
گُلاب جو هِيءُ مٿي ڪوريل غزل مُون کي سَڄو ئي سونَ لڳو؛ ڇو جو هِن جا پنج ئي بندَ شاه بندَ آهن؛ جنھن ۾ هيءُ پنھنجي فِڪرِي تخيُل سان اِدراڪِي آشنائيءَ جا نِرالا پارَ پُڇائيندو ۽ تغزل ساڻ رکندو اَڳاهون ويندو نظر اچي ٿو.

شھر ڏي آنءُ جو هَليو آيس،
ڳوٺ منھنجو سُڪونُ رهجي ويو.

هن ٿر، ڪارُونجهر ۽ مورَ جي پَسمنظر ۾ سَرُوپچندر ’شاد‘ جي حسين گيتن جھڙو هِڪ شاندار گِيتُ لِکڻ جِي به جِسارت ڪئي آهي:

گِيتُ: ڪارُونجهر تي مور، اَلو ميان! ڪارُونجهر تي مورَ!
گج گج بادل بَرسيا برسيا
مھڪي پيا اُتي نيڻ ٿريلا
موسم ٿي گهنگهور اَلو ميان! ڪارُونجهر تي مور!

ٿُلهي ليکي هِن وٽ هِڪڙو چَشمِ تَرُ چاهُ آهي، ٻيو شُڪريه اَدائِي يا وه واه آهي، ٽِئين آزِي نِيازِي ۽ آه آهي ۽ چوٿين ڇَڙِي اُها راه آهي، جِتي مَنُ گُهري مُشتاق جا ڦيرا آهن، مِلڻ ۽ وِڇڙڻ، وِساري ڇڏڻ ۽ سدا يادُ رکڻ ۽ ڇِنائڻ ۽ نباهڻ جي رستن، رُڪاوٽن، ديده ور دڳن جا دائمي ديرا آهن يا پِرتُ جي ناتمام ۽ نه کُٽندڙ پنڌن پيچرن جا ساده لوحِيءَ ۾ ڪيل وَرنَن آهن.

گُلاب چانڊيو به پِياري نويد ناز ڀَٽيءَ جيان سانوري جادُوگر ۽ عاقِلَ بندُ جي باشاه ڪَوِتاگَرِ سعيد ميمڻ جِي اَڻ مئِي ۽ اَمُلهه اَڻ تورِي ڏات مان اُتساه جِي وَنڊَ وٺِي، پنھنجي اُلفت کي ماڻڻ جا پنڌَ ڪيا آهن. باقي ڏات ۽ ڏانءُ خواه فني فِڪرِي اَڇُوت پڻو ۽ تخيلي اُڏام هرڪو پنھنجي حِصي ۽ پنھنجي حاصليل ماڻتا موجِبُ کڻي هَلي ٿو.

ڪِٿي هِنُ دوهنَ جي سُڀاويڪ جَڙاءُ سان؛ سُھڻي جي لُڙهڻ واري درد کي پنھنجِي ڀوڳنا ڀاسِندي؛ دَرياهُ (شايد چَنابُ) جي پاڻِيءَ کي لُڙاٽيل ۽ ميري هُئڻ وارو مَھڻو ڏِنو آهي:

مَيرو پاڻي ٿو لڳي، تُنھنجو اَڄُ دَرياهَ،
شايد توسان ٿي وِڙهي، سُھڻيءَ جِي هيءَ آهُ!

ته ڪِٿي ورِي ساگر جي لھرنَ پُسايل ريت تي پَسارُ ڪندڙ پوپريءَ جا عڪس هِن شاعر هيئن به جَهٽيا آهن ۽ دوهي جي صِنفِي فارميٽ ۾ پَلٽِيا آهن:

سَمَنڊُ ڪِناري شامِ جو، ميڙڻ آئِي ڪوڏ،
لَھرُون سڀ بيھي رهيون، اهڙِي سندس لوڏ!

