ڪهاڻي – Sarangaa

ڊفینس ۾ باندي ٿیل ڪوسٽر!
مان ڪنھن وي آءِ پي پروٽوڪول لاءِ نه ٺھي هئس. مان ڪنھن وزير، آفيسر يا جج جي اڳيان پويان سائرن وڄائيندي ڊوڙڻ واري چمڪندڙ پراڊو به نه هئس، جنھن لاءِ دربان ڊوڙي دروازا کولي ادب سان هٿ ٻڌي بيھندا آهن. مان ته رڳو هڪ سادي، سرڪاري ڪوسٽر آھیان؛ پر منھنجو مقصد ڪنھن به شاهي سواريءَ کان اتانھون ھو. مون کي غريب نياڻين جي خوابن کي پنھنجي سيني ۾ کڻي هلڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو.
لاڙڪاڻي جون اهي باک ڦٽيءَ واريون صبحون اڃا تائين منھنجي وجود ۾ تازيون آهن. سج پنھنجون اکيون پوريءَ طرح نه کوليندو هو ته منھنجو ڊرائيور چاچا شمس چاٻي ڦيرائيندو هو. منھنجي انجڻ هڪ اڌ ڀيرو کنگهي، پنھنجي ئي کُرڪي تي گجگوڙ ڪري جاڳي پوندي هئي. پوءِ لاڙڪاڻي جي مٽيءَ ڀريل گهٽين، نون ٺھیل موڙن ۽ گاڏن سان ڀریل چوڪن تي زندگيءَ کي ڄڻ ساڻ کڻي ڊوڙندي ھئس. اهي نینگریون منھنجو انتظار ڪنديون هيون. ڪي پنھنجي پيرسن پيءُسان، ڪي ماءُ جي دعائن جي ڇانوَ هيٺ، ته ڪي وري پنھنجن چادرن جي ویڪرن پاندن کي ڇاتيءَ سان ڀڪوڙي، هڪ هٿ سان سئيءَ، ڌاڳي يا ڪمپيوٽر جي ڪتابن وارا ٿيلها سنڀاليندي، منھنجي اچڻ جي آسري ڄڻ پٻن تي بیٺل ھوندیون هيون.
اهي سڀ ووڪيشنل یعني ھنري اسڪول جون شاگردياڻيون هيون. اهي سلائي، رڌپچاءُ، ڪڙهائي ڀرٿ، ڊيزائيننگ ۽ ڪمپيوٽر جو فن سکڻ وينديون هيون؛ اهي هنر، جيڪي شايد سندن پيڙهيل طبقن مان نڪرڻ ۽ پنھنجي پيرن تي بيھڻ جو واحد آسرو هئا.

انهن ڇوڪرين لاءِ تعليم ڪا آسان چونڊ نه هئي؛ اها غربت، تنگ نظري ۽ خوف سان هڪ سخت مھاڏو هئو. مان اها ڳالهه هر صبح محسوس ڪندي هئس. جڏهن به ڪا ڇوڪري منھنجي ڏاڪن تي پير رکي اندر داخل ٿيندي هئي ۽ سيٽ تي ويھي هڪ ڊگهو، اطمینان ڀریل ساهه کڻندي هئي، تڏهن مون کي سمجهه ۾ ايندو هو ته مان رڳو لوهه جو پڃرو ناهيان، مان انهن جي آزاديءَ ۽ حفاظت جو هلندڙ ڦرندڙ قلعو آهيان. منھنجن دروازن اندر هو محفوظ ھیون. نه ڪنھن بدسلوڪيءَ جو ڊپ، نه رستي تي بيٺل آوارا نگاھن جو عذاب، نه رڪشا واري سان ڪراين تي بحث، ۽ نه وري پيءُ جي کيسي تي روزاني مسافريءَ جو اهو ڳرو بار، جنھن سبب ڪيتريون ئي نياڻيون تعليم اڌ ۾ ئي ڇڏي ڏينديون آهن. نینگرین لاءِ، ڄاڻ اٿم تہ ھي ڌرتي ڌرتتي ۽ ٽامڻي آھي!

