ڪردار – Sarangaa

شھيد نذير عباسي: سنڌ جي سرحدن کان عالمي ضمير تائين
هر سال 9 آگسٽ تي شھيد نذير عباسيءَ کي ياد ڪيو وڃي ٿو. تقريرون ٿين ٿيون، گل چاڙهيا وڃن ٿا ۽ سندس بھادريءَ جا قصا ورجايا وڃن ٿا. پر نذير عباسيءَ جي شخصيت جو هڪ اهم پاسو اڃا به اسان جي اجتماعي يادگيريءَ ۾ گهربل جاءِ والاري نه سگهيو آهي. اهو پاسو آهي سندس بين الاقوامي سياسي شعور، عالمي ترقي پسند تحريڪن سان وابستگي ۽ سندس شھادت جو عالمي اثر.
نذير عباسيءَ کي صرف سنڌ يا پاڪستان جي هڪ انقلابي ڪارڪن طور پڙهڻ، سندس تاريخي ڪردار کي محدود ڪرڻ آهي. هو ان نسل جو نمائندو هو، جنھن لاءِ سياست رڳو اقتدار جي جدوجھد نه، پر دنيا جي مظلوم قومن، مزدورن، شاگردن ۽ جمهوريت پسند قوتن جي گڏيل آزاديءَ جو خواب هئي. سندس فڪر جو مرڪز سنڌ ضرور هئي، پر سندس سياسي افق قومي سرحدن کان گهڻو وسيع هو.

1970ع واري ڏهاڪي جي پڄاڻي عالمي سياست جو هڪ غيرمعمولي دور هو. پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسي، ضياءُالحق جو مارشل لا، ولي خان، غوث بخش بزنجي ۽ ٻين قومي جمهوري اڳواڻن تي پابنديون، جمهوريت پسند قوتن جون گرفتاريون، ۽ پوءِ بينظير ڀٽو جو عالمي سطح تي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ اڀرندڙ آواز- اهي سڀ هڪ ئي تاريخي دور جا مختلف رُخ هئا. نذير عباسي به انهيءَ مزاحمتي تاريخ جو حصو هو، جيتوڻيڪ سندس نظرياتي وابستگي ڪميونسٽ تحريڪ سان هئي.
ساڳئي وقت دنيا به وڏي تبديليءَ مان گذري رهي هئي. افغانستان ۾ ثور انقلاب عالمي سياست جي مرڪز ۾ هو؛ فلسطين ۾ صيھونيت خلاف قومي آزاديءَ جي جدوجھد جاري هئي؛ ايران ۾ پھلوي بادشاهت، ساواڪ جي جبر ۽ ان جي مقابلي ۾ توده پارٽي ۽ ٻين ترقي پسند قوتن جي سياسي مزاحمت عالمي کاٻي ڌر جي بحثن جو حصو هئي. نذير عباسيءَ جي سياسي تربيت ۽ سوچ انهن عالمي بحثن کان الڳ نه هئي. هو پرولتاري انٽرنيشنلزم جو قائل هو، جتي ڪنھن به قوم جي آزادي، سماجي انصاف ۽ جمهوريت کي گڏيل انساني جدوجھد جو حصو سمجهيو ويندو هو.
اهو ئي سبب هو جو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ پوءِ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي پليٽ فارم تان سرگرم رهندي، نذير عباسيءَ جا رابطا صرف پاڪستان تائين محدود نه رهيا. هو پراگ ۾ قائم International Union of Students (IUS) ۽ بوڊاپيسٽ جي World Federation of Democratic Youth (WFDY) جھڙين عالمي شاگرد ۽ نوجوان تنظيمن جي نيٽ ورڪن سان لاڳاپيل هو. اهي فورم رڳو ڪانفرنسون نه هئا؛ اهي ٽئين دنيا جي قومي آزاديءَ جي تحريڪن، سامراج مخالف جدوجھد ۽ عالمي ترقي پسند سياست جا اهم مرڪز هئا.
ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي ڪميٽيءَ جو نوجوان ترين ميمبر هجڻ جي حيثيت سان نذير عباسي پاڪستان جي انهن ٿورن سياسي ڪارڪنن مان هو، جن جي سياسي سوچ مقامي مسئلن سان گڏ عالمي سياسي تحريڪن سان به ڳنڍيل هئي.
شايد انهيءَ ڪري سندس گرفتاري ۽ شھادت به صرف پاڪستان جو اندروني واقعو نه رهي.
30 جولاءِ 1980ع تي گرفتاري ۽ 9 آگسٽ تي فوجي انٽيليجنس جي حراست ۾ تشدد سبب شھادت کان پوءِ سندس ڪيس دنيا جي معتبر انساني حقن جي ادارن تائين پھتو. ايمنسٽي انٽرنيشنل پنھنجي 1981ع جي سالياني رپورٽ ۽ پاڪستان بابت خصوصي رپورٽ (ASA 33/024/1981) ۾ نذير عباسيءَ جي ڪيس کي پاڪستان ۾ سياسي قيدين تي رياستي تشدد جي اهم مثال طور دستاويز ڪيو. جڏهن پاڪستان اندر سچ لڪائڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي، تڏهن عالمي انساني حقن جا ادارا ان کي تاريخ جو حصو بڻائي رهيا هئا.

ساڳئي عرصي ۾ International Union of Students ۽ World Federation of Democratic Youth سندس شھادت تي مذمتي قراردادون منظور ڪيون. گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن کان پاڪستان جي فوجي حراستي مرڪزن بابت جاچ جو مطالبو ڪيو ۽ ضياءَ آمريت خلاف عالمي يڪجھتي مھم جو حصو بڻيا.
برطانيا جي Foreign and Commonwealth Office ۽ آمريڪا جي National Archives ۾ محفوظ سفارتي دستاويز پڻ ٻڌائين ٿا ته نذير عباسيءَ جي شھادت، سنڌ جي سياسي ردعمل ۽ بعد ۾ هلندڙ ڄام ساقي ڪيس تي عالمي سفارتي حلقا ويجهي نظر رکي رهيا هئا. اها ڳالهه پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ غيرمعمولي اهميت رکي ٿي ته هڪ سنڌي نوجوان جي شھادت بين الاقوامي سفارتي آرڪائيوز ۽ انساني حقن جي دستاويزن ۾ مستقل جڳھه ماڻي.
نذير عباسيءَ جي عالمي سڃاڻپ جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته هو پنھنجي ڌرتيءَ کان پري ٿي ويو هو. حقيقت ۾ سندس انٽرنيشنلزم جو بنياد ئي سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جي مظلوم ماڻهن جي گڏيل قسمت جو تصور هو. هن لاءِ سنڌ جي آزاديءَ جا خواب فلسطين جي درد کان جدا نه هئا، جمهوريت جي جدوجھد پاڪستان تائين محدود نه هئي، ۽ سماجي انصاف جو تصور قومي سرحدن ۾ قيد نه هو.
اڄ، سندس شھادت کان ڇائيتاليھه سال پوءِ، جڏهن تاريخ جا در کلي رهيا آهن، ڊيڪلاسيفائيڊ سفارتي رڪارڊ، بين الاقوامي انساني حقن جون رپورٽون، شاگرد تنظيمن جا آرڪائيو ۽ علمي تحقيق هڪ ئي ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا: نذير عباسي صرف هڪ سياسي شھيد نه، پر عالمي ترقي پسند تاريخ جو دستاويزي ڪردار هو.
9 آگسٽ تي نذير عباسيءَ کي ياد ڪرڻ جو سڀ کان مناسب طريقو شايد اهو ناهي ته صرف سندس قربانيءَ تي ڳوڙها ڳاڙجن؛ پر اهو آهي ته سنڌ جي نئين نسل کي ٻڌائجي ته هن ڌرتيءَ مان هڪ اهڙو نوجوان به اڀريو هو، جنھن جي جدوجھد، گرفتاري، آزاديءَ لاءِ عالمي آواز، حراستي تشدد ۽ شھادت- هي سڀ عالمي تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آهن.
ضياءُ الحق جي جيل جي هڪ اونداهي ڪوٺڙيءَ ۾ سندس جسم کي خاموش ڪيو ويو، پر سندس نالو لنڊن جي انساني حقن جي آرڪائيوز، پراگ ۽ بوڊاپيسٽ جي شاگرد تحريڪن، جنيوا جي عالمي فورمن ۽ جديد تاريخي تحقيق ۾ اڄ به زنده آهي. اهو ئي شھيد نذير عباسيءَ جو سڀ کان وڏو تاريخي اعزاز آهي.

شمع جھڙو شخص
سليم العارف ڪُنڀار ھڪ مخلص، باوقار ۽ علم دوست شخصيت آهي. ھو رڳو هڪ فرد يا دوست ناهي، پر هو هڪ اهڙو فڪري وجود آهي، جنھن ذريعي سنڌ جي مٽي، هتان جي سڀيتا، ۽ انساني نفسيات جا گھرا عڪس چٽيء طرح پَسي سگهجن ٿا. هن جي وجود جي گھرائيءَ ۾ جڏهن اسان جهاتي پايون ٿا، ته اتي رڳو هڪ عام انسان جي روايتي سوچ نٿي ملي، پر هُن جي اندر ۾ گھرا نفسياتي، سماجي، ۽ فلسفيانه وِيچار سمايل آهن، جيڪي اڄ جي هن مادي ۽ بي حس دور ۾ هڪ ٿڌي هير وانگر محسوس ٿين ٿا. هن سان گذاريل گهڙيون ۽ سندس گفتگو جا اهي سحر انگيز پل، انسان کي مجبور ڪن ٿا ته هو زندگيءَ جي بنيادي فلسفي تي ٻيھر غور ڪري.
سليم صاحب جي اکين ۾ اَڪيچار سوال ائين لکيل هوندا آهن، ڄڻ ته اهي ڪنھن قديم لکت جا اڻ پڙهيل اکر هجن، جيڪي پنھنجي اندروني تلاش ۽ ڪائنات کي سمجهڻ جي عظيم اُڃ کي ظاهر ڪن ٿا. هو جڏهن خاموش هوندو آهي، تڏهن به سندس اکيون ائين ڳالهائينديون آهن ڄڻ ڪو سمنڊ پنھنجي گھرائيءَ ۾ هزارين راز لڪايو بيٺو هجي، ۽ هِن جون اکيون ڄڻ ته اهڙي ئي وجودي تلاش جو روحاني عڪس آهن. سندس اکيون هر وقت ڪائنات ۽ انسانيت جي گھراين ۾ ڪجهه گھرو، ڪجهه انمول ڳولهي رهيون هونديون آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو جڏهن مان کيس ڏسندو آهيان ته مونکي عظيم شاعر شيخ اياز جون اهي سحر انگيز سٽون ياد اچي وينديون آهن جيڪي هن پنھنجي مخصوص جمالياتي انداز ۾ چيون هيون ته:

اکيون آرزوئون، اکيون التجائون
اکيون يار تنھنجون، صدين جون صدائون.