داخلي توڙي خارجي ڪيفيتن کي شعر گوئيءَ ۾ سَموهڻ جي لِحاظ کان؛ پِرينءَ جي دَڳُ ۾ وِجهلندڙ وَجُود، فراق ۽ ڦوڙائيءَ جي ڪٿائُن کي راوِي بَڻجي سُڻائيندڙ رستا، سُونھن جا جَهلڪا پسائيندڙ شاهراهون، دلبَر جا دَرشن ڪرائيندڙ گس، گهيڙ ۽ گهٽيون ۽ سِينڌي سان سَلهائيندڙ واٽُون، وَڍا، پَنڌ ۽ پيچِرا گُلاب جا موضوعاتي ’گُلابِ خاص‘ آهن. هن جي غزلن درميان وايون ۽ گيت به گڏ گڏ ساءُ وٺرائيندا هلندا رهن ٿا.

هن نج ۽ ٺيٺ سِنڌِي صِنف ڪافيءَ جو رنگ به ڪِٿي پَسايو آهي ته ڪن صُفحن تي’هائيڪو نظم‘ پُڻ پيش ڪيو آهي.

هِن جي ڪِتاب ۾ ڪي گُذاري جھڙا غزلَ ڀي آهن ته ڪي روايتي وايون به آهن، پر هِن جي شعر جو يڪتا تاثر اَڇُوتو ۽ باقاعدي پنھنجو اَثر ڇڏيندڙ آهي؛ جنھن ۾ هيءَ روايتي قافيا ڪتب آڻيندي به نوان نوان بندشي، جَڙاوَتِي ۽ تَرڪِيبِي تجربا ڪندو به لَکائي ٿو ته گڏوگڏ پنھنجي تر واري لھجي جا واهپي هيٺ رهندڙ مقامِي ٻوليائي اِصطلاح ۽ نج چانڊڪائِي لھجي جا ڪي لفظ به ڪتب آڻيندو رهي ٿو.

صدين جا سُورَ ۽ ٿَڪَ سڀ سَلي ٿو هِي رستو،
اُتي اُتي ئي هان ڄڻ مان هَلي ٿو هِي رستو..!

اسان ته پاڻَ ۾ تعلق ڇني ڇَڏيو هو پر،
ٻنهي کي پاڻَ ۾ هاڻي رَلي ٿو هِي رستو.

ويا جي به اندر سي خاموش ٿي ويا،
ٻُڌائِي نه ڪنھن ڀي قبر جِي ڪھاڻي!

ماڻڪ جي ڪھاڻين جو کنيل پيرو
سنڌي ادب ۾” ماڻڪ” اهڙو نالو آهي، جنھن کي جن نه به ڏٺو هو، سي به هن جي ڪھاڻين جي سحر ۾ گرفتار رهيا آهن. هن جي لکڻيءَ جي ڇاپ پڙهندڙ جي ذهنن ۽ دلين تي هميشه رهي ٿي. ماڻڪ جي ڪھاڻين ۾ سماج جا ڪيترا ئي رنگ، انساني احساسن جي نزاڪت ۽ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جو عڪس ملي ٿو. سندس قلم ۾  اهڙي سچائي ۽ فڪري پختگي موجود آهي، جيڪا پڙهندڙ کي رڳو ڪھاڻي پڙهڻ تائين محدود نٿي رکي، پر کيس سماج ۽ زندگيءَ جي گھراين تائين وٺي وڃي ٿي.

محقق مصور حسين  پنھنجي لکيل ايم فل جي مقالي ۾ ماڻڪ جي ڪھاڻين جو  تحقيقي پيرو کنيو آهي، جنھن ۾ روايتي انگن اکرن سان گڏ فني اسلوب، موضوعاتي وسعت ۽ فڪري گھرائي ڏسڻ وٽان آهي. سنڌي ڪھاڻيءَ جي هن اهم تخليقڪار جي ادبي خدمتن کي صحيح نموني سان اجاگر ڪرڻ ڪو آسان ڪم ناهي. مصور حسين اهو ڪم بيحد ڪمٽمينٽ سان نڀايو آهي. هاڻ جڏهن هي مقالو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي آيو آهي، ته ماڻڪ جا چاهيندڙ ۽ سنڌيءَ جا پڙهندڙ آسانيءَ سان ان ڪم جو معيار ۽ انداز پرکي ۽ ماڻي سگهن ٿا. هن ڪتاب ۾ محقق نھايت سنجيدگيءَ ۽ محنت سان منير احمد ماڻڪ جي ڪھاڻين جا مختلف پھلو بحث هيٺ آندا آهن.  سندس هيءُ ڪم نه رڳو جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي مطالعي ڏس ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، پر ايندڙ  وقتن ۾ ماڻڪ تي ڪم ڪندڙ محققن لاءِ به هڪ  دڳ جي حيثيت رکي ٿو. جڳ جھان کي خبر آهي ته ماڻڪ تي گفتگو جو ٻيو مطلب سنڌي ادب ۾ وجودي ادب ۽ وجوديت تي گفتگو به آهي.

