يادگيريون – Sarangaa

ٿر جا اسڪول، استاد ۽ منھنجي پڙھائي
اسان ٿري ماڻهو وڏڙا توڙي ٻار، وُٺي جي صبح کي عيد کان به وڌ ڀايون. وُٺي جي صبح کي وڏو سڀاڳو ڏينھن ڪري ليکيندا آھيون.
اھڙي ئي ھڪ ڀيڄ ڀنيءَ جي صبح ھئي. ياد اٿم، جڏھن منھنجي اک کُلي ته مِٽي ۽ ڇيڻي سان ٺھيل ڪچي اڱڻ جي وچ ۾ پاڻيءَ جا دُٻا ٺھيل ھئا. ان ۾ جهرڪيون وھنجي رھيون ھيون، وڻ ڌوپجي چٽا ساوا لڳي رھيا ھئا، آسمان تي اڃا ڪڪر ڇانيل ھئا ۽ وڌيڪ وسڻ جو ويس ڪريو بيٺا ھئا. ھاري ھٓر سنڀاري مُجيرين کان ٻج وٺڻ لاء پھتا ھئا. ڪٿي ڪٿي ڪاٺي زمين ۾ برسات جو پاڻي بيٺل ھو، جنھن کي ترائي چئبو آهي.
پاڻياريون ٽولو ڪري، ترائيءَ مان پٓلر ڀرڻ لاء ويون پئي. اھو پلر ڪپڙا لٽا ڌوئڻ لاء استعمال ڪيو ويندو آهي.
آئون جيتوڻيڪ ننڍپڻ ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ کان ڊڄندي ھيس، پر پوء بہ ٿرياڻي ھجڻ ناتي، برسات ۽ ان کان پوءِ جا حسين منظر مونکي بيحد وڻندا هئا ۽ اڃا به وڻندا اٿم.
منھنجي ڏاڏِي امان، جنھن منھنجي امڙ جي ڪمھلي وڇوڙي کان پوءِ مون کي ۽ منھنجي ڀاءُ سجاد کي ماءُ بڻجي پاليو ھو، تنھن اڱڻ ۾ ويھي ڏُڌُ منجهان مکڻ پئي ميڙيو. ھٿ ۾ ڪرڪيٽ جي بال کان به سوايو چاڻو کڻي ننڍڙي ھنڊي ۾ رکيئين. ڪڻڪ جي گرم ماني پچائي، منھنجي چوڻ بنا مکڻ ۾ ڪُٽي ڪري ڏنائين. مکڻ ته روز دل تي کائبو هو، پر ڏاڏا يا ڏاڏِي اسان کي ڪُٽي صرف اسان جي فرمائش تي ئي ڪري ڏيندا ھئا.
پر اُن ڏينھن الائي ڇو، ڏاڏي سانئڻ مونکي پاڻهي مکڻ ۾ ڪُٽي ڪري ڏني ته خوشي ۽ حيرت وچان کائڻ شروع ڪيم. جڏھن وٓٽي ۾ آخري گِرھ مس وڃي بچيو ھو ته ڏاڏِي ءٓ چيو، “ماني کائي، ھٿ ڌوئي، سليٽ کٓڻ ۽ ان تي الف ب ت لک. ھاڻي تنھنجي پڙھائي شروع. تون روز نيرن ڪرڻ کان پوءِ سبق لکي ڏيکاريندينءٓ، پوءِ کيڏڻ ويندينءٓ.”
مون دل ۾ چيو، پر اڄ ته مينھن وُٺو آھي، مونکي ڀونگلا (واريءَ جا گهر) ٺاھڻا آھن، دل تي کيڏڻو آھي، ڀنل واريءَ سان…
سوچيان ٿي، ٻاروتڻ ۾ انسان واري جا گهر ٺاھيندي ٺاھيندي، جوانيءَ ۾ به واريءَ جو ئي گهر تي ٺاھي ٿو!
خير، ائين پٽي ۽ الف ب پڙھي، ٻاراکڙين ۾، پوء پھرئين ڪچي ۾، پڪي ۾، ٻئين ۾، ۽ جڏھن ٽئين ڪلاس ۾ آيس، ته ھڪ ڏينھن ڏاڏِي چيو ته تون ڀاءُ سجاد سان گڏ ڀلا بوائز پرائمري اسڪول ويندي ڪر، ڇوته گرلز اسڪول ۾ ته مائٽ ڪا ڇوڪري ڇڏين ئي ڪونه ٿا پڙھڻ لاءِ. ان ڪري ماسترياڻي به ڪونه ٿي اچي، سو اھو بھتر ٿيندو تہ تون سڀاڻي کان ڇوڪرن جي اسڪول وڃ.
ٻئي ڏينھن آئون مکڻ ماني سان ناشتو ڪري، ڪتاب ۽ سليٽ کڻي، ڀاءُ سجاد سان گڏ بوائز پرائمري اسڪول ويس. استاد سائين محمد رحيم جنجهي ھيڊ ماستر ھو. منھنجو وڏو مامو محمد طاهر، منھنجو پڦڙ ۽ بابا امان جو سوٽ چاچا محمد عرس ۽ امان بابا جو پڦاٽ چاچا عبيدالله پڻ استاد ھئا.
سائين محمد رحيم اسان ٻنهي ڀاءُ ڀيڻن کي جام ڀائيندو ھو.
ٻه ٽي ڏينھن اسڪول ويس، پر مزو نه پئي آيو. ھڪ تہ راند روند جي ڇوٽ ختم ٿي، ٻيو ته اسڪول ۾ ڇوڪريون ھيون ڪونہ، نه ڪا سھيلي، مزو ئي نه پئي آيو.
ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ منھنجو وڏو ماما، جيڪو به ساڳئي اسڪول ۾ استاد ھو، تنھن مونکي چيو ته سٺو آھي تہ تون گهر ۾ سبق پڙھي وٺندي ڪر، ھتي ڇوڪرا ھڪ ٻئي سان گاريون ڏئي ڳالهائيندا آھن.
مون کي ماما جي ڳالهه ڏاڍي وڻي. اُن ناسمجهيءٓ واري عمر ۾، ته سٺو لڳم، پر ھاڻي پڇتاءَ ٿئي ٿو ته ان ڳالهه کي ايتري اهميت نه ڏيڻي هئي!
گهر ايندي ئي ڏاڏي کي ٻڌايم ته ماما ھيئن چيو آهي. ڏاڏِي جيڪا ڄڻ صدين جي صابرين عورت ھئي، تنھن کڻي بس ڪئي. ڇوته اڳي رشتن کي نڀائڻ لاءِ ڳالهيون درگذر ڪبيون ھيون. سھپ جو مظاهرو ڪبو ھو.
اسان جون وڏڙيون تمام صابرين ھونديون ھيون. منھنجي ڏاڏي ۽ ناني نه ڪنھن جي گلا ڪنديون هيون، نه ڪنھن تي تبصرو ڪنديون هيون. انهن ماين کي رشتا نڀائڻ جو ڪمال جو ڏانءُ ھو.
خير، ائين آئون روز سبق ٻڌائي، سبق لکي ۽ صورتخطي لکي، پوءِ پئي کيڏندي ھيس.
آئون ننڍي ھوندي اڪثر گُِڏين راند کيڏندي ھيس. گڏين جي شادي ڏاج ڏئي ڪندي ھيس، پر جيڪڏهن ھو منھنجي گُڏيءَ کي نوان ڪپڙا نه پارائيندا ھئا ته آئون ڪاوڙجي پنھنجي گُڏي واپس وٺي ڇڏيندي ھيس.
ان ننڍڙيءَ عمر ۾ به ڇوڪريون اھو سمجهنديون آهن ته جيڪڏهن سندن گُڏُي سُکي ناھي ته پوءِ اھو رشتو ختم ڪجي، پر اصل زندگيءَ ۾ ان جي ابتڙ پيون رشتا پيون گِھلينديون آھن. ڪڏھن سماج جي ڊپ کان ته ڪڏھن وري ڪن ٻين مجبورين جي ڪري.
منھنجو ٽئين ڪلاس جو امتحان وٺڻ سائين محمد رحيم جنجهي گھر آيو هو. ٻيا سوال ته مون کي ياد ناھن، پر ھڪڙي سوال جي جواب تي سڀ گهر ڀاتي ڏاڍو کليا ھئا. ھن پڇيو ھو ته پنھنجو تپو ڪھڙو آھي؟
مون ٺھ پھ جواب ڏنو ھو تہ قائداعظم. ان تي استاد سميت سڀني گهر ڀاتين کان ٽھڪ نڪري ويو ھو!
مون جڏهن پنجون پاس ڪيو (جيڪو مون کي گهر ۾ ئي ڪڏهن ڏاڏِي سانئڻ ڪڏھن وڏي ڀاءُ سجاد پڙھايو ھو) ته ڏاڏِي منھنجي پڙھائيءٓ لاءِ ڪافي فڪرمند ھئي. ھن ھاء اسڪول جنجهي جي ھڪ استاد سائين نعمت الله، جيڪو رشتي ۾ سندس ڀاڻيجو به ھو، ان کي گهرائي، صلاح مشورو ڪيو ته بختاور کي پڙھائڻو آھي. جيڪڏھن اوھان مان ڪو استاد گهر اچي کيس پڙھائي ته ڏاڍو سٺو. نه ته ھن کي اسڪول موڪليان.
سائين نعمت الله ڏاڏيءٓ کي ورڻايو ھو، ماسي! اسڪول جي پڙھائي جھڙي پڙھائي گهر ۾ ممڪن ناھي، تنھنڪري بختاور کي اسڪول موڪليو. ھوءٓ اسانجي نياڻي آهي، اسان سڀ سندس خيال رکنداسين.
ائين مون ڇھين ڪلاس کان باقاعدي اسڪول وڃڻ شروع ڪيو.
ھڪڙو ملان استاد جيڪو منھنجو مائٽ به ھو، اسانکي عربي پڙھائيندو ھو. ڪلاس ۾ ايندي ئي منھن ڦٽائي، ڪرسي کڻي ڪلاس روم جي دروازي تي رکرائي، مونکي ذري گھٽ پٺي ڏئي ويھندو ھو. نہ منھنجي ڪاپي چيڪ ڪندو ھو، نه مون کان سبق پڇندو هو!
آئون ڏھن سالن جي عمر ۾ اھو رويو سمجهي نہ سگهي ھيس ته منھنجو ڏوھ ڪھڙو آھي؟
پر جڏهن سمجهه آيم ته ھي ھن مرداڻي سماج جو اھو ھڪ ردعمل ھيو ته ھڪ ڇوڪري ڇوڪرن جي اسڪول ۾ ڇو پئي پڙھي؟
سا به وري ھڪ ڪميونسٽ جي ڌيءُ. پر مون ان کي ڪڏھن ذھن تي نه آندو
ٻيا استاد گهڻي ڀاڱي خيال رکندا ۽ ڀائيندا ھئا. ڪي مائٽ ھئا، ڪي وري صرف ڳوٺائي. ٻيو ته اھو اسڪول ئي منھنجي ڏاڏا سائين، محمد سچل جنجهي ڪوششون ڪري کولرايو ھو. (جيڪو ھيئنر ڏاڏا سائين جي نالي سان منسوب آھي.)
تنھن ڪري سڀئي لحاظ ڪندا هئا.
ھڪ اڌ ٻئي بنا ڏاڙھي واري ملان استاد به بڪواس ڪئي ھئي ته ھي ڪامريڊ بيغيرت آھن، نياڻي کي ڇوڪرن سان گڏ پيا پڙھائين.
ڳوٺ ۾ ھينئر تائين گرلز هاءِ اسڪول منظور ٿي نہ سگهيو آهي.
خير اھو فرق ته گهڻو اڳ ختم تي چڪو ھو ته ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا گڏ نه پڙھن.
مون ۽ منھنجن مائٽن اھڙين روين جي باوجود تعليم جاري رکي.
1988 ۾ اسان حيدرآباد لڏي آياسين. باقي تعليمي سفر مون ھتي جاري رکيو.