سليم صاحب جي اکين ۾ به اهي ئي صدين جون صدائون آهن، جيڪي موهن جي دڙي جي مٽيءَ کان وٺي ڪارونجهر جي چوٽيءَ تائين، سنڌ جي تاريخ جي هر درد ۽ خوشيءَ کي پنھنجي اندر سمائي چڪيون آهن.
هي صاحبُ طبيعت جو بلڪل سادو، پُروَقار، ۽ نِرمَل انسان آهي، جنھن جي سادگيءَ ۾ به هڪ اهڙو دٻدٻو ۽ وقار آهي جو ڏسندڙ پھرين ئي نظر ۾ متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي. اڄ جي دنيا ۾ جتي مصنوعيت ۽ منافقت جو گهيرو تنگ ٿي چڪو آهي، اتي سليم العارف جي طبيعت جي سادگي ۽ بناوت کان پاڪ هجڻ، سماجيات جي علم ۾ Authenticity جي تصور سان مڪمل مطابقت رکي ٿي.
هو پنھنجن ذاتي قدرن، پنھنجي ثقافتي سڃاڻپ ۽ پنھنجي مٽيءَ جي خوشبوءِ کي برقرار رکندي، بغير ڪنھن نقاب جي هن بي رحم سماج ۾ پنھنجو هڪ منفرد مقام ٺاهي ٿو، جنھن کي ايرِوِنگ گافمن پنھنجي Impression Management واري نظريي ۾ بيان ڪيو آهي ته انسان سماج جي اسٽيج تي هميشه هڪ اداڪار وانگر پنھنجو تاثر بھتر ڪرڻ لاءِ مختلف ماسڪ پائيندو آهي، پر سليم صاحب جي شخصيت کي ڏسي گافمن جو اهو نظريو به ڪٿي ناڪام ٿيندي نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته سليم العارف جيتوڻيڪ پنھنجو سماجي ڪردار هڪ نھايت ذميوار طريقي سان نڀائي ٿو، پر هن وٽ ڪو مصنوعي نقاب ناهي، هو اندر ۽ ٻاهر کان هڪ جھڙو سچو انسان آهي. سندس منفرد لھجو، ڳالھائڻ جو دلڪش انداز، ۽ جملن جي وچ ۾ ڏنل معني خيز وقفا، نه رڳو سندس اندروني خوبصورتي جو سچو عڪس آهن، پر اهو پڻ ظاهر ڪري ٿو ته هو ڪيئن پنھنجي پيچيده فلسفيانه خيالن کي نھايت سادگيءَ سان ۽ بغير ڪنھن منجهائيندڙ لفظن جي ٻين تائين پھچائڻ ۾ مڪمل ماهر آهي.
هُن جي شخصيت ۾ هڪ اهڙي گھرائي، حڪمت، ۽ هڪ اڻ ڄاتل، پَر، بي حد طاقتور سچائي موجود آهي جيڪا ڏسندڙ جي روح کي ڇُھي ٿي ۽ کيس مجبور ڪري ٿي ته هو سليم صاحب جي فڪر جو همرڪاب بڻجي وڃي. تنھنڪري ئي ته ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته ڪجهه ماڻهو پنھنجي دور جي رفتار کان وڌيڪ تيز اڳتي نڪري ويندا آهن پر انھن جا پير پنھنجي مٽيءَ ۾ ئي کتل هوندا آهن.
ادبي طور تي جيڪڏهن اسان جائزو وٺون، ته سليم العارف سنڌي ادب جو هڪ چمڪندڙ ستارو آهي، جيڪو هڪ ئي وقت هڪ حساس شاعر پڻ آهي ته ٻئي طرف هڪ نھايت پختو نثر نگار ۽ محقق پڻ آهي. سندس لکڻين ۾ جتي هڪ طرف رومانويت جي مٺي هير ملي ٿي، اتي ٻئي طرف گھرو سماجي شعور، مظلوم طبقن جو درد، ۽ هڪ بيباڪ فڪري گھرائيءَ جو رنگ نمايان نظر اچي ٿو. هن جو ادب رڳو خالي تخليق يا لفظن جي شاعراڻي جادوگري ناهي، پر اهو سندس والدِ گرامي، سنڌ جي نامياري اديب، استاد، عظيم محقق ۽ لطيف شناس محمد حسين ڪاشف جي اُنهيءَ عظيم ادبي ورثي جو هڪ سچو ۽ خوبصورت تسلسل پڻ آهي. محمد حسين ڪاشف صاحب جھڙي سڄاڻ عالم جي گهر ۾ اک کوليندڙ سليم العارف پنھنجي والد جي علمي بصيرت کي پنھنجي وجود جو حصو بڻايو آهي، جيڪو سماجياتي ٻوليءَ ۾ ثقافتي تسلسل جي تصور جو هڪ زندهه ۽ بھترين مثال آهي، جتي علم، تصوف، لطيفيات ۽ ادب جو عظيم ورثو رڳو ڪتابن تائين محدود نٿو رهي، پر اهو هڪ نسل جي رت مان نڪري ٻئي نسل جي رڳن ۾ خوشبو بڻجي منتقل ٿئي ٿو. سليم صاحب پنھنجي والد جي ياد ۾ چمبڙ، ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ “محمد حسين ڪاشف ادبي اڪيڊمي” قائم ڪري ثابت ڪيو آهي ته هو پنھنجي جڙن سان ڪيتري شدت سان ڳنڍيل آهي. ثقافتي انسان شناسيءَ جي مطابق، اهڙا ادبي خاندان ئي هوندا آهن جيڪي ڪنھن به قوم جي تھذيبي شعور کي مرڻ کان بچائيندا آهن ۽ ان جي تاريخي ارتقا کي اڳتي وڌائيندا آهن.
سليم صاحب جو سماجي ڪردار پڻ سنڌ جي موجوده منظرنامي ۾ بي حد اهم ۽ نمايان آهي. سنڌي ادبي سنگت، گلشن حديد برانچ ڪراچيءَ جو هڪ سرگرم ۽ متحرڪ رڪن هجڻ جي ناتي، سندس سماجي ڀلائي، علمي ترقيءَ ۽ ادبي گڏجاڻين کي هڪ نئون رخ ڏيڻ جو جذبو هر هنڌ ظاهر آهي. ڪراچي جھڙي وڏي، مادي، ۽ ميڪانڪي شھر ۾ جتي انسان اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو، اتي گلشن حديد ۾ ادبي شمع روشن رکڻ ڪو معمولي ڪم ناهي. سنگت جي پليٽ فارم تان سندس فعال ڪردار، دوستن جي رهنمائي ۽ لکڻين تي اڻ ڌريون ۽ تنقيدي صلاحون سندس قيادتي قابليت جو چٽو ثبوت آهن. هو انھن روايتي اديبن مان ناهي جيڪي رڳو پنھنجي ذات جي خول ۾ بند رهندا آهن يا رڳو سستي شهرت جا متمني هوندا آهن، پر هو انھن سچن تخليقڪارن مان آهي جيڪي حقيقي ادب جي خدمت، مٽيءَ جي قرض جي ادائيگي ۽ نئين نسل جي فڪري آبياريءَ تي پورو يقين رکن ٿا. هُن جي گفتگو ۾ سنڌ جي ٻھراڙيءَ جو عاجزاڻو سچ به آهي ته ڪراچي جي شھري شعور جي پختگي پڻ آهي، جيڪا کيس ٻين کان منفرد بڻائي ٿي.
سندس شخصيت ۾ عقيدت، احترام، ۽ بنا ڪنھن لالچ جي پيار جو هڪ اهڙو حسين ۽ دلڪش اِمتَزاج آهي، جيڪو اخلاقيات ۽ اعليٰ انساني اخلاقي قدرن تي سڀ کان وڌيڪ زور ڏئي ٿو. هو صوفياڻي فڪر کان متاثر ٿي هر انسان جي بي غرض خدمت کي اوليت ڏئي ٿو ۽ خَلق جي ڀلائيءَ کي پنھنجي زندگيءَ جو واحد ۽ اصلي مقصد سمجهي ٿو. هو پنھنجي عملي روين ۾ بي حد سچو، کرو، ۽ ڪنھن به قسم جي منافقت، لٻاڙ، ۽ اسٽيج جي بيھودي چمڪ کان پاڪ آهي. هن جو اخلاق رڳو ڪتابي ناهي، پر سندس روزمره جي روين مان پڌري ٿيندڙ هڪ عملي سچائي آهي. ڪڏهن ڪڏهن انساني تاريخ ۾ اهڙا موڙ به ايندا آهن جتي مادي فائدا سڀ ڪجهه بڻجي ويندا آهن، پر سليم صاحب پنھنجي درويشاڻي طبيعت سبب انھن مادي فائدن کي ڪڏهن به اهميت نه ڏني آهي.
سليم العارف هڪ اهڙو مخلص، وفادار ۽ ساٿ نڀائيندڙ دوست آهي، جنھن جي دوستي سماجيات جي علم ۾ سماجي سرمائي جو هڪ بي حد قيمتي حصو سمجهي وڃي ٿي. سماجي سرمايو رڳو ماڻهن جو گڏ ٿيڻ ناهي، پر اهو هڪ ٻئي تي اعتماد، سچائي ۽ گڏيل قدرن جو نالو آهي. سندس دوستن سان سچ ۽ پنھنجي اندر جي سُرهاڻ وَنڊَڻُ، ۽ انھن جي هر ننڍي توڙي وڏي ڪاميابين کي مڪمل خلوص سان پنھنجي ذاتي ڪاميابي سمجهڻ، سندس وسيع القلبي، اعليٰ ظرفي ۽ سماجي لاڳاپن جي اهميت کي پڌرو ڪري ٿو. اڄ جي نفسانفسي واري دور ۾ جتي هر انسان اڪيلائيءَ جي بيماريءَ جو شڪار ٿي پنھنجي ذات جي قيد ۾ پيو تڙپي، اتي سليم العارف جي دوستي هڪ اهڙو سائبان آهي جيڪا انسان کي تحفظ ۽ محبت جو احساس ڏياري ٿي. هن جي شخصيت ۾ گھرائي، حڪمت، ۽ نرم دليءَ جو اهڙو عجيب ۽ سحر انگيز ميلاپ آهي، جو جڏهن هو ڪنھن سان پنھنجي مخصوص مٺڙي لھجي ۾ ڳالھائيندو آهي، ته سامهون واري جي دل کَسي وٺندو آهي ۽ ماڻهو سندس فڪري سحر مان گهڻو وقت نڪري ناهي سگهندو. سليم العارف ڪُنڀار رڳو پنھنجي ذات تائين محدود ناهي، پر هو سنڌي ادب، سنڌي ثقافت، ۽ انسانيت لاءِ هڪ انمول ۽ ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ اثاثو آهي، ۽ سندس وجود اسان سڀني ادبي ساٿين، دوستن ۽ سڄي سنڌ لاءِ باعث فخر ۽ هڪ عظيم نعمت آهي، جنھن جي جيتري به ساراهه ڪجي سا گهٽ آهي. اسان کي سليم صاحب جھڙن ڪردارن جي فڪر کي عام ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان جو سماج اڃا وڌيڪ خوبصورت ۽ علم دوست بڻجي سگهي.