وجوديت جي فڪر مطابق انسان بنيادي طور آزاد آهي، پر اها آزادي مٿس هڪ وڏي ذميواريءَ جو بار به وجهي ٿي. گهڻو ڪري انسان ان بار کي برداشت نٿو ڪري سگهي، تنھنڪري هو  پناهن جي تلاش ڪري ٿو.  ٻين سٽن ۾:

“وجوديت جو فلسفو ٻڌائي ٿو ته انسان آزاديءَ جي بي پناهه وسعتن ۾ بيٺو آهي، پر اها آزادي ئي ڪڏهن ڪڏهن هن لاءِ ڳرو بار بڻجي وڃي ٿي. جڏهن انسان ان بار کي کڻڻ جي همت نٿو ڪري، تڏهن هو خود فريبيءَ جي اوٽ ۾ لڪي سھارن جي تلاش ڪري ٿو. اهڙي نفسياتي ڪيفيت ۾ اڪيلائي آهستي آهستي انسان جي اندر کي کوکلو ڪري ڇڏي ٿي ۽ هو پنھنجي ئي وجود کان اجنبي بڻجي وڃي ٿو.”

حقيقت نگاريءَ تي لکڻ معنيٰ معاشري جي سچائين سان اکيون ملائي قلم کڻڻ آهي. اهڙي لکڻيءَ ۾ ليکڪ بنا ڪنھن لڪ لڪاءَ جي زندگيءَ جي حقيقتن، سماجي تضادن ۽ انسان جي ڏکن سکن کي پيش ڪري ٿو. اها خوبي ماڻڪ جي ڪھاڻين ۾  تلخيءَ جي حد تائين ڏسي سگهجي ٿي. هو تلخ سچائين کي بيباڪيءَ سان بيان ڪري، پڙهندڙ ن کي جهنجهوڙي ٿو. وٽس ڳالهه چوڻ جي جرئت آهي. اهڙي جرئت وسيلي هو زندگيءَ جي اصل رنگن، سماجي ناانصافين ۽ انساني احساسن کي بنا ڪنھن سينگار جي پيش ڪري ٿو. مصور حسين انهن ٻنهي پھلوئن تي ڀرپور روشني وڌي آهي.

ماڻڪ جي ڪھاڻين تي سرسري نظر ته ڪيترن ئي ليکڪن وڌي آهي، پر اهي مٿاڇرا ادبي مضمون آهن، هن مقالي ۾ نه رڳو ڇپيل ڪتابن جو اڀياس ڪيو ويو آهي، پر ان سان گڏ اڻ ڇپيل ڪھاڻين کي به بحث هيٺ آڻي، ماڻڪ جي اکين کان اوجهل دنيا به سامهون آندي وئي آهي. اهي ڪھاڻيون سنڌيءَ جي مختلف مخزنن ۾ ته ڇپيل هيون، پر اڄ تائين ڪتابي صورت ۾ شايع نه ٿيون آهن. انهن ۾ ”سجاڳي“، ”هڪ سنڌي ڪهاڻيڪار“، ”ڇوٽڪاري جو احساس“، ”شھر جي ڳالهه“، ”قربت“، ”ڇپ هيٺان دٻيل“، ”لوڙهي ۾ واڙيل“، ”پالهي حياتيءَ جا سکڻا اولڙا“، ”آواز بنا سنسار“، ”جوَن ڍيري گڏهه رکپال“، ”هڪ رات جو ائبنارمل“، ”اوندهه ۾ وڪوڙيل جهيڻي روشني“، ”هڪ انساني زندگيءَ جو سوال“، ”لڦون سُڪڻ کانپوءِ“، ”هڪ فرشتي جو موت“ ۽ ”شيرو“ جھڙيون ڪھاڻيون شامل آهن.

