مزاح – Sarangaa

بي روزگاري
ملڪ ۾ ھاڻي بي روزگاري ايتري ٿي ويئي آھي جو ھڪڙي ڇوڪريءَ فقير کي چيو،
’’ فقير، دُعا ڪر ته ڊاڪٽري ملي !‘‘
فقير چيس، ’’سوري ، منھنجي خود ايم بي بي ايس ٿيل آھي !‘‘
اسان جو چاچو نبن چوندو آھي ته،’’بي روزگار بادشاهه هوندا آهن. رات جو ايترو دير سان سمهندا جو صبح ٿيڻ تي هوندو ۽ صبح جو اُن مھل اٿندا، جنھن مھل رات ٿيڻ واري هوندي!‘‘
جيئن اسان جي دوست ولڻ ونگاريءَ نوڪريءَ جا ايترا انٽرويو ڏنا آھن جو ھاڻي جنھن به انٽرويو ۾ ويندو آھي ته اُھي چوندا اٿس’’،وري آيو آھين !؟ ‘‘
ھڪڙي انٽرويو ۾ پڇيائونس ته،’’ آئون راند نٿو رهان… ٻُڌاءِ ته اهو ڪھڙو ٽينس آهي؟‘‘
چيائين،’’ ٽيبل ٽينس!‘‘
پڇيائونس،’’ ٻُڌاءِ، هٽلر ڪيئن مُئو ؟‘‘
چيائين، قبيلائي جهيڙي ۾…!‘‘
پڇيائونس،’’ پئدائش وقت توهان جِي عمر ڪيتري هئي؟‘‘
چيائين،’’عمر جو ايترو ننڍڙو هئس جو هر شئي وڏي نظر ايندي هئي!‘‘
جنرل ناليج جا ڪتاب ايترا پڙھيا اٿس جو ھاڻي بازار ويندو آھي ته فروٽ واري کان به پُڇندو،’’ ٻُڌاءِ، ڪيلو ڪنھن دريافت ڪيو؟‘‘
پنھنجي ڏاڏي کان پڇيائين،’’ڏاڏا، سنڌ ۾ گوڏ پائڻ جو رواج ڪھڙي حڪمران جي دور کان شروع ٿيو ؟‘‘
ڏاڏو سوچڻ لڳو ته يڪدم پڇيائينس،’’چڱو، اھو ٻُڌاءِ ته،ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان ننڍو ڪير ھو؟‘‘
مون پڇيومانس،’’ توکي ڀلا تجربو ڪھڙو آھي؟‘‘
چيائين،’’آئون هر انٽرويو کان پوءِ اھو ٻُڌائي ويندو آھيان ته اھا نوڪري ڪانه ملندي !‘‘
چون ٿا جنھن مھل ھيءُ ڄمي رهيو هو ته ان ڏينھن خود سندس والد جي به واءِ واءِ هئي …انھي ڏينھن ڪجهه رشتيدارن ته ھن جي مُنھن تي ھٿ ڦيري چيو ھو who is who…!
تعليم ايتري اٿس جيتري حاصل ڪري سگهيو !
چيائين،’’نوڪري اها سٺي جنهن ۾ ڪم نه ڪرڻو پوي!‘‘
پڇيومانس،’’ تو ۾ ڀلا… ٽيلنٽ ڪھڙو آھي؟‘‘
چيائين،’’آئون هر جواب جو سوال ٻُڌائي ويندو آھيان !‘‘
پڇيومانس،’’ ڀلا، شادي ڇو نٿو ڪرين ؟‘‘
چيائين،’’سڄي شھر مان رشتا گهُريا اٿم…ھاڻي ته ڪٿان رشتو گهُرڻ ٿو وڃان ۽ اُنهن جي گهر ۾ ڪا بيواهه هوندي آهي ته اُها به لِڪايو ڇڏين !‘‘

