مضمون – Sarangaa

گروپ 47 ۽ جرمن ادب جي بحالي
مئي 1945 جي پھرين ھفتي ۾ جرمني، اتحادي فوج آڏو بنان شرطن جي ھٿيار ڦٽا ڪيا. انھيءَ کان اڳ، 30 اپريل تي نازي جرمني جي چانسلر اڊولف ھٽلر خودڪشي ڪري چڪو ھو. 1933 کان 1945 تائين جاري رھندڙ نازي راڄ، انھيءَ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ٻي مھاڀاري ويڙھہ ۽ انھيءَ ۾ آيل جرمني کي شڪست جرمن قوم لاءِ وڏي تباھي کڻي آئي. سڀ ننڍا وڏا جرمن شھر بمباري ۾ ڀُرجي چڪا هئا. لکين ماڻهو مارجي ، بي گهر يا قيد ٿي ويا. ملڪ ٻہ اڌ ٿي ويو. پاڻ تي فخر ڪندڙ جرمن قوم لاءِ اھو وڏو نفسياتي ۽ سماجي صدمو ھو.
ٻارھن سالن جي نازي راڄ ۾ گوئٽي، شلر، هائني، ٿامس مان، ۽ ڪافڪا واري عظيم ادبي روايت رکندڙ جرمن ادب بہ تمام وڏي ۽ گھري بحران مان گذريو. نازي راڄ هيٺ اديبن مان اها توقع ڪئي ويندي هئي تہ اهي رياست جي نظرياتي مقصدن مطابق لکن ۽ نازي سامراج جي ثقافتي منصوبن ۾ حصو وٺن. انھيءَ دور ۾ اديبن وٽ رڳو ٽي رستا هئا: نازي راڄ جي حمايت، خاموشي، يا جلاوطني. ڪيترائي اهم ليکڪ جرمني ڇڏي ويا، جن ۾ ٿامس مان، برٽالٽ بريخت ۽ ايرڪ ماريا ريمارڪ شامل هئا. ڪافي ليکڪن لکڻ بند ڪري ڇڏيو يا تخليقي زندگيءَ کان الڳ ٿي، ھڪڙي قسم جي ذھني ۽ فڪري قيد ۾ بند ٿي ويا. ادب جوسھيوڳي جرمن سماج سان تعلق جھڙوڪ ختم ٿي ويو. انھيءَ جي نتيجي ۾ ھڪڙي ثقافتي، فڪري ۽ تخليقي خلا جنم ورتو.
نازي راڄ جي خاتمي کانپوءِ برباد ٿيل جرمن سماج ۽ جرمن ادب کي ڪنھن مسيحائي ڇھاءُ جي گهرج ھئي. جرمني کي نئين، ادب، نئين ثقافت ۽ نئين ٻولي جي ضرورت ھئي. انھيءَ لاءِ 1947 واري سال ۾ جرمن ٻولي ۽ ادب جا وڏا نالا گڏ ٿيا تہ جيئن جرمن ادب ۽ ٻولي کي وري