استنبول ئي منھنجو مقدر آھي (اورحان پامڪ)
مون ڪڏهن بہ استنبول نہ ڇڏيو آھي. ۽ نہ وري مون اُهي گهر، اُهي گهٽيون، يا وري پنھنجي ننڍپڻ جا پاڙا ڇڏيا آھن. جيتوڻيڪ آئون وقت بہ وقت استنبول جي مختلف علائقن ۾ رهيو آهيان، پر پنجاهہ سالن کان پوءِ آئون وري انهن ئي ‘پاموڪ اپارٽمينٽس’ ۾ آھيان، جتي منھنجيون پھرين تصويرون ڪڍيون ويون هيون ۽ جتي، منھنجي ماءُ مون کي پھريون ڀيرو پنھنجي ٻانھن ۾ کڻي دنيا ڏيکاري هئي.
اسان هڪڙي اهڙي دور ۾ رهون ٿا جيڪو عالمي طور تي ڌرتي ڇڏيندڙ ۽ لڏيندڙ تخليقڪارن جي حوالي سان سڃاتو ويندو آھي. ڪڏهن ڪڏهن منھنجي لاءِ اهو ٻڌائڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي تہ آئون نہ رڳو ساڳي شھر، پر ساڳي ئي عمارت ۾ ڇو رهيو پيو آهيان. منھنجي ماءُ جو ڳڻتيءَ ڀريو آواز مون کي ياد ايندو آھي، “تون ڪجهہ وقت لاءِ استنبول کان ٻاهر ڇو نٿو نڪرين؟ تون پنھنجو ماحول بدلائڻ جي ڪوشش ڇو نٿو ڪرين؟ ڪجهہ سير سفر ڪر…”
ڪانرڊ، نابوڪوف، نائپال اهڙا اديب آهن جيڪي ٻولين، ثقافتن، ملڪن، کنڊن، بلڪہ تھذيبن جي وچ ۾ لڏپلاڻ ڪرڻ جي حوالي سان سڃاتا ويندا آھن. انهن جي تخيل کي جلاوطنيءَ مان اھڙي سگهه ملي جيڪا ڌرتي ۾ پاڙون ھئڻ مان نہ، پر بي پاڙي هئڻ مان حاصل ٿيندي آھي. پر، منھنجي تخيل جي گھرج آهي تہ آئون ساڳي شھر، ساڳي گهٽي ۽ ساڳي گهر ۾ رهان ۽ ساڳيو ئي منظر ڏسان. استنبول جو مقدر ئي منھنجو مقدر آهي. آئون پنھنجي شھر سان انھيءَ ڪري جڙيل آهيان ڇو تہ آئون اڄ جيڪو ڪجهه آهيان، سو منھنجي شھر جي ڪري آھيان.
فرانسيسي ناول نگار گستائو فلابرٽ، منھنجي ڄم کان 102 سال اڳ استنبول آيو هو. ھُو هتان جي مختلف قسمن جي ماڻهن سان ڀريل گهٽين ۽ ڀرپور زندگيءَ کان تمام گهڻو اتساھڪ ٿيو هو. پنھنجي هڪڙي خط ۾ ھُن اها اڳڪٿي ڪئي هئي تہ هڪ صديءَ کان پوءِ هيءُ شھر دنيا جو گاديءَ جو هنڌ هوندو. پر ٿيو اُنهيءَ جي بلڪل ابتڙ. عثماني سلطنت جي خاتمي کان پوءِ، دنيا تقريبن وساري ڇڏيو تہ استنبول جو ڪو وجود بہ آهي. جنهن شھر ۾ آئون پيدا ٿيس، اهو اُنهيءَ وقت پنھنجي ٻن هزار سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ غريب، بدحال ۽ اڪيلو هو. منھنجي لاءِ اُھو هميشہ پراڻن کنڊرن ۽ زوال پذير سلطنت جي اداسيءَ وارو شھر رهيو آهي. مون پنھنجي پوري زندگي يا تہ استنبول جي اُنهيءَ اداسيءَ سان جهيڙيندي گذاري آهي يا وري ٻين شھر واسين وانگي انهي اداسيءَ کي پنھنجو ڪري ورتو آهي.
زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو، پاڻ کي سڃاڻڻ جي خواھش اسان کي پنھنجي جنم جي حالتن تي سوچڻ تي مجبور ڪندي آهي. اسان ڀلا دنيا جي اُنهيءَ مخصوص ڪنڊ ۾، ۽ اُنهيءَ خاص تاريخ تي ئي ڇو پيدا ٿياسين؟ جنم کان مليل اسان جا خاندان، زندگيءَ جي ڪُڻي ۾ اسان جي حصي ۾ آيل اسان جا ملڪ ۽ شھر، اسان کان محبت جي گهُر ڪن ٿا ۽ اسان بہ دل سان انهن سان محبت بہ ڪيون ٿا. پر ڇا اسان اڃان ڪنھن بھتر زندگيءَ جا حقدار هئاسين؟ آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان تہ آئون ڪيترو بدقسمت هئس جو هڪ اهڙي پراڻي ۽ غريب شھر ۾ پيدا ٿيس، جيڪو هڪ تباهہ ٿيل سلطنت جي ڦلھيارن هيٺان دٻجي ويو هو. پر منهنجي اندر جو هڪ آواز هميشہ اصرار ڪندو آهي تہ اصل ۾ اهو ئي منھنجو ڀاڳ ھو. جيڪڏهن ڳالهہ پئسي ڏوڪڙن جي آهي، تہ آئون پاڻ کي يقينن ڀاڳوارو چئي سگهان ٿو تہ آئون هڪ آسودي گهر ۾ ان وقت پيدا ٿيس، جڏهن شھر پنجنجي زوال جي آخري حد تي هو. جيتوڻيڪ ڪجهہ ماڻهو اُنهيءَ جي ابتڙ سمجھن ٿا. بنا ڪُرڪڻ جي پنھنجي جنم جي شھر کي مون ائين ئي قبول ڪري ورتو آهي جيئن مون پنھنجي جسم ۽ جنس کي قبول ڪيو آهي. جيتوڻيڪ منھنجي خواهش هئي تہ آئون وڌيڪ سھڻو ھجان ھا يا اڃا بہ معصوميت سان پاڻ کان پڇندو آهيان تہ وڌيڪ ڀلو نہ ھجي ھا جيڪڏهن آئون عورت ٿي پيدا ٿيان ها… منھنجو شھر، منھنجي وجود جيان ئي منھنجو مقدر آهي، ۽ اُنهيءَ تي بحث ڪرڻ اجايو.
آئون ستين جون 1952 تي آڌي رات جو ‘موڊا’ جي هڪ ننڍڙي خانگي اسپتال ۾ پيدا ٿيس. مون کي ٻڌايو ويو تہ انھيءَ رات اسپتال جا ڪاريڊور ماٺا هئا، ۽ ائين ئي دنيا بہ پر امن هئي. منھنجي جنم کان ٻہ ڏينھن اڳ اسٽرامبوليني جي ٻرندڙ جبل مان اوچتو نڪرندڙ باهہ ۽ رک کان سواءِ، لڳي ٿو تہ اسان جي ڌرتيءَ تي ٻي ڪا خاص اٿل پٿل نہ ٿي هئي. اخبارون غير اھم خبرن سان ڀريل هيون. ڪجهہ خبرون ڪوريا ۾ وڙهندڙ ترڪي جي فوجين بابت هيون تہ ڪجهہ آمريڪين پاران ڦھلايل اُهي افواهہ هئا تہ م اتر ڪوريا شايد حياتياتي هٿيار استعمال ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو ھو. منھنجي پيدائش کان ڪجهہ ڪلاڪ اڳ، منھنجي ماءُ هڪ مقامي خبر ۾ وڏي دلچسپي وٺي رهي هئي. ٻہ ڏينھن اڳ، قونيہ اسٽوڊنٽ سينٽر جي نگرانن ۽ “بھادر” رهواسين هڪ خطرناڪ نقاب پوش ڏوھاري کي، هڪ گهر جي وھنجڻ جاءِ جي دريءَ مان اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪندي ڏٺو هو. ھُنن گهٽين ۾ سندس پيڇو ڪيو ۽ کيس ڪاٺ جي گودام تائين وٺي ويا، جتي پوليس کي گارگند ڪرڻ کان پوءِ، اُنهيءَ ڏوهاريءَ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. سيڌو وڪڻندڙ هڪ دڪاندار سندس لاش جي سڃاڻپ لانگا نالي هڪ اهڙي ڏوھاريءٓ طور ڪئي، جنھن هڪ سال اڳ ڏينھن ڏٺي سندس دڪان ۾ گهڙي بندوق جي زور تي کيس ڦُريو هو.
منھنجي ماءُ جڏهن اُنهيءَ واقعي بابت خبرون پڙهي رهي هئي، تڏهن هوءَ پنھنجي ڪمري ۾ اڪيلي هئي، يا گهٽ ۾ گهٽ ڪيترن سالن کان پوءِ ھُن مون کي پشيماني ۽ بيزاريءَ مان ائين ئي ٻڌايو هو. منھنجو پيءُ مونکي اسپتال پھچائڻ کان پوءِ ڳڻتيءَ ۾ ھو، ۽ جڏهن منھنجي ماءُ جي ويم واري حالت ۾ ڪا بھتري نہ آئي، تہ ھُو دوستن سان ملڻ هليو ويو هو. ويم واري ڪمري ۾ ساڻس رڳو منھنجي ماسي هئي، جيڪا اڌ رات جو اسپتال جي باغ جي ڀت ٽپي اندر پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي. منھنجي ماءُ جڏهن پھريون ڀيرو مون تي نظر وڌي، تہ کيس آئون پنھنجي وڏي ڀاءُ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٻرو ۽ نازڪ لڳو هوس.
ھتي اھو آئون ٻڌائيندو ھلان تہ ترڪي ٻوليءَ ۾ اسان وٽ هڪ خاص زمان هوندو آهي، جيڪو اسان کي ٻڌل ڳالهہ ۽ پنھنجي اکين سان ڏٺل واقعي جي وچ ۾ فرق ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. اسان زمان جو اھو صيغو تڏھن استعمال ڪندا آهيون جڏهن اسان خواب، پرين جون ڪھاڻيون يا اهڙا ماضيءَ جا واقعا بيان ڪندا آهيون جن جا اسان پاڻ شاھد نہ هوندا آهيون. پنھنجي زندگيءَ جي شروعاتي تجربن کي ياد ڪرڻ وقت پڻ اھو هڪ ڪارائتو فرق رکڻو آهي. اسان جا پينگها، اسان جون ٻارن واريون گاڏيون، اسان جا پھريان قدم اهو سڀ ڪجهہ اسان کي پنھنجي ماءُ پيءُ جو ٻڌايل هوندو آهي. اسان پنھنجي باري ۾ اُهي قصا ائين ئي پوري توجهہ سان ٻڌندا آهيون ڄڻ ڪنھن ٻئي فرد جو دلچسپ قصو ٻڌندا ھجون. اهو احساس اھڙو ئي دلچسپ ھوندو آهي ڄڻ پاڻ کي خواب ۾ ڏسڻ. پر اسان کي اُنهيءَ جي وڏي قيمت ڀرڻي پوندي آهي. هڪ دفعي جڏهن اسان جي ذهنن ۾ پاڻ بابت اُھي ٻين جون ٻڌايل ڳالهيون نقش ٿي وينديون آھن تہ اُھي، اسان لاءِ پنھنجين سندين يادگيرين کان وڌيڪ اهم ٿي وينديون آھن. جنھن نموني اسان پنھنجي زندگيءَ بابت ٻين کان ڄاڻون ٿا، ائين ئي اسان پنھنجي شھر بابت بہ پنھنجو تصور ٻين جي ٻڌايل ڳالهين مطابق جوڙيندا آهيون.
ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن آئون پنهنجي شهر ۽ پنهنجي باري ۾ ٻڌل ڪھاڻين کي پنھنجو سمجهي وٺندو آهيان، تہ منھنجي دل چاهيندي آهي تہ چوان ”هڪڙو زمانو هو جڏهن آئون تصويرون ٺاهيندو هوس. مون ٻڌو آهي تہ آئون استنبول ۾ پيدا ٿيو هوس. ۽ آئون سمجهان ٿو تہ آئون ٿورو عجيب ٻار هوس. پوءِ، جڏهن آئون ٻاويھن سالن جو ٿيس، تہ لڳي ٿو ڄڻ مون بنا ڪنھن سبب جي ناول لکڻ شروع ڪري ڏنا.“ آئون چاهيان ٿو تہ پنھنجي سڄي ڪھاڻي اهڙي طرح لکان تہ ڄڻ منھنجي زندگي، ڪنھن ٻئي سان پيش آيل واقعو هجي. ڄڻ تہ اُهو ڪو خواب هجي جنھن ۾ مون کي پنھنجو آواز جهيڻو ٿيندي ۽ پنھنجي مرضيءَ کي ڪنھن طلسم جي حوالي ٿيندي محسوس ڪيو هجي. داستان جي ٻولي ڪيتري بہ خوبصورت هجي، پر مون کي اها بي اعتباري لڳندي آهي. ڇو تہ آئون اهو قبول نٿو ڪري سگهان تہ اسان جي صفا اوائلي زندگيءَ بابت اُهي قصا اسان کي پنھنجي اصل زندگيءَ لاءِ تيار ڪن ٿا جيڪا اسان جي سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ شروع ٿيڻي آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون جھڙن ماڻهن لاءِ اها ٻي زندگي ٻيو ڪجهہ بہ ناهي، پر اهو ئي ڪتاب آهي جيڪو هن وقت توهان جي هٿ ۾ آهي. تنھنڪري، پيارا پڙهندڙو، پوري توجهہ سان پڙهو. مون کي توهان سان سچ ڳالهائڻ ڏيو، ۽ بدلي ۾ آئون توهان کان همدرديءَ جو طلبگار آهيان.
(اورحان پامڪ جي ساروڻين جي ڪتاب ”استنبول“ جي پھرئين باب مان کنيل ٽڪرو)