هي تنھنجي ياري… : حسن درس
حسن جو فون ايندو هو، ”گهٽي ۾ انتظار پيو ڪريان، ٻاهر اچ.“
آئون ڪار ۾ چڙهندو هئس ته مصنوعي ڪاوڙ ۾ چوندو هو، ”منھنجو فون ون وي ڇا ٿيو تو کي ته بُل ملي ويو.“
”ڇو ڇا ٿيو؟“ ڄاڻي بي خبر ٿي پڇندو هئس.
”اڙي اسان کي هرو ڀرو رولي ماريو اٿئي ۽ ڪو فون به نٿو ڪرين.“
پوءِ، ڦاٽل گٽر لائنون، لٿل پٿرن جا ڍير ۽ کوٽيل رستا ڏسي پڇندو هو، ”اوهان جي پاڙي ۾ سر جان مارشل آيو هو ڇا؟“
هو پاڻ به هن پاڙي ۾ رهي ويو هو پر تڏهن اسين هڪ ٻئي کي سڃاڻندا نه هئاسين. هڪ ڏينھن منھنجو نمبر هٿ ڪري فون ڪيائين ته ملڻ ٿو اچان.
ٽڙندو هو آيو، گل جي موسم وانگر ۽ مليو ائين جو ڄڻ ته هميشه جو واقف!
هن جي وڃڻ کان پوءِ مون سوچيو، قد ۾ ڊگهو آهي پر بيوقوف نٿو لڳي. زور سان ڳالهائي ٿو ته ڇا ٿيو، نيت جو خراب ڪونهي. رنگ جو سانورو ۽ من جو بانورو آهي. پاڙي ۾ عزت ملي ٿي ۽ سوسائٽي ۾ چار ماڻهو سڃاڻن ٿا. جتي ڪاميابي جي اميد ناهي اتي به ناڪامي کان نٿو ڊڄي. ماڻهو ٺيڪ آهي.
ماڻهو سدائين پاڻ جھڙو ٻيو ماڻهو ڳوليندو آهي. هو خود مون کي ڳوليندي هتي اچي پھتو هو. ان کان پوءِ تقريبن هر شام هن جي نالي ٿي ويئي. روز سج لٿي کان پوءِ، آهستي ڪار هلائيندا، پنھنجي مام ۾اک ٿڌي ڪندا ۽ ڳالهيون ڪندا ويندا هئاسين. ڳالهيون نون ڪتابن جون، پراڻين شرابن جون ۽ حسين عورتن جون.
مون چيو، دنيا ۾ سڀني کان گهڻو عورت جي چيلهه تي لکيو ويو آهي، اکين، لبن، ڳلن ۽ زلفن جو نمبر پوءِ ٿو اچي.
هن اختلاف ڪيو، ليکڪن کي سڀ کان وڌيڪ سيني تي لکڻ گهرجي، مرد جي نگاهه پھرين اتي پوي ٿي!
دڪان تان شام جو سامان وٺي واپس فليٽ ڏي روانا ٿيندا هئاسين.
ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو هو جو سندس گهر ڪچھري ڪندا هئاسين. ننڍڙو چيزل گيٽ کوليندو هو. اوطاق واري ڪمري ۾ سجايل صندل تي مون کي ويھاري اندران پاڻي کڻي واپس موٽندو هو ته آئون چوندو هئس، ”يار هي واهيات ڪاٺ کڻائي ڇڏ هتان.“
هو ڪاوڙبو هو، ”اڙي توکي پنھنجي تخت طائوس تي ويھاريو اٿم، هن تي آئون ڪنھن کي به ويھڻ نه ڏيندو آهيان. پر تڏهن به توکي قدر نه آهي.“
مگر آئون بي قدرو هجان ها ته سندس شاعري تي ڪيئن موهجان ها! اها مون کي ان ڪري به وڻندي آهي جو هن جي واتان ٻڌندو هئس. کيس لفظن جي ادائيگي جي جادوگري جي خبر هوندي هئي.
آئون کيس افلاطون جي شاعرن تي تنقيد ۽ ارسطو جا بچاءُ ۾ جوابي دليل، نظريا ۽ دنيا جي اعليٰ ادب جون خبرون ٻڌائيندو هئس. هومر، شيڪسپيئر، ڪيٽس کان وٺي موجوده دور تائين جي تخليق ڪارن جي شعرن جا مثال ڏيندو هئس. هو چوندو هو، ”مون کي انهن سڀني جي خبر ناهي ۽ نه ئي مون تي ڪنھن جو اثر آهي. آئون پنھنجي ڳوٺ جي زمين چيري، زوري ڦٽي نڪتو آهيان، رلي ڌڪا کائي سکيو آهيان!“
واقعي هن هيستائين پاڻ کي پاڻ سيکاريو ۽ نالو ڪمايو هو. مگر اهو ڪافي نه هو. تمام تر حسناڪين ۽ خوبين جي باوجود هن جي شاعري ۾ اهي سڀ خاميون هيون جيڪي اڀرندڙ شاعرن جي ڪلام ۾ هونديون آهن. هن جا اڪثر ڪردار ڪمزور، ڄٽڪي حد تائين لاعلم ۽ غير پرڪشش لڳندا هئا تنهنڪري انهن لاءِ محبت نٿي پيدا ٿي! برابر، هن جي ڪلام ۾ جا بجا اهڙيون سٽون ضرور هيون جيڪي دل چورائي وٺنديون هيون. مگر اهي نظم مڪمل شاهڪار جي بجاءِ حسين اتفاق لڳندا هئا.
کيس عالمي حالتن جي ايتري گهٽ ڄاڻ هئي جو الجيريا جي ملٽري ڊڪٽيٽر حواري بومدين کان وٺي ڪرڪيٽ جي داڳي رانديگر هينسي ڪرونيي تي به نظم ٺوڪي ڇڏيندو هو!
کيس اهو احساس ٿيڻ لڳو هو ته جن موضوعن تي هن لکيو پي تن کان اڳتي ٻيا جھان هئا جنھن تائين هن کي پھچڻو هو. اياز جي ڀرسان اچي بيھڻو هو.
ان زماني جي ڪچھرين جي نتيجي ۾ هن جي دماغ ۾ خيالن جون ڄڃون لھڻ لڳيون هيون، پر انهن کي ترتيب ڏيئي ڪنھن لافاني تخليق لاءِ کيس اڃا وقت گهربو هو.
منھنجون ڳالهيون ٻڌي هو حيران ٿي ويندو هو. پوءِ اصرار ڪرڻ لڳو ته انگريزي سيکار. کيس عالمي ادب پڙهڻ جو شوق جاڳيو هو. هن ڊگهي حياتيءَ جا خواب ڏٺا هئا. مون چيو، پھرين تون بنيادي شيون سک پوءِ اڳتي مون وٽ پڙهجان. هڪڙي سٺي ٽيچر جو بندو بست ڪيوسين. پڙهائي شروع ٿي. هو انگلش پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي مشق ڪرڻ لڳو. رات جو ڪاپي چيڪ ڪرائيندو هو ۽ ٽيچر سان ٿيل گفتگو موبائل تي رڪارڊ ڪري اچي ڏيکاريندو هو. جي هو عالمي ادب پڙهي ها ته اڃا به وڌيڪ سٺو شاعر ٿئي ها! عظيم اديب ٿيڻ لاءِ جيتري ڊگهي ڄمار کپندي آهي، اها کيس نصيب نه ٿي پر تڏهن به جيڪا زندگي هن کي ملي، انهي کي هن سٺو ماڻيو.
ٻين رائٽرز وانگر هو ڪنھن به سنڌي ادبي گينگ جو ميمبر نه هو جتي ليکڪ پنهنجون سنگتون نڀائين ٿا ۽ واري سان هڪٻئي جون تعريفون ڪن ٿا. بي جا تعريفون اهڙو مٺو زهر آهي جيڪو تخليق ڪارن کي منجمد ڪري ڇڏي ٿو، هو پنھنجي حال تي مطمئن ٿي وڃن ٿا.
دنياوي حساب سان ڏسجي ته هو ڪو سياڻو شخص نه هو. ماڻهو ڌنڌا، واپار ۽ نوڪريون ڪندا آهن، هو صرف شاعري ڪندو هو! جڏهن ڪو ماڻهو ڇڏي سڀ ضرور، هٿ ڌوئي ڪنھن ڪم جي پويان لڳندو آهي ته ڪمال ڪندو آهي. هو نه صرف شاعري لکندو هو پر ان کي پروموٽ به ڪندو هو. جتي ڪي چار ادب دوست سُجهندا هئا، اتي وڃي پھچندو هو.
هو خود دار به هو، پرائي شراب پي پنھنجي شاعري نه ٻڌائيندو هو. کيس اورئين پاسي واري اڌ سنڌ سڃاڻندي هئي. هر شھر ۾ هن جا ڪي يار هوندا هئا. ”هي پنهنجو دوست آهي،“ منھنجو تعارف ڪرائيندي چوندو هو، مگر پنھنجي لھجي ۾ فخر کي لڪائي نه سگهندو هو. هو ڏاڍو معصوم هو!
طارق عالم ابڙي کي آخري سفر تي روانو ڪري هو موٽيو. فون ڪيائين ڪٿي آهين ۽ ڇا پروگرام آهي. مون چيو هتي آهيون ۽ چانھه پيڻ جو پروگرام آهي. هن وراڻيو ٺيڪ آهي، ٿڪل آهيان سمهان ٿو. اڌ ڪلاڪ پوءِ وري سندس فون آيو، چيائين سنگت ڏي هلڻو آهي. اسين انڪار نه ڪري سگهياسين. اها ساڻس آخري ملاقات هئي.
جنھن گهوڙي جي ٽاپولي جو ذڪر هن پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي سا سندس من ۾ به هئي. کيس هڪڙي جاءِ تي گهڻي دير سک نه ايندو هو. هو جيئن رات جو گاڏي هلائيندو تيئن ماڻهو ڏينھن جو موت جي کوهه ۾ به نه هلائيندا آهن. کيس اندازو ڪونه هو ته سندس زندگي جي گاڏي هڪڙي ٽڪر سان بيهي رهندي. سوجهاڪي کان ٿورو پھرين، روڊ تي حادثي کان پوءِ کيس احساس ٿيو ته وقت هاڻي هن لاءِ هميشه بيھڻ وارو آهي! جيئن سهڻي ٻڏڻ وقت ميھار کي سڏ ڪيا تيئن هو به رات جي پوئين پهر گهر ڪالون ڪندو رهيو، مگر ڪا وراڻي ڪانه ملي!
حسن جو ڪلام انهن کي مايوس ڪري ٿو جيڪي شاعري ۾ پھرين ميسيج ڳولين ٿا. اڃا تائين هو اهو محسوس نه ڪري سگهيا آهن ته سندس ڪويتائن ۾ سڀ ڪنھن لاءِ سڀ ڪجهه نه آهي! نجي ڪچھرين ۾اسان وٽ جڏهن به سنڌ جي ڳالهه ٿيندي آهي ته پراڻن ڦٽن ۽ اياڻن ويڄن جو ذڪر سدائين گڏ نڪري پوندو آهي ۽ پوءِ انهي جو حل تلاش ڪبو آهي شاعري ۾! ان ڪري اسان جي ماڻهن کي عادت پئجي ويئي آهي ته سئين سڌي شاعري ۾ هروڀرو به ڪانه ڪا لڪل معنيٰ يا پيغام ڳوليندا. ان کان سواءِ هاري مزور جو درد، وڏيري جو ظلم، صوفي ازم ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه تلاش ڪندا آهن. مٿان وري لقب ڏيڻ جو مانوس سلسلو! غزل جو شھنشاهه، بيتن جو بادشاهه، وائي جو فلاڻو.
گهٽ پڙهيل نقاد سوال ڪن ٿا ڇا سنڌ جي هر شي ايتري سھڻي آهي جيتري هن جي شاعري ۾ نظر اچي ٿي؟ ان ڳالهه جي باوجود ته سندس نئين سامايل شاعري اڃا ته گونچ ٿي ڪڍيا ۽ اها اڪثر ماڻهن کي پوري طرح سمجهه ۾ نه آئي پر تڏهن به ان کي زبردست مڃتا ملي! ٻڌڻ کان پوءِ جيڪي خمار چڙهن ٿا تن مان خبر پوي ٿي ته اهو هڪ جام نه پر پورو مئخانو آهي جيڪو ميچوئر ٿي رهيوآهي، جنهن جا ڪيف چڙهندا ئي وڃن پيا. تڏهن ئي ته ڪتاب پڙهندي، وڻن هيٺان واڪ ڪندي، بستري تي ليٽندي سمهڻ کان اڳ ان جون سٽون بار بار ياد ٿيون اچن!
هن جھڙي نموني خوبصورتي کي آئڊيلزم سان ڳنڍي تخليقي عروج تي پهچايو ان کي انجوائي ڪرڻ لاءِ سنڌي ماڻهن کي وقت ۽ دماغ کپي. اها نازڪ شاعري لوهارڪو ڌڪ نٿي پچائي سگهي، ان کي انتظار آهي ڪنهن سونارڪي ڪاريگري جو جيڪو انهي گهڙاءُ جي سونھن کي توري تڪي ۽ سمجهي سگهي. اڳتي هلي جڏهن هن ڏات خزاني جا اصلي وارث جيڪي جمالياتي اشوز، تجريدي سچ، ارتقائي اخلاقيات، لامحدود انساني خواهشن ۽ ٻين پاسن کي سمجهندا ته هو هن جينيس فنڪار جي ڏات تي فدا ٿي ويندا. خواب ۽ جاڳ، آدرش ۽ حقيقت، درد ۽ لطف جي اظھار کي نيون معنائون ملنديون! هن پنھنجي زندگي شاعريءَ کي ڏني جتان کيس امرتا عطا ملي. هن کي وئي ڪيترائي سال گذري ويا پر ماڻهو اڄ به سندس ڳالهيون ڪن ٿا ڇو ته هن جهڙو ٻيو شاعر نئين ٽھي ۾ اڃا تائين نه اچي سگهيو آهي!
ڪينجهر ڪناري جهمپير ۾ رسول بخش درس جي اوطاق هن جو ٻيو گهر هو، جتي روح رھاڻيون ڪندو ھو. سارنگ درس وٽ هن جون جيتريون ڳالهيون ۽ يادون آهن اوتريون سنگت ۾ ٻي ڪنهن وٽ به ناهن. انھي ئي اوطاق تي هن لھندڙ سج، موٽيل جواني ۽ ويندڙ وهي جا افسانا ٻڌا هئا. اهي سڀ سھڻيون جن راڄن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون هيون، اهي جوان جن لارا لپا ڏئي پنھنجو سانگ سجايو ڪيو هو، سي خاڪ ٿي ويا. اهي سڀ داستان ۽ ڪهاڻيون جن تي هن لکڻ لاءِ سوچيو هو، سي اڻ چيون رهجي ويون. سندس لفظ، ڳالهيون ۽ ٽھڪ اڏامي ويا.
يارن سان گهاريل پل ڪيترا به خوبصورت ڇو نه هجن پر وقت گذرڻ کان پوءِ ياد ڪرڻ سان هميشه وڃائڻ جو احساس ٿيندو آهي. هن کان سواءِ هيترا سارا ورهيه خبر ناهي ڪيئن لنگهي ويا، ٻيا سال به ائين ڪٽجي ويندا. پن ڇڻي وري ڦٽي اچن ٿا. گل به موسمن سان ٽڙي پون ٿا پر ماڻهو هميشه لاءِ وڃي ٿو. هو جو زمين اوڍي ستو آهي ته وري اک نه پٽيندو. پوءِ ڪوئل الائي ڪنھن لاءِ ٿي ڪوڪي!
husainkapri@yahoo.com