جيئاري سگهجي. انھي ۾ هينرچ بول، گنٽر گراس، انگيبورگ باخمين، يووي يونٽسن، هانس مئگنس اينٽسنبرگر، ايلسي آئخنگر، پيٽر وائيس، مارٽن والسر، سيگفرايڊ لينٽس ۽ ٻيا شامل ھئا. انھن اديبن ۽ نقادن اتي ھڪڙي تنظيم جو بنياد وڌو، جنھن کي انھيءَ سال جي نسبت سان گروپ 47 سڏيو ويو.
انھيءَ تنظيم کي ڄاڻي غير رسمي رکيو ويو. انھي جو ڪو آئين، رڪنيت جي في يا ڪو نظرياتي پروگرام نہ هو. ادبي گڏجاڻين ۾ ليکڪ پنھنجيون اڻ ڇپيل لکڻيون پڙهندا هئا ۽ بجاءِ تعريف جي اميد جي، پنھنجي تخليقن کي پنھنجن ساٿين جي سخت تنقيد لاءِ پيش ڪندا ھئا.
گروپ 47 جو سڀ کان اهم ڪم جرمن ٻوليءَ جي وڃايل ويساھہ کي ٻيھر بحال ڪرڻ جي ڪوشش هئي. نازين، ٻوليءَ کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري انھيءَ جي بنيادي معنى ۽ معصوميت برباد ڪري ڇڏي. لفظن پنھنجي اصلوڪي معنا وڃائي نازي نظرياتي معنا سان سلھاڙجي ويا. ڌرتي، عوام ۽ قوم جھڙا لفظ نازي پروپيگنڊا ۾ استعمال ٿي نسل پرستي، نفرت ۽ سامراجي ايجنڊا جا ھٿيار ٿي ويا. ”آخري حل“ جھڙن اصطلاحن ذريعي ٿيندڙ نسل ڪشي جھڙن ڏوھن کي ڍڪيو ويو. جرمن ليکڪن آڏو اھو ھڪڙي وڏو سوال ھو تہ نازي راڄ جي خاتمي کانپوءِ جرمن ٻوليءَ ۾ سچائي سان ڪيئن لکجي سگهبو، جيڪا نازي پروپئگنڊا سبب پنھنجي اصلوڪي صورت وڃائي ويٺي ھجي.
گروپ 47 جي ڪيترن ئي ليکڪن انھيءَ لاءِ بناوٽي، سينگاريل ۽ ٺوڪيل اسلوب، وڏين معنائن ۽ نظرين وارن لفظن ۽ نسل پرستي سان جڙيل اصطلاحن جي بدران سادي اسلوب، ڀوڳ ۽ طنز واري ٽيڪنڪ ۽ روزمرھ جي عام زندگيءَ جي موضوعن کي اختيار ڪيو. اھا نازي فڪر جي غير حقيقي نظرياتي ٻوليءَ جي ابتڙ حقيقي انساني تجربي ڏانھن موٽڻ جي شعوري ڪوشش ھئي.