ايما! توکي ايڏي تڪڙ ڇو آھي؟ (پرڏيھي سفرن جون ڪَٿائون-۳)
اھو اڪيڊميءَ ۾ منھنجو ٽيون ڏينھن ھو، جو مون ھڪ خوبصورت ڇوڪريءَ کي اڪيڊمي جي ورانڊن، ڪيفي ۽ اسانجي ليڪچر ھال ۾ تيز تيز ھلندي ڏٺو. ناشتي تي صبح جا ساڍا ست ھجن يا سڄو ڏينھن اڪيڊمي ۾ اندر ھل ھلان ھجي، ھوءَ وڏا وڏا قدم کڻندي، تيز تيز ھلندي ھئي. لڳندو ھو ڄڻ جھانُ ھوءَ پئي ھلائي. ھلائي ڇا پئي، پر سڄي جھانَ ھلائڻ جي ڳڻتي رُڳو ھن کي ئي آھي. ھوءَ بيھي رھندي يا پنھنجي رفتار کي ڍَرو ڪندي ته ڪائنات بيھي رھندي، ڌرتي بائيبل جي ڌُڪي جيان ساڪن ٿي ويندي. ھن جي ھٿن ۾ اڪيڊمي جي مختلف ھالن ۾ ھلندڙ ليڪچرس جا پَنا يا پرنٽ ھوندا هيا ۽ ھوءَ انهن جا انتظام ڏسندي ھئي. ھن جو نالو ايما ھو، جنھن جو مطلب آھي مڪمل، ڪائناتگير يا سڄي. ھن تي شايد سندس نالي جو اثر ھو، جو ھوءَ پنھنجي وِکَ وِکَ ۾ پاڻ کي مڪمل ۽ ڪائناتگير سمجهندي ھئي. ھن جي شخصيت ۾ اُھي سموريون خصلتون نظر اينديون هيون، جيڪي جرمني ۽ يورپ جي ڪيترن ملڪن خاص طور برطانيه ۾ ان نالي سان منسوب ڪيون وينديون آھن يعني مضبوط ارادي واري، ذهين، سمجهدار، دلڪش، نرم مزاج ۽ اعتماد سان ڀرپور. يارهين صديءَ ۾ نارمينڊيءَ جي ايما ٻه ڀيرا انگلينڊ جي راڻي بڻي ھئي. هن پھريون ڀيرو بادشاهه ايٿليريڊ سان شادي ڪئي، ۽ سندس وفات کان پوءِ وائڪنگ بادشاهه ڪِنَٽ سان شادي ڪئي ھئي. سندس زندگي هڪ سياسي ڊرامي جھڙي لڳي ٿي، جنھن ۾ حملا سَھڻ، وفادارين جو بدلجڻ، ۽ شاهي سازشن سان ڀرپور زندگي. پر ھيءَ گُلن تي ماڪَ جھڙي نفيس ايما ھن کان گهڻو مختلف ھئي.
جرمن لوڪ تاريخ ۾ ھڪ اھڙي ايما جو ذڪر ملي ٿو ته ايما نالي هڪ ڇوڪري هئي، جيڪا هڪ ئي وقت هر شيءِ جو تجربو ڪرڻ چاهيندي هئي يعني هر خواب، هر ڪاميابي، ھر خوشي۔ هوءَ زندگيءَ ۾ جلدي جلدي انيڪ داخلي ۽ خارجي تجربن مان گذرندي رهي، ڪڏهن به نه بيھندي ھئي. هڪ ڏينھن هن جي ملاقات هڪ پوڙهي عورت سان ٿي، جنھن کيس چيو ھو ته دنيا کي هڪ ئي ڀيري اُڪلائڻ لاءِ نه ٺاهيو ويو آهي، ان کي آهستي آهستي چَکي محسوس ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. پوءِ ايما ٿانيڪو ٿيڻ شروع ڪيو ھو ۽ ايئن پھريون ڀيرو هن واقعي زندگيءَ کي محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ھو. پر ھيءَ ايما اڃا ان نتيجي تي نه پھتي ھئي. مون اڪيڊميءَ ۾ ھن کي نھايت گهٽ ڳالهائيندي ڏٺو. ھوءَ شايد پنھنجين تيز وکن جي آواز ذريعي ڳالهائيندي ھئي. ھونئن به ڳالهائبو رُڳو زبان، ٻولي ۽ لفظن سان ناھي. احساسن، روين، تاثرن، ادائن، مُنھنَ، ھٿن ۽ وِکُن سان به ڳالهائي سگهبو آھي. ھن ڇوڪريءَ زندگيءَ ۾ پنھنجين تيز وِکن سان ئي ڳالهائڻ جو شعوري يا لاشعوري فيصلو ڪيو ھو. ھوءَ گُمرسباخ جي ان ٿيوڊور هيوس اڪيڊميءَ ۾ پروگرام اسسٽنٽ ھئي، جنھن ۾ مان ھڪ سياسي تعليم جو اڪيڊمڪ ڪورس (عالمگيريت، گورننس ۽ سلامتي) پڙھڻ آيو هيس. اسانجي اُھا اڪيڊمي گُمرسباخ شھر جي جبل تي قائم ھئي. اھو ننڍڙو جابلو شھر يورپ جي مشھور درياھَ رائن جي ڪناري تي آھي، جنھن جي کاٻي پاسي جرمنيءَ جو مشھور شھر ڪولون ۽ ساڄي پاسي هائيڊل برگ آھي، جتي اقبال جي نالي سان منسوب گهر ۽ گهٽيءَ کي محفوظ ڪيو ويو آھي. دلچسپ ڳالهھ ته ھن ئي شھر ۾ اقبال جي ھڪ مستشرق جرمن دوست ايما به رھندي ھئي، جنھن جو ذڪر اقبال جي زندگيءَ ۾ ملي ٿو. 1907ع ۾ جڏهن علامه محمد اقبال اعليٰ تعليم لاءِ جرمني ويو ۽ هائيڊل برگ يونيورسٽيءَ ۾ قيام ڪيو، تڏهن اتي سندس ملاقات ايما سان ٿي ھئي، جنھن جو سڄو نالو ايما ويگي ناسٽ ھو ۽ ھوءَ هڪ اعلي تعليم يافته، باوقار مائي هئي. هن کي ٻوليءَ ۽ ادب سان گھِري دلچسپي هئي ۽ خاص طور تي مشرقي فلسفي ۽ فڪر ڏانھن گهڻو مائل ھئي. ھيءَ سياسي تعليم جي اڪيڊمي جنھن دانشور ٿيوڊور هيوس جي نالي سان منسوب ڪئي وئي آھي، اُھو ھٽلر کان پوءِ جرمنيءَ جو پھريون متفقه چانسلر ٿيو ھو ۽ ھو مشھور لبرل جرمن فلسفي فريڊرڪ نيومن جو شاگرد ھو، جنھن کي منھنجو پيارو دوست توثيق حيدر فريد نعمان سڏيندو آھي. اڪيڊمي ۾ اسانجو ليڪچر ھال ۽ ھال ڏانھن ايندڙ ڪاريڊور ڪاٺَ جي ٽائيلن جا ھئا، سو جي ايما پري کان به ايندي ھئي ته سندس بوٽن جو کڙڪو سڄي ليڪچر ھال ۾ ٻُڌبو ھو. ھن جي حَسين ۽ معصوم چھري کي ڏسي دل چوندي ھئي ته ھن کي ته ڪوبه ڪم نه ھئڻ گهرجي، ھن جو ھن جھانَ ۾ ھُجڻ ئي ھن جو ڪارج آھي ۽ ھن کي ڏسڻ خود ھڪ ڪم آھي- پر ھن جي وِکن ۾ اوٿَرَ ۽ واچُوڙا ھئا. ھيءَ گُلاب جي پنکڙيءَ جھڙي نازڪ نفيس ڇوڪري پنھنجي اندر جي اوٿرن ۽ واچُوڙن ۾ ڪٿي ٿَي بيھي سگهي. ٿانيڪائيءَ جو تصور ھن جي لُغت ۾ ئي نه ھو. ھن جي تڪڙ ۽ ڇوھائپ کي ڏسي دل چوندي ھئي ته کيس تائو مَت جي اھا چوڻي ٻُڌايان ته ڌيرج سان ھلڻ وارا به منزل کي رَسي ويندا آھن. ڪَمَ تڪڙ ناھي اُڪلائيندي، پر قابليت، رٿابندي ۽ حڪمت عملي سان زندگيءَ ۾ ڪمَ اُڪلائي سگهبا آھن.

تڪڙ بابت انيڪ لوڪ ڏاھپ جون چوڻيون ھر دور ۽ تھذيب ۾ مشھور رهيون آھن، جن مان مونکي اُپنشدن جي ھڪ چوڻي ياد آھي ته تڪڙ اڪثر پڇتاءَ جو سبب بڻبي آھي. اڪبر بادشاھ جيڪو پڙهيل ته نه ھو، پر ڏاھن جي صحبت ۾ رھندو ھو ۽ جنھن کي مغل بادشاھن مان سڀني مان وڌيڪ سمجهدار سمجهيو ويندو آھي، جي باري ۾ قصو مشھور آھي ته ھن ھڪ ڀيري ملزم کي بنا ٻُڌڻ جي تڪڙ ۾ موت جي سزا ڏني. جڏھن سزا تي عمل ٿي ويو ته کيس معلوم ٿيو ته مٿس چُغلي بدنيتي ھئي ۽ ھو ملزم معصوم ھو. بادشاھ کي وڏو وقت ان تي پڇتاءُ رهيو ۽ ھو پوءِ سڄي زندگي تڪڙ کي پسند نه ڪندو ھو. سڪندر مقدوني جو قصو آھي ته ھن سان سفر ۾ ھڪ شاندار ۽ مضبوط رَسو ساڻُ ھوندو ھو، جنھن کي سندس ڪنھن سپاھيءَ وِچان ڳنڍ ڏئي ڇڏي ھئي. سڪندر جڏھن ڳنڍ نه کولي سگهيو ته ھن پنھنجي تلوار سان رَسيءَ کي ڳنڍ وٽان ڪَٽي ڇڏيو. رَسو کيس وڻندو ھو سو کيس سدائين ان جي ٻه اَڌَ ٿيڻ جو ارمان رھندو ھو. روميءَ جي ھڪ شاگرد کي پاڻيءَ جي لاءِ ھڪ کُوھُ کوٽڻو ھو، پر ھو مزاج ۾ بي صبرو ھو. سو ھر ھنڌَ ويو کاٽي ڪندو، ۽ ائين انيڪ جاين تي اَڌوگابرا کُوھَ کوٽيندو رهيو، پر ڪوبه کُوھُ مڪمل نه کوٽڻ سبب پاڻي ھٿ نه ڪري سگهيو. جڏھن اُھا ماجرا اچي پنھنجي استاد روميءَ کي ٻُڌايائين ته استاد کيس چيو ته بي صبرائپ ۾ گهڻا اَڌوگابرا کُوھَ کوٽڻ بجاءِ جي ھو صبر سان اُھا سڄي محنت ھڪ کُوھَ تي ڪري ھا ته پاڻيءَ تائين پُڄي وڃي ھا. ارسطو پنھنجي دور جو مصروف ترين فلسفي ۽ سائنسدان ھو. سندس تجربي گاھ ۽ درسگاہ ۾ سورنھن شعبا ھوندا ھئا، پر ھو هميشه ٿانيڪائيءَ سان ڪم ڪندو ھو ۽ چوندو ھو ته فلسفي ۽ فطري علمن کيس توازن سيکاريوآھي. چيني ڏاھو ڪنفيوشس چوندو ھو ته تڪڙو ھلڻ وارا جلدي ٿڪجي ويھي رھندا آھن، پر آھستي ھلڻ وارا ڊهو پنڌُ ڪري سگهندا آھن. ھو چوندو ھو ته تڪڙيون وِکون کڻڻ وڏي ڳالهھ ناھي، پر مسلسل ھلندو رھڻ وڏي ڳالهھ آھي. وڏن ماڻهن جي وِيچارن ۾ ڪيڏي نه ھڪ جھڙائي ھوندي آھي. لطيف سائين به اورچائيءَ سان ھلندي رھڻ کي وڏي ڳالهھ ڄاڻايو آھي. وڏن ماڻهن سان منسوب ڳالهيون به ڏاڍيون دلچسپ ۽ ڏاھپ ڀريون ھونديون آھن. ائين ايراني ڏاھي زرتشت سان منسوب چوڻي آھي ته تڪڙ منتشر ذھن جو رويو ھوندو آھي. ڪيف پسند ماڻهن جي ھڪ وڏي وجودي خوبي اھا ھوندي آھي ته انھن ۾ تڪڙ ناھي ھوندي. ھو اصل ۾ زمان کان وڌيڪ مڪانَ کي اهميت ڏيندا آھن، جو زمانَ تي انسان جو وَسُ ناھي ھلندو ۽ مڪانَ جي ڪُنجي ماڻهوءَ جي پنھنجي ھَٿَ ۾ ھوندي آھي- ۽ هو زمان کي وھڪري ۾ نه پر گهڙيءَ ۾ ڏسندا ۽ انکي مڪانَ سان جوڙيندا ويندا آھن، انڪري انھن وٽ زمان ۽ مڪانُ وحدت جي صورت ۾ ھوندو آھي ۽ اُھا وحدت وجود جي ٿانيڪائيءَ ۽ ڏاھپ سان گڏجي ڪيفُ پيدا ڪندي آھي.

ايما کي مون ڪنھن کي به چِتائي ڏسندي نه ڏٺو، نه ڪنھن ماڻهوءَ کي، نه ڪنھن شيءِ کي، نه اڪيڊميءَ جي چوڌاري حسين ساوَن جبلن کي، نه ڪونڊين ۾ لڳل گُلن کي ۽ نه ڪنھن پَھرَ کي. دل سوچيندي ھئي ته ڇا ھن حَسين ۽ پنھنجي حُسن کان بي نياز ڇوڪريءَ ڪڏھن پاڻ کي آرسيءَ ۾ چِتائي ڏٺو ھوندو؟ نرگس کي ته پاڻ کي ڏسڻ لاءِ اکيون ڪونه هيون، پر ھن ته پنھنجيون حَسين نيريون اکيون پنھنجين تڪڙين وِکُن ۾ وجهي ڇڏيون هيون. ھوءَ پاڻ ته ڪنھن به شيءِ کي چِتائي نه ڏسندي ھئي، پر ھن کي به اکين جي ڍَوَ جيان گهُوري ڏسي نه سگهبو ھو، جو تيز گهُلندڙ ھوا کي گهُوري ناھي سگهبو. ھوءَ اوٿرن جي مُندَ ۾ اُسريل ڪو ڪومل گل ھئي، جنھن کي بيٺل ۽ سانتيڪو ڏسي ناھي سگهبو.

<link rel="preconnect" href="https://fonts.googleapis.com">
<link rel="preconnect" href="https://fonts.gstatic.com" crossorigin>

<link href="https://fonts.googleapis.com/css2?family=Noto+Nastaliq+Urdu:wght@400..700&display=swap" rel="stylesheet">

جلدی میں کيا کيا نه گنوايا ہم نے

ٹھہر کے دیکھتے تو کچھ اور بات ہوتی.

پر ھن کي ان جي پرواھ ڪٿي ھئي. ھن کي ته اُھا نصيحت ڪرڻ به ممڪن ھو ته:

جلدی میں جو آئے ہو، ٹھہرو تو ذرا

ہر کام میں ہوتی نهیں عجلت اچھی.

ڏند ڪٿائي دورن ۾ ھر وصف لاءِ جدا جدا ديوتا ۽ ديويون ھونديون هيون، جي ھيءَ قديم يونان ۾ ڄَمي ھا ته ايما کي تڪڙ جي ديويءَ جو لقب ملي ھا. مان گمرسباخ اڪيڊمي مان ڪورس مڪمل ڪري واپس هليو آيس، پر ھن جي تيز وِکن جا آواز منھنجي ڪَنن ۾ سالن تائين ٻُرندا رھيا. اھڙي ئي ھڪ شام برلن ۾ کيس دل ۾ ساريندي مٿس ھي نظم لکيو هيم ته:

زندگيءَ کان بي پرواھ
ڇوھي ڇوڪري!
توکي ايڏي تڪڙ ڇو آھي؟
ڪَمَ ته نيٺ رھجي ئي ويندا،
کَنَ پَلَ لاءِ ساھي پَٽِ
اکيون ٻوٽِ
وڏو ساھُ کَڻُ
۽ ھڪ نئينءَ اَکِ سان
وري زندگيءَ ڏي نھار!