تعزيت نامو: ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جو خواب
اسان دل سان سوچڻ وارا ماڻهو، ھُو دماغ سان غور ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو ھو. اسان احساسن تي ڀاڙڻ وارا ماڻهو، ھُو تجربن، عقل ۽ منطق تي ٻڌل سوچ رکڻ لاءِ جاکوڙيندو ھو. اسان شاعريءَ جي طلسماتي دنيا ۾ جيئڻ وارا ماڻهو، ھُو سائنس جي حقيقتن کي قبول ڪرائڻ لاءِ پتوڙيندو ھو. اسان سندس ڳالهه ڪڏھن بہ ڪونہ ٻڌي ۽ ھُو بنان انھيءَ جي پرواھ ڪندي پنھنجي ڪم ۾ رُڌل رھيو. نيٺ ھُو بيماريءَ سان جهيڙيندي، اسان کان پري ويو ھليو ۽ پويان اسان لاءِ علم، ڏاھپ، سائنس ۽ سمجهه جو ورثو ڇڏي ويو.

سائين علي مرتضيٰ ڌاريجو جديد سنڌ جي چند ماڻهن مان ھو، جيڪو روشن خيالي، سائنس، ماحوليات جي سمجهه ۽ عقلي فڪر کي عام ماڻهن منجهه سندن ئي ٻوليءَ ۾ پکيڙڻ لاءِ اڌ صديءَ کان بہ وڌيڪ عرصي کان مصروف ھو. سندس سائنس تي تحقيقي مقالا بين الاقوامي جرنلن ۾ ڇپجندا تہ ھئا پر ڌاريجي صاحب جي اھا مٓت ھئي تہ علم رڳو پنھنجي لاءِ مان، عھدا ۽ حيثيت پرائڻ لاءِ ناھي. پر علم، پنھنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن ڌڻين جي امانت آھي ۽ اُنهيءَ علم کي نہ ونڊڻ، خيانت آھي. اُنهيءَ لاءِ ھُن ڪيترن ئي اھم سائنسي موضوعن تي طبعزاد ڪتابن يا ترجمن جي صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شاھوڪار ڪيو. ھُن لغتون جوڙيون ۽ ادارا ٺاھيا ۽ مختلف حيثيتن ۾ پتوڙيندو رھيو. ھُن سائنس ۽ ماحول تي رسالا ڪڍيا ۽ سائنس سوسائٽي کي وري متحرڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ھُن ٽن نسلن کي پڙھايو ۽ تربيت ڪئي. ڌاريجي صاحب کيس مليل زندگيءَ ۾ ايترو ڪجهه ڪيو، جو ھينئر سندس حياتي جي وھي کاتي جو پوتا ميل ٿا ڪريون تہ اسان سڀ سندس قرضي ٿا لڳون. پر انهيءٓ قرض کي واپس ڪرڻ لاءِ اسان ڪڏھن بہ نہ سوچيو.