انھيءَ کانسواءِ، ادب ذريعي تنقيدي سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ پنھنجو پاڻ کان اھي سوال بہ پڇڻ شروع ڪيا، جن کان سڀ لنوائي رھيا ھئا. اھي سوال اٿاريا ويا تہ ان وقت ٿيندڙ ڪلورن تي ماڻهن جي ماٺ ڇو ھئي يا عام جرمنن هٽلر کي ڪيئن قبول ڪيو؟ يھودين، اقليتن، جپسين جي وڏي پيماني تي نسل ڪشي تي اجتماعي ڏوھہ جو تصور ڇا آھي؟ ادب انهن تجربن جو اظھار ڪيئن ڪري، جيڪي اظھار جوڳا ناھن؟ گروپ 47 ۾ شامل اديب انھيءَ تي بہ متفق ھئا تہ تہ 1933 کان 1945 واري جرمني کي وساري هڪ صحتمند جمهوري سڃاڻپ نٿي ٺاهي سگهجي. جرمن قوم کي پنھنجي اجتماعي ڏوھہ کي قبول ڪري ئي اڳتي وڌي سگهي ٿي.
انھيءَ تحريڪ جي ڪري تخليق ٿيل لکڻين ھڪ نئين فڪري ۽ اسلوبي ڌارا کي جنم ڏنو. هئنرچ بول کي 1972 ۾ ملندڙ ادب جي نوبل انعام ۾ سندس تخليقي ڪم کي جنگ کان پوءِ جرمن ادب جي تجديد سان جوڙيو ويو.
ساڳي طرح گنٽر گراس ڏيکاريو تہ جرمن ادب سياسي طور تي جڙيل رهندي بہ ڪافي حد تائين جديد تجربا ڪري سگهي ٿو. سندس ناول ”ٽين جو دُھل“ جنگ کان پوءِ جي جرمن ادب جي اهم ترين لکڻين ۾ سمجهيو ويندو آھي. انھيءَ ناول ۾ گراس ماضيءَ کي روايتي حقيقت پسنديءَ سان پيش ڪرڻ بدران طنزيہ جادوئي حقيقت نگاري جو استعمال ڪيو. انھيءَ عجيب اسٽائل ذريعي اهڙي سماج کي پيش ڪيو ويو، جنھن جي اخلاقي حقيقت بگڙيل هئي. انھيءَ ناول ذريعي گراس پڙهندڙن کي ڏوهہ ۾ شراڪت، بزدلي ۽ اجتماعي ذميواريءَ کي منھن ڏيڻ تي مجبور ڪيو.
انگيبورگ باخمين جنگ کان پوءِ جي جرمن شاعريءَ کي نئون موڙ ڏنو. سندس شاعري جنگ، تاريخي يادگيري، محبت، تشدد ۽ ھڪ ٻئي سان اظھار جي مسئلن جي باري ۾ آھي. خاص طور سندس شاعري ۾ ٻولي بہ ھڪ فرد جيان انھن ڏوھن ۾ شريڪ ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ تشدد ۽ نظرياتي استعمال جون يادون موجود آهن.
گروپ 47 ۾ پال سيلان جي شاعريءَ تي وڏا بحث ٿيا جنھن جي ڪري جنگ کان پوءِ جو جرمن ادب هڪ اسلوب ذريعي نہ، پر ان بحث ذريعي وڌيو تہ تباهيءَ کان پوءِ ٻولي پاڻ ڇا ڪري سگهي ٿي.
گروپ 47 ادبي صلاحيتن لاءِ هڪ نرسري جو ڪردار بہ ادا ڪيو، جتي پراڻن ۽ نون ليکڪن کي گڏ آندو ويو. جوان ليکڪ، اڳ مڃيل ليکڪن آڏو پنھنجون لکڻيون پڙهي سگهندا هئا ۽ انھن تي راءِ وٺي سگهندا هئا. گروپ، ليکڪن، پڙهندڙن، پبلشرن ۽ ثقافتي ادارن وچ ۾ رابطو بہ پيدا ڪيو.
گروپ شروعات ۾ قائم ٿيل ادبي اسٽيبلشمنٽ جي مخالفت ڪئي هئي. پر پوءِ اھو گروپ پاڻ بہ ادبي اسٽيبلشمنٽ ٿي ويو. جنھن سان انھيءَ جي زوال جو سلسلو شروع ٿيو. 1967 ۾ گروپ جي آخري گڏجاڻي شاگردن جي احتجاجي ماحول ۾ ٿي. انھيءَ جو خاتمو انھيءَ ڪري نہ ٿيو جو انھيءَ سان جڙيل جرمن ادب ناڪام ٿي چڪو هو، پر انھيءَ جي ڪري جو اھو پراڻو ماحول تبديل ٿي چڪو ھو، جنھن انھيءَ تحريڪ کي جنم ڏنو.
گروپ 47 جي سڀ کان وڏي حاصلات ڪنھن خاص ادبي نظريئي بدران اھڙو ماحول جوڙڻ ھو، جنھن ۾ جرمن ادب ٻيھر شروعات ڪري سگهي. ھن تحريڪ ذريعي ادبي بحث شروع ٿيا. نوجوان ليکڪن جي حوصلي افزائي ٿي. ادب کي نازي اثرن مان ڪڍي جمهوريت سان جوڙيو ويو. ٻوليءَ جي غلط استعمال کي روڪي، انھيءَ جو ويساھہ، سادگي ۽ معصوميت واپسي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان تحريڪ جرمن ادب کي يورپي ثقافتي زندگيءَ ۾ ٻيھر آندو.