مان انهن کي سندن منزل ڏانھن کڻي هلندي هئس، ۽ سفر ۾ ھو مونسان پنھنجي دلين جا راز کولي ويھنديون هيون.
هڪڙي چوندي هئي: ”امان ویچاري ڪیئن تہ پُورت ڪري، ابو تہ ڪم کان ویھجي ویو آھي، مان پھريون وڳو سبي پيءُ لاءِ دوا وٺنديس.“ ٻي ڪا ڪپڙي تي چمڪندڙ ٽڪ هڻندي چوندي هئي: ”مان جڏهن ڳوٺ موٽنديس ته پنھنجي پاڙي جي ڇوڪرين جو سينٽر کولي کين سيکارينديس.“ هڪڙي ڇوڪري اڪثر پنھنجي ڪمپيوٽر جي ڪاپي ورائي چوندي هئي: ”دنيا هاڻي هٿن جي پورهئي کان اسڪرينن ڏانھن هلي وئي آهي، اسان پويان رهجي وياسين ته ڪڏهن به اڳتي نه وڌي سگهنداسين.“ اهي غريب گهرن جون نياڻيون هيون، پر انهن جون اکيون ٻوجھل ھوندي بہ بھتري جي خوابن سان ڀريل هيون.
پوءِ هڪ ڏينھن، ڪنھن اڻڏٺي قلم سان هڪ بي رحم حڪم نامو جاري ٿيو. یا ٿيٖ سگهي ٿو تہ ڪنھن رڳو واتان ڪڍیو ھُجي.“ اھا ڪوسٽر ڪراچي ڪاھي اچو!”۔ ایئن مونکي لاڙڪاڻي مان تڙي ڪڍیو ویو.

مون کي آڻي ڊفينس فيز 8 جي هڪ ڪمرشل گهٽيءَ ۾ بيھاريو ويو. چوڌاري پنج ڇھہ ماڙ فليٽ هئا؛ بنا ڪنھن جماليات جي، ماچيس جي دٻن جھڙيون بي ڊوليون اڏاوتون، جيڪي شايد ڊي ايڇ اي جي ان بي روح ۽ پلاٽن کي پئسن ۾ تبدیل ڪرڻ جي ذهنيت جي عڪاسي ڪري رهيون هيون جتي هر شئي رڳو ماپن ۽ نقشن تائين محدود هوندي آهي، پر زندگيءَ ۽ احساس جو ڪو نشان ناهي هوندو! هتي سمنڊ جي کاري هوا جو لوڻ ته هو، پر منھنجي نياڻين جي پگهر ۽ خوابن جو هڳاءُ ڪٿي به نه هو.
پھریان تہ مون سمجهيو مون جھڙي مسڪین ھنن جي ڪھڙي ڪم جي؛ مڙیئي ڪجهه ڏینھن ۾ مون مان جان ڇڏائیندا۔ پر پوءِ هڪ ھفتو، ٻیو۔۔ مھينو، ھاڻ شاید ٻیو مھینو اچي پورو ٿیو آھي، یا اڃا مٿي، مونکي تہ ھاڻ ھر ڏینھن ساڳيو ٿو لڳي۔ چپ، سانت ۽ آئون… انهن ڪمرشل دٻن جي پويان بيٺي رهيس. بلڪل خاموش، بيڪار ۽ لاوارث.

منھنجي شيشن تي کاري دز جو ڄڻ تھ چڙھي ویو آھي۔ منھنجون اکیون بتیون میرانجھڙیون ٿي ویون آھن . سمنڊ جي گھمیل هوا منھنجي چيسس کي کائڻ لڳي آ ۽ منھنجا ٽائر هڪ ئي پٿريلي دڳ تي بيھي بيھي پنھنجي لچڪ جلد وڃائي ویھندا. هتي ڪنھن کي منھنجي ضرورت نه هئي، ڇو ته هن علائقي ۾ ڪنھن غريب ڇوڪريءَ کي هنر سکڻ لاءِ نڪرڻو ئي نه هو. آهستي آهستي مون سمجهي ورتو: مون کي ڪراچيءَ ان ڪري نه آندو ويو هو ته هتي منھنجي ڪا گهرج هئي؛ مون کي ان ڪري آندو ويو هو، ڇو ته ڪنھن بااختيار صاحبَ وٽ مون کي پنھنجي قبضي ۾ آڻڻ جي طاقت هئي.