تحقيقي مقالي  لکڻ لاءِ ڪيترا ڪشالا ڪاٽڻا پون ٿا، ذهني مشقت ۽ وقت جي قرباني ڏيڻِي پوي ٿي، اهو سمورو سفر ڪيترو ڏکيو ۽ محنت طلب هوندو آهي، تنھن جو صحيح اندازو فقط هڪ محقق ئي لڳائي سگهي ٿو. البته ڪتاب شايع ٿيڻ کان پوءِ پڙهندڙ به سمجهي سگهي ٿو، ته محقق آڳ لاٿي آهي، يا پنھنجي زندگيءَ جا قيمتي پل صرف ڪيا آهن. هن مقالي ۾ مصور حسين گهٽ ۾ گهٽ آڳ نه لاٿي آهي.

فاطما ڀٽو جون ساروڻيون: پيڙا کان زندگيءَ ڏانھن واپسيءَ تائين
آڌيءَ رات کان وٺي اَسر ويل تائين جو وقت انتھائي اونداھو ۽ انتھائي پُراسرار ھوندو آھي. انهيءَ وقت ۾ جڏهن عام طرح ماڻهو پنھنجون پريشانيون وساري ننڊ جي حوالي ٿيندا آھن ته انھن ئي پَھرن ۾ ئي بيخوابيءَ جو شڪار ماڻهو پنھنجي اندر جي سڀ کان گھرن خوفن سان سامهون ٿيندا آهن. ھيءَ اھا ئي ويل ھوندي آھي، جڏھن وڌ ۾ وڌ ٻار ڄمندا آھن ۽ وڌ ۾ وڌ ماڻهو مرندا به آھن. ھي اُھي گهڙيون آھن، جڏھن خوبصورت خواب ايندا آھن ۽ ھيءُ ئي اھو ٽاڻو آھي،  جڏهن ڀوائتا خواب سڀ کان وڌيڪ حقيقي لڳندا آهن. ھنن ئي پَھرن ۾ فرشتن جا نازڪ وجود پاڻ سان گڏ محسوس ڪبا آھن ۽ انھن ئي ساعتن ۾  شيطاني وجودن جي قوت سڀ کان وڌيڪ محسوس ٿيندي آهي. رات جي انھن پَھرن کي سڏبو آھي بگهڙ جو پَھر.

فاطما ڀٽو جي ساروڻين جو ڪتاب  The Hour of Wolf ( بگهڙ جو پَھر)  سندس زندگيءَ جي انهيءَ اونداھي دور جي ڪٿا آھي، جڏھن ھوءَ پنھنجي وجود جي سڀ کان وڌيڪ پيڙا ڀرين ڪيفيتن مان گذري رھي ھئي. ھونئن ته ڀُٽي خاندان جي ھن نينگريءَ سان درد جو تعلق  شايد جنم کان وٺي ھو. ھوءَ ڄائي ڪابل ۾، جتي سندس پيءُ مير مرتضيٰ ڀٽو جلاوطن ھو. سندس جنم کان ٿورو وقت ئي پوءِ سندس والدين جي طلاق ٿي ۽ کيس ماءُ جي ڇانوَ بنا ئي جلاوطني جا ڏينھن گھارڻا پيا. تڏهن ھوءَ ڪا ايڏي وڏي به ڪونه ھئي، جڏھن سندس پيءُ جو قتل ٿيو. سندس پيءُ جي وڃڻ کان پوءِ ھُن دنيا ۾  پاڻ کي بلڪل اڪيلو پئي ڀانيو. ماڻهن جي آڏو ھمت جو استعارو بڻيل فاطما ڀٽو اندر ۾ ڀُريل ھئي. ۽ جڏھن ھُوءَ انھن وجودي بحرانن کي مُنھن ڏئي رھي ھئي، تڏھن سندس زندگيءَ ۾ ھڪ شخص آيو، جنھن کيس ھمٿ ڏني ۽ کيس مايوسين مان ڪڍيو، ۽ انھيءَ ساڳي شخص مسلسل يارھن ورھيه پنھنجي نفسياتي قيد ۾ رکيو. ھُو کيس نفسياتي ۽ روحاني طور تشدد ڪندو رھيو. انھن يارھن سالن جي وِھ ڀريل تعلق جي قصي کي فاطما ڀٽو انتھائي جرئت سان پنھنجين ساروڻين جي ڪتاب ۾ بيان ڪيو آھي.

