ڪٿا – Sarangaa

هو منھنجي دل ۾ هو، پر منھنجي زندگيءَ ۾ نه!
”هو منھنجيءٓ دل ۾ هو، پر منھنجي زندگيءَ ۾ نه.“ ڪيڏو ڪرب، ڪيڏو ڏک ۽ ڪيڏي بيوسي ڀريل آهي، هن هڪڙي جملي ۾! شايد ان جي سموري اذيت اهو ئي ماڻهو محسوس ڪري سگهي ٿو، جنھن ڪنھن کي دل سان چاهيو هجي، پر حالتن، سماج يا زماني کيس ان محبت کي پنھنجي زندگيءَ جو حصو بڻائڻ نه ڏنو هجي.

پر ڇا توهان کي خبر آهي ته هي جملو ڪنھن عورت ڪھڙي مشھور شخص لاءِ چيو هو؟

هي ڪا عام عاشقيءَ جي ڪھاڻي ناهي. هي فلسطين جي انقلابي شاعر محمود درويش جي محبت جي ڪھاڻي آهي؛ اها محبت جيڪا هڪ اسرائيلي يھودي ڇوڪري تمر بن اَمي سان ٿي هئي ۽ جنھن جو پاڇو سڄي عمر سندس شاعريءَ تي رهيو.

فرانس جي مشھور اخبار ’لي موند‘ (Le Monde) ۾ 16 آگسٽ 2026ع تي شايع ٿيل هڪ انتھائي دلچسپ مضمون هن وسريل محبت جي ڪھاڻيءَ کي ٻيھر سامهون آندو آهي. مضمون جو عنوان ئي ڪھاڻيءَ جو الميو پنھنجي اندر سمائي ٿو: ”فلسطيني شاعر ۽ اسرائيلي رقاصا جي ناممڪن محبت.“

هيءَ اها ئي تمر بن اَمي هئي، جنھن کي محمود درويش پنھنجي مشھور نظم ”ريتا ۽ بندوق“ ۾ ”ريتا“ جي نالي سان امر ڪري ڇڏيو.

درويش پاڻ 1996ع ۾ هڪ انٽرويو ۾ واضح ڪيو هو ته ”ريتا“ ڪا خيالي عورت نه هئي. اها هڪ حقيقي عورت هئي، ــ هڪ اسرائيلي يھودي ڇوڪري. سندس اصل نالو تمر بن اَمي هو.

۽ هتان کان شروع ٿئي ٿي هڪ اهڙي محبت جي ڪھاڻي، جنھن ۾ ٻن انسانن جي وچ ۾ پھرين محبت هئي، پر پوءِ آهستي آهستي قوم، سياست، جنگ ۽ بندوق اچي بيٺا.

1963ع ۾ حيفا ڀرسان شفا عمرو ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جي هڪ گڏجاڻي ٿي رهي هئي. ان وقت 22 ورهين جو محمود درويش اتي پنھنجي شاعري پڙهي رهيو هو. سندس شاعريءَ کان پوءِ ڊانسرن جو هڪ گروپ اسٽيج تي آيو. انهن مان هڪ نوجوان ڇوڪري اهڙي هئي، جنھن کان درويش جون اکيون هَٽي نه سگهيون.

اها هئي تمر بن اَمي.

درويش 22 سالن جو هو ۽ تمر صرف 16 سالن جي.

تمر حيفا ۾ ڄائي نپني هئي. سندس والدين يورپ مان اچي فلسطين ۾ آباد ٿيا هئا ۽ ڪميونسٽ خيالن سان وابسته هئا. درويش ۽ تمر جون ملاقاتون وڌنديون ويون. پوءِ خط لکجڻ شروع ٿيا ۽ ٻنهي جي وچ ۾ محبت جنم ورتو.

درويش تمر کي خط عبراني ٻوليءَ ۾ لکندو هو. اها ساڳي ٻولي هئي، جنھن ۾ اسرائيلي پوليس وارو ساڻس ڳالهائيندو هو ۽ عدالت ۾ کيس سزا ٻڌائي ويندي هئي؛ پر اها ئي ٻولي هن لاءِ ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا جو دروازو به هئي.

محبت لاءِ شايد ٻوليءَ جون سرحدون نه هونديون آهن.

پر سماج جون سرحدون هونديون آهن.

تمر جو خاندان امن پسند هو، پر پنھنجي ڌيءَ لاءِ هڪ فلسطيني نوجوان کي نِياڻٓي طور قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. 1964ع ۾ تمر جي والدين کيس درويش کان پري رکڻ لاءِ يروشلم موڪلي ڇڏيو، جتي هوءَ ڊانس جي شعبي ۾ پڙهڻ وئي.

درويش کيس خط لکندو رهيو.

محبوبه کان پري رهڻ کيس قبول نه هو. هو يروشلم تائين پھچي ويو، پر ان وقت عرب شھرين جي اچ وڃ تي سخت پابنديون هيون ۽ سفر لاءِ اجازت نامو گهربل هو. درويش غيرقانوني طور يروشلم ويو. پر هو پنھنجي محبوبه سان ملي نه سگهيو. واپس حيفا پھچڻ تي گرفتار ٿيو، ڪيس هليو ۽ کيس ٻيھر جيل وڃڻو پيو.

۽ شايد ان ئي جدائيءَ جي دور ۾ تمر کي پنھنجي محبت جي اصل حقيقت جو احساس ٿيو.

هن بعد ۾ هڪ فلمساز کي چيو:

”هو منھنجي دل ۾ هو، پر منھنجي زندگيءَ ۾ نه.“

بظاهر هي صرف هڪ جملو آهي ــ پر سڄي محبت جي ڪھاڻي ان ۾ سمايل آهي.

پوءِ آيو 1967ع جو سال.

ڇجن ڏينھن واري جنگ اسرائيل ۽ عرب ملڪن ۾ شروع ٿي ۽ ختم ٿيڻ تائين خطي جو سياسي نقشو ئي بدلجي چڪو هو. ۽ ان ئي دور ۾ درويش جي ذاتي زندگيءَ ۾ به هڪ اهڙو موڙ آيو، جنھن کان پوءِ محبت ۽ سياست کي هڪ ٻئي کان الڳ رکڻ ممڪن نه رهيو.

تمر بن اَمي اسرائيل ۾ لازمي فوجي سروس لاءِ اسرائيلي نيوي آرڪيسٽرا (موسيقيءَ جي سازندن، گلوڪارن ۽ فنڪارن جو سٿ) ۾ شامل ٿي وئي. هيءُ ڪو عام جنگي يونٽ نه هو؛ هن ۾ گلوڪار ۽ ڊانسر شامل هئا، جيڪي اسرائيلي فوجين ۽ فوجي پروگرامن لاءِ پرفارم ڪندا هئا.

تمر پاڻ امن پسند هئي. سندس دوستن مطابق، هوءَ فوجي سروس کان انڪار ڪرڻ چاهي پئي، پر سندس خاندان جي ڪميونسٽ سوچ ۾ رياستي ادارن جو احترام ۽ فوجي سروس ادا ڪرڻ به شامل هو. آخرڪار هوءَ فوجي سروس ۾ وئي.

۽ هتي هن محبت جي ڪھاڻيءَ جو سڀ کان وڌيڪ اذيتناڪ منظر اچي ٿو.

درويش پنھنجي محبوبه کي اسرائيلي فوجي ورديءَ ۾ ڏٺو.

جنھن ڇوڪريءَ جي خوبصورتي ۽ نرميءَ تي سندس دل موهجي وئي هئي، اها ئي عورت هاڻي ان فوجي نظام سان ڳنڍيل نظر اچي رهي هئي، جنھن کي درويش پنھنجي قوم جي قبضي ۽ جبر سان وابسته سمجهندو هو.

درويش لاءِ اهو تضاد ناقابل برداشت هو.

هن تمر کي لکيو:

”مان تو ۾ هاڻي رڳو مجرم ڏسي سگهان ٿو. مون کي تنھنجي خوبصورتي ۽ تنھنجي نرمي وسارڻي پوندي.“

هي رڳو هڪ ناراض عاشق جو جملو نه هو. هي ان ماڻهوءَ جو اندروني ٽڪراءُ هو، جنھن لاءِ محبوبه هڪ انسان به هئي ۽ ساڳئي وقت هڪ اهڙي رياست جي فوج سان وابسته به، جنھن کي هو پنھنجي قوم جي دشمن طور ڏسندو هو.

درويش بعد ۾ هن تضاد کي سمجهائيندي چيو ته تصور ڪريو، توهان جي محبوبه هڪ اهڙي فوج جي سپاهي هجي، جيڪا توهان جي قوم جي ماڻهن ۽ ڇوڪرين کي گرفتار ڪري ٿي؛ پوءِ اهو تضاد صرف دل تي اثر نه ڪندو، ضمير تي به بار بڻجي ويندو.

۽ پوءِ ڦُٽي نڪتو اهو نظم، جنھن ”ريتا“ کي عربي شاعريءَ جي هڪ لازوال ڪردار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو:

”ريتا ۽ بندوق.“

هڪ طرف ريتا.

ٻئي طرف بندوق.

۽ ٻنهي جي وچ ۾ جنگ، قوميت، فوج، سرحد ۽ تاريخ.

درويش لاءِ ”ريتا“ هاڻي رڳو هڪ عورت نه رهي هئي؛ هوءَ هڪ اهڙي محبت جي علامت بڻجي وئي، جيڪا دل ۾ ته زنده رهي سگهي ٿي، پر زندگيءَ ۾ مڪمل نٿي ٿي سگهي.

شايد ”ريتا ۽ بندوق“ جو سڀ کان وڏو استعارو به اهو ئي آهي:

ريتا محبت آهي؛ بندوق اها سياست آهي، جيڪا ٻن عاشقن جي وچ ۾ اچي بيھي ٿي.

وقت ٻنهي کي الڳ الڳ رستن تي وٺي ويو. محمود درويش فلسطين جو هڪ وڏو شاعر بڻجي ويو، جلاوطنيون ڏٺائين ۽ فلسطيني قومي جدوجھد جي اهم آواز طور سامهون آيو. تمر هڪ نامور ڊانسر ۽ ڪوريوگرافر بڻجي وئي.

پر ريتا درويش جي شاعريءَ مان ڪڏهن به مڪمل طور غائب نه ٿي.

1980ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اسرائيل ۾ درويش خلاف سخت سياسي مھم هلي رهي هئي ۽ کيس نفرت جو شاعر قرار ڏيڻ واري ڪوشش ڪئي پئي وئي، تڏهن تمر پنھنجي خاموشي ٽوڙي ٽيليويزن تي ٻڌايو ته هوءَ ڪڏهن هن فلسطيني شاعر سان محبت ڪندي هئي.

۽ پوءِ هن هڪ ٻيو يادگار جملو چيو:

”هو نفرت جو ماڻهو نه آهي؛ هو محبت جو ماڻهو آهي.“

جنھن عورت سان درويش محبت ڪئي هئي، ان کي هن پنھنجي شاعريءَ ۾ ”ريتا“ جي نالي سان يادگار بڻائي ڇڏيو هو. اها ئي عورت پوءِ سندس دفاع لاءِ ان وقت سامهون آئي، جڏهن اسرائيل ۾ درويش کي نفرت جو شاعر ثابت ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون هيون.

زندگيءَ ٻنهي کي هڪ ڀيرو ٻيھر ملائڻ جي ڪوشش به ڪئي. ڪيترن سالن کان پوءِ ٻنهي جي ملاقات پيرس ۾ ٿي، پر اها ملاقات مختصر رهي. وقت گهڻو گذري چڪو هو، زندگي ٻنهي کي مختلف رستن تي وٺي وئي هئي.

درويش 2008ع ۾ فوت ٿيو. تمر سندس جنازي تي نه پھچي سگهي. ڪجهه سالن کان پوءِ هوءَ رام الله وئي ۽ درويش جي قبر تي حاضري ڏني. سندس ڪتاب سندس زندگيءَ جو حصو رهيا.

۽ پوءِ 25 فيبروري 2026ع تي تمر بن اَمي به برلن ۾ 79 سالن جي عمر ۾ فوت ٿي وئي ــ پنھنجي ان پھرين محبت کان 18 سال پوءِ، جيڪا سندس زندگيءَ ۾ نه اچي سگهي، پر سندس دل مان ڪڏهن نڪري نه سگهي.

شايد دنيا جي هزارين محبت ڪھاڻين مان ڪجهه اهڙيون هونديون آهن، جن جو حسن انهن جي ڪامياب انجام ۾ نه، پر انهن جي نامڪمل رهجي وڃڻ ۾ هوندو آهي.

تمر جو اهو جملو وري ذهن ۾ گونجي ٿو:

”هو منھنجي دل ۾ هو، پر منھنجي زندگيءَ ۾ نه.“

۽ محمود درويش ان نامڪمل محبت کي هڪ نظم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو:

ريتا ۽ بندوق.

محمود ۽ ريتا جي سچي محبت هئي؛ پر ٻنهي جي وچ ۾ وطن، قوم ۽ تاريخ اچي بيٺا. هن ڪھاڻيءَ جو الميو اهو ئي آهي ته محبت ٻنهي جي دلين ۾ آخر تائين زنده رهي، پر زندگيءَ ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهي.

آتم ڪٿا جو ھڪ ورق:ھڪ بي گھر شخص ۽ ان جاخانه بدوش ڪتاب
حيا، لڄ، لحاظ ۽ شرافت،
اھي چار شيون ڪنھن به ماڻهوءَ کي مارڻ لاءِ ڪافي ٿين ٿيون.
انسانيت، انسانيت جي وڏي دشمن ٿئي ٿي. ۽ شرافت شرافت جي. مون زندگي ڀر ھڪ مناسب انسان ٿي رھڻ جي، نامناسب حد تائين ڪوشش ڪئي. مون ھميشه پنھنجي راضپي سان پنھنجي دل وٽان دوکا کاڌا. مون پاڻ کي، پاڻ ئي رنجايو!

پوري زندگي گهرندڙ حياتيءَ جا ڏکيا فيصلا مون لمحن ۾ ڪيا، جن مون کي پوري ڄمار ڏکوئيو. مون جنھن به گھاءُ تي مرھم رکيو، ان گهاءُ ڀرجڻ کان پوءِ مون ڏي موٽ کاڌي. اھو گهاءُ منھنجي دل مان ڦٽي نڪتو، ۽ ائين منھنجو اندر گلزار ٿيندو ويو. آئون ڏکن جي ڏيھ ۾ مشھور ٿيندو ويس.

مون پاڻ مٿان پھريون وار ويھن سالن جي عمر ۾ ڪيو. جڏھن منھنجي ملاقات، سورنھن سالن جي سلمه نالي ھڪ اھڙي ڇوڪريءَ سان ٿي، جيڪا صفا ڏسڻ جھڙي ھئي.
منھنجي دل ۾ خواھش پيدا ٿي ته ھن کي، مون کان سواءِ ٻيو ڪير به نه ڏسي. سو مون ھن سان شاديءَ جي آسري ۾ پيار ڪرڻ شروع ڪيو. ھن به مون کي ڀاڪر ۾ جهلي بيھاريو. مون اٺ سال ان ڇوڪريءَ جي گهر ۾ رھندڙ سڀني ساھ وارن جي نوڪري ڪئي. خاص ڪري سندس ماءُ جي.

جنھن سان پيار ڪبو آھي، ان جي ماءُ ڪيڏي به اشراف ڇو نه ھجي، اھا ڌيءُ جي پوري قيمت وصول ڪندي آھي. ماڻهو پنھنجي محبوبا کان وڌيڪ پنھنجي ممڪنه سس جون فرمائشون پوريون ڪرڻ لڳندو آھي. پنھنجن ٿيندڙ بدتميز ۽ بدبخت سالن جي اڳيان سالن جا سال ڪمائيندو آھي ۽ سالين جي والين واسطي ماءُ جي آخري منڊي به کپائي ڇڏيندو آھي. پارٽ ٽائيم نوڪري به ڪري سندن پورتون ڪندو آھي.

مون به ائين ئي ڪيو، امان جا ڳھه ڳاري، سندن لاءِ سونا لاڪيٽ ٺھرايا. ريشم گهٽيءَ جو اڌ ريشم سندن گهر ۾ ڪٺو ڪري ڇڏيو. امان جا ڪٓن ٻُسا ڪري کين جهمڪا وٺي ڏنا. آئون ھڪ ڪناري جي آسري ھر ڪناري ٻُڏس.
مون حد ڪري ڇڏي.

پيار ۾ ماڻهو حدون نه اورانگهي ته اھو بدن به ناھي اورانگهي سگهندو. اھا خبر ته مون کي اول ڏينھن کان ھئي. مگر مون شاديءَ جو انتظار پئه ڪيو. اصل عاشق سچي مالهي وانگر ٿيندو آھي. ھو محبوبيت جي ميوي کي پاڻ کان به بچائي رکندو آھي، پاڻيءَ مٿي جهوپو ھئڻ باوجود آئون اڃارو رھيس. اصل ۾ مون جام پيڻ پئه چاھيو، ھارڻ نه. . . . . !

ساندھ اٺن سالن جو ڊگهو انتظار، آخر پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتو. سلمه جي ماءُ سندس شادي ھٽڙيءَ جي ھڪ وڏيري سان ڪرائي ڇڏي. ھن وٽ انبن جا باغ ھئا، سُوئا مينھون ھيون، کير ھئو، مکڻ ھئو. ۽ سلمه مجبور ھئي.
مجبوري، بيوفائيءَ جو بدبودار نالو آھي.

سندس شاديءَ جو ٻڌي آئون وڻ وانگر اچي پٓٽ تي ڪريو ھوس.
ڪيترن ئي ڏينھن تائين ھانوَ پئه ڦاٽو. سلمه جي وڇوڙي ۾ وڃي کٽ ورتم. ڀينرن جام دلاسا ڏنا، چيائون پئه ته:
تو لاءِ سلمائون کوڙ، دل ڇو لاٿي ٿي. کين ڪونه پئه ٻڌائي سگهيس ته دل لھندي ناھي، ٽٽندي آھي.

ڪجهه مھينن کان پوءِ جڏھن آئون نوڪريءَ تي وڃڻ جھڙو ٿيس، تڏھن سلمه جي ماءُ نياپو مُڪو ته، پنھنجا ڪتاب کڻي وڃ!
آئون جيئن ته اڪثر راتيون سندن گھر ٽڪيو پيو ھوندو ھوس، ۽ اتي منھنجا ڪتاب گڏ پيا ٿيندا ھئا، سو دل جهلي سندن دروازي تان ڪتاب کڻي آيس.
ھي اھو ڏينھن ھئو، جڏھن مون سان گڏ، منھنجن ڪتابن جي به خانه بدوشي شروع ٿي.
مون ڪتاب آڻي پنھنجي گهر رکيا.

سامت ۾ ايندي ايندي مون کي پورا چار سال لڳا. چئن سالن کان پوءِ منھنجي زندگيءَ ۾ ھڪ ٻي عورت به داخل ٿي. ھو ڪراچيءَ کان حيدرآباد مائٽن سان ھر مھيني ملڻ ايندي ھئي، ۽ ھر ڀيري مون سان به.
ھُوءَ جيترا ڏينھن حيدرآباد ۾ ھوندي ھئي، مون سان ضرور ملندي ھئي. پوءِ ائين ٿيو جو، مون کي سلمه جتان جتان ڇنو ھئو، ھن اتان اتان ڳنڍڻ شروع ڪيو. عورت جا ڏنل گهاءُ، عورت ئي ڀري سگهندي آھي.
آئون ھن کي سڄو سڄو ڏينھن پيو وڻندو ھوس. ھن مون کي ائين ٻڌايو ھئو. ۽ مون به کيس اھو ئي چيو ھئو ته، آئون توکان سواءِ رھي نٿو سگهان
نيٺ اسان شاديءَ جو فيصلو ڪيو، ۽ اسان شادي ڪري به ڇڏي.
اسان کي ڇھ ٻار ٿيا، ٽي پٽ ۽ ٽي ڌيئون.
وقت گذرندو رھيو. اسان نوڪريءَ سانگي ھڪ شھر کان ٻيو شھر بدلائيندا رھياسين. خانه بدوشيءٓ جي ان سفر ۾ منھنجا ڪتاب پڻ مون سان گڏ رھيا. آئون ڪتابن ۽ عورتن کان سواءِ رھي ناھيان سگهندو!
ٻار وڏا ۽ اسان ننڍا ٿيندا وياسين. اسان جا ٻار چڱو پڙھي پيا، ۽ شاديون به ڪيائون. اڳتي ھلي ھو ھڪ ھڪ ٿي، نوڪري ۽ ڪاروبار سانگي حيدرآباد ڇڏي، اسلام آباد جا ٿي ويا. آخر ۾ اسان ٻه وڃي پوئتي رھياسين.
ٽيھ پنجٽيھ سال حيدرآباد ۾ گڏ رھڻ کان پوءِ، ھڪ ڏينھن ھن مون کي اسلام آباد ھلڻ لاءِ چيو. جتي اسان جا ٻار رھڻ لڳا ھئا، مون انڪار ڪيو مگر ھوءَ ٻارن وٽ ھلي ويئي.
آئون جھڙوڪ ٻيو ڀيرو وڻ وانگر اچي پٓٽ تي ڪريس.
خالي گهر ڏائڻ وانگر ٿيندو آھي، ماڻهو کي ھانوٓ وٽان کائڻ شروع ڪندو آھي. ڪجهه ڏينھن اڪيلي رھڻ کان پوءِ گهر کي تالو ھڻي، ڪتابن سوڌو اچي پنھنجي سڀني کان ننڍي ڀاءُ، مير محمد وٽ پھتس. ھو ڏاڍو خوش ٿيو، چيائين:
مان تنھنجو آھيان، ھي گهر تنھنجو آھي. ھاڻي تون ھتان ڪاڏي ڪونه ويندين. گهٽ ۾ گهٽ منھنجي جيئري.
مان به وٽس ٽڪي پيس، ٽي سال اسان گڏ رھياسين، ھڪ ٻئي سان اڻ اوريا احوال ڪياسين. ڪيئي راتيون گڏ جاڳياسين،
ھڪ ڏينھن ھو بنان ٻڌائڻ جي ھليو ويو. جٓت ۽ موت بنان ٻڌائڻ جي ھليا ويندا آھن. ھيڪر وڃن ته وري ناھن موٽندا، مير محمد به ڪونه موٽيو.

ڀاءُ کان پوءِ آئون ان گهر ۾ مھينو مس رھيو ھوندس، جو ھڪ ڏينھن سندس وڏي پٽ مون کي چيو:
چاچا!
تون اسان تي بار ناھين، تون اسان وٽ سدا رھيو پيو ھج، پر تنھنجن ڪتابن ڏاڍي سوڙھه ڪئي آھي. انھن جو ڪو بلو ڪر!
۽ پوءِ مون ڪتابن جو بلو ڪري ورتو.
آئون ڪتاب کڻي پنھنجين سڳين سئوٽِن جي گهر ھليو آيس. جيڪي سدائين، مون کي، سندءِ گهر نه اچڻ جا مھڻا ڏينديون رھنديون ھيون. اھي منھنجون ماساتيون به ٿين.
ھو امان کي امان، ۽ بابا کي بابا ڪري پڪارينديون ھيون. مون کي پنھنجي وچ ۾ ڏسي ھو ڏاڍيون خوش ٿيون، آئون به ڪپڙن ۾ نه پئه ماپيس ۽ ڪتاب جِلدن ۾.
ھو ھر ھر ڪوسي ماني ۽ بار بار گرم چانھن پيون آڇينديون ھيون. ننڍيون ھيون جو سندن ماءُ گذاري ويئي ھئي، ۽ بعد ۾ پيءُ به. پوري ڄمار اسان سان گڏ رھيو. اسان ۾ ڪڏھن ڪو سنڌو، پيدا ئي ڪونه ٿيو.
مون پورا ٽي مھينا وٽن خوشيءَ سان گذاريا. مگر ھڪ معمولي ڏينھن تي غير معمولي واقعو پيش آيو. منجهانئن ھڪ ڀيڻ مون کي ادب ۽ نرم لھجي ۾ ٻڌايو ته، منھنجي سانده رھڻ جي ڪري سندن پرائيويسي تباھ ٿي ويئي آھي.
سندس اھا ڳالهه ڀر ۾ رکيل منھنجن ڪتابن به ٻڌي پئه، اھا ڳالهه ٻڌي منھنجو ۽ ڪتابن جو رنگ ھئڊو ٿي ويو، ڌڪ ھڻڻ سان به، مجال جو مون مان رت ۽ ڪتابن مان اکر به نڪري!

اھڙيءَ ريت آئون پنھنجا خانه بدوش ڪتاب کڻي سڳي ڀيڻ جي گهر ھليو آيس. جتي ھو ۽ سندس اڪيلو پٽ رھندا آھن. اسان جي ان وڏي ڀيڻ جھڙوڪ اسان سڀني ڀائرن ڀينرن کي امان سان گڏجي پالي نپائي وڏو ڪيو آھي.
ھاڻي ھن گهر ۾ اسان، يعني مان ۽ منھنجا ڪتاب سڪون سان رھڻ لڳاسين. آخر ڀيڻ جي گهر کان وڌيڪ اَمان ۽ آرام واري جاءِ ٻي ڪھڙي ٿي سگهي ٿي.
ھي اڄ جي ڳالهه آھي، آئون جيئن شام ڌاري گهر ۾ داخل ٿيس ته ادي کي رئندو ڏٺم. گهڻو ئي پڇيومانس ته، ڀيڻ آخر ڇا ٿيو آھي، تون روئين ڇو ٿي! مگر ھن ڪجهه ڪونه ٻڌايو.
بعد ۾ خبر پيئي ته سندس اڪيلي پٽ کائونس رڳو ايترو پڇيو آھي ته:
امي!
ماما پنھنجي گهر ڪڏھن ويندو!
اھو ٻڌي ادي رُئڻ لڳي:
ادي کي رئندو ڏسي ڪتابن مون ڏي نھاريو.
منھنجن خانه بدوش ڪتابن به مون کان اصل ۾ اھو ئي پڇيو پئه، ته اسان پنھنجي گهر ڪڏھن ھلنداسين!

ٻه ديوانا- ٽيون سودائي
آتم ڪٿا مان ھڪ ورق

سانگهڙ شھر منھنجي اندر ۾ سُرندي وانگر وڄندو رھي ٿو. ھن شھر جي ويراني ڪيڏي نه آباد ھئي.

پنھورن جي ڳوٺ کان شروع ٿيندڙ ھي شھر مَنُو پير تائين پورو ٿي ويندو ھئو.
مَنُو پير جو ديوانو سانگهڙ جي پراڻن ماڻهن کان مشڪل وسريو ھجي. پنھنجو سڄو بت ڳرين ۽ مضبوط زنجيرن سان ٻڌي رکندو ھئو. جُسو جاءِ تي ڪونه ھوندو ھوس. ھونئن به ديوانا پنھنجي بت