منھنجي ڌاريجي صاحب جي ڪتابن سان پھريون ڀيرو واقفيت شايد 1991 واري سال ۾ ٿي ھئي. نئين نئين جواني جا سال ھئا. جڏھن جنس جي منع ڪيل ميوي ڏانھن ڪشش فطري ھئي. انهي پراسرار موضوع جي حوالي سان ذھن ۾ ھزارين سوال ھئا پر انھن جي خاطري وارن جوابن جو ڪو وسيلو نہ ھو. جنس جي موضوع تي ڪوڪ شاستر باتصوير ۽ شاديءَ جي پھرين رات جھڙا ڪتاب ھئا، جيڪي لڪ ڇپ ۾ نوجوانن جي ھٿن ۾ ايندا ھئا، جنھن ۾ ڏنل ليڪيل تصويرن مان اُھي لطف وٺڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا. انهن ڪتابن ۽ مٿان ھڪ جيڏن وٽان مليل جنس جي باري ۾ ڏند ڪٿائن نوجوانن جي ذھنن کي بيمار ڪرڻ ۽ منجهن وھم پيدا ڪرڻ کانسواءِ ڪجھہ بہ نہ ڪيو. تن ڏينھن ۾ سنڌيڪا پاران ڌاريجي صاحب جو ڪتاب ”جنس جي سائنسي ڄاڻ“ مارڪيٽ ۾ آيو. اھو ڪتاب جنس جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ شايد پھريون سائنسي ڪتاب ھو، جنھن ۾ ڌاريجي صاحب انتھائي سولي ٻوليءَ ۾ جنسيات جي موضوع تي انتھائي واضح طريقي سان ڄاڻ ڏني. انھيءَ ڪتاب ذريعي اسان جي نسل کي اُنهيءَ اھم موضوع تي پھريون ڀيرو سائنسي ڄاڻ ملي ۽ اسان جي ذھنن ۾ موجود ڪيترن ئي سوالن جا پھريون ڀيرو جواب مليا. اُنهيءَ کانپوءِ 1994 ۾ سندس ڪتاب ”ڇـاتـين جـي سائنسي ڄاڻ“ پڻ آيو. انھن ڪتابن سنڌيءَ ۾ انهن موضوعن تي پيل ٽيبو کي ٽوڙيو ۽ کلئي ذھن سان انهن تي ڳالهه ٻولهه کي ممڪن بڻايو.
اُنهيءَ کان اڳ ۽ اُنهيءَ کانپوءِ بہ ڌاريجي صاحب ”انوکا گره“،” ڪينسر“، ”اسانجون اکيون“،” ڪينسري بيماريون“، ”سـريـر جـي آتم ڪھاڻي“ ، ۽ ” ، جت ويڄ نه طبيب “ سوڌو ٻيا ڪتاب بہ ڏنا، جن ۾ وايومنڊل کان وٺي انسان جي بدن، ان سان لاڳاپيل مسئلا ۽ طب جي باري ۾ ڄاڻ ھئي.
ڌاريجو صاحب سنڌ جو شايد پھريون ليکڪ ھو، جنھن کي اھا سمڪ ھئي تہ ايندڙ وقت ۾ ھن ڌرتيءَ کي پيش ايندڙ سڀ کان وڏو مسئلو ماحولياتي تبديليءَ جو ھوندو. اُنهيءَ لاءِ ھو مسلسل لکندو رھيو ۽ ھُن اُنهيءَ موضوع تي ”مـوسـمـي تـبديـلــي ڇـا آهـي؟“ ۽ ”تپندڙ ڌرتي ۽ مٽجندڙ مندون“ جھڙا ڪتاب ڏنا. ھتي آئون خاص طور تي سندس شايع ٿيل آخرين ٻن ترجمو ڪيل ڪتابن جو ذڪر ڪندس. ھڪ ڊارون جي جيوڻي ھئي، جنھن ۾ ڌاريجي صاحب انتھائي سولن لفظن ۾ سندس ارتقا جي نظريي کي پڻ کولي سمجهايو. اھو ارتقا جو نظريو آھي، جيڪو ھن ڪائنات جي اسرڻ، ھن ڌرتيءَ جي موجود سڀني جيون جي موجودہ صورت ۾ ھئڻ، انهن ۾ آيل تبديلين ۽ ماضيءَ ۾ انهن جي ختم ٿيڻ جي وضاحت ڏئي سگهي ٿو ۽ جنھن کي سمجھڻ کانسواءِ پنھنجي چوڌاري ڪنھن بہ لقاءٓ جو مفھوم ۽ سمجهاڻي ڏيڻ ممڪن ناھي.
سنڌ لاءِ سندس آخري پورھيو جديد سائيڪلوپيڊڪ ميڊيڪل ڊڪشنري ھئي. دنيا جي انتھائي معتبر ۽ جامع برٽش ميڊيڪل ايسوسيئشن جي ترتيب ڏنل السٽريٽيڊ ميڊيڪل ڊڪشنري کي بنياد ٺاھي، مرتب ڪيل 850 صفحن تي مشتمل انھيءَڊڪشنري ۾ 7000 کان وڌيڪ اصطلاحن جي انسائيڪلوپيڊيا جي معيار تي تشريحي وضاحت ڏنل ھئي. اُنهيءَ ۾ بيماريون، انھن جا سبب، انھن جي سڃاڻپ، تپاس، علاج، احتياط ، مختلف دوائون، انھن جو استعمال پڻ شامل آھي. جيڪڏھن ڌاريجو صاحب ٻيو ڪجهه نہ ڪري ھا تہ رڳي اھا ڊڪشنري ئي سندس اسان تي احسان ھو.
سندن اڻڇپيل ڪتابن جو بہ ھڪڙو چڱو انگ آھي. اُھي ڪتاب ڪو پبلشر ڇاپڻ لاءِ تيار نہ ھو، ڇاڪاڻ تہ انهن بہ ڄاتو ٿي تہ سنڌ ۾ سائنس تي ڪتاب ڇاپڻ ھڪڙو گهاٽي جو سودو آھي. اُنهيءَ لاءِ ھن پاڻ سائنس جي ادب جي واڌاري لاءِ ’سائنس پبليڪيشن‘ لاڙڪاڻي جو بنياد وڌو، جنھن ذريعي مختلف سائنسي ڪتاب ڇپرايائين ۽ ماحول جي نالي سان رسالي کي پڻ جاري ڪيائين.
ڌاريجي صاحب جي وڏي ڪوشش ھئي تہ سنڌ سائنس سوسائٽي وري ٻيھر متحرڪ ٿئي. ھُن اُنهيءَ لاءِ ڪوششون بہ ورتيون. سندس اھو تصور ھو تہ سنڌي سماج جي ڀلائي اُنهيءَ ۾ آھي تہ اتي جي واھڻن ۽ شھرن ۾ سائنس ڪلب کلن، جن ۾ ٻارن کي ڪچي کان پنھنجي ٻوليءَ ۾ سائنسي طريقن جي سکيا ڏجي. سنڌ جي ھر اسڪول ۾ سائنسي ميلا ٿين ۽ شاگردن ۾ سائنسي سوچ پيدا ڪجي. اڳ وانگي سنڌ ۾ ٻيھر ”سائنس“ جو رسالو نڪري، جنھن ۾ سنڌيءَ ۾ سائنس جي نين کوجنائن تي مضمون ھجن. يونيورسٽين ۾ سائنس تي مذاڪرا ٿين ۽ سنڌ جي نوجوانن کي فڪري طور تي باقي دنيا سان ڳنڍجي. پر سندس خواھش، ديواني جو خواب ئي ثابت ٿي.
جتي ٻيا اديب ڏھاڪا اڳ لکيل ڪجهه تخليقن جو قرض اسان کان اڃا مڃتا ۽ اعزازن جي صورت ۾ وصول ڪن پيا، اتي ڌاريجو صاحب سخت بيماريءَ جي ھوندي پنھنجي آخري گهڙين تائين پنھنجي ڪم ۾ مصروف رھيو. جيستائين ساھ جي تند ثابت ھئي، تيستائين ھُو سنڌ کي ڏيندو رھيو. مڃتا ۽ مان جي تِڇ خواھشن کان پري، سنڌ جو ھيءُ عاشق پنھنجي آخري لمحي تائين سنڌ کي علمي طور سگهارو ڪرڻ واري خواب کي ساڀيان ڏيڻ ۾ مصروف رھيو.

ڪارونجھر جو نئون ھيرو: ڪاڪو الھ رکيو کوسو
سامِي ويئرِي جو سپُوت – ڪاڪو الھ رکيو کوسو…!

“ڪارونجهر، جُملي جيوت جو پالڻھار ۽ پناھ گاھ آهي. اهو اسان جو ماضي، حال ۽ مستقبل آهي..!”

اهي لفظ ڪاڪي الھ رکيي کوسي جو، ڪو خيال نہ، پر ايمان آهن…!

ننگر پارڪر ۾، اسان پارن جي ڏسڻ ۽ ملڻ لاءِ، هڪڙو آهي ڪارُونجهر ۽ ٻيو آهي ڪاڪو الھ رکيو کوسو…!

ڪاڪي الھ رکيي کوسي ۾، هونءَ تہ سڄو ٿرُ ساھُ کڻي رهيو آهي، پر هُو پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو سادو ۽ سِڌو شخص آهي، جھڙو ڪو ڏهرُ ٿيندو آهي، جھڙيون ٿرَ جون ڀِٽُون ٿينديون آهن!

اَٺھٺ سالن جي هن شخص جون ڳالهيون ٻُڌندي، توھان جو اکيون، هن جي اکيُن سان مِلي، جڏهن سندس پُر اعتماد چھري تي پونديون، تڏهن توهان کي ايئن لڳندو، ڄڻ ٿَر جي ٿُوهر تي بھار آئي آهي ۽ سندس هر ٽارَ جي مٿي تي مَنڌِيءَ جا ڳاڙها گُل ڦُٽي آيا آهن، جن ڄڻ کيس نئين جواني عطا ڪري ڇڏي آهي!

سائين الھ رکيو کوسو ، ٿرپارڪر جي سرحدي ڳوٺ سامِي ويئرِي جو سپُوت آهي، جنھن جو جنم 1958ع ۾ ٿيو.

جڏهن ورهاڱي جي ويرِي ڇِڪِي وئي، تڏهن ان سامي ويئري کي بہ دل وانگر ٻہ اڌ ڪري ڇڏيو، جنھن ۾ اندازن 300-350 کن گهر هُئا! ڳوٺ جو اڌ پاسو لَڪير جي هُن پاسي هليو ويو، اڌ هن پاسي رهجي ويو. پر سامي ويئري جي دِل هن پاسي ڌڙڪي رهي هئي، اهو اڌُ، اڌ رنگ جي مريض وانگر جيئڻ جي جنگ جوٽي بيھي رهيو هو!

راجا! تُو پَڙَي، تو ڌارا لاچي،

لنگڙيا ٽانگ سي بِي لَڙ…!

( راجا! جيڪڏهن تون ڪِري پوندين، تہ ڌرتي لَڄائبي، تنھن ڪري لنگڙي ٽنگ سان بہ لڙندو رھ…!)

اهي لفظ شھيد شادي خان کوسي، راجا خان کوسي کي چيا، جيڪو سندس ڀائٽيو هو، جنھن کي جنگ ۾ وِڙهندي، ٽنگ ۾ گولي لڳي وئي هئي. انگريزن سان جهيڙيندڙ ان جنگ ۾ چانڊيا ۽ راجپوت بہ شريڪ هئا.

سامي ويئري جي ان شھيد (شادي خان کوسو) جي مزار ڇَھُوٽڻ جبل (راجسٿان) ۾ آهي، جنھن جي مزار تي نوان پرڻيل جوڙا اچِي، اها دُعا گهرندا آهن، تہ کين بہ اهڙو سُورهيہ پُٽُ پئدا ٿئي…!

ارڙهن سالن تائين ڳوٺاڻا ان لَڪير کي اورانگهيندا ٿي وَتيا، پر پوءِ پنجھٺ واري جنگ پَريين پاسي وارن کي تہ ڇا، اوريين پاسي وارن کي بہ اتان اُٿي وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو! رهيا کُھيا گهر بہ ايڪھتر واري جنگ ۾ اتان لڏي، ٻين ڳوٺن ۾ اچي آباد ٿيا!

سائين الھ رکيي کوسي وارا، سال سوا نئين ڪوٽ ۽ ڏيپلي جي وِچ تي هڪ ڳوٺ ۾ ڪجهه وقت گذارڻ کانپوءِ 1973ع ۾ ننگر پار ڪر ۾ اچي آباد ٿيا…!

ڳوٺ سامي ويئري جو اهو نالو، ڀلي تہ ڪنھن ساميءَ سان منسوب هجي، پر ان ويئريءَ جي پاڻيءَ ۽ مٽيءَ ۾ اهڙي تہ ڪا مَھما هُئي، جنھن جي آويءَ مان ڪو بہ رَڇُ ڪچو نہ نِڪتو…!

سامي ويئريءَ جي کوسن جون مائرُون پنھنجن ٻارن کي، نہ رڳو سنڌي زبان ۾ لوليون ڏينديون هُيون، پر ائين ٿو لڳي، ڄڻ اهي پنھنجن ٻارن کي ٿڃُ ۾ ٿُوهر جي کير جا ڦُڙا بہ ايئن ملائي ڏينديون هيون، جيئن ننڍي هوندي اسان کي امڙ ٿڃُ ۾ اَملتاس ملائي ڏيندي هئي. اهو ئي سبب هو، جو سامي ويئريءَ جو هر سپُوت ان ٿَڃُ ۽ مرکَ کي ايئن موکيندو ۽ ملهائيندو پئي رهيو آهي، جو سندن نالا ڪڏهن نادَن وانگر تہ ڪڏهن ڪليسا جي گهنڊن وانگر وڄندا پئي رهيا آهن…!

سامي ويئريء جي صمد خان کوسي اتي اسڪول کولرايو، جنھن ڊاڪٽر ۽ سماجي شيوڪ پئدا ڪيا. مسڪين جھان خان کوسو ٿر جو خدائي خدمتگار هو.