فاطما ڀٽو پنھنجي ڪتاب ۾ ان ماڻهوءَ  جو نالو نه ڏنو آھي. ھُن انهيءَ ماڻهوءَ  جو رڳو ”اھو شخص“ چئي ذڪر ڪري ٿي. سندس زندگيءَ  ۾ اھو شخص تڏھن آيو، جڏھن ھُوءَ پنھنجي پيءُ مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل کان پوءِ واري عرصي ۾ ذھني پيڙا جو شڪار ھئي. پنھنجي ڪتاب ”سانگس آف بلڊ اينڊ سوَرڊ“ جي تشھيري مھم دوران ھُوءَ لنڊن ۾ ھئي، جتي ھُوءَ پنھنجو آواز وڃائي ويٺي ھئي. پنھنجي ماٽيجي ماءُ جي سلوڪ سبب ھُوءَ اڪيلائي محسوس ڪري رھي ھئي ۽ کيس لڳو ته سندس زندگيءَ ۾ اونداهيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه ھو. اھڙي دور ۾ اُھو شخص سندس زندگيءَ ۾ اميد بڻجيي آيو، ۽ جنھن کيس انھيءَ پيڙا مان ڪڍيو. اھو شخص ھڪ ئي وقت ڪيترن ئي تضادن جو مجموعو ھو. ھُو انتھائي وجيھه، پڙھيل لکيل، راندين ۽ ورزش جو شوقين، روحانيت ۾ يقين رکندڙ ۽ رومانوي ھو. پر ساڳئي وقت ھو نرگسيت پسند، ٻين تي حاوي رھندڙ، ڪنجوس ۽ خود غرض به ھو.  ھُو ھڪ ئي وقت مھربان به ھو ته ظالم به . ھُو ھر شئي جي باري ۾ ڄاڻ به رکندو ھو، پر ھُن کي ٻين جي احساسن جي ڪابه ڄاڻ نه ھوندي ھئي.

شروعاتي ڏينھن ۾ فاطما ڀٽو ان شخص کي هڪ روحاني سُونھين جي حيثيت سان ڏسندي هئي، ڇاڪاڻ ته هُو کيس جيئڻ جو ڍنگ سيکاريندو  ھو . پر جيئن ئي ھوءَ آهستي آهستي مڪمل طور مٿس ڀاڙڻ لڳي، تڏهن هن پنھنجي شخصيت جو بيحس ۽ تڪبر ڀريو پاسو ظاهر ڪرڻ شروع ڪيو. اھو شخص مسلسل انهيءَ تعلق کي ڪنھن باضابطه رشتي جو درجو ڏيڻ کان ٽال مٽول ڪندو رھيو. ھُو کيس گهٽ سمجهائڻ، مٿس طنز ۽ تحقير ڪرڻ لڳو. جڏهن به هوءَ ان رويي بابت شڪايت ڪندي هئي ته کيس ڇڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳندو هو.

ان خوف ۾ ته متان ھُوءَ وري اڪيلي نه رھجي، ھُوءَ انهيءَ  وِھ ڀرئي رشتي  ۾ جُڙي رھي. فاطما ڀٽو لکي ٿي:”مون ڪڏهن به اهو تصور نه ڪيو هو ته مون جھڙي مضبوط ارادي  واري ۽ آزاد خيال عورت کي به ڪنھن اهڙي سِرڪڻ ۾ ڦاسڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. مون پاڻ کي بار بار اهو يقين ڏياريو ته هي لاڳاپا بلڪل فطري ۽ قبول ڪرڻ جوڳا آهن.“