ڏِسُ!
وَڻن کي ته ڪا به جلدي ناھي
پَکي به شام جو
پنھنجن آکيرن ڏانھن موٽڻ لاءِ
پُرسُڪون آھن
ھَوائون ته ھُونئن ئي بي لغام آھن
بادل ازل کان
آوارہ گردي ڪندا رھن ٿا!

ھو ڏِسُ!
ٻارَ ڪيترا نه بي پرواھ آھن
درياھن کي به
وھڻ لاءِ پڻ ڪا جلدي ناھي
۽ لھرون ته هميشه بي ثبات
۽ پُرڪيف
ھونديون آھن!
رات جو روشني
چُپ چاپ سُمهي رھي ٿي
۽ ڏينھن جو اونداھي
لِڪي جاڳندي رھي ٿي!

زندگيءَ ۽ پنھنجي حُسنَ ۽ جوانيءَ کي
پُٺي ڏئي
تون ڪيترو به ڊوڙين
ڪم ته نيٺ رھجي ئي ويندا!
تو ڏٺو ناھي ته
زندگيءَ ۾ ھر شيءِ اَڌوري آھي
مُحبت
سفر
جُستجو
جاکوڙَ
حسرتون
۽ خود زندگي
سڀ اَڌورا ئي ته آھن!

پوءِ تو ڪڏھن کن پل لاءِ
پاڻَ بابت سوچيو آھي ته
توکي ايڏي تڪڙ ڇو آھي؟
ھڪ ڏينھن تون به نه کُٽندڙ
تڪڙ کان بي نياز ٿي
گُلن تي پوندڙ ماڪَ جيان
ٿَڌي ٿي ويندينءَ
۽ زندگي پوءِ به تنھنجي جوانيءَ جيان گرم رھندي
۽ ڪم ته پوءِ به رھجي ئي ويندا!

(برلن، چرچ اسڪوائر
20 آگسٽ 09
شام جا 7 وڳا)

ڪَلهہ جِي ڳالهه…!
تڏھن آنءُ ڪوٽڙيءَ رهندو هوس، ڪوٽڙيءَ ۾ بہ ڪراچي واھ واري پاسي ريلوي ورڪ شاپ جي ڀرسان. پوءِ ڪوٽڙي شھر آيس، جو شھر ۽ آفيس جي نفسيات ۽ ٽائيمنگ بيزار ۽ بيمار ڪري ٿي وِڌو…!
اڪيلو رهڻ ڪري، ماني پاڻ ڪبي هئي، نہ تہ هوٽلنگ…!

ڪوٽڙيءَ ۾ وڏي عياشي اها هوندي هئي، تہ سائين علي بابا ۽ سنڌُو درياھ تائين ائپروچ سولي هوندي هئي!
درياھ جو لُڙاٽيل پاڻي ۽ علي بابا جا اُڀريل نَسُن وارا هٿ جيڏي مھل دِل چوندي هُئي، اُنهن کي ڇُھي سگهبو هو. چاهبو هو، تہ مُنھَن سان لائي، چُمي بہ سگهبو هو…!
علي تہ پڙهڻ وارن ڏينھَنِ ۾ بہ، ڪڏهن هاسٽل تي اچي رهندو هو. ڪھاڻي “پَلٽيو چنڊُ پڌام تي” هن اسان جي ڪمري تي لِکي هئي. مان تہ سُمِهي پيو هوس. پاڻ اَلائي ڪيڏي مھل سُتو هو. صبح جو مون ڏٺو، تہ ڪمري ۾ ان ڪھاڻيءَ جا چار پنج بَنچَ ڦاٽل ۽ گُهنجيل سَٽيا پيا هُئا…!
عليءَ جي لفظن تلوارَ ڪاوڙ ۾ قھرُ ڪندي هُئي. توڙي جو سندس ڳالهيون بہ لکڻ جھڙيون هونديون هُيون، پر ڪچھرين ۾ دوستن سان، ٻارن سان اهڙو اِيزي هوندو هو، جيئن ايئر پورٽ تي جھاز هلندا ۽ ڦِرندا وتندا آهن. لکڻ مھل علي پيرن تي نہ، پر پَرَ تي هوندو هو!
علي ڪاوڙ ۾ ڳالهائي تہ ويندو هو، پر لِکڻ مھل لڳندو هو، ڄڻ هي قلم مسُ مان نہ، پر کيرَ مان ٻوڙي لکندو هُجي…!
مون کي ايئن لڳندو آهي، ڄڻ علي بابا کان پوءِ رُڳو اسان جي ئي نہ، پر درياھَ جي دِل بہ ڀَڄي پئي آهي…!

هڪ رات جيئن آنءُ ﷲ واري چئونڪ لڳ، بار بِي ڪيُو هوٽل تي جيڪو ڇت تي هوندو هو، چڙهي، اڃا ويھڻ جي پئي ڪئي، تہ منهنجي نظر سائين وفا ناٿن شاهي ۽ سرور نواز ٻُگهيي تي پئي. مون سِڌو وڃي کين سلام ڪيو. مون سائين وفا کي سُڃاتو تہ پئي، پر ساڻس منھنجي اها پھرين ملاقات هئي. سائين وفا جي هٿ ۾ چار پنج وڏا رجسٽر ۽ ڪنھن ڪتاب جي مسودي جيترو مواد هٿ ۾ هو. سرور نواز صاحب جيئن منھنجو تعارف ڪرائيندي نالو کڻي بس ڪئي، تہ وفا صاحب اهو بنڊل مون ڏانھن وڌائيندي چيو:”تنھنجا اکر سُٺا آهن، هي مون کي فيئر ڪري ڏي…!”

ٿوري حيرت لڳي، پر مون سمجهيو, تہ اهو تعارف اڳواٽ ڪنھن ڪرايو هوندو! مون ڪجهه ڏينھن جي مُھلت گُهري، مواد پاڻ وٽ رکيو، جنجن ۾ سندس آتم ڪٿا ٽائيپ حوال هو. انهن ڏينھن ۾ وفا کي پاڻ تي لِکرائڻ جو خيال حاوي هو. جو تاج جويي صاحب کيس چيو : “وفا! تون جن ماڻهن کي پاڻ تي ڪجهه لِکرائڻ لاءِ چوندو پيو وتين، تون انهن کان تمام وڏو شاعر آهين…!”
وفا کي مون پاڻ وٽ ترسايو، جو سرور نواز وٽ رهائش نہ هئي. دير سان سرور نواز، کيس ٽي لکيل مضمون ڏيئي، صبح جو اچڻ لاءِ چئي تہ ويو، پر آيو ڪو نہ…!
ڇو تہ مون شام جو آفيس کان واپسيءَ تي اچي ڏٺو، تہ وفا ويٺو آهي. چيائين: “سرور نواز تہ ڪو نہ آيو…!”
مون کانئُس پڇيو، ته ان ۾ توهان جو ڪم ڪھڙو ھو…!
ٻُڌايائين تہ: “هنن مسودن/رجسٽرن جي بائينڊنگ ڪرائڻ هُئي حيدرآباد ۾ ڪنھن جاءِ تان…!”
وفا وڏو شاعر هو، پر هُو پنھنجي شاعريءَ جا مَسودا، تہ ڇا، پنھنجي ذات کي سنڀالڻ بہ سندس وَس جي ڳالهه نہ هئي!
اهڙن تخليقڪارن جون تخليقون، وَتنديون آهن، جهنگ جي هرڻيُن وانگر هلنديون، جن کي ڪو ساڃھ وَند جهلي آيو، ته واھ، نہ تہ ڪنھن بہ شڪاريءَ جو سولائيءَ شڪار ٿي وينديُون آهن! سندس رضا سان، ڊاڪٽر اسحاق سميجي هن جي نوٽ بوڪن مان، هڪ ڪتاب جيترا غزل چونڊي هڪ مسودو ترتيب ڏنو. سندس خيال هو، پاڻ ڇپائينداسين، جو پبليڪيشن هن جو پراڻو خواب هو، پر پئسہ نہ ٿيا ۽ ڪمپوز ٿيل مواد، يا بٽر، روشني واري ادي علي نواز کي ڏنائين، اهو چئِي، تہ اسان کي ڇپائڻ ۾ متان دير لڳي، تنھن ڪري توهان ڇپرايو، جيڪو “وفا” جي ٽائيٽل سان ڇپيو!

ايئن سنڌي ادب بورڊ وارو مجموعو بہ ڪنھن ترتيب ڏيئي ڇپرايو هوندو، اهڙي ئي قسم جي رجسٽرن تان!
ذوالفقار گاڏهيءَ بہ پنھنجي هڙان وفا جا ٻہ ڪتاب ڇپرايا. هن تي وارو وارو ٿيو، تہ وفا جا مسودا چورايا اٿس. ذوالفقار تہ ڇا، پر ڪنھن بہ وفا جا مجموعا چورايا نہ هوندا، هن پاڻ ڪنھن کي ڇپرائڻ جي آسري ۾ ٿي سگهي ٿو ڏنا هجن، پو ان واپس نہ ڪيا هجن, اها ٻي ڳالھ آھي…! باقي ڪيرُ. ڪنھن جي شاعري پنھنجي نالي ڇپرائي تہ سگهي ٿو، پر شاعر نہ ٿو ٿي سگهي. اهڙا کوڙ شاعر، اديب آهن، جيڪي سڄي عمر شاعر نہ ٿي سگهيا. پَرائِي پرفيوم لڳائي، ان کي پنھنجي خوشبو سمجهڻ، خوش فھمي ئي سمجهڻ گهرجي. لاڻا ۽ لُوتَ، چَوڻ سان چَندن ناهن ٿي سگهندا…!

ڪوٽڙي ۾ منھنجي رهائش خاص نہ هئي. نوڪري وارا شروعاتي ڏينھن، ٿوري پگهار جي ڪري، گُذارو هوندا هئا. لاهور ۾ ڏيڍ مھيني واري ٽريننگ وارن ڏينھن ۾ مسٽر رام چند ۽ مون ٻِي سنگت کان الڳ هڪ سستو هوٽل ڳولي هٿ ڪيو هو. ھاڙھ جا ڏينھن هئا، تنھن ڪري رات جو ڇت تي پيل کٽُن تي وڃي سُمهندا هئاسين!

منصور سيتائي، شھزاد سيتائي بہ تڏهن ڪوٽڙي رهندا هئا. اسحاق سان ميل ملاقات بہ ڪوٽڙيءَ ۾ ئي ٿي. هي تڏھن گهڻو ڪري پنھنجي مامي يا ماسيءَ وٽ رهندو هو.
هڪ سنڊي تي منصور ۽ مون کيس سڀني ٿاڪن تي ڳوليو، پر نہ مليو. هاڻي اسان آسرو لاهي حيدري هوٽل تي چانھ پيڻ ٿي وياسين، تہ اوچتو ڳليءَ ۾ مُنھِن پئجي ويو. منصور، اسحاق سان گهڻي حُجت ڪندو هو، کيس ڏسندي چيائين: “هي تہ وٺُ, اسان ڳولي ڳولي اڌ مُئا ٿي پيا هُون، تون هينئر پيو ظاهر ٿين…!”
اسحاق منھنجو لحاظ ڪندي، ساڳيي انداز سان رِٽليئيٽ نہ ڪيو، پر کِلندي چيو:
“سائين! تون ڪھڙو چڱو ماڻهو، ڪھڙن ڪنن ماڻهن سان ٿو رَليو وتين،…!”

استاد خادم سخيراڻي، ڪوٽڙيءَ پو آيو، جڏهن اسان حيدرآباد هليا آياسين. هن دادُو وانگر باريجا چئوڪ تي ڪلب بہ قائم ڪئي. وچان درياھ جيتري دُوري سبب ساز سِکڻ ۽ سُرَ ۾ اچڻ واري آس، ايئن جو ايئن اَڌُوري ۽ اَڻ پُوري رهندِي رهندِي پئي اچي…!

سائين اختر رند اسان جي تَر ڳوٺ جو هو، سندس طبيعت بہ ڳوٺاڻي ۽ لحاظ واري هئي. هن جي علي سائين ۽ عبدالڪريم بلوچ صاحب سان لڳندي هئي. هي ڪنهن ڳالهه تي ڪنڌُ هيٺ ڪري مُرڪندو هو، تہ سانجهيءَ ٽاڻي ڪنھن ٽانڊاڻي جو ٽمڪڻ ياد اچي ويندو هو…!

اسحاق ۾ جستجو، تخليقي، انفرادي ۽ اختلافي صلاحيتون موجود هيون، جيڪي نَئن جي پاڻي وانگر پٿرن مان نوان رستا ڳولڻ جي جستجو ۾ رهنديون هيون!
هن وٽ دوستيءَ جا وڻ پوکڻ جو آرٽ هو، جيڪو مون وٽ نہ هو. تنھن ڪري آنءُ بہ آرڙھ جي اُسن ۾، انهن وڻن جي ڇانوَ ۾ ايئن اچي ويھندو آهيان، جيئن ڪاڙهي ۾ ڪاڇي وارو مالُ اچي ڪَنڊن جي ڇانوَ ۾ ويھندو آهي…!

درویشن جي دنیا ۾ گهاريل گهڙيون!
دنيا ۾ جنھن به يونيورسٽيءَ يا اڪيڊميءَ ۾ ڪنھن ڪانفرنس ۾ ويندو آهيان ته اصل سفر انھن رولاڪين کي ئي سمجهندو آهيان، جيڪي بنا پروگرام ۽ رٿابنديءَ جي بس پيرن، اکين، تخيل ۽ دل جي پنڌَ جون ڊگهيون ۽ اڻ کُٽ وِکون هونديون آھن. آسٽريا جي شھر سالزبرگ، جيڪو ٻين انيڪ حُسناڪين سان گڏ موزارٽ جو شھر به آھي، ۾ منھنجي آخري رات ھئي. مون سياحن واري ھاسٽل جي مينيجر مائيءَ کان پڇيو ته سالزبرگ کان اڳتي ڪھڙي شھر يا ڳوٺ وڃجي، جو سالزبرگ جو حُسن به وسري وڃي، ان کان اَڳُ جو اُھا جُهوني مائي جواب ڏئي، ھڪ پوڙھي سياح جيڪو پاسي ۾ بيٺو ھو، مون ڏانھن ڏسي بنا سوچڻ جي چيو ته ”انسبروڪ وَڃُ“. اصل ۾ ھن سان ھتي ھاسٽل ۾ ڪجهه ڏينھن رھندي ڪجهه ڏيٺ ويٺ ٿي وئي ھئي. ھو ھڪ گٽارسٽ ھو، جيڪو مون وانگر رولاڪين تي نڪري پيو ھو. ھن جو انسبروڪ جو نالو ورتو ته مائيءَ به چيو، ھا گهمڻ لاءِ اھو ھڪ بھترين جابلو شھر آھي. اھڙن سفرن ۾ ڄاتل شھرن جي ڀيٽ ۾ مونکي اَڄاتل شھر ۽ ڳوٺَ وڌيڪ وڻندا آھن.