ڀرسان ئي ڪاپڙي خان کوسي جنم ورتو، جيڪو باغي ۽ بھادر شخص هو. جنھن کي انگريز جڏهن پنھنجي طنبُوءَ ۾ ڳالهيُن لاءِ سڏايو، تڏهن سعيو ڪري ان جو دروازو سوڙهو رکرايائين، تہ جيئن کيس اندر جُهڪي اچڻو پوي. پر هن تلوار سان طنبُوءَ کي چيرُ ڏيئي، ان ۾ سِڌو داخل ٿيو!

تون بہ طَنبُن جا ڀلي دَر هيٺ ڪر،

مان بہ کوسا ڪاپڙي ميڙيان ٿو پيو!

(- استاد بخاري)

ڪاڪو الھ رکيو کوسو چاليھ سالن جو ٿيو، تہ مٿس ڪارُونجهر جو نِينھُن نازل ٿيو!

مون کيس پھريون ڀيرو فقير مُقيم جي ورسيءَ ۾ ڳالهائيندي ڏٺو. هن جو فقير مقيم سان ياراڻو هو. هن ٻُڌايو، تہ سندس مقيم سان پھرين ملاقات 1990ع ۾، دلبر خان جي معرفت عيسن شاھ جي ميلي ۾ عمرڪوٽ ۾ ٿي!

“تڏهن مختلف ڪمپنين کي ليز تي ڏنل ڪارُونجهر جي ٽَڪريُن جي ڪَٽائي شروع ٿي چُڪي هئي. مُقيم پھريون ماڻهو هو، جنھن ان موضوع تي اخبارن ۾ آرٽيڪل لِکي، ان ڳالهه جي اهميت کي اُجاگر ڪيو، احساس ڏياريو، همت ٻڌرائي ۽ اسان سان احتجاجن ۾ گڏُ رهيو. ساڻس وڌيڪ ويجهڙائيءَ جو سبب بہ ڪارونجهر ئي هو. ٻيا سُمِهي پوندا هُئا، اسين سڄي رات پيا ڪارُونجهر بابت ڪچھريون ڪندا هئاسين…!”

هنن “ڪارونجهر سجاڳ فورم” جو بنياد 2017ع ۾ وِڌو. ان پليٽ فارم تان مظاهرا ڪري، پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا ۽ “ڪارُونجهر بچايو” جو آواز بلند ڪندا رهيا!

هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص جي بئنچز پاران، ڪارونجهر جي حق ۾ فيصلو اچڻ کان پوءِ، جڏهن سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ ۾ اپيل فائيل ڪرڻ کان پوءِ, اهو ڪيس جنھن ڏينھن فيڊرل ڪورٽ ڏانھن شفٽ ڪرايو، تنھن ڏينھن (26.11.2025) کان هنن لاڳيتو 86 ڏينھن تائين احتجاج جاري رکيو!

“توهان سمجهو ٿا، توهان جو آواز ڪارونجهر جي متوقع ڪٽائي مڪمل بند ڪرائي سگهندو?!” مون کانئُس سوال ڪيو…!

پاڻ پُوري اعتماد سان وراڻيائين :

“منھنجي آواز سان ٿر ننگر ۽ سموري سنڌُ پنھنجو آواز ملايو بيٺا آهن!

جي سرڪار ڏاڍي آهي، تہ ڏُونگر بہ ڏاڍو آهي…!

تو جي پَھڻ پَٻَ جا، تہ لِڱَ منھنجا لوھُ…!

اسان جو آواز، رڳو احتجاج ناهي، پر اهو احساس پئدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي، تہ ڪارُونجهر رڳو پٿر ناهي، پر اهو هڪ جيئرو جھانُ آهي. اهو وَڍڻ ۽ ويچڻ واري وَٿُ ناهي…!”

ويڪائُو نِي ڪوڻ بَتاوي،

ديس نہ هوءِ وَکر…!

ڏُونگر نَي نِي واڍو، وَيچو،

ڏُونگر مارو ٻاءُ…!

يوسف شاهين: صدين جي سنڌ جو مورخ
استاد بخاريءَ کان جڏهن ڪنھن ڳالهه تي سائين جي ايم سيّد ڪاوڙيو (يا بخاري صاحب کي ايئن لڳو ته هو کائنس رُسيو آهي) ته استادَ ”منھنجو نالو لکو… منھنجو نالو لکو… ڊوھُه گُڏڻو آ گڏجي، ته ڇو ٿا ڊڄو…“ جھڙو شاھڪار نظم لکيو، پر جڏھن سائين جي ايم سيّد، شيخ اياز کان ڪنھن ڳالهه تي رُٺو، ته هن کيس پرچائڻ لاءِ اھڙو ڪو نظم ڪونه لکيو، نه ئي هن کيس پرچائڻ جي پاڻ ڪا ڪوشش ڪئي. ان رُسامي جي خبر هونئن ته ٻنھي قدآور ھستين جي ويجهي حلقي کي هئي، پر ٻنهي کي پرچائڻ لاءِ اڳرائي سواءِ ان جي ٻئي ڪنھن ڪانه ڪئي، جنھن پاڻ ڪنھن جاءِ تي اهو چيو هو، ته:
ڪا ته سِٽَ سڻائي، واتان ورجايو
هيڏو هِنَ عليلَ کي، ڇو ٿا ستايو!؟
ڏاڍو ڏونگرن کي، ڄاڻان ٿو سُڃاڻان ٿو
اِنَهن کي مون آهي ڏاڍو ٿڪايو
هي ڏکيا ڏينھن ”يُوسف“ ويندا گذري
ڏُکن ڪينَ ڪنھن سان، آھي نڀايو.
اهو يوسف شاھين ئي هو، جنھن انهن ناراضگيءَ وارن ڏينھن ۾ جڏھن سائين جي ايم سيّد عليل هو ۽ ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ داخل هو، ته شيخ اياز کي هجت مان پنھنجي گاڏيءَ ۾ ويھاري، جناح اسپتال وٺي اچي سائينءَ سان ملرايو ۽ ٻنهي جو رنجُ رُسامو دُور ڪرايو.
”سائين، پوءِ ڪنھن ڪنھن کان معافي ورتي!؟“ مون يوسف صاحب کان انٽرويُوءَ ۾ سوال ڪيو.
”خبر ناهي… ڇاڪاڻ ته مان ٻنهي کي نويڪلو ڇڏڻ لاءِ سگريٽ پيئڻ جي بھاني سان اسپتال جي ڪمري مان نڪري آيس، ته ڀلي هڪٻئي سان دل کولي شڪوه شڪايتون ڪري وٺن… آئون جڏھن ڪلاڪ سوا کانپوءِ واپس ڪمري ۾ آيس ته ٻئي خوشگوار مُوڊ ۾ مليا… ۽ ٻنهي جا رنجَ رُساما ختم ٿي چڪا هئا…“ سائين يوسف شاھين وراڻيو.

ويھين صديءَ واري سنڌ جي هنن ٻن جبل جيڏين هستين سان ايترو ويجهو ۽ هجائتو رھندڙ يُوسف شاھين به ڪو عام ماڻهو ناهي. هو لڳ ڀڳ مني صديءَ جي عالمي تاريخ جو نه رڳو اکين ڏٺو گواھه آهي، بلڪه سنڌ جي ادبي ۽ صحافتي تاريخ جو پاڻ به هڪ اهم باب آهي. دنيا هڪ ته يوسف شاھين (1926ع ــ 2008ع) نالي مصري فلم هدايتڪار کي سُڃاڻي، جيڪو 1950ع کان 2008ع ۾ پنھنجي لاڏاڻي تائين مصري فلم انڊسٽريءَ ۾ سرگرم رهيو ۽ قاهره انٽرنيشنل فلم فيسٽيول پاران شايع ٿيل ٽاپ 100 مصري فلمن جي فھرست ۾ شامل 12 فلمن جو ڊائريڪٽر هو ۽ ٻيو 3 اپريل 1939ع تي جنم وٺندڙ، نصرپور ڄائي اسان واري يوسف شاھين کي سُڃاڻي، جنھن نه رڳو ”متان ڏرو ڏاڍَ کان…“، ”شل گهوٽُ ٿئين، اڻ موٽُ ٿئين… جيجل اها آسَ، امڙ اها آسَ…“ ۽ ”آئي ڙي آئي، سا ساعت سھائي… مرويسون سنڌ نه ڏيسون… هر ڪنھن وات وائي…“ جھڙا انقلابي گيتَ لکي، قومي تحريڪن کي ترنگ ۽ توانائي بخشي. هڪ صحافيءَ طور به هن جيڪي انقلابي ڪارناما سرانجام ڏنا، سي اڄ تائين هڪ مثال آهن. تاريخدان جي حيثيت سان هن نه رڳو سنڌو ماٿر جي، پر يورپ ۽ آمريڪا جي به ان انداز ۾ تاريخ لکي، جو خود اتان جي عالمن ۽ اسڪالرن ان نئين زاويي کي مڃيو. هي اهو ئي يوسف شاھين آهي، جنھن اسانکي ”ورلڊ ڪنفيڊريشن آف پيپل“، ”وليم دي باسٽرڊ“، ”رائيز اينڊ فال آف گاڊز“، ”حق موجود“ (اردو)، ”رائيز اينڊ فال آف سنسڪرت“، ”فال آف نيٽو لينگويجز آف دي امريڪا“، ”آرٽيفيشل بارڊرز آف ورلڊ“، ”سنڌ جي آزاديءَ جو پھريون عظيم شاعر شاھه لطيف“ (سنڌي)، ”پيھي منجهه پاتال“ (سنڌي) ۽ ”عالمي تاريخ جو مطالعو“ (پنج ڀاڱا) جھڙا ڪتاب ڏئي، دنيا جي تاريخ کي اڻ ڌري نگاهه سان رُوشناس ڪرايو. جنھن سؤلي ٻوليءَ ۾ ڏوھه ۽ سزا جي تاريخ ٻڌائي. هي اهو يوسف شاھين آهي، جيڪو هر صديءَ ۾ ڪروڙن جي انگ ۾ ٿيندڙ انسان ذات جي قتلام تي رت جا ڳوڙھا روئندي، ان عالمي دھشتگرديءَ جي خاتمي جو تمنائي ۽ عالمي امن جو خواھان آهي. جيڪو دنيا جي ڪُوڙين سرحدن کي نٿو مڃي ۽ دنيا کي اڳ جيان سرحدن کان آجو ڏسڻ چاھي ٿو. جنھن تي ڪنھن جي به اجاره داري نه هجي ۽ علم جي حصول کان وٺي طمع کان آجي هر حاصلات لاءِ جيڪو جيڏانھن چاهي، اچي وڃي سگهي. هي اهو يوسف ’شاھين‘ آهي، جيڪو پنھنجي فڪري ۽ قلمي اڏارَ سان تاريخ نويسيءَ رستي دليلن سان اهو ثابت ڪري ٿو ته سنڌو ماٿر تھذيب ئي دنيا جي تھذيبن جي ماءُ آهي ۽ هن ئي ڌرتيءَ جي نه رڳو هنرمندن دنيا کي زراعت، هنر، موسيقي، دندان سازي، مجسمي ۽ فن سيکاريو، بلڪه سنڌو ماٿر جا ’برهاسپتيءَ‘ جھڙا عظيم ڏاھا (جن منجهان گهڻن جا نالا تاريخ ميساري ڇڏيا)، مھاتما سڌارٿ گوتم ٻُڌ جھڙن انساني تاريخ جي عظيم انسانن جا به استاد رھيا. کيس دنيا جي تاريخ آڱرين جي اَڻيُن تي ازبر آھي.
اسان جي مزاحمتي شاعرن، 60ع توڙي 80ع واري ڏھاڪي ۾ وقت جي آمرَ جي سفاڪ اکين ۾ اکيون ملائي، پنھنجي قلمي جرئت جو مظاهرو ڪيو ۽ پنھنجي قلم وسيلي شعلا لکيا.. پر انھن ۾ يوسف شاھين کي ڳڻڻ الائي ڇو وساري ويهندا آهيون. جنھن جرئت سان لکيو هيو:

ڪانئرَ، ڪاڻا! ڄاڻان ٿو، سُڃاڻان ٿو
تُنھنجا پاپي پنڌَ پُراڻا، ڄاڻان ٿو، سُڃاڻان ٿو
نيٺ ٿيندو، حساب ٿيندو، توکان اڄ سُڀاڻان
ڄاڻان ٿو، سُڃاڻان ٿو…
صحافت جي ميدان ۾ يوسف شاھين جيڪي ايڊيٽوريل انقلاب آندا، انھن تي لکڻ لاءِ هن جھڙا اڻ ڳڻيا ليک درڪار آهي، پر اخباري مالڪ جي حيثيت سان هن سنڌ جي ڏتڙيل صحافين لاءِ جيڪي انقلابي قدم کنيا، انھن جي هن ملڪ جي انگريزي ۽ اردو اخبارن به تقليد ڪئي. مثال طور يوسف صاحب، ملڪ ۾ پھريون ڀيرو پنھنجي اخبارن جي ملازمن لاءِ ”ويج بورڊ“ قائم ڪيو، جيڪو هر سنڌي صحافتي ادارو قائم ڪري، ته شايد صحافين جو مستقبل غيرمحفوظ نه هجي. شيخ اياز، سنڌي ساھت جو ته وڏو نالو هو، پر يوسف شاھين نه هجي ها ته کيس صحافت جي دنيا ۾ وٺي اچڻ جي هجت شايد ٻيو ڪير به نه ڪري سگهي ها. يوسف صاحب جي روزاني ”برسات“ اخبار جي چيف ايڊيٽر جي حيثيت سان اياز جيڪي عظيم الشان اداريا لکيا (جيڪي سنڌي نثر جو شاھڪار آهن) ڪڏھن به تحرير نه ٿين ها. هڪ ڪامياب تاجر طور يوسف صاحب هر ڪاروبار ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ پنھنجن سونن هٿن سان، ديانتداريءَ سان واپار ۾ به پنھنجو نالو ڪڍيو. ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ جڏھن 1980ع واري ڏهاڪي ۾ اڃا ”سپر هاءِ وي“ به ڪونه ٺھيو هو، تڏھن نوري آباد ۾، جيڪو واحد ريسٽورنٽ هو، اهو يوسف شاھين صاحب جو هو. (جنھن جي پلاٽ تي اڄڪلهه هڪ مقامي سياستدان قبضو ڪيو آهي.)
سياست جي ميدان ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي قابلِ اعتماد ساٿيءَ طور هو نه رڳو پي پي پيءَ جو سينيٽر رھيو، بلڪه مٿين سِٽُن جھڙيون تخليقون سرجڻ جي ڏوھه ۾ ان کان اڳ واري مارشلائي دؤر ۾ مختلف وقتن تي ’سرڪاري مھمان‘ به رھيو ۽ موجوده صدرِ پاڪستان، آصف علي زرداريءَ جو جيل جو ساٿي پڻ رھيو.
کيس نه صحافت جي ميدان ۾ چڱ مُڙسيءَ جو شوق آهي، نه ادبي اسٽيجن تي صدريون پائي ويھڻ جو، نه مھمان خاص طور اسٽيج والارڻ جو، نه ادبي ادارن جي سربراهيءَ پٺيان ڊوڙڻ ۽ پنھنجا پئسا خرچ ڪري پاڻ سان رھاڻيون ملھرائڻ يا پنھنجن ڪتابن جون مھورتون ڪرائڻ جو… هو 87 ورهن جي ڄمار ۾ اڄ به سراسري طور 8 ڪلاڪ پڙهي ۽ لکي ٿو. رشتن پاران اڪيلو ڪرڻ جي باوجود به هو اکرن جي اُنسَ ۾ اڪيلو ناھي. پراڻن سياسي ساٿين جي بيوفائيءَ باوجود هُو ڪنھن کي ميار ڏيڻ بنا، هڪ ڪُنڊَ وٺيو، پنھنجي لکڻ پڙھڻ جي ڪرت کي جُنبيل آهي، ته جيئن پنھنجي حياتيءَ ۾ هن قوم کي وڌ ۾ وڌ پنھنجي ڏاهپَ جو ونڊُ ڏئي سگهي.
اڄ يوسف شاھين صاحب جو 87 هون جنم ڏينھن آهي. سو:
Happy Birthday to you, dear Yussouf Shaheen Sahab!

رفعت عباس – نِيريُن سِرُن تي گُلَ چِٽَڻ وارو شاعر
سائين رِفعت عباس کي ڏِسي، درياھ جو اُتر کان ڏکِڻ وَھڻ، ته سمجهه ۾ ايندو آهي، پر اهو به خيال ايندو آهي، ته ڪارُونجهر رُڳو چُوڙيي جبل جي ٽڪريُن تائين ئي نه، پر پري پري مُلتان تائين پکڙيو پيو آهي، جنھن جي لِڇَ مُلتان جي هِن مَست توڪلي سان به ملي ٿي!
جڏهن ڪارُونجهر کيس سڏُ ڪندو آهي، ته هي جُتي به ناهي پائيندو ۽ پندرهن سئو ڪلوميٽرن جو پنڌُ، کيس ايترو پري لڳندو آهي، جيترو ڪنھن ٿرياڻيءَ کي گهر کان کُوھ جو مفاصلو لڳندو آهي ۽ پھچڻ ۾ کيس ايترو ئي وقت لڳندو آهي، جيترو ڪا پاڻياري، وِيريءَ تائين رَسڻ ۾ وٺندي آهي…!
هن جو ناول “لوڻ جو جيون گهر” نوهٽي، ننگر، رڻ کان وٺي ملتان جي وِچ ۾، هڪ ناٽڪ گهرنُما ٻڌل ڳوٺ وانگر آهي…!
جنھن ۾ نه ڪوئي ديوتا آهي، نه موت…!
هِن کي سنڌ جي وَڻن ۽ وَٿاڻن مان واسُ، اهڙيءَ طرح پيو ملندو آهي، جھڙيءَ طرح سسُئيءَ کي ڪيچ جي وڻن مان، آري ڄام جو واسُ ايندو هو…!
هِن جِي دل چوندي آهي، ته ڪارونجهر جي پٿرن ۽ پُورن ۾ ايئن اَکيون اَڙايو بيٺو هجي، جيئن علي بابا، درياھ سان دل لايُون ويٺو هوندو هو…!
هي هر ڀيري پنھنجا پيارَ، ڪارُونجهر تان ايئن پيو نِڇاور ڪندو آهي، جيئن سانوڻ ۾ ڪارونجهر تي ڪَڪر اوھِيرا ڪري پيا بَرسندا آهن…!

ڪارُونجهر جي ڪَٽائي بند ڪئي وڃي، واري احتجاج ۾ سندس شرڪت، اهو احساس ڏيارڻ هو، ته هِي به سنڌ جي مقامي ماڻهن، ميگهواڙن ۽ ڪُولهين سان ايئن گڏ آهي، جيئن ڪارُونجهر ننگر وارن سان گڏ آهي….!!
سائين رِفعت عباس سان جيڪا راھَ جُڙِي آهي، اُن تي ڪڏهن به ڊَڀَ ناهن ڦُٽڻا، نه ئي مُحبت ۽ خُلوص جي ڪاريُن واهيُن ۾ ئِي ڪا ڪَمِي اچڻِي آهي…!
آرٽسٽ جي اندر ۾ ته ڪيئي جھانَ هوندا آهن، پر هُو، نظر رڳو پنھنجي ڏات ۽ ذات جي جھانن منجهان ايندو آهي…!
رِفعت، جن سان پيار ڪري ٿو، تن تي بارش وانگر برسندو رهندو آهي! جِن سان هن جِي لڳندِي ناهي، تِن کان هِي سياري جي سِج وانگر غير محسوس طريقي سان پري ٿيندو ويندو آهي…!
اهو ته سندس ذات جو پاسو آهي، پر ڏات جي معاملي ۾، هي اهو روشن مينار آهي، جنھن جي روشنيءَ مان، پورو هڪ دور روشني حاصل ڪري رهيو آهي…!
سائين رفعت عباس، اهڙن ڀاڳوان تخليقڪارن مان آهي، جن تي شاعري، سانوڻ جي مِينھن وانگر اوڙڪُون ڪري پئِي وسندِي آهي، ته نثُر، پو اهو حِڪايتن جي حيرتناڪ انداز ۾ هجي، توڙي ناولن جي نموني ۾، نازل ٿيندو رهيو آهي…!
سندس خِطابت جو خوبصورت انداز، پڻ دل ۾ گهرُ ڪري ويھڻ وارو هوندو آهي…!
شاعري، اهڙو وڻُ هوندي آهي، جنھن جون ٽاريون، شھرن، ڳوٺن ۽ وطن جون ديواريون اورانگهي وينديون آهن ۽ ان جو ميوو، توڙي مھَڪ، ڪنھن هڪ لاءِ مخصوص ناهي.

حُر تحريڪ جا انوکا ڪردار ۽ واقعا-1
مائي ڪِرڙي عرف غلام فاطمہ  ڪِيريو

مائي ڪرڙي کان جڏهن مشھور صحافڻ نفيسہ شاه  سندس ڳوٺ ۾ انٽرويو ڪرڻ آئي ته،  گفتگو کان اڳ هن جهوني حُرياڻي ڏاڍو دلچسپ جملو چيو.

”امان! تون منھنجي ڌيئر برابر آهين، ۽ منھنجي مهمان آهين،! پر جي تون منھنجي مرشد خلاف ڪجهه لکندينءَ يا گفتگو ڪندينءَ ته آئون هنن هٿن سان توکي مار ڪڍنديس.“

حُرتحريڪ دوران سڀني کان وڌيڪ عورتن ڀوڳيو ۽قربانيون ڏنيون، هزارين عورتون حُرڪئمپن توڙي جيلن ۾ قيد رهيون، ڪيتريون عورتون گُم ڪيون ويون، ڪن کي قتل ڪيو ويو. حُر جماعت جي اهڙن ئي عورت ڪردارن مان  هڪ اهم ڪردار مائي ڪرڙي عرف غلام فاطمھ  جو به هيو.