فاطما ڀٽو کي پڪ ھئي ته ھوءَ پنھنجي پيار سان انهيءَ شخص کي تبديل ڪري سگهندي. پر وقت گذرڻ سان سندس اھا پڪ ھڪڙي شڪ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ آخر اھو شڪ انهيءَ يقين ۾ تبديل ٿي ويو ته اھو شخص رڳو ھُن کي استعمال ڪري ۽ کيڏي رھيو آھي. ھڪ عورت ھئڻ جي حيثيت سان کيس اھو به شديد احساس ھو ته سندس حياتياتي گهڙيال تيزيءَ سان سرڪي رھيو آھي. ھُن کي لڳو ته جيڪڏھن ھُن دير ڪئي ته ھوءَ شايد ماءُ نه ٿي سگهي. ھُن انهيءَ خوف جي ڪري پنھنجي ٻج کي محفوظ به ڪرايو. پر انهيءَ شخص کي سندس ڪا به پرواھ نه ھئي. کيس لڳو ته اھو شخص سندس لاءِ رڳو ذھني دٻاءُ کان سواءِ ڪجهھ به نه ٿو آڻي سگهي. ھن کي لڳو ته ھڪ ڀيرو وري اڪيلائپ سندس مقدر ۾ لکيل آھي.

خوشقسمتيءَ سان فاطما ڀٽو جي زندگيءَ ۾ هڪ وفادار ۽ محبت ڀريو ساٿي موجود ھو. ۽ اھا سندس جيڪ رسل ٽيرير نسل جي پاليل ڪتي”ڪُوڪُو“ ھئي. جتي فاطما ڀٽو کي انسان کان مايوسي ملي،  اتي جانور کيس جيئڻ جو جواز ڏنو. سندس انهيءَ زندگيءَ ۾ اھو جانورن جو پيار ئي ھو، جنھن سندس زندگيءَ کي جيئڻ جوڳو ڪيو. فاطما ڀٽو پنھنجي ننڍپڻ جي انهيءَ ھرڻ جي ٻچي کي ساري ٿي، جنھن جو نالو ھُن بامبي رکيو ھو، ۽ جنھن کي پوءِ کانئن ڌار ڪري، ڪراچيءَ جي راڻي باغ موڪليو ويو، جتي ڪجهه ئي عرصي ۾ شايد صدمي ۾ اھو ٻڄڙو مري ويو.

فاطما ڀٽو جو ھيءُ ڪتاب جتي انھيءَ شخص سان سندس پيڙا ڀريل تعلق جو داستان آھي، اتي اھو ڪُوڪُو سان سندس پيار ڀري رشتي جو قصو به آھي.  اُهي ٻئي جاڳندي توڙي سمهندي هڪ ٻئي سان گڏ ھوندا ھئا. انھيءَ ڪتاب ۾ ھُوءَ ڪُوڪُو جي پھرين گرڀ جو ذڪر ڪري ٿي، جيڪو ھڪ مُئل گلر جي صورت ۾ ختم ٿيو. جنھن کان پوءِ ڪُوڪُو صدمي ۾ ھئي. ھُوءَ سندس ٻئي گرڀ ۽ ان کان پوءِ جنميل ڇھن گُلرن جي ولر جو به ذڪر انتھائي پيار سان ڪري ٿي، جن جي ڪري ڪووڊ جي دوران اٽليءَ ۾ سخت لاڪ ڊائون ۾ کيس اڪيلائپ کي برداشت ڪرڻ جو موقعو مليو.

نيٺ اھو وقت به آيو، جڏھن ھُن فيصلو ڪيو ته ھاڻ انهيءَ شخص جي تذليل ۽ بي حسيءَ کي وڌيڪ برداشت ڪرڻ بجاءِ رد ڪري. انهيءَ شخص کيس شاديءَ جي صلاح ڪئي، پر انهيءَ شرط سان ته ھُو لکڻ ۽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندي. پر فاطما ڀٽو لاءِ اھڙي زندگي قبولجڻ جھڙي نه ھئي، جنھن ۾ اھڙا سمجھوتا ڪرڻا پون، ۽ جنھن ۾ خوف ۽ مايوسيءَ جي غلامي ڪرڻي پوي.

فاطما ڀٽو جي  ساروڻين جو اختتام سٺي سوڻ سان ٿئي ٿو. کيس ھڪ آمريڪي نوجوان ملي ٿو، جنھن سان سندس ذھن ۽ دل ملن ٿا ۽ سندن وھانءُ ڪراچيءَ ۾  سندس ڏاڏي جي لئبريريءَ ۾ ٿئي ٿو. ڪجهھ وقت کان پوءِ فاطما ڀٽو جي ماءُ ٿيڻ جي سَڌ پوري ٿئي ٿي.