صبح جو مان سالزبرگ جي ريلوي اسٽيشن تان انسبروڪ جي ريل ۾ چڙهيس. ريل جو سفر مونکي ھونئن ئي وڻندو آھي، پر جي اھو سفر وري يورپ جو ھجي ته ان جو لُطف ئي پنھنجو آھي. سالزبرگ کان انسبروڪ جو ريل رستي پنڌُ سوا ٻن ڪلاڪن جو آھي ۽ اُھي سوا  ٻه ڪلاڪ رڳو ٻاھر تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ نظارن ۾ ئي اک ڇنڀَ ۾ ئي گذري ويا. انھن سوا ٻن ڪلاڪن ۾ جيڪو اکين ڏٺو ۽ دل محسوس ڪيو، اُھو ڪڏھن وسرڻ جھڙو ئي ناھي. يورپ جا سڀني کان وڏا آبشار ھن ئي رستي سان آھن. خاص طور ڪِرمِل آبشار ته جَڳَ مشھور آھن. اُتان گذرندي دل چيو ته ڪاش! ريل خراب ٿي پوي ھا، لمحو صدين جو ھجي ھا، منظر ساڪن ھجن ھا- پر زندگي تحرڪ جو نالو آھي ۽ تحرڪ ۾ ساعت بي ثبات ھوندي آھي. اُنهيءَ ئي رستي سان ڪُفسٽائين جي ننڍي شھر جا وڏا تاريخي قلعا به آيا. مان ته سالزبرگ به ان جي تاريخي قلعي جي ڪري ئي ويو هيس. قلعا ڀل ته بادشاھن جا يادگار ھجن، پر تاريخ جا تمدني سياسي عڪس به ھوندا آھن. سالزبرگ جي ڊائري جدا لکي اٿم، انڪري ان جو ذڪر ھتي نه ٿو ڪيان. انسبروڪ ويندي ھن سفر جو حَسين ترين پاسو ڪپرون جو ڍنڍ جي ڪناري اُھو ننڍڙو شھر ھو، جنھن جو حَسين منظر هميشه لاءِ اکين ۽ تخيل جي يادگيرين ۾ محفوظ ٿي ويو. ڪناري تي بدڪون، ڍنڍَ ۾ ٻيڙيون، ڍنڍَ جي پريان ساوَڪ ئي ساوَڪ ۽ پويان لڳاتار ساوا چھچ جبلَ. اھڙا نظارا ڏسي ئي انسانَ جنت جو تصور گهڙيو ھوندو. دل چيو، ھتي لھي پئجي ۽ باقي زندگي ھتي ئي رھجي، ڪتابَ پڙھجن، لکجي، راڳُ ٻُڌجي،  پنڌَ ڪجن ۽ زندگيءَ کي سمجهڻ کان وڌيڪ حيرت جي انهن وادين ۾ ئي گذاري ڇڏجي. يورپ مون بار بار ۽ چَپو چَپو گهميو آھي ۽ انيڪ حسين سفر ڪيا آھن، پر ھن سوا ٻن ڪلاڪن جي سفر جو به جواب نه ھو.
انسبروڪ جي ريلوي اسٽيشن تان ان ھاسٽل تي آيس، جنھن جي بڪنگ سالزبرگ مان ئي ڪرائي آيو هيس. سياحتي ھاسٽلن جو ماحول گهر جھڙو يا سادو ھوندو آھي، انڪري انھن ۾ رھڻ جو مزو مونکي وڏيڪ ايندو آھي. اڃا ڏينھن جا ٻارنھن ٿيا ھئا ۽ موسم به جهڙالي ھئي، سو مون به بس سامان ڪمري ۾ رکيو ۽ بس اسٽاپ تان شھر جي بس ۾ سڄي ڏينھن جي ٽڪيٽ وٺي چڙھي پيس. جيئن ئي بس شھر جا چڪر ھڻي مٿي چڙھي ته ھر طرف جبل جي چاڙھي ھئي. منھنجي شھر قمبر ۾ ته ھڪ ئي لاھي چاڙھي ھئي، پر ھي ته سڄو شھر لاهيون چاڙهيون ھو. شھر ڄڻ ته ڪو پيالو ھو، جنھن جو ھر ڪنارو جبل ڏانھن ٿَي ويو. ٻن ڪلاڪن جي بس جي سفرن مان ئي سمجهه ۾ اچي ويو ته شھر اصل ۾ ھڪ جابلو وادي ھو. شھر جي ھر لاھي چاڙھي جبل کان شھر ۽ شھر کان جبل ڏانھن ٿي وئي. پر ھتي جبل تي به مڪمل وسنديون ۽ وڏا پاڙا ھئا. گهٽيون ڪٿي سنهيون ته ڪٿي ويڪريون. جبل تي به ڪُشادا گهر ھئا. مونکي جابلو گهر وڻندا آھن، جو سندن ڇتين تان منظر حَسين ھوندا آھن. منھنجي دوست عاشق سواتي، جيڪو ايم پي اي به رهيو، سندس گهر شنڪياري ۾ چانھن جي باغن جي سامهون جبل تي آھي ۽ سندس گهر ۾ اِنجير جي وڻ تان منھنجا ٻارَ تازا انجير پٽيندا ھئا. مان وٽس فئملي سان وڃي ڏينھَن جا ڏينھَن رھندو هيس. سندس گهر وارِي جي ھٿن جا ٺھيل قيمو ڪريلا  مون کي سدائين وڻندا آھن. دنيا جي ڪيترن شھرن جو وڏو حصو جبلن تي آباد رهيو آھي. مون ڪابل ۾ 2003 ع ۾  ايئن ڏٺو. دنيا جي ڪيترن قديم تاريخي شھرن جون وسنديون جبلن تي آباد رهيون آھن، جيئن اٿينس، روم، يروشلم، پيرو ۾ ماچُو، ترڪيءَ ۾ اِزمير۽ بلغاريه ۾ پلودِو. نيپال کان ڪشمير ۽ پاڪستان جي اُترين علائقن تائين سڄيءَ دنيا ۾ جابلو وسنديون رهيون آھن. جيئن ته مون وٽ سڄي ڏينھن جي ٽڪيٽ ھئي، انڪري مونکي جتي دل چيو ٿي، اُتي لھي ٿَي پيس۽ گهٽين ۽ پاڙن ۾ رولاڪيون ٿي ڪيم.

سڄي ڏينھن جو سفر ايئن ھو ڄڻ فطرت جي ھنجَ ۾ تخليق ڪيل تمدني پينگهه ۾ ماڻهو بس لُڏندو ئي رھي ۽ دل چوي ته سفر لامتناھي ھجي، ھلندو رھي ۽ انجو ڪو آخري اسٽاپ نه ھجي. ايئن انسبروڪ ۾ لھندي چڙھندي، رُلندي، گهمندي شام ٿي وئي. وچ وچ ۾ ڪَڪرَ ڇڻيا ۽ ھلڪا به ٿيا. مان صبح جو سوير اُٿي انسبروڪ لاءِ نڪري آيو هيس ۽ سڄي ڏينھن جي جابلو رولاڪين کان پوءِ جسم جواب ڏئي رهيو ھو، انڪري دل چيو ته ڪنھن پَبَ/ڪيفي ۾ ويھي سڄي ڏينھن جي ڪيفيتن کي سھيڙجي ۽ ٿانيڪو ٿِجي. دنيا جي ھر شھر جي ريلوي اسٽيشن يا بس اسٽاپُ شھر جي وچ ۾ ھوندو آھي، انڪري مان به انسبروڪ جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن واري بس اسٽاپ تي لھي پيس. اُتي ئي ھڪ ساز وڄائيندڙ ھڪ فقير کان پڇيم ته ڪو اھڙو پَبُ جتي شھر جا اديب ۽ آرٽسٽ اچي ويھندا ھجن ته ھن اڳيان کَٻي پاسي ھڪ وڏي پراڻي ۽ شھر جي ھڪ اھم پَبَ ڏانھن اشارو ڪيو. اھو شام جو ساڍي ستين جو وقت ھو ۽ پَبُ سڄو ماڻهن سان ڀريل ھو. ڪنھن به ٽيبل تي ويھڻ جي جاءِ نه ھئي. جاءِ رڳو پَبَ جي ڪائونٽر وٽ اسٽولن تي ويھڻ جي ھئي، انڪري مان به سُري وڃي اُتي ويٺس. منھنجي ڀَرِ ۾ ھڪ بنھه اَڇن وارن وارو پوڙھو ويٺل ھو، جنھن جي عمر پنجھتر کان اَسيءَ جي وِچَ ۾ ٿي لڳي. ھو اڪيلو، خاموش ۽ ڪنھن به سوچ ۽ احساس کان بي نياز ٿي لڳو. ھو منھنجي ساڄي پاسي ويٺو ھو ۽ ھو آس پاس جي ماحول کان ايترو بي نياز ويٺو ھو جو ھن مون ڏانھن نھارڻ جي گهُرج به محسوس نه ڪئي ۽ ان جي گهُرج ھئي به ڪھڙي. مون پنھنجي لاءِ ھڪ مقامي بيئر ورتو، جو مان هميشه جتي به ويندو آهيان اُتي مقامي بيئر ئي وٺندو آهيان. مون ٿَڌي بيئر مان ٻه ٽي وڏا ڍُڪَ ڀريندي ڪائونٽر تي پيل ڀُڳَلَ مڱيرن جي پيالي پاڻ ڏانھن سوري جيڪا منھنجي ساڄي پاسي ويٺل ان پوڙھي جي سامهون پئي ھئي. اُھا ڳالهه ھن کي شايد نه وڻي ۽ ھن مون ڏانھن سخت ڪاوڙيل نظرن سان نھاريو. مون به سندس ڪاوڙيل گهُور کي نظر انداز ڪري، پنھنجي کاٻي پاسي نھارڻ شروع ڪيو، پر ھن جو ڌيانُ ھاڻي مون تي ھو، جڏھن ته پَبَ ۾ اھي شيون سڀني ويٺلن لاءِ هونديون آھن. مون سمجهيو ته ان عمر ۾ اڪثر ماڻهن سان اھڙا مسئلا ھوندا آھن، پر ڳالهه ايتري سادي نه ھئي. ٿوريءَ دير ۾ پوڙھو اٿيو ۽ واش روم ڏانھن ويو. ھو پنھنجو اَڌُ گلاس بيئر جو اُتي ئي ڇڏي ويو ھو، جيئن عام طور ٿيندو آھي. واپسيءَ ۾ جيئن ئي ھن جي نظر مون تي ۽ پنھنجي اَڌُ خالي گلاس تي پئي ته ھو ڪاوڙ ۾ تَپي ڳاڙھو ٿي ويو، جنھن مان ھن جو مطلب ھو ته مون سندس اَڌُ گلاس پي ڇڏيو آھي. ھن جو مُنھنُ ڪاوڙ ۾ ايترو ته تَپي ويو جو مون کي لڳو ته ھو ڪو ڌَڪُ نه ھڻي ڪڍي. مون فوري طور ڪائونٽر واري ھمراھ کي سڏيو ته ھن وڏي اطمينان سان ھُنَ پوڙھي جو گلاس ھاري کيس تازو ٿَڌو بيئر ڀَري ڏنو ۽ کيس ڀاڪرُ پائي چُمي ڏئي، مونکي چيائين ته جيڪو ٿيو، انجي معافي مان ٿو وٺان، جو ھو پوڙھو معصوم آھي. مان ڪو اُلڪو نه ڪيان، جيڪو ظاھر آھي ته اھڙيءَ صورتحال ۾ ممڪن نه ھو.
صورتحال وري اھڙي ٿي وئي ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه ھو. مان به وري بيئر ۽ سڄي ڏينھن جي سحر ۾ گم ٿي ويس. لڳ ڀڳ مُني ڪلاڪ کان پوءِ صورتحال وري ساڳي ٿي، جڏھن پوڙھو وري پنھنجو اَڌُ گلاس ڇڏي واش روم ويو ۽ واپسيءَ تي ساڳي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيائين. مونکي ھن جي پُراسرار شخصيت ۽ اھو رويو سمجهه ۾ نه ٿي آيو. مون پريشاني ۽ خوف ۾ ساڳي نوجوان کي سَڏُ ڪيو ته ھن وري به ساڳيو ئي انداز ورجايو، جيڪو ھن پھرين ڪيو ھو. ھن ڀيري مون کان ٻيڻي معذرت ڪري ۽ پوڙھي جو اَڌُ پيتل بيئر جو گلاس ھاري، کيس وري تازو ۽ ٿَڌو بيئر جو گلاس ڏئي ۽ کيس ڀاڪر پائي پيار مان  چميون ڏئي، پنھنجي ڪم سان لڳي ويو. مون کيس سڏي ڪا ٻي جاءِ ڏيڻ جو چيو، جو ھاڻي پوڙھي جي ڀرسان وڌيڪ ويھڻ مون لاءِ ممڪن نه ھو. پب جي مالڪ ۽  مينيجر مونکي کاٻي پاسي ڪائونٽر جي ڪُنڊَ تي ويھاري چيو ته ھو مون وٽ اچي بعد ۾ ھنَ پوڙھي بابت تفصيل ٻُڌائيندو. مان دير تائين ويٺل رهيس ۽ پوڙھو بيئر جا ٻه اَڌُ گلاس پي هليو ويو، پر مون نوٽ ڪيو ته پَب وارو نوجوان ھن کي ويندو ڏسي تڪڙو ڏانھنس وڌيو ۽ کيس در تائين ڀاڪُرَ ۾ ڀري پاڻ ڇڏي آيو.