مائي فاطمه، جي والد جو نالو مريد فقير ڪيريو هو.  اصل ويٺل ڳوٺ جانب ڍوري، سانگهڙ تعلقي مکيءَ جا رهاڪو هئا.  مکيءَ جو علائقو نه صرف پنھنجي فطري حسن سان خوشحال علائقو هيو، پر ان جا رهاڪو به ڏاڍا سکيا ستابا مالوند ماڻهو هئا. هيءُ هڪ خوشحال خاندان هو، جيڪو حُرمارشل لا دوران ٻين حُر خاندانن وانگي مالي توڙي جاني طور  گهڻو متاثر ٿيو. سندن سمورو خاندان حُرتحريڪ دوران قربان ٿي ويو.

جڏهن اڃا حرن خلاف مارشل لا ڪونہ لڳي هئي، ان وقت هرڪو پنھنجي ٻارن ٻچن ويڙهن ۾ خوش هو.  انهن خوشين ڀرين لمحن ۾ نوجوان نينگري مائي ڪِرڙي  عرف فاطمه کي ڪھڙي خبر ته حُرايڪٽ جي آڙ ۾ سندن مٿان مارشل لا جھڙي مصيبت نازل ٿيڻ واري آهي. انگريز سامراج جڏهن  پھرين جون 1942ع ۾ سنڌ جي اوڀر پاسي مارشل لا لاڳو ڪيو، ان کان اڳ انهن ريڊيو توڙي اخبارن  ۾ مَکيءَ جي رهاڪن کي علائقو خالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو. ان دور ۾ ڪٿي انهن ماڻهن وٽ ريڊيا هئا يا  ٻھراڙيءَ جا ماڻهو اخبار پڙهندڙ هئا، جو کين انگريز سامراج جي نادري حڪمن جي خبر پوي. مارشل لا لڳي چڪو هئو. ملٽري پاران مکيءَ جي ايريا توڙي اڇڙو ٿر، سانگهڙ  ۾ آپريشن جاري  ٿيو.

بقول مائي ڪِرڙيءَ جي ’سندس والد مکيءَ ۾ مال پئي چاريو ته اوچتو انگريز ملٽري اچي ڳوٺ کي گهيرو ڪيو.  مائي فاطمہ  جي  والد ملٽري کان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندن مٿان فائرنگ ڪيائون، جنهن تي سخت زخمي ٿي پيو. کيس اسپتال نيو ويو، پر  زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو.  هن شھيد کي   گمنام قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيائون. ائين جيئن ٻيا ڪيئي حُر گمنام قبرن ۾ دفن ٿي ويا هئا. ڪيترا ئي حُر مِسنگ پرسن آهن، جن جو اڄ تائين پتو پئجي نه سگهيو آهي ته سندن مدفن ڪٿي آهن!

جڏهن  خيرپور جو ناظم غلام رسول شاه کينواري جي قلعي ۾ حُرن سان مزاحمت ۾ مارجي ويو، ردعمل ۾ پوليس ۽ فوج سخت ردعمل ڏيکاريو. انهن ئي ڏينھن ۾  مائي فاطمه  جي ڳوٺ تي گهيرو ڪيو ويو.  ان وقت سندس ٽي ڀائر غازي فقير محمد رمضان، عالم فقير ۽ ننڍو ڀاءُ محمد اسماعيل گهر ۾ موجود هئا. رمضان فقير جيڪو گهر جي ڇت تي ستل هو،   اهو گولين جي وسڪاري دوران گهوڙي تي بنا سنج وجهڻ جي چڙهي  گهيري مان نڪري ويو. پوئتي  پاڻ  فاطمه،  ٻه  ڀائر ۽  ماءُ وڃي رهيا.  پوليس ۽ ملٽري گهرن ۾ پيل سامان کڻي وئي. اَن رکڻ جون گُنديون ٽوڙي ڇڏيائون، باقي جيڪو بچيو، گهر سميت ان کي باه ڏيئي ڇڏيائون. انهن ڏينهن ۾ حُرن جي ڪيترن ئي ڳوٺن کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو هو. مٺي پاڻيءَ جا کوه  پُوريا ويا. مائي فاطمه جي خاندان  جون ٽيھه چاليھه مينھون هيون، جيڪي ملٽري وارا ڪاهي ويا.

سائين الهورائي بھڻ سان ڪچهري ڪندي مائي فاطمه ٻڌايو ’اسان عورتن کي گرفتار ڪري اچي جهول حُرڪئمپ ۾ پيش ڪيائون، جتي اڳي ئي ٽي سئو عورتون، ٻارن سميت  گرفتار ٿيل هيون.  منھنجو ڀاءُ غازي محمد رمضان گرفتار ٿيو ته ، ان کي هڪ مھينو باکوڙو پوليس چوڪيءَ تي کيس ڪُٽيندا رهيا. ايترو ته هن کي ٽارچر ڏنائون، جو سندس سمورو جسم زخمن سان ڀرجي سُڄي ويو. پر نه هن پنھنجي مرشد خلاف شاهدي ڏني، نه ٻين حُر فقيرن متعلق معلومات ڏني. اتان کان کڻي کيس حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ رکيائون.  ان بعد سزا ڏيئي کيس  ولايت جيل ڏانھن موڪلي ڇڏيائون. (جنھن کي حُرفقير ڪاروپاڻي به سڏيندا هئا) منھنجي مٿان پوليس پنجاه ماڻهن جي خون جو ڪيس داخل ڪيو. مونکي شھيد سورهيہ بادشاه جي تصوير ڏيکاري پڇندا هئا، ’هن کي سڃاڻين ٿي؟‘ مان چوندي هيس، ’هائو، هي منھنجو مرشد آهي.‘ پوءِ چوندا هئا، ’ڦُرٿيل ملڪيت ڪٿي آهي،؟‘  مان چوندي هيس،  ’اسان ڪي ڌاڙيل ٿوروئي آهيون. اسان ته مرشد جي لاءِ سڀ ڪجهه ڪيون پيا.‘ اسان کي پوليس انسپيڪٽر محمد صالح ڏهراج ۽ يوسفاڻي ڏاڍو ماريو.  هو چون ته، ’تون چئو  پيرصاحب اسان کي ماڻهو مارڻ جا حُڪم ڏنا آهن.‘  مون چيو، ’پيرسائين، اسان کي چار تسبيحون لا الاه  الله جي ذڪر جون ڏنيون هيون. هن اسان کي ڪو ٻيو ڪو حڪم ڪونه ڏنو.‘ انهي تشدد دوران هتي هڪڙو چغل جماعتي به ويٺو هوندو هو، جيڪو چوندو هو، هي بچو فقير جي پوٽي آهي، سچي ڪڏهن به ڪونه ڪندي. پوءِ اتي هڪ بگٽي صوبيدار هو، ان کي اسان تي  رحم اچي ويو،  جنھن کي مون چيو، صاحب مونکي ڪئمپ تي پُھچايو. پوءِ  ان مونکي عورتن واري ڪئمپ تي پُھچايو، پوءِ هڪ ڏينھن اتي به صالح ڏهراج ڪاغذ کڻي پڇا لاءِ آيو. پوءِ ان وقت مون، لالي وساڻ،  ماسي ساران ۽ ٻين ماين سان گڏجي ڏهراج کي کوڙي ڀونڊا ڏنا، ۽ ان تي حملو ڪيوسين، پوءِ ڀڄي ويو. ڇھه مهينا ڪئمپ تي رهڻ بعد حيدرآباد سينٽرل جيل موڪليو ويو. اسان کي هٿ ڪڙيون هڻي وٺي وڃڻ جو حڪم هو، پر پوءِ… مون سان گڏ بچان  نظاماڻڻ،  راستي راڄڙ لقمان فقير غازي شهيد جي ڀيڻ گڏ هيون.  اسان کي ماڙي تي گهرائي چوندا هئا: ’اوهان کي پيرپاڳاري چيو هو ته ماڻهو  قتل ڪريو، ۽  ٻين غازي فقيرن جا نالا ٻڌايو.‘  اسان جو ساڳيو جواب هوندو هو. منھنجو  پيءُ ته ملٽري شھيد ڪري ڇڏيو هو، پويان امان به گذاري وئي، جنھن جو گهڻو ڏک ٿيو.  انهي ڏک ۾ هيس، اتي هڪ هندو  جمعدارياڻي اچي جهيڙو ڪيو.  مان اڳي ئي سُورن، ڪاوڙ ۾ ڀري پئي هئيس. مون به هڻي ڏند ڀڃي ڇڏيامانس، اتي اچي ٻيون مايون گڏيون. پوليس گڏ ٿي، مونکي جيلر اڳيان پيش ڪيو ويو،  اتي هڪ چوهاڻ ذات جي وڏي جعمدارياڻي هئي، تنھن منھنجو ساٿ ڏنو. ان چيو ته هي پنھنجي جاءِ تي خاموش ويٺي هئي، هروڀرون جمعدارياڻي وڃي هن کي گهٽ وڌ ڳالهايو.  ائين ڪال ڪوٺڙيءَ  جي سزا کان  بچي ويس.

جيل ۾ رهڻ دوران  ڪيس هليو، پر مون تي ڪو ڏوه ثابت ڪونه ٿيو، ان بعد مونکي واپس نواب شاه جي حُرڪئمپ ڏانھن موڪلي ڇڏيائون. (حوالو: الھورايو بھڻ، جهونگار نمبر: 8 )

هن بھادر عورت  سان نالي واري صحافي اسحاق مڱريي به گفتگو ڪئي هئي، ۽ جناب الهورائي بھڻ صاحب پڻ جيڪو  ٻاروتڻ ۾ نواب شاه جي لوڙهي ۾  مائي ڪرڙي عرف فاطمه  سان گڏ قيد هو، جنھن جو احوال هن پنھنجي يادگيرين ۾ به لکيو آهي، کيس پنھنجي ڀيڻ ڪري سڏيو آهي. محمد عمر چنڊ صاحب به مائي فاطمه جي انٽرويو جي پسمنظر ۾ مضمون لکيو، جنھن مان خبر پوي ٿي ته هيءَ بهادر عورت پنھنجي ڀاءءُ محمد رمضان ڪيريي سان ڪيترو عرصو  مکيءَ جي جهنگلن ۾ روپوش رهي. سندس ڀاءُ حفاظت ڪندو رهيو. حُر تحريڪ جي اهڙن ڪردارن تي محمد عثمان ڏيپلائي سانگهڙ ناول لکيو، ۽ ملهار فقير پنھنجو ڪتاب بھادر ڀينرون پڻ لکيو. حُرتحريڪ دوران عورتن جي قربانين تي الڳ تحقيقي ڪتاب لکڻ جي  ضرورت آهي، جيئن نئين نسل کي سنڌ جي انهن عورتن جي لازوال قربانيءَ جي ڄاڻ ملي.

آخر ۾  هيءَ بهادر عورت خدا بخش ڪيريئي جي ڳوٺ ۾  رهندڙ  20 نومبر 1998ع تي وفات ڪري وئي. سندس يادگيريون،  ڪتابن جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ  جھڙيون آهن.