اسان جي نظام ۾ گاڏيون ضرورت جي پويان ناهن هلنديون، اهي طاقت ۽ قبضي جي پويان گھلبيون آهن. اعليٰ عھديدار، وزیر امیر، سيڪريٽري يا بااثر خاندان؛ انهن لاءِ عوامي وسيلو رڳو پنھنجي دٻدٻي جي نشاني هوندو آهي. مان ڪا وي آءِ پي سواري نه هئس، مان رڳو هڪ عام ڪوسٽر هئس؛ پر طاقت جو منطق ئي انڌو آهي. اهو جڏهن نياڻين کان سندن حق کسي پنھنجن بنگلن يا فليٽن اڳيان قيدي بڻائي ڇڏي، ته ان کي اختيار جو جشن سمجهيو ويندو آهي.
راتين جو جڏهن فيز 8 جون تجارتي گهٽيون خاموش ٿي وينديون آھن، تڏهن منھنجي اندر لاڙڪاڻي جا معصوم آواز گونجندا آھن: ”چاچا! ذرا ترسو، شمع جي امڙ ٿيلهو ٿي پھچائي…“ ”اڄ منھنجي ڪٽنگ جو امتحان آهي…“ ”ڊرائيور چاچا، پنج منٽ بیھجو، مان ليب مان فائل کڻي اچان…“
اهي آواز منھنجي بند ٿیل درین مان سوساٽ ڪندا مون تائین پھچن ٿا ۽ مون کي لوڏي ڇڏين ٿا. ۽ مان سوچيندي آھیان: هاڻي انهن نياڻين سان ڇا ٿيو هوندو؟ ڇا انهن جا پيئر اڃا کين هر مھيني ڳرا ڀاڙا ڀري اسڪول موڪلي سگهن ٿا؟ يا غربت کان اڳ غیر محفوظ ھُجڻ جو احساس کين گهر جي چوديواريءَ اندر قيد ڪري ڇڏيو هوندو؟
آئون تہ ٿیس بي جان بي زبان پر ھو بہ پٿر جا ٿي ویا آھن، جیڪي ادارا ۽ اسڪيمون جوڙيندا آهن، اسٽیوٽا جھڙا ادارا وڏا بجيٽ رکي تربيتي مرڪزن جون رنگين رپورٽون ڇپائيندا آهن، پر ڪاغذ اهو ڪڏهن به نٿا ڏيکارين ته تعليم جي دروازي تائين ويندڙ سواري اڄ ڪراچيءَ جي ڪنڪريٽ بلاڪن اڳيان بي معنا ھٿ وٺي اپاھج ڪئي وئي آهي. تحفظ ۽ سواري ڪا عياشي ناهي، اهو ته نياڻين لاءِ پڙهڻ جو پھريون بنيادي شرط آهي. جيڪڏهن سواري ئي کسي وٺندؤ، ته پوءِ اهي هنر جا مرڪز ڪنھن لاءِ کوليا ويا آهن؟
مان رڳو هڪ مشين آهيان. ؛ سڀاڻي اسڪريپ ٿي ویندس یا لاوارث ڍانچو- پر جيڪو سال، جيڪو اعتماد ۽ جيڪي موقعا انهن معصوم ڇوڪرين کان سدائين لاءِ کسجي ويا، انهن جو ازالو ڪير ڪندو؟ جيڪو زنگ انهن جي خوابن ۽ اميدن کي لڳي ويو، ان جي مرمت ڪهڙي ورڪشاپ ۾ ٿيندي؟

اڄ به مان اتي ئي بيٺي آهيان. ڪراچيءَ جي سامونڊي هوا منهنجي لوهه کي ڳاري رهي آهي، پر منهنجي دل اڃا تائين اتر طرف واجهائي رهي آهي.
مان ڪنهن اهڙي هٿ جي اوسيئڙي ۾ آهيان، جيڪو اچي، هتان جي پٿريلي بي حسيءَ مان مون کي آزاد ڪري، منهنجي اسٽيئرنگ تي هٿ رکي ۽ چاٻي ڦيرائي چوي: ”هل، لاڙڪاڻي جون نياڻيون تنهنجو رستو پيون نهارين.“
ڇو ته مان هتي بي جماليات عمارتن وچ ۾ ڳرڻ لاءِ نه، پر لاڙڪاڻي جي دز واري رستن تي ڊوڙڻ لاءِ ٺهي هئس… ۽ اهي نياڻيون به گهرن ۾ مجبوريءَ ٿي ويهڻ لاءِ نه پر پنهنجي خوابن پٺيان هلڻ لاءِ هيون؛ زندگي ۽ روشني ڏانھن ڊوڙڻ لاءِ.