ڌرتيءَ سان رشتو، نقشا نه، زندگي ٺاهيندي آهي
ڪيترائي سال اڳ سيوهڻ جي جابلو پٓٽي، ڀت جبل جي هڪ ڏورانھين ڳوٺ ۾ هڪ ترقياتي منصوبي جي بيس لائين سروي دوران، منھنجي ملاقات ستر اسي سالن جي هڪ بزرگ سان ٿي. هو سڄي زندگي پنھنجي جبل، پنھنجي ڳوٺ ۽ ان جي آس پاس جي دنيا ۾ رهيو هو. ڳالهيون ڪندي مون کانئس پڇيو:
“بابا، توهان جو وطن ڪھڙو آهي؟”
هن بنا ڪنھن هٻڪ جي جواب ڏنو:
“منھنجو وطن ڀت جبل آهي.”

ان وقت مون کي اهو جواب اڻپورو لڳو. مون سمجهيو شايد هن کي ملڪ، صوبي يا دنيا جي جاگرافيءَ جي خبر ناهي. زندگي اڳتي وڌندي رهي، پر اهو مختصر جواب منھنجي ذهن ۾ ڪٿي محفوظ رهجي ويو.
اڄ، ڪيترن سالن کان پوءِ، محسوس ٿو ڪريان ته شايد هو جاگرافي نه، پر انسان جي فطرت بيان ڪري رهيو هو.
انسان جڏهن هن دنيا ۾ اچي ٿو، تڏهن کيس نه رياست جي خبر هوندي آهي، نه صوبن جي، نه سرحدن جي، نه سياسي نظرين جي. سندس دنيا ماءُ جي هنج کان شروع ٿئي ٿي. پوءِ گهر، اڱڻ، پاڙو، اسڪول، ڳوٺ، شھر، درياهه، جبل، وڻ، ٻولي، رسمون، چھرا ۽ يادگيريون هڪ هڪ ڪري سندس شعور جو حصو بڻجندا وڃن ٿا.
هي وابستگي ڪنھن ڪتاب مان نه ايندي آهي، نه ڪنھن حڪم سان پيدا ٿيندي آهي. اها روزمره جي زندگيءَ مان ٺھندي آهي. هڪ ٻار جنھن وڻ هيٺ راند ڪئي، جنھن پيچري تي هلڻ سکيو، جنھن ٻوليءَ ۾ ماءُ کيس پھريون دفعو سڏ ڪيو، جنھن زمين ۾ سندس وڏا دفن آهن، اهي سڀ شيون آهستي آهستي سندس وجود جو حصو بڻجي وڃن ٿيون.
انسان جي ارتقا جي ڊگهي سفر ۾، ماحول سان تعلق صرف بقا جي ضرورت نه رهيو؛ اهو سڃاڻپ جو بنياد بڻجي ويو. پوءِ جڏهن ٻولي پيدا ٿي، تاريخ جڙي، لوڪ ڪھاڻيون، شاعري، گڏيل ڏک ۽ گڏيل خوشيون وجود ۾ آيون، تڏهن هڪ جغرافيائي جاءِ صرف رهائش نه رهي، پر “پنھنجي ڌرتي” بڻجي وئي.
انهيءَ ڪري ڌرتيءَ سان محبت ڪا رومانوي جذباتيت يا سياسي نعرو نه آهي. اها انساني نفسيات، سماجي ارتقا ۽ تاريخي شعور جو گڏيل نتيجو آهي. انسان پنھنجي ڌرتيءَ سان ايترو ئي فطري نموني ڳنڍجي ٿو، جيترو پنھنجي ماءُ جي ٻوليءَ، پنھنجي نالي يا پنھنجي يادگيرين سان.
شايد ان ڪري جڏهن ڪنھن سماج جي ڌرتي، ان جي تاريخي تسلسل يا اجتماعي سڃاڻپ بابت بي يقيني پيدا ٿئي ٿي، تڏهن ماڻهن جو ردعمل صرف سياسي نه هوندو آهي. ان جي پويان صدين جو ثقافتي تجربو، گڏيل يادگيريون ۽ هڪ اهڙو نفسياتي رشتو هوندو آهي، جنھن کي صرف نقشن يا انتظامي اصطلاحن سان سمجهي نٿو سگهجي.
نقشا انسان ٺاهيندو آهي، پر ڌرتيءَ سان رشتو زندگي ٺاهيندي آهي.