منھنجي لاءِ اُھا سڄي ماجرا حيران ڪندڙ ھئي. خاص طور پب جي نوجوان جيڪو مالڪ ٿي لڳو، جي پوڙھي لاءِ غير معمولي محبت ۽ سندس محبت ڀري اھڙي سنڀال، جنھن تي سمجهه ۾ نه ايندڙ حيرت اَڻ ٽر ھئي. منھنجي ھاسٽل جيئن ته گهڻو پري نه ھئي، انڪري مان به دير تائين ويٺل رهيس. شھر ننڍو ھو ۽ ستاويھين نومبر جي ٿڌي رات ھئي، انڪري پَبَ ۾ رش تيزيءَ سان گهٽجڻ لڳي. پَبَ جو نوجوان ايتري ۾ ڀُڳل کاڄن جي پيالي ۽ چِڪن اِسٽرپس به مونکي ڏئي ويو، جن جو مون آرڊر به نه ڪيو ھو. ھن شايد مون سان ٿيل بدمزگيءَ جو ازالو ڪرڻ ٿي گهريو. جڏھن مون اُٿڻ جي ڪئي ته ھن چيو ته مان صبح جي ڪافي سندس پاران وٽس پيئڻ اچان. مونکي به جيئن ته ان تلخ ۽ ساڳي وقت عجيب تجربي جون ڳنڍيون کولڻيون هيون، انڪري مون ساڻس ھائوڪار ڪري کانئس موڪلايو. پب مان نڪري مان سخت سيءَ جي ڪري وڏيون ٻِرانگهون ڀريندو ھاسٽل ڏانھن ھلندو ٿي ويس، پر منھنجي ذھن ۽ ڪيفيت تي اھو عجيب تجربو حاوي ھو. پوءِ ھڪ ڳالهه ياد ڪري، منھنجي حيرت ته قائم رھي، پر اُلڪو ختم ٿي ويو. واقعو هيئن ھو ته 1999ع ۾ اردوءَ جو وڏو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس مظھرالاسلام، جيڪو اسان جو پيارو ادبي ۽ ذاتي دوست رهيو آھي، اسان وٽ حيدرآباد گهمڻ آيو ته اسان يعني مان، ڀائو مولا بخش چانڊيو، حڪيم بلوچ، احسان لغاري، محمود لغاري کيس کاروڇاڻ وٺي وياسون. کاروڇاڻ ۾ جڏھن ٻيڙيءَ ۾ چڙهياسون ته ان ڏينھن ھوا تمام تيز ھئي. مون محسوس ڪيو ته وارياسي جو ماڻهو مظھرالاسلام پاڻيءَ جون تيز لھرون ڏسي سخت خوف ۾ ورتل ھو. وري ٿوري ئي دير ۾ ڏٺم ته ھو ٻيڙيءَ ۾ بلڪل خوش ۽ بي خوف ويٺو ھو. مون کانئس ان بابت پڇيو ته سندس جواب ڏاڍو دلچسپ ۽ غير روايتي ھو. ھن مونکي چيو پھرين مان سخت ڊنُس، پر جڏھن ڏٺم ته ٻيڙي ھلائيندڙ ناکئو پريشان ناھي، جيڪو پاڻيءَ کي سُڃاڻي ته پوءِ مونکي ھرگز پريشان نه ٿيڻ گهرجي. سو مون به سوچيو ته جي پَبَ جو مالڪ اھو نوجوان پريشان نه ھو ته مونکي به ان بابت ڳڻتي نه ڪرڻ گهرجي. ان اطمينان ۾ مان سمهي رهيس ۽ سُتت ئي منھنجي اک لڳي وئي ۽ مان انسبروڪ مان وقتي طور لاشعور جي عدم ڏانھن هليو ويو هيس.
صبح جو اک کُلي ته تازگيءَ جي احساس سان اٿيس. يوناني فلسفي ايپيڪيوريس درست چيو ھو ته خوف خوشيءَ جو ويري آھي، رات سُمهڻ کان اَڳُ مان ان پوڙھي جي پراسرار رويي تي وڌيڪ سوچڻ بجاءِ ساڻس بي پناھ محبت جو اظھار ڪندڙ ان نوجوان جي زنده دل رويي تي خوشگوار حيرانيءَ ۾ سُتو هيس ۽ ان جو ئي نتيجو ھو جو مان ايڏي سٺي احساس سان اُٿيو هيس. تيار ٿيڻ کان پھرين ڊگهو پنڌُ ڪيم جو مينھُن ڀريو بيٺو هو ۽ دل چيو متان اَڄُ گهڻو پنڌُ نه ڪري سگهجي. ڪچڙي منجهند ٿي ته مان به تيار ٿي ان ڪيفي/پَبَ ۾ ويس جتي رات اھو عجيب واقعو پيش آيو ھو. ڪيفي ۾ اڃا رش نه ٿي ھئي. مان جيئن ئي اندر داخل ٿيس ته ڪيفي جو اھو ساڳيو مالڪ مرڪي مون ڏانھن وڌيو ۽ مونکي سامهون ئي ٻن ڪرسين واري ٽيبل تي ويھاري ٻه ڪافيون کڻي آيو. ھن مون سان وري معذرت ڪئي ۽ ساڳيا لفظ ورجايا ته ھو پوڙھو ھڪ معصوم ماڻهو آھي. مون کيس پنھنجي ڪيفيت ٻڌائيندي چيو ته مونکي مٿس مڪمل اعتبار آھي، پر مان ان ماجرا بابت وڌيڪ ڄاڻڻ گهران ٿو.
ھن پنھنجو تعارف ڪرائيندي اُھا ڪَٿا ٻُڌائڻ شروع ڪئي ته سندس نالو احمد آھي ۽ ھو ھتي ڄاول لبناني آھي. سندس پيءُ نوجوانيءَ ۾ ھتي روزگار سانگي لڏي آيو ھو ۽ اھو پوڙھو سندس پيءُ جو ھن شھر ۾ پھريون دوست ھو. ھو ٻئي انھيءَ پَبَ ۾ ڪم ڪندا ھئا ۽ گهڻو پوءِ جڏھن پَبَ جي مالڪ انکي وڪڻڻ گهريو ته اھو پَبُ سندس پيءُ ۽ انهيءَ پوڙھي گڏجي خريد ڪيو ھو. ھن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته سندس اکين مان انهيءَ پوڙھي لاءِ محبت اُڇلون پئي کاڌيون. ھن چيو ته ھن جي پيءُ کي ڪو ڀاءُ نه ھو ۽ اھو پوڙھو ئي سندس سڳو چاچو آھي، جنھن کيس ٻاروتڻ ۾ انسبروڪ جي گهٽي گهٽيءَ ۾ ڪُلهن تي کڻي گهمايو ھو، جو ھن شادي نه ڪئي ۽ پنھنجي دوست جي اولاد کي ئي پنھنجو اولاد سمجهندو ھو. احمد جي اکين ۾ اُھي سڀ عڪس ھئا جن ڳالهين جو ذڪر ھو دل جي اَٿاھ گھرائيءَ ۽ سچائيءَ سان ڪري رهيو ھو. ھن چيو ته سندس پيءُ ۽ انهيءَ پوڙھي جا ٻه ٻيا دوست به آھن، جن مان ھڪ گونگو آھي ۽ اُھي ٻئي روزانو منجهند جي ماني انهيءَ پوڙھي سان گڏ ھن ڪيفي تي کائڻ ايندا آھن. سندس پيءُ ڏھاڪو سال اَڳُ دل جي دوري ۾ گذاري ويو ھو ۽ پُٽ کي پارت ڪري ويو ھو ته ھو سندس مرڻ کان پوءِ انهيءَ پوڙھي کي ھڪ سچي پُٽَ جيان پيار ڪري، سندس سنڀال ڪري ۽ پَبَ جو مالڪ به جيستائين ھو جيئرو آھي، ھن کي ئي سمجهي. احمد چيو ته اھو پوڙھو الزائيمر يعني مڪمل ويسر جي مرض جو شڪار آھي ۽ دنيا ۾ رڳو پنھنجن انھن جيئرن ٻن دوستن ۽ کيس ئي سُڃاڻندو آھي. کيس گهر کان رستو به رڳو ھڪڙو يعني انھي ڪيفي يا پب جو ئي ياد آھي. ھن جي دنيا ڪل اھي ٽي ماڻهو ۽ اُھا ڪيفي ئي آھي.

مان احمد جون ڳالهيون ٻُڌي انھن رشتن جي سچائي جي گھرائيءَ کي محسوس ڪري رهيو ھوس ته سامهون دروازي مان اُھو راتوڪو پوڙھو اندر داخل ٿيو ۽ احمد ڊوڙي وڃي کيس دروازي ڀرسان ئي انهيءَ ٽيبل تي ويھاريو، جنھن جي پاسن کان صرف ٽي ڪرسيون پيل هيون. احمد مونکي اَڳُ ئي ٻُڌايو ھو ته اُھا ٽيبل منجهند جي وقت اُنَ پوڙھي ۽ سندس ٻن دوستن لاءِ مخصوص ھوندي آھي. منھنجو منھن به انھيءَ ٽيبل طرف ھو، پر مان ڪجهه پَرَڀرو ويٺل ھوس ۽ ان پوڙھي کي اُھا خبر نه پئجي سگهي ھا ته مان کيس ڏسي رهيو آهيان، ھونئن به ھو مڪمل ويسر جو مريض ھو، سو راتوڪو واقعو ھن کي ياد ئي نه ھجي ھا ۽ نه وري ھو مون کي سُڃاڻي سگهي ھا. ماڻهن جي آمد تيز ٿيڻ لڳي ھئي ۽ احمد به پنھنجن ڪمن سان لڳي ويو. بس ايندي ويندي ھو پنھنجي معصوم مُرڪَ مون ڏانھن اُڇلي رهيو ھو ۽ ھن جي اندر جو سمورو حُسن سندس انھيءَ معصوم مرڪَ ۾ سمايل ھو. ھو ھڪ سادو، سٻاجهو، سچو ۽ محبتي انسان ھو. ٿَڌِ سبب مون ٻي ڪافي ورتي ۽ تيسين پوڙھي جا ٻئي دوست سٺي خوش لباس انداز ۾ اندر داخل ٿيا. ھي پوڙھو پاڻ به نھايت سادو پر خوش لباس ھو. ساڳيو پوڙھو جيڪو رات ڏمريو ويٺو ھو، ھاڻي مسڪرائي رهيو ھو. ھو ٽئي ھڪ ٻئي سان ڳالهائي نه رهيا هيا. منجهانئن ھڪ گونگو ۽ ٻيو مڪمل ويسر جو مريض ھو. بس ھنن ٽن لاءِ اھو ئي ڪافي ھو ته ھو ٽئي ننڍپڻ جا دوست ھئا، جيڪي پوڙھا ٿي چڪا ھئا پر ھڪ ٻئي سان گڏ ھئا. ھنن جي گفتگو لفظن ذريعي نه پر بيان نه ٿي سگهندڙ خوشيءَ جي احساس ذريعي ٿي رھي ھئي. احمد ھنن لاءِ ھر شيءِ ٽيبل تي پاڻ ٿَي رکي ۽ ھنن مان ھرھڪ آڏو ٿڌي بيئر جو ھڪ ھڪ گلاس به رکيل ھو. ھو پوڙھو دنيا ۽ ڪيفي جي مجموعي ماحول کان بي نياز ھو ۽ ھن لاءِ اھو ڪافي ھو ته ھن جي سامهون ھن جا ٻه دوست ويٺل ھئا ۽ احمد کيس صالح اولاد جيان يا شايد ان کان به وڌيڪ ڀانئي رهيو ھو. انھن ٽن پوڙھن جي اھا مانجهاندي جي ويھڪ خود ھڪ ڪمال تجربو ھو. مونکي محسوس ٿيو ته گونگي دوست سان به بنا ڳالهائڻ جي ڪيفَ ۽ مُرڪن سان ڪچھري ٿي سگهندي آھي. مڪمل ويسر ۾ گم ٿي ويل پوڙھي کي ھاڻي يادگيرين جي گهُرج به نه ھئي. ھن کي گهڻن اجاين لاڳاپن جي به گهُرج نه ھئي، ھو گوتم جي فڪر جيان گهڙيءَ ۾ جيئندڙ شخص ھو، جنھن پنھنجي يادن ۽ ويچارن کي برف جيان ڄمائي ڇڏيو ھو. ٽنهي ننڍپڻ جي پوڙھن يارن وٽ ڳالهائڻ لاءِ لفظ نه پر بس مُرڪون ۽ ھڪ ٻئي سان گڏ ھجڻ جو احساس ھو. ٻولي نه ڳالهائڻ سبب معنويت به ھنن کان گم ٿي وئي ھئي، جنھن جي ھاڻي کين ڪا گهرج به نه ھئي. ھو پوڙھن پکين جيان زندگي گذاري رهيا ھئا. رُوسو کي به اھڙي زندگي گذارڻ لاءِ فطرت ڏانھن واپسيءَ جو شوق ھوندو ھو.
مونکي جبل ڏانھن گهمڻ لاءِ وڃڻو ھو، سو مان پب مان ته نڪري آيس، پر انھن درويشن جي دنيا ۾ گهاريل پَلَ ھڪ حسين احساس سان مون سان گڏ ڪيترا ڏينھن گڏ سفر ڪندا رهيا. انسبروڪ ھڪ تاريخي ۽ حسين شھر ھو، پر منھنجي يادن ۾ انسبروڪ هميشه ٽن يارن جي اُھا ٽيبل ۽ ھنن لاءِ احمد جي  اڻ مَيي پيار جي صورت ۾ محفوظ ٿي ويو. مان اڪثر اُھا ٽيبل يادن جي اک سان ڏسي ۽ انھن ٽن جرمن پوڙھن جي اھا خاموش ڪچھري وڏي مزي ۽ ڌيانَ سان ٻُڌي سگهندو آهيان.