حرام موت
سج لھي رهيو هو ۽ هن جون اکيون ٻري رهيون هيون. وات ۾ مين پڙي هيس. هن هڪڙي ڳاڙهي ٿُڪ زمين ڏي اڇلائي. مون کي لڳو، هن اها ٿُڪ هن سماج جي مُنھن ۾ ڀري هنئين هجي.
پڇانس، ان کان اڳ چيائين:
“مُجيري رات هڪڙي مردود جي ور چڙهي هيس. هو ته بابي کان به وڏو، پر نڀاڳي الائي ڪھڙا ڪيپسول کاڌا هئا. جسم جو سٓنڌ سٓنڌ ٽوڙي ڇڏيو اٿس.”
سندس ڳالهين جو زهر نٓسن ۾ لھندي ڀانيو هيم.
معمول جيئن جهنگ ڏانھن ويندي، اڄ به ملي وئي هئي.
چيم:
” نڀاڳي ڪاڪوس ته ٺھراءِ. روز کٓلجين ٿي. ڪا ته سھولت ڪر پاڻ لاءِ.”
هڪڙي ڪٺل مرڪ چپن جي لام تي ڦلارجي پئي هيس. سُڏڪو روڪي ڀُڻڪي پئي هئي:
“راما پير هنن ڪامريٽن کي بڇرو ڪري. هارپو ڪري عزت سان ويٺا هئاسون. ابي کي ٽٍيڪرون ڏيئي ڪئمپ ڪرايئون. زمين سان رشتو ٽٽي ويو. ڀاءُ ۽ ابو سڀ واندا ٿي ويا. اسين هاري ماڻهو جن جو ڌرتيءَ سان سنڱ اهو جو ٽٽو ته ٻيو ڪم ڪٿان ملي. بکن گهر ۾ گهوڙا اچي وڌا. پھرين امان ۽ پوءِ وڏي ڀيڻ هن دوزخ جي وٓر چڙهيون. ابي ٺري ۾ پناه ورتي. ڀاءُ به ان ڀيڙو شروع ٿي ويو. ٻنهي اکيون پوري ڇڏيون. غيرت جا اوٺا تار لوڙها. بک جي وائر اڏائي وئي. ڪامريٽن جي ٿُڪ مٺي ٿي ۽ اسان جون حياتيون زهر ٿي ويون.”
پير جي آڱوٺي سان زمين تي ليڪا ڪڍندي، هن جي چھري تي سندس مري ويل خوابن جو تڏو وڇائجي ويو هو.
هو اڌ ڀريل اکين ۽ سڄي ڀريل آواز سان ڄڻ تہ سُورن جي ڌڻ کي پھرائي رواني ٿي هئي.
“مون کي پھريون دفعو ڀاءُ هڪڙي ٿلهي ۽ نشي ۾ ڌت ڀائي وٽ وٺي ويو هو. تڏهن مون ڳوٺ جي ٻارن سان اِٽي راند پئي رمي. رڳو منھن ڌئاري ڪمري ۾ واڙيو ويو هو ۽ ادا ٻاهر ويھي پوڙي پي رهيو هو ۽ منھنجو ننڍڙو جسم سُور جي آوي ٿي پيو هو. مون ايتريون رڙيون ڪيون هيون جو نڙي سُڪي وئي هئي، پر هن ڀائي تي ڪو اثر ڪونه ٿيو هو. هو ته وصولي ڪري رهيو هو ۽ وصولي ڪرڻ وارا رعايت شايد ڪونه ڪندا آهن. وڏي اسُر جو جڏهن ڀاءُ مون کي اتان وٺي نڪتو هو ته آئون اسڪوٽر تي ويھي ڪونه ٿي سگهيس ۽ پوءِ مھيني تائين ان ماڻهوءَ جي ڪوٺيءَ تي ان جهنم ۾ ٻرندي رهيس. ڀاءُ کي پسئا ۽ شراب ملندو هو ۽ آئون ٻُوٽي ٻُوٽي ٿيندي هيس ۽ پوءِ ان کان پوءِ ٻيو، ٽيون، چوٿون ۽ هاڻ ته لکڻ ليکو ناه ڪو…
هنن اٺن سالن ۾ سُوئرن جي ڌڻ سان جهيڙيندي، سڄي جُهري پئي آهيان. روح ايترو اڊڙيو آهي جو هاڻ ته چٓتي لڳڻ جي جاءِ به ناهي.”
هوءَ وسي رهي هئي ۽ آئون ٻري رهيو هوس. هن جي ڳالهين جي سٓنهڙي رستي تان سڄي دراوڙ نسل جو درد مسافري ڪري رهيو هو.
صبح جو اٿيس ته سندس ڪاري سائي وگهي پيٽ سڄيل ماءُ رڙيون ڪندي جهنگ ڏانهن ڀڳي وئي پئي، جتي هوءَ جهنگ جي ان ڪنڊي ۾ لڙڪي رهي هئي جتي ڪڏهن سڱر پٽيندي، هوءَ مور ٻچن جيئن ڦانگون وجهندي هئي.
ماڻهو مٿس حرام ٿي مرڻ جون فتوائون ڏيئي رهيا هئا ۽ مون کي لڳي رهيو هو ته هوءَ سُوئرن جي ديس ۾ ڪنھن حلال هرڻي جيئن هئي.