فاطما ڀٽو جون ساروڻيون سندس لاءِ ھڪ ڪيٿارسس جو عمل پڻ آھن. ھُن پنھنجي درد کي لڪائڻ بدران انهيءَ جو اظھار ڪري، انهيءَ درد مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو. ھي ساروڻيون انتھائي نازڪ احساسن کي سمجهڻ ۽ ھڪ اذيت ڀري تعلق ۾ جيئڻ جي پيڙا ۽ انهيءَ مان نڪري اچڻ جي جدوجھد کي بيان ڪن ٿيون. جتي فاطما ڀٽو رشتن جي بي اعتباريءَ جو ذڪر ڪري ٿي، اتي اليگرا جھڙين دوستن جي ساٿ کي به ساراھي ٿي. ھيءُ ساروڻيون ھڪ فرد جو داستان ھئڻ سان گڏ پيار، دوستي، يقين، روحانيت، ماحوليات، نفسيات ۽ ڪائنات جي سڀني جيوَن سان گڏ جيئڻ جي باري  ۾ به آھن.

فاطما ڀٽو لاءِ اھو سڀ ڪجهھ بيان ڪرڻ سولو نه ھوندو، جو ھُوءَ ھڪ ليکڪ ھئڻ سان گڏ ملڪ جي ھڪ اھم سياسي گهراڻي جو فرد پڻ آھي. اھي ساروڻيون لکڻ انتھائي جرئت جو ڪم آھي، جنھن جرئت جو مظاھرو فقط  فاطما ڀٽو ئي ڪري سگهي ٿي.

جُدائيءَ جي بارش ۾ ڀِڄندڙ شاعر…!
شاعري تہ هن کي ورثي ۾ ملي هئي. نہ بہ مليل هُجيس ها، تڏھن بہ جِتي هن جنم ورتو هو، اتي ناميارن شاعرن جي ڪري اهڙو موزون ماحول ٺھيو پيو هو، جو شاعريءَ جي رنگ ۾ اڳ ئي (فطرتن) رنگيل نہ بہ هُجي ها، تڏھن بہ (عادتن) شاعر ٿئي ئي ٿئي ها…!
علي آڪاش سان منھنجي ويجهڙائي گهڻو دير سان ٿي. آئون ڪنهن جي ويجھو تيستائين نہ ٿي سگهندو آهيان، جيسيتائين ڪنھن نابِين وانگي، کيس دِل جي اکيُن سان ڇُھي نہ ڏِسان!
علي پنھنجي جسم جي فريم کان گهڻو پَرتي بيٺل شخص لڳندو آهي. هن جا تخليق ڪيل شاهڪار، رِٽيل شاپس retail shops تي، اصل رقم کان ڏهُوڻ تي وِڪرو ٿي رهيا هُوندا آهن!
علي نہ ڏيڻ تي اچي، تہ ڪنھن کي سندس شعر تي ڇڙو دادُ بہ نہ ڏئي، ۽ ڏيڻ تي اچي، تہ ڪو نظم تہ ڇا، کيس نظمن جو سڄو ڪتاب اَرپي ڇڏي!
عليءَ جي اَنا، ٻار جي ضد وانگر معصوم آهي. اها راضي نہ ٿئي، تہ چنڊُ لاهي ڏيڻ تي بہ راضي نہ ٿئي، آٽي تان لھي، تہ معمولي رانديڪي تي بہ پرچي پوي!
هن کي روئارڻ لاءِ ضروري ناهي، تہ ڪو سندس دِل کي رَنجائجي، پر اڳ ڏُکوئِي وانگر، فوٽو ڪڍڻ وقت رڳو کيس “سِمائيل پليز” چئجي، تڏھن بہ هي روئي پوندو…!
علي آڪاش جا نظم پڙهندي، توهان کي لڳندو، ڄڻ توهان بيگنار ڍنڍ (نيپال) جي ڪناري، ڪنھن ٻيڙيءَ کي، جنھن ۾ هڪ اڪيلي عورت ويٺل آهي، خاموشيءَ سان ويندي ڏِسي رهيا آهيو…!
سندس محبت واري ڪنھن نظم جِي پُڄاڻيءَ تي، توهان کي”دِي بِرجز آف دِي ميڊيسين” جو آخري سِين رِي ڪال ٿِي سگهي ٿو. جنھن ۾ هِيرو وڏي وقت کان پوءِ تيز بارش ۾ پُسندَي ڏسي ٿو، تہ سندس محبوبہ پنھنجي مُڙس جي گاڏيءَ ۾ ساڻس وڃي رهي آهي. اندر گاڏي جي بئڪ مِرر تي ڪِراس وارو لاڪيٽ لڙڪِي رهيو آهي. سندس محبُوبہ اهڙي اوچتي اتفاق تي، کيس شديد ڏُکارو فِيل ڪري، پنھنجا ڳوڙها نہ ٿي روڪي سگهي، پر بارش ۾ هن (هيرو) جا لُڙڪَ ٻائڙ ٻوڙ ڪري ڇڏيندا آهن…!
“بادلون ڪا دوزخ” ۾، هن روايتي موضوعن توڙي ڊِڪشن کي ٻہ وِکون، بلڪ ٻہ مَنجا پوئتي رهائي ڇڏيو آهي!
نظمن ۾ اهڙو ڌيرج، وزن ۽ رِڌم آهي، جھڙو ھاٿيءَ جي وِکُن ۾ هوندو آهي. نظمن کي مليل اهڙي ٽريٽمينٽ، نظمن ۾ وڌيڪ گھرائي پيدا ڪري ڇڏي آهي.
علي آڪاش پنھنجي طبيعت ۽ ذات کي زندگيءَ جي پُڙن ۾ ايئن پئي پِيٺو آهي، جيئن جنڊ جي پُڙن ۾ جوئر جا داڻا پِيسبا رهندا آهن! هِنيانوَ ٻُڏڻ جھڙي حقيقت جو توانو اظھار، جنھن جي ڪڙاڻ دير تائين زبان تي رهي، اوهان کي علي آڪاش جي نظمن ۾ حيرت جي حد تائين محسوس ٿيندو…!