مون کي پوءِ وري ڀت جبل ياد اچي ٿو.
ساڳئي علائقي ۾، جتي مون ان بزرگ سان ملاقات ڪئي هئي، پوءِ ترقيءَ جي نالي ۾ وڏيون تبديليون آيون. منھنجي پنھنجي ميداني مشاهدن، بيس لائين سروي رپورٽن ۽ انهن ڏينھن جي عوامي ردعمل مان مون ڏٺو ته ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جي زندگي پنھنجي پراڻي جغرافيائي، سماجي ۽ معاشي تسلسل کان ڌار ٿي وئي. جيڪي ماڻهو ڪالهه پنھنجي زمين، جبل ۽ ماحول جا مالڪانه احساس سان رهندا هئا، انهن جي نئين نسل مان ڪيترائي اڄ انهن ئي منصوبن جي ٻاهران روزاني اجرت تي مزدوري ڪندا نظر اچن ٿا، جيڪي سندن پراڻي دنيا جي جاءِ تي اڀريا آهن.
شايد ڪنھن معاشي رپورٽ ۾ ان کي “ترقي” سڏيو وڃي. شايد ڪنھن سرڪاري دستاويز ۾ ان کي “منصوبي جي ڪاميابي” لکيو وڃي. پر انساني زندگيءَ جا ڪجهه نقصان اهڙا به هوندا آهن، جيڪي نه انگن اکرن ۾ ماپي سگهجن ٿا، نه معاوضن ۾ پورا ٿي سگهجن ٿا.
ڇاڪاڻ⁠ تہ ماڻهو صرف زمين ناهن وڃائيندا.
هو پنھنجا پيچرا وڃائيندا آهن.
پنھنجا وڻ وڃائيندا آهن.
پنھنجي ٻوليءَ جا منظر وڃائيندا آهن.
پنھنجن ابن ڏاڏن جون يادگيريون وڃائيندا آهن.
۽ ڪڏهن ڪڏهن، اڻڄاتل نموني، پنھنجي وجود جو هڪ حصو به وڃائي ويھندا آهن.
اڄ جڏهن مان ڀت جبل جي ان پوڙهي کي ياد ڪريان ٿو، تڏهن سندس هڪ جملو منھنجي ذهن ۾ وري گونجي ٿو:
“منهلھنجو وطن ڀت جبل آهي.”
هاڻي محسوس ٿو ڪريان ته هو ڪنھن ملڪ يا رياست جي تعريف نه ڪري رهيو هو. هو رڳو اهو ٻڌائي رهيو هو ته انسان پھرين پنجنجي ڌرتيءَ سان دل ۾ ڳنڍجي ٿو، پوءِ نقشي ۾.
شايد انهيءَ ڪري، جڏهن ڪنھن ڌرتيءَ بابت بي يقيني پيدا ٿئي ٿي، تڏهن ماڻهن جي اکين ۾ رڳو سياسي احتجاج نه هوندو آهي؛ اتي پنھنجي وجود، پنھنجي يادگيرين ۽ پنھنجي مستقبل بابت هڪ فطري بيچيني به هوندي آهي.
شايد ڪجهه ڌرتيون رڳو جاگرافي نه هونديون آهن؛ اهي پنھنجي ماڻهن جي اجتماعي شعور جو ٻيو نالو بڻجي وينديون آهن.

صوفي ورثو: جنگ، جنونيت ۽ نفرت آڏو متبادل بيانيو
جنگ جدال مذاهب والي، سالڪ ترت سٽيندي (بيدل سائين)
باشعور وحدت پسند صوفين عارفن جي حلقي ۽ روايت جي تمام نشانبر ۽ نمائنده نالن بابا بلي شاهه، سچل سرمست، بيدل فقير کان ويندي مهدي سائين، اعجاز سائين تائين جو هڪڙو وڏو سلسلو آهي جنھن پنھنجي تخليقي آرٽ ذريعي هن خطي ۾ تنقيدي، مڪالماتي پبلڪ ڪلچر جي آبياري پئي ڪئي آهي. سندن وحدت پسنديءَ جو فڪري تعليمي اثاث جنھن عوامي ڪلچر جي ذريعي ۽ شڪل ۾ منتقل ٿيندو آيو آهي، ان جو محور مطلق آفاقي حقيقت (جنهن انساني روحن کان قالو بلا جو قول ورتو) سان برهه، عشق ۽ وحدت جي اڻ ميي جذبي ۽ اظھار جي جستجو، پاڻ سڃاڻڻ، ذاتي‌ يا فردي سڌارو، پنھنجي پاڻ يا نفس، لالچي، لوڀي، اقتداري حوس، ڪُڌي، ڪِروڌي سماجي وجود سان مسلسل جنگ جوٽڻ جي تصورن ۽ طريقت تي آڌاريل رهي آهي. صوفين جي ان طريقت کي هڪ ريڊيڪل (عام کان هٽيل ۽ خاصيتي طور نمايان، الڳ خيال ۽ عمل جي درجي جي معنا ۾ ) تحريڪ جي روپ ۾ پرکي سگهجي ٿو. جنھن ۾ صوفي ماڻهوء جي ان خاصيتي سڌار پسند پيماني ۽ پنڌ ۾ ٽرانسفرميشن ڏسڻ چاهي ٿو. وحدتي صوفي مذهبي، فرقيوار انساني دوئي يا ٻيائيءَ کان پري رهي ٿو. دوئي يا نفرت جي بنياد تي فرق رکڻ صوفين جي وحدتي خيال ۾ رڪاوٽ تصور ڪيو وڃي ٿو. جيئن سچل سائين اظھاريو ته، ‘وقت اها ٿي ويل دوئي دور ڪرڻ جي’. صوفي جا قدر خاصيتي ماڻهپو تعمير ڪرڻ جي پنڌ سان وابسته آهن.