(ٽيھين نومبر ٻه ھزار ٻارنھن، ميونخ، جرمني)

ڪاش! زندگي وائلن جي سازَ جھڙي ھجي ھا!
(پرڏیھي سفرن جون ساروڻیون-۱)

ڪنھن اَڃاتل پارَ ڏانھن ڊگهي پنڌ تي نڪرڻ تہ ھر ڇنڇر آچر جي پرھ ڦُٽيءَ جو منھنجو معمول ھو، پر اڄ معمول کان مختلف ڏینھنُ ھو، جو ھڪ طرف سخت سيءُ ھو تہ مٿان وري مِینھنُ بہ ڀَریو بیٺو ھو. منھنجي رھائش واشنگٽن ۾ پوٽومڪ دریاھَ جي ڪناري تي آخري ۽ ورجینیا جي پھرئین اسٽاپ روزلن تي آھي ۽ واشنگٽن جو سڀ کا قدیم ۽ ڪلاسیڪل یورپي طرز جو پاڙو جارج ٽائون اسانجي گهر کان بس ڏھن منٽن جي پنڌَ تي آھي. پوٽومڪ دریاھ جي بس پُل ٽپبي آھي تہ سامهون جارج ٽائون ھوندو آھي، جنھن جي یونیورسٽي آمریڪا ۾ مشھور آھي. ان جي غیر معمولي طور حسین یونیورسٽيءَ جي عمارت مونکي بیحد وڻندي آھي. ان یونیورسٽيءَ جي پولیٽیڪل سائنس شعبي ۾ ڏکڻ ایشیائي سیاسي ۽ تاریخي موضوعن تي مون ڪافي ڀیرا ھڪ مھمان اسڪالر طور لیڪچر ڏنا آھن. ھي علائقو ان واقعي جي ڪري بہ مشھور آھي جو 25 ڊسمبر 1776ع تي جارج واشنگٽن پنھنجي فوج سان ھتان گذرندي ڊلاویئر ندي پار ڪئي ھئي. ان کان پوءِ ئي هن ٽرینٽن ۾ ۾ برطانوي حمايتي فوجن تي اوچتو حملو ڪيو ھو، جيڪو آمريڪي آزاديءَ جي جنگ ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿيو. پر جارج ٽائون جو اھو پاڙو ان کان گهڻو اَڳُ 1751 ۾ جُڙیو ھو ۽ مونکي پھریون ڀیرو اھو ڪلاسیڪل تمدني پاڙو 2006 ۾ منھنجي دلبر ۽ ڏاھي دوست جاوید ڀُٽي گهر ھو. واشنگٽن ۾ تہ ڇا سڄي آمریڪا ۾ جاوید ڀُٽي جو اھو پسندیدہ پاڙو ھو. اسان اڪیچار ڀیرا اھو پاڙو گڏجي پنڌ گهميو آھي، جنھن ۾ منھنجو ھتي مون سان گڏ رھندڙ ۽ پنجین درجي ۾ پڙھندڙ پُٽُ عاطف بہ گڏ گڏ ھوندو آھي.
عاطف اڃا معمول موجب گهر سُتو ئي پیو ھو تہ مان پاڻ کي ویڙھي سیڙھي ڇَٽي کڻي پرھ ڦُٽيءَ جي ڊگهي پنڌ تي نڪري پیس. مان ڇنڇر آچر تي ائین ئي ڪندو آھیان، عاطف اسڪول مان موڪل سبب ٻارھین بجي تائین اُٿندو آھي ۽ مان تیستائین اچي ویندو آھیان. مان گهران نڪري پوٽومڪ پُل تان ئي گذري رھیو ھیس تہ مینھنُ اوڙڪندو اچي سڄي ماحول تي ڇانئجي ویو. مون کي ھونئن بہ ڏُکیا پنڌَ وڻندا آھن ۽ مون وٽ ڇَٽي بہ اٽليءَ جي ۽ ڪلاسیڪل ھئي, سٺیون ڇَٽیون ھونئن بہ گهڻو وڻندیون اٿم. جاوید ڀُٽو منهنجي انھن منفرد ۽ ڪلاسیڪل ڇَٽین جي شوق تي خوش ٿي کلندو ھو. ( آمریڪا مان واپسي تي ڏئي بہ ادي نسرین ترین ۽ کیس آیو ھیس). ھر ڀیري جیئن تہ ڊگهي پنڌَ لاء نئون گَسُ وٺندو ھیس، انڪري مون جارج ٽائون جي پوئین رستي وارو گس ورتو. جیئن ٿَي اڳتي وکون کنیم، تیئن ٿي مینھنَِ پنھنجي رفتار تیز ڪئي. سڄو جھانُ پُسي چڪو ھو رستا، جایون، مون وانگر واڪ تي نڪتل چند ماڻهو ۽ وَڻَ.
جڏھن جارج ٽائون یونیورسٽي ٽپي انجي پُٺین پاڙي ڏانھن ویس تہ مینھنُ اڃا تیز ٿیندو ویو. واشنگٽن جي جنوريءَ جي ٿَڌِ جو مینھنُ جنھن ڏٺو ھوندو، انکي ئي خبر ھوندي تہ ٿَڌِ ۽ مینھنَ جو میلاپ ڪھڙا قھَرَ ۽ ڪِیسَ ڪندو آھي. ھڪ ھنڌ وڃي ھڪ گهاٽي وَڻَ ھیٺان بیٺس تہ منھنجي کاٻي پاسي ھڪ وڏو راندین جو میدان ھو، جیڪو سخت مینھنَ ۽ پرھ ڦُٽيءَ سبب خالي ھو ۽ سامھون ساڄي پاسي گهر ھئا. مان ھونئن بہ ڪنھن چڱي جاءِ تي بیھڻ جي ڳولا ۾ ھیس، پر جنھن ڳالهه مونکي ھتي بیھڻ تي اصل بيوس ڪري ڇڏیو، اُھو ساڄي پاسي کان گهر جي بالڪنيءَ مان ایندڙ وائلن جو اصل اندر ۾ وَڍَ وجھندڙ آواز ھو. منھنجي پویان ھڪ گهر جي دري ھئي، جنھن جي شیشي پویان ھڪ گهریلو سائي ٻلي نیرا تارا ٽمڪایو وڏي مزي ۾ ویٺي ھئي. مون رُڳو ھڪ نظر پوئتي مُڙي اُنَ پیاري ٻليءَ جي اطمینانَ تي وڌي ۽ سِڌو ٿي بیٺس، جو گهر جا مالڪ ائین اندر گهورڻ کي سٺو نہ سمجهندا آھن ۽ وري جي اُھا گهر اندر پالیل ٻليءَ تي ھجي تہ اھا ھراسمینٽ سمجهبي.
منھنجو سڄو ڌیانُ اولھ جي سُرندي یعني وائلن جي مسحور ڪندڙ آواز تي ھو، جیڪو ھڪ آمریڪي پوڙھو پنھنجي گیلريءَ ۾ وڄائي رھیو ھو. ھو بہ پنھنجي ڌیانَ ۾ گم ھو. ھن اھو گیت پورو ڪري ساھي پٽي، ھیٺ نھاریو تہ ھن جي نظر مون تي پئي، جیڪو سخت ٿَڌِ ۽ مینھنَ ۾ بہ وَڻَ ھیٺان ڇَٽي جهلیو کیس وڏي سرور ۽ ڌیانَ سان ٻُڌي رھیو ھیس. پھرین نظر ۾ ھن مونکي ڏٺو ضرور، پر ان تي ڪو ڌیانُ نہ ڏنو. مونکي ھن جي ڌیانَ جي گهرجَ بہ نہ ھئي، مون لاءِ ھن جو ایئن بي خوديءَ ۾ ان ماحول ۾ اھو ساز وڄائڻ ئي ڪافي ھو. لطیف سائینءَ سر سورٺ ۾ چیو آھي تہ:

سرديءَ سالم نہ رھان، گرميءَ ٿیان گداز
امن ڏیجُ امان تون، سائل ھڻي سازُ
ربابي کي رازُ، خالص ڏیجُ خلیل جو.

ھتي تہ مون سان ڪارِ اُھا ھئي جو مان اُنهيءَ سوز سبب سرديءَ ۾ بہ سالم بیٺو ھیس، ھن اھڙا تہ سوز ڀَریا سُرَ ڇیڙیا ھئا جو رڳو منھنجي اندر ئي نہ پر سڄي سنسار ۾ امن پنھنجي امانَ ۾ ھو ۽ ربابيءَ تہ بنا نھارڻ جي ئي ڪیفَ جو راز اندر ۾ اوتي ڇڏیو ھو. دل چیو لطیف جي ٻوليءَ ۾ اھو پُرڪیف سلسلو جاري رکڻ لاءِ چوانس تہ:

جي میراثي مڱڻا، آئون پڻ منجهان تن.

جڏھن راڳ جو ذڪر ٿیندو آھي تہ پیاري آڪاش کي چوندو آھیان تہ مان بہ مُنو مڱڻھار آھیان، بدین ۾ ڪنھن وڏي مڱڻھار کان سَڳو ٻڌراءِ. سو ھن ھمراھ کي بہ چوڻ ٿي چاھیم تہ سوزَ جي ذوقَ ۾ مُنو نہ پر مان بہ ڏیڍُ مڱڻھار آھیان، اھو سلسلو گهٽ ۾ گهٽ مینھنَ جي بند ٿیڻ تائین بند نہ ڪجانءِ. لطیف سائینءَ چیو آھي تہ:

محلین آیو مڱڻو، کڻي سازَ سري
لڳي تندُ تُنبیر جي، پیا ڪوٽ ڪريِ

جارج ٽائون ۾ ڪي ڪوٽ تہ نہ ڪریا ھئا، پر مونکان ٿَڌِ، مینھنُ، زمانُ ۽ مڪانُ سڀُ وسري ویا ھئا، بس ھر طرف ڪیفُ ئي ڪیفُ ھو. ایتري ۾ پرھَ بہ باکون واھ جو ڪڍیون ھیون ۽ مینھوڳيءَ جي جهڙَ ۾ سِجَ جا ڪرڻا بہ حجاب ۾ ھئا. سڄو حُسن حجاب ۾ ئي آھي، ظاھر انسان جو تجسس ختم ڪیو ڇڏي. بارش بہ ھاڻي جهڪي ٿي چُڪي ھئي، پنھنجي گهر جي پھرین ماڙ جي گیلري مان وائلن وڄائیندڙ پوڙھي بہ ھَرَ ھَرَ ھیٺ نھاري، اھو محسوس ڪري ورتو ھو تہ مان مینھنَ کان بچڻ لاءِ گهٽ ۽ سندس سوز ڀَریو ساز ٻُڌڻ لاءِ ئي بیٺو ھیس. پنھنجو گیت وڄائي وائلن کي ھیٺ رکي، مون ڏانھن نھاریائین تہ ھن بہ محسوس ڪیو تہ منھنجو سڄو ڌیان سندس پاسي ھو. مون کیس ھٿ ٻڌي ٻوڌي انداز ۾ سلام ڪیو تہ ھن بہ مٿان خاموشيءَ سان مُرڪي کیڪاریو. ھن ڀیري نھایت قرب منجهان اشارو ڪندي مٿي اچڻ لاءِ چیائین، مون بہ کیس ڪنول جي بند گُلَ جیان ھٿ ٻڌي سلام ورایو ۽ وٽس اچڻ جي ھامي ڀري. شاید اھو منھنجي سوز تي ڌیانَ ۽ اھو ھٿ ملائي سڌارٿي سلام جي احساساتي سگهه ھئي جو ھن سڀ ڪجهه سمجهي ورتو ھو. اھو سلام ننڍي کنڊ جي سنڌو، سرسوتي ۽ گنگا جمني سڀیتائن جو گڏیل سلام رھیو آھي، جنھن ۾ ماڻهو پنھنجي ھٿن ۽ جسماني وجود کي ئي نہ پر ڄَڻُ تہ ڪنول جي گُلَ جي روپَ ۾ پنھنجي اندر کي میڙي مُٺِ ۾ ڪري، ان ۾ نمرتا ڀري ٿو ڇڏي، انھيءَ نمرتا ڀریي سلام ئي تہ اشوڪا کي ھڪ ظالم حڪمران مان ٻوڌي بڻائي ڇڏیو ھو.
مان ڏاڪڻیون چڙھي مٿي ویس تہ سامهون ھڪ سنھڙو سیپڪڙو سفید شرٽ پھریل اُھو سازندو امریڪي پوڙھو بیٺو ھو، ھن بہ ساڳي طرح سلام ڪیو. اُھي چار ھٿ نہ ھیا، پر ڄڻ تہ ڪنول جا ٻہ گل ھڪ ٻئي کي ڀلیڪار ڪري رھیا ھئا. ھو سڌو مونکي ان گیلريء ۾ وٺي ویو، جتي سندس ساز سمیت ڪیتریون ڪم جون ۽ اجایون شیون ٽڙیل پکڙیل پیون ھیون، ھوبھو زندگيءَ جیان. ان گیلريءَ جي بي ترتیبي زندگيءَ جو ڏیکُ ڏئي رھي ھئي. حُسن رُڳو ترتیب ۾ ناھي ھوندو، پر بي ترتیبيءَ ۾ بہ ھوندو آھي، جو زندگي ٻنهي صورتحالن جو ئي نالو آھي. ھن مونکي ھڪ اسٽول کي اُگهي صاف ڪري ان تي ویھاریو ۽ مون کان ھائوڪار وٺي اندر پاڻي ۽ ڪافي کڻڻ ویو. ھاڻي ان ساڳي ھنڌ کي ان گیلريءَ مان ڏسي رھیو ھوس، جتي ڪیترو وقت سخت ٿَڌِ ۽ مینھنَ ۾ بیھي وائلن تي وڄندڙ مسحور ڪُن گیتَ ٻُڌندو رھیو ھوس. ھاڻي زمان تہ ھونئن ئي مَٽجي ویو ھو، پر منھنجو مڪانُ بہ تبدیل ٿي ویو ھو. مان دل ۾ فیصلو نہ ٿي ڪري سگهيس تہ انھن مان وڌیڪ حسین زمان ۽ مڪانُ ڪھڙو ھو.
مان اڃا انھيءَ آلي مِٽيءَ جي خوشبو، ساون ڌوتل وڻن ۽ ھر طرف ڌوتل ساوڪ جي ماحول جي سحر ۾ ئي گُم ھیس تہ میزبان ننڍي ٽري ۾ ٻہ ڪاریون ڪافیون، پاڻيءَ جي بوتل ۽ ڪجهه مَکڻ ۾ ٺھیل سَنھا بسڪوٽَ کڻي آیو. ھڪ اَڳُ ئي شاندار دل پذیر ماحول مٿان ڪافيءَ جو ھُڳاءَ ۽ بسڪوٽن مان ایندڙ مَکڻ جي خوشبو ماحول کي ویتر معطر ڪري ڇڏیو ھو. زندگيءَ جون اصل حُسناڪیون وڏین شین ۾ نہ پر اھڙین دلپذیر ننڍڙین ننڍڙین خوشین ۾ ھوندیون آھن. اسانجو اڃا ھڪ ٻئي سان تعارف ئي نہ ٿیو ھو، پر انجي گهرج بہ نہ ھئي، ان سان ڪھڙو فرق ٿَي پیو تہ اسانجو نالو، قوم یا ٻي ڪا سُڃاڻپ ڪھڙي ھئي؟ اھڙین گهڙین ۾ تعارف بي معنا بڻجي ویندا آھن. لطیف سائین جیڪو عدم کي آسڻ چیو ھو تہ انجو مطلب اھو ئي ھو تہ اھڙو ماڳُ جتي ذات جي سُڃاڻپ نہ ھجي. ھن ویھي بس مرڪندڙ چھري سان آجیان ڪئي تہ سڀ تعارف ٿي ویا. اصل تعارف تہ ھن پنھنجي اندر جي جھانَ جو پنھنجي سازَ مان نڪرندڙ سوزَ سان ئي ڪرائي ڇڏیو ھو. ھو پنھنجي مزاج ۾ خاموش طبع انسان ٿي لڳو ۽ ھن وٽ بس قربائتي نھارَ ھئي ۽ اُھا وجودي تعارف لاءِ ڪافي ھئي. جنھن وٽ وائلن جي تارُن جي ٻولي ھجي، ان کي پنھنجي زبان جي گهرج گهٽ پوندي ھوندي. سفید شرٽ پاتل ھن معصوم شخص جو سڄو باطن ھن جي مُرڪندڙ نھار مان پنھنجو نبارپڻو ڏیکاري رھیو ھو. اسان ڪجهه گهڙیون ٻئي خاموش ھئاسون ۽ بس گرم ڪافيءَ جي چُسڪین جا رڳو محسوس ٿیندڙ ھلڪا آواز ھئا. اھڙي ماحول ۾ ھڪ ٻئي سان خاموشيءَ سان بہ ڳالهائي سگهبو آھي.
نیٺ مون گفتگو شروع ڪئي ۽ کیس پنھنجو تجربو ٻُڌایم تہ ڪیئن نہ سندس سازَ جي سوزَ منھنجي دل تي مسحور ڪن اثر ڪیو ھو. خلیل جبران درست چیو ھو تہ موسیقي روح جي ٻولي آھي ۽ افلاطون چیو ھو تہ موسیقي اخلاقي قانون ۽ احساسن جي اُھا ٻولي آھي، جیڪا ڪائنات کي روحُ، سوچَ کي پَرَ ۽ تخیل کي اُڏام بخشیندي آھي. ھو منھنجون ڳالھیون ٻُڌي خوش ٿي رھیو ھو. ھن چیو اھو تہ سندس معمول آھي پر منھنجي دلچسپي ۽ موجودگيءَ ان کي خاص بڻائي ڇڏیو ھو. امیر خسرو تہ وري دل کي محبت جو ساز سڏیو ھو. ھو تہ پاڻَ ڪیترن سازن جو موجد ھو ۽ راڳ ۽ سُرَ کي معرفت سان تعبیر ڪندو ھو. بیٿووین چوندو ھو تہ راڳُ ذھن ۽ روح وچ ۾ ٽیاڪڙي ڪندو آھي. البرٽ آئن اسٽائن جو فزڪس کان پوءِ ٻیو وڏو عشق وائلن سان ھو جیڪو ھن ڇھن سالن جي عمر ۾ سکیو ھو ۽ ھو چوندو ھو فزڪس کیس ڪائنات کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ۽ وائلن جو سوز کیس ڪائنات کي محسوس ڪرڻ ۽ ساڻس جُڙڻ ۾ مدد ڪري ٿو. سندس زال ایلسا کیس ڀوڳ ۾ چوندي ھئي تہ ڪاش ھو کیس فزڪس ۽ پنھنجي وائلن جیترو پیارو گهري ھا. (سندس جرمن وائلن جیڪو ھن 1894 ۾ ورتو ھو، اُھو گذریل سال 2025 ۾ اَٺَ لکَ ۽ سٺ ھزار پائونڊن ۾ وڪیو ھو) ھن کي اھو ڏُکُ ھوندو ھو تہ ھو پنھنجو وائلن پنھنجي زندگيء جي آخري ڏھن سالن دوران کاٻي ھٿ جي ڏڪڻي سبب وڄائي نہ سگهندو ھو.
اسان جي ڪچھري ڪلاڪ ڏیڍ ھلندي رھي. ھن مونکي پنھنجي گیلريءَ ۾ ڪیتریون بيحد وڻندڙ ڌُنون ٻُڌایون ۽ مون ڏٺو تہ ھو اھو ساز وڄائڻ وقت ان ۾ ئي گم ٿي ٿَي ویو ۽ ساز ۽ ھن ۾ ڪابہ دوئي باقي نہ ٿَي رھي. صوفین جو اھو تصور ڪیڏو نہ حسین آھي تہ دوئي ۾ عشق جو اھو مقام ممڪن ناھي، جنھن ۾ وجودن جي ڪثرت احساس ۽ ڪیف جي حد تائین وحدت ۾ تبدیل ٿي ویندي آھي. ھن وچ وچ ۾ ڪچھري بہ ڪئي ٿي، اسانجو ھڪ ٻئي سان تعارف بہ ٿیو. ھن جو نالو ڊیوڊ ھو ۽ سندس اصل تعلق باسٽن سان ھو ۽ ھو ھڪ رٽائرڊ استاد ھو. ھن چیو تہ سندس ماءُ کیس وائلن ٻاروتڻ ۾ سیکاریو ھو، جو ھوءَ زندگيءَ ۾ ھڪ ڏکویل مائي ھئي ۽ ٻن ٻارن کان پوءِ وائلن ئي ھن جو واحد داخلي سَھارو ھو. ڪیڏي نہ عجیب ڳالهه ھئي تہ سندس پُٽَ یعني ھن شخص جو سَھارو بہ اھو وائلن ئي بڻیو. ھن ٻُڌایو تہ سندس ٻار ڪیلیفارنیا ۾ رھن ٿا ۽ زال اڌ رنگ سبب ھنڌ تي ئي پئي ھوندي آھي ۽ ھو سندس خدمت ڪندو آھي. مونکي اھو ڏسي بیحد سٺو لڳو تہ ھو اھو سڀ ڪجهه بیزاريء سان نہ پر گھربل حساسیت ۽ محبت سان ٻُڌائي رھیو ھو ۽ ھن کي پنھنجن ٻارن سان بہ ڪا شڪایت نہ ھئي. واقعي سوز ۽ سُر ڪن ماڻهن جي مِٽي ٻیھر ڳوھي, انھن کي ڪاڇي جي چیڪي مِٽيءَ جھڙو نرم ۽ نبار بڻایو ڇڏي. تڏھن تہ شیڪسپیئر چیو ھو تہ جنھن کي موسیقيءَ سان رغبت ناھي، انجي انسان ھئڻ تي شڪ ڪیو. شاید ھن پنھنجو سمورو درد پنھنجین آڱرین ۽ وائلن جي تارن ۾ اوتي ڇڏیو ھو. جڏھن ٽائٽینڪ جھاز ٻُڏي رھیو ھو تہ جھاز ۾ ماڻهن کي سانتیڪو ڪرڻ لاءِ وائلن وڄائیندڙ ویلس ھارٽلي اھڙا سُرَ ڇیڙیندو آھي جو ماڻهن کان ڪجهه گهڙين لاءِ موت جو خوف ئي وسري ویندو آھي. یورپ ۾ مون ننڍن شھرن ۽ ٻھراڙین ۾ جام ٻُڌو آھي اھو سازُ، چیو ویندو آھي تہ سترھین ۽ ارڙھین صدی ۾ اوڀر یورپ ۾ جیڪي ساز ٺھیا، اھڙا بعد جو جدید دور بہ ٺاھي نہ سگهيو. ماڻهو چوندا ھئا تہ وائلن کي اکیون ھوندیون آھن ۽ انھن مان ڳوڙھا بہ وھندا آھن، جیڪي ڏِسبا ناھن پر انھن جي آلاڻ روح ۾ محسوس ٿیندي آھي. مون سچ پچ وڻ جي ھیٺان ٿَڌِ ۽ مینھنَ ۾ انھن ڪوسن ڳوڙھن جي آلاڻ پنھنجي دل ۾ محسوس ڪئي ھئي.
مون ڊیوڊ کان ڀاڪر پائي موڪلایو ۽ دل ۾ سوچیو تہ ھر ماڻهوءَ کي ھڪ ساز ضرور اچڻ گهرجي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان منھنجو گهڻو محبت جو تعلق ھو. مون ٽن قسطن ۾ سندس طویل انٽرویو ڪیو ھو، جیڪو سنڌ ٽي وي تي 2004 ۾ ھلیو ھو، آخري سوال جڏھن زندگيءَ ۾ ڪنھن رھجي ویل حسرت بابت پُڇیو ھو مانس تہ چیو ھئائین تہ “زندگيءَ ۾ ڪو ساز سکي نہ سگهيس”! اڄ ان حسرت جي گھرائي سمجهه ۾ آئي ھئي. مان پُرڪیف ڪیفیت ۾ ڏاڪڻیون لھندو ھیٺ لھي آیس. اڃا صبح جا ساڍا نَوَ ئي ٿیا ھئا ۽ موسم ٿڌي ۽ جُهڙالي ھئي. وائلن مون گهڻو ٻڌو ھو، پر ھيءُ تجربو منفرد ھو. يورپ ۾ چوندا آھن تہ وائلن پُراڻي شراب جیان ھوندو آھي، جیترو پراڻو اوترو قیمتي ۽ نایاب. وائلن بابت ٻي ڏند ڪٿا بہ دلچسپ آھي تہ اھو جیترو پراڻو ۽ وڌیڪ استعمال ٿیل ھوندو، اوترو ان ۾ سوز ۽ درد وڌیڪ گِھرو ھوندو. شاید پوڙھو ساز سڄي ڄمار جا درد گڏ ڪندو ۽ نون سُرن ۾ اوتیندو ویندو آھي. مولانا رومي جو قصو آھي تہ پاڻ جڏھن شمس تبریز جي صحبت کان پوءِ سراپا ڪیفُ ٿَي چڪو ھو ۽ ھن قونیا جي بازار ۾ پھریون ڀیرو بي خوديءَ ۾ رقص ڪیو ھو تہ انجو سبب رباب جو پرسوز آواز ھو، جنھن ھن کي وجد ۾ آڻي ڇڏیو ھو ۽ ھن بعد ۾ ان تي ڪمال جي ڳالهه ڪئي ھئي تہ درد ڀَریو سوز رُڳو آواز ناھي ھوندو، پر اھو ھجر جو آلاپ ھوندو آھي. خوشيءَ کي زبان گهربل ناھي ھوندي ۽ درد وري شرمیلو ھوندو آھي، انجي زبان بڻجڻ ڪا معمولي ڳالهه ناھي. ایران جي وڏي کماچ نواز استاد لُطفي جو قصو آھي تہ ھڪ ڀیري ھڪ شاگرد کیس چیو تہ سندس کماچ ۾ اھو سوز ڇو ناھي، جیڪو استاد لُطفي جي وڄت ۾ آھي، تنھن تي استاد کیس چیو تہ سوز تارن مان نہ پر ساز مان تڏھن نڪرندو آھي، جڏھن درد روح مان رڳن ذریعي لھي آڱرین تائین پُڄندو آھي، تڏھن تہ لطیف سائینءَ بہ “رَڳون ٿیون رباب” چیو ھو. رڳون رباب ائین تہ ناھن ٿیندیون. قدیم زماني ۾ ڪوھ ڪاف جا ماڻهو جبلن جي ھنج ۾ تارن جا ساز وڄائیندا ھئا تہ پوڙھا لوڪ ڏاھا چوندا ھئا تہ آسمانن مان پریون لھي اچي انھن سازن جي تارن ۾ لِڪي ویھندیون آھن ۽ گڏجي انهن ۾ سوز پیدا ڪندیون آھن. نڪولو پگانیني ارڙھین صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ اُڻویھین صديءَ جي پھرئین اڌ جو جَڳَ مشھور وائلن نواز ۽ موسیقار ھو. ھن بابت مشھور ھو تہ سندس شیطان سان سنگت ھئي ۽ ھو جڏھن وائلن وڄائیندو ھو تہ شیطان ڳُجهي نموني وائلن جي تارن مان اھڙو جادوئي سوز پیدا ڪندو ھو جو ماڻهو پاڻ وساري ویھندا ھئا ۽ ماڻهن کان عبادتون وسري ویندیون ھیون. دلچسپ ڳالهه تہ 1840 ۾ جڏھن ھو گذاري ویو تہ پادرین کیس دفنائڻ کان اھو چئي انڪار ڪیو ھو تہ سندس جسم ۾ شیطان روح جي صورت ۾ موجود آھي. دراصل حیرت انگیز تجربن کي ماڻهو مافوق الفطرت تصورن سان منسوب ڪندا ھئا.
مان جارج ٽائون جا آلا رستا، پوڙھیون گهٽیون، ساوا وڻ ۽ سُرمئي بادل ڏسندو، ھلندو ٿَي رھیس ۽ منھنجي اندر ۾ ڊیوڊ جي وائلن جا الاپ ٻُري رھیا ھئا. دل چیو ڪاش! زندگيءَ جون چارئي موسمون وائلن جي چئني تارن جیان پُرڪیف ۽ ھم آھنگ ھجن ھا تہ زندگي ڪیڏي نہ حسین ھجي ھا. دل ۾ ھڪ ارادو ڪیم تہ زندگيءَ ۾ ھڪ ساز ضرور سکندس، جو ساز ۽ سُٺي ڪتابَ جي صحبت گهڻن اندر جي گدلن ۽ بي روح ماڻهن جي صحبت کان ھزار ڀیرا بھتر ھوندي آھي!
(پبلڪ پارڪ جي آلي بینچ, جارج ٽائون، واشنگٽن- صبح جو یارھین بجي، ۱۰ جنوري 2009)