اُس نَي دل پر ہاتھ رکهنا چاہا
تو وه جيب پر پڙا
جس مين بجلی کا بِل تها
ستر هزار چار سو بيس
اس کو ياد آيا
اس ڪي ادائيگی ڪي تاريخ تهی سولہ اگسٽ
اور وه چوده اگست تھا!

توهان کي هن جي نظمن ۾ غزل جي شعرن وانگر خيال جي لحاظ کان ننڍڙا ۽ مڪمل نظم پڻ پڙهڻ لاءِ ملندا.

مُجَهے معلوم نہ تها
کہ جدائي ڪي بارش
اِتني طويل ہوتي هے!

ايئن ناهي، تہ ڪو هن زندگيءَ جي معاملن کي سُلجهائڻ ۾ دلچسپي نہ ٿي ورتي، پر:

اس کا ماننا تها کہ
معاملات نپڻانَي ڪے ليے
سماجي جانور بننا پڙتا هے.
جانورون سي اسَي پيار تها
ليکن “سماجي جانور” ڪي اصطلاح
اسے بلڪل پسند نہ تهی!

هن جي نظمن ۾ موسيقي جي نوٽيشن جھڙا ننڍڙا نظم، نظمن کي دلڪش بنايو بيٺا آهن.

ميں چاهتی هُوں
جو ميرا ہاتھ پکڙے
وه ميری تهکن محسوس کرے!

علي، روايتي شاعري، ڀلي تہ اها ڪلاسيڪل ڇو نہ هجي، ان کان شعوري طور پنھنجو پاندُ ڇڏائي لِکڻ ۾ رُڌل پئي رهيو آهي. اها ڳالھ ئي هڪ ليکڪ/شاعر کي الڳ سُڃاڻَ ۽ مقام ٿي عطا ڪري، جنهن کي علي اِنجواءِ ڪري رهيو آهي…!

گوگل مئپ ميں
تُمهارا محلہ ديکها جا سَڪتا هے
اور شايد گهر بهی
ليکن تُمهارَے گهر کا
دروازه نہين کهڻکهڻايا جا سَڪتا…!