پِنَڻ جو آرٽ
هڪڙي فقير کي چيم،’’خيرات سڀاڻي وٺجان !‘‘ فقير به يڪدم هڪڙو ڪارڊ ڏيندي چيو، ’’هينئر پئسا نه اٿئي ته آن لائين ڪري ڇڏجان!‘‘

تاريخ مان اها خبر اڃا نٿي پوي ته سڀ کان پھرئين پنڻ ڪنھن شروع ڪيو هو؟…. يا سڀ کان پھرين، ڪنھن ڪنھن کي پنايو هو؟… پر پنڻ تاريخ جو قديم آرٽ رهيو آهي. جيئن هڪڙي مصنوعي انڌي فقير کي پوليس پڪڙي وڌو…

پڇيائونس، ’’ڪوڙ جو انڌو ڇو ٿيو آهين؟‘‘

چيائين ،’’ سائين، اڄڪلهه روزگار لاءِ هر ڪو انڌو آهي !‘‘

فقيرن جا ايترا ته قسم آهن، جو ڳڻڻ ويھنداسين ته پِنائي ماريندا….

جيئن هڪ فقير ٻڌايو ته،’’آئون بلدياتي اليڪشن ۾ ڪائونسلريءَ لاءِ بيٺو هوس ۽ هارائي ويس…پر ماڻهن کان ووٽ ايترا پنياسين جو مون کي پنڻ سان محبت ٿي ويئي ۽ پوءِ مون پنھنجي دوستن کي به پنڻ جو دَرس ڏنو… ائين اسان فقيرن جي دنيا ۾ آياسين ته خبر پئي… مار، ماڻهو خوامخواهه بي روزگاريءَ جي ڪري خودڪشيون پيا ڪن… هتي ته  مزا لڳا پيا آهن!‘‘

رستي تي  بي روزگاري ختم ڪرڻ لاءِ ھڪڙو پينا فليڪس ڏٺوسين.

لکيل ھو،’’پنڻ جو ڪوچنگ سينٽر… ٽريني فقير… اسان وٽ ڇھه ڇھه ڪلاڪ پنڻ جو رياض ڪرايو ويندو آھي !‘‘

اسان جو دوست گُلڻ گَشائِي به اُتان جو پڙھيل آھي… اڄڪلھه ھڪڙي اين جِي او ھلائيندو آھي…کيس اھڙو فن آھي جو ڪنھن  کان خيرات وٺندو پيو ته لڳندو ڄڻ خيرات ڏئي پيو !

جيئن ھڪڙي بورڊ تي لکيل هو،’’ غريب بچايو نيشنل پروگرام.‘‘

آفيسر کان پڇيم،’’توهان هيستائين ڪيترا غريب بچايا آهن؟‘‘

چيائين،’’في الحال ته اسان جي اسٽاف ۾ رڳو اسين غريب آهيون !‘‘

بيشڪ پنڻ ھڪ  مشڪل آرٽ آھي، جنھن لاءِ توھان کي مٿي به کارائڻو پوي ٿو.

جيئن ھڪڙي فقير رستي ھلندي ھڪڙي مائيءَ کي چيو،‘‘اسان وٽ اسڪِيم پئي ھلي… صرف ڏھن رپين ۾ ڏھه سال وڏي ڄمار ملندئي!’’مائيءَ به پرس مان وڏو نوٽ ڪڍندي چيس،‘‘مونکي ڇڏ، منھنجيءَ سَسُ جا ڏھه سال گهٽ ڪرڻا آھن !‘‘

ھڪڙي ڏينھن اسان کي به هڪڙو فقير چنبڙي پيو…

چيومانس، ’’هيڏو سارو، ڏنڊو مٽو آهين… مزدوري ڇو نٿو ڪرين؟‘‘

چيائين،’’خيرات ڏيڻي اٿئي ته ڏي…باقي آءِ ايم ايف وارا شرط نه رک !‘‘