وحدتي صوفي ان خاصيتي سڌاري ۽ ٽرانسفرميشن جي پنڌ ۾ عام مُلان مُلواڻي کان مٿاهين درجي جو پانڌي ٿئي ٿو، ڇو ته هن جو سڄو زور ۽ محور پنھنجي پاڻ، اندر، باطن جي سڌاري تي آهي. ان معنا ۾ صوفي جو خيال ۽ عمل مذهب، ڌرم جي ظاهر پرستي يا ريا ڪاري، ڏيک ۽ استحصالي اوزار جو حصو نٿو بڻجي. صوفي ان ڪري ئي عارف سڏجي ٿو، جو هن جو خيال، ڄاڻ ۽ عمل خاص درجي ۽ پنڌ تي پھتل ٿئي ٿي، جنھن تحت هن جو شعور، نڪته نظر ۽ پيغام تخليقي، اعلیٰ تخيل جو عڪاس بڻجي پئي ٿو. صوفي ان معنا ۾ تنقيدي، سڄاڻ، دانشمند فرد طور روشن خيال، سڌار، ترقي پسند سماجي تحريڪ ۾ پنھنجو حصو ڳنڍي ٿو. هڪ عارف طور وحدت پسند صوفي جو اعلیٰ تخيل مذهبن جي ظاهري حد بندين کان آزاد ۽ نروار ٿي ‘سڀ صورت ۾ سُبحان ‘ ٿو ڏِسي. صوفي ازم ان حوالي سان فڪري تحريڪ جي روپ ۾ گروهي مذهبي ڪروڌ ۽ تشد د، نفرت، دوئي جي هٿيار بڻجڻ جي بجاء بين المذاهب رواداري، امن پسندي ۽ ڳانڍاپي جو ذريعو بڻجي ٿو. سنڌ ۾ سچل سائين، بيدل فقير جو وحدت پرست صوفي اسلام جو تخليقي علمي ورثو. سنڌ ۾ هن وقت مذهبي نفرت،جنونيت، انتھا پسندي ۽ جنگجو رجحانن، روين ۽ حالتن جي چٽي نفي ڪندي هڪ موثر ڪائونٽر فورس طور نمائندگي ڪري ٿو.
مذهب دا سَٽ ڪوڙا جھڳڙا، وحدت دا گِهن راهه (بيدل سائين)
ڇوڙ دوئي دا ديس، وحدت وطن سنڀال تون سگهڙا (بيدل سائين)
وقت اها ٿي ويل دوئي دور ڪرڻ جي
ڪڍ مذاهب من مان ساجھر ساڻ سويل
هندو مومن سان ملي، محبت جا ڪر ميل (سچل سائين)
هتي هي اھم سوال رکي سگهجن ٿا ته ارڙھين ۽ اڻويھين صديءَ جي سنڌي سماج ۾ سچل سائين ۽ بيدل فقير کي بطور صوفي شاعر سندن وحدت پرست فڪري تخليق سرجڻ جا محرڪ ڪھڙا هئا ۽ سندن سماجي شعوري رجحان جو ڪھڙو روپ هو ۽ ايندڙ نسلن لاء هو ڪھڙي قسم جي سماج جو تصور جوڙي رهيا هئا. ان جو ھڪڙو تز جواب اهو بيھندو ته هي ٻئي صوفي پنھنجي تخليقي تنقيد سان ان دور جي ڪرائسسز آف اميجينيشن کي ايڊريس ڪري رهيا هئا ۽ پنھنجي تنقيدي انفرادي خاصيت، فردي سڃاڻپ يا ايجنسي به اظھاري رهيا هئا. سوشل سائنسز ۽ هيومنٽيز جا علم ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري رهيا آهن ته موجوده دور ۾ ماڻهپي جي بحران، ماحولياتي، مذهبي، سرمائيداراڻن جنگي تضادن، مسئلن جو ڪارڻ ڪرائسسز آف اميجينيشن آهي، يعني انساني سماج اندر پاور آف اميجينيشن ڪمزور ڪيو ويو آهي جيڪو جابر، حاڪماڻي سرمائيدار جديديتي ڪلچر ۽ سماجي ڍانچي جي مد مقابل، متبادل، مڪالماتي تنقيدي بيانيي ۽ مزاحمت طور اُڀري.
مو جوده دور جي گهڻ طرفن تضادن، مارا ماري، جنگي جنونيت، نفرت، دوئين ۽ ٻيائين جنھن جي ڪري انساني سماج سان گڏوگڏ پوري ڌرتيءَ جي گولي جو فيوچر خطري هيٺ آهي، جو حل ڪرائسسز آف اميجينيشن کي ايڊريس ڪرڻ سان سلهاڙيل آهي. ان طرف بنيادي اوزار جو ڪم سوشل سائنسز ۽ هيومنٽيز جا علم ڪري سگهن ٿا، جن علمن کي موجوده دور جي سرمائيداراڻي مارڪيٽ ماڊل تي هلندڙ يونيورسٽين ۽ اسڪول سسٽمز بلڪل مَلياميٽ ڪري ٻاهر اڇلائي ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ تنقيدي سماجي شعور، جيڪو سماجي تبديلي، سڌاري ۽ سماجي انصاف کي بنياد فراهم ڪري ٿو، جو پڻ خاتمو ڪيو ويو آهي. موجوده دور جي سنڌ بلڪه پوري ملڪ پاڪستان ۾ مذهبي شدت پسندي، جنونيت، دهشتگرديءَ جو مسئلو رياست پاڪستان جي گلوبل سياست ۾ اڀريل نئين ۽ اهم رول کي چئلينج ڪري ٿو. پاڪستان جي هيومن ڊيولپمينٽ، امن ۽ سيڪيورٽي جو پائدار حل مذهبي نفرت، جنونيت ۽ تشدد جي خاتمي کان سواء نامڪمل رهندو.

سنڌ جا تعليمي ادارا مقتل گاھ ڇو پيا بڻجندا وڃن؟
تعليمي ادارا جتي به هجن، انهن مان شعور، علم، ڏاھپ ۽ بھتر مستقبل جي اُميد رکي ويندي آهي. سنڌ جا تعليمي ادارا ماضيءَ ۾ سياسي شعور، ادب، ڏاھپ جي آماجگاهه رهيا آهن، پر خاص طور ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن مان نوجوانن جا لاش ئي ملندا رهيا آهن. ميرٽ جي لتاڙ، حراسمينٽ، مارڪن عيوض بليڪ ميلنگ، خوف جي ماحول سبب ڪجهھ وقت کان ايندڙ خبرون ۽ واقعا روح کي ڏڪائي ڇڏيندڙ آهن.

ڪڏهن ڪا نياڻي پنھنجيءَ هاسٽل جي ڪمري ۾ پنھنجن خُوابن جو خاتمو ڪري ٿي ته ڪڏهن ڪو شاگرد پريشان ۽ ذهني دٻاءَ کان تنگ ٿي پنھنجي زندگيءَ جو انت آڻي ٿو.پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اهي سمورا واقعا بيوسي، حراسمينٽ، ذهني دٻاءَ جي ڪري پاڻ هارائيندڙن طرفان خودڪشيون آهن يا اداري جي ساک بچائڻ لاءِ حق سچ، انصاف، برابري بجاءِ ملوث ڪردارن کي بچائي مسئلن کي دٻائڻ جو نتيجو؟

اڄ جو نوجوان جيڪو ڪنھن به تعليمي اداري جو حصو آهي يا حصو رهيو آهي، اُهو اُستادن ۽ انتظاميه جي ڳٺ جوڙ سان شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ٿيندڙ ناانصافين، حراسمينٽ ۽ مختلف طريقن سان ٿيندڙ انتقامي ڪارروائين کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو، ۽  ان جو شڪار پڻ ٿئي ٿو. ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ اُستادن ۽ آفيسرن جي رُوپ ۾ ويٺل جنسي بگهڙ نياڻين کي خودڪشي ڪرڻ يا ادارو ئي ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن. ماضيءَ ۾ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاه جي وائيس چانسلر جي سيٽ سنڀاليندڙ حراسمينٽ جي شڪايت کڻي ايندڙ شاگردياڻين سامهون دعويٰ ڪئي ته 99% حراسمينٽ جا الزام ڪُوڙا آهن ۽ ٻئي پاسي حراسمينٽ سبب خودڪشين جو انگ وڌندو ئي نظر اچي ٿو.

سنڌ جي مختلف اهم تعليمي ادارن ۾ حراسمينٽ، تذليل ۽ شاگردن سميت شاگردياڻين جي خودڪشين جا ڪجهھ انگ اکر هيٺ ڏجن ٿا.

-نائلا رند (2017) – سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو

-ڊاڪٽر نمرتا چنداني (2019) – چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، لاڙڪاڻو

-ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي (2021) – چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، لاڙڪاڻو

-عبدالله سومرو (2025) – لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، ڄامشورو

-عصمت راجپوت – پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي، نوابشاهه

-آصف بليدي (2026) – سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊوڄام

-راشد ڪلوئي (2023) – قائد عوام يونيورسٽي، نوابشاهه

-نادر چنه (2026) – قائد عوام يونيورسٽي، نوابشاهه

-ڊاڪٽر فهميده لغاري (2026) – محمدي ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص

هنن مان اڪثر شاگردن پنھنجي هاسٽل جي ڪمري ۾ ئي پنھنجي زندگيءَ جو انت آندو، جنھن کي خودڪشيءَ جو رنگ ڏنو ويو، پر دراصل ان جون اصل ذميوار غلط انتظامي پاليسيون، ايذائيندڙ رويا ۽ذهني دٻاءُ آهن.

ماضيءَ ۾ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاه ۾ هڪ شاگردياڻي وائيس چانسلر ارشد سليم کي حراسمينٽ ۾ ملوث قرار ڏنو هو، جنھن تي هن استعيفا پڻ ڏني. جڏهن ته  20 کان 30 شاگردياڻين پاران هاسٽل وارڊن جي ناجائزين ۽ جبر خلاف شڪايت ڪرڻ جي ڏوھ ۾  موجوده انتظاميه پاران سندن داخلائون رد ڪري هاسٽل تان پڻ بيدخل ڪيو ويو، جنھن تي شاگردياڻين نوابشاه پريس ڪلب سامهون خراب موسم ۽ هلندڙ بارش دوران احتجاج ڪري انتظاميه کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. ٻئي پاسي سبو يونيورسٽي نوابشاه سميت سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ شاگردن تي دهشتگردي ۽ بغاوت جا ڪيس ڪرڻ سميت سندن داخلائون رد ڪري، شاگردن جو مستقبل تباھ ڪيو ويو آهي.

هيٺ ڪجهھ تجويزون ڏجن ٿيون، جن سان سنڌ جي شعور کي مايوسي ۽ خودڪشين کان بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

1: شاگرد يونين جي بحالي

شاگردن جي سياسي ۽ سماجي شعور جي واڌاري لاءِ شاگرد يونين جي بحالي ضروري آهي، جيئن شاگرد اڪيلو نه هجي ۽ اهم فيصلن ۾ پڻ شريڪ ٿي سگهي.

2: آزاد حراسمينٽ ڪميٽيون

هر تعليمي اداري ۾ مضبوط ۽ آزاد حراسمينٽ ڪميٽيون جوڙيون وڃن، جيڪي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو آواز دٻائڻ بجاءِ ملوث ماڻهن کي سزا ڏياري سگهن.

3: اُستادن سميت سمورن ملازمن جي اخلاقي تربيت

هر وقت شاگردن تي نظر رکڻ ڪافي ناهي، استادن ۽ انتظامي عملي لاءِ به “ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ” (اخلاقي ضابطو) سخت ڪيو وڃي ۽ ان جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي. جڏهن ته ان کان اڳ استادن ۽ ملازمن جي اخلاقي تربيت ڪرڻ ۾ پڻ ڪا اربع خطا نه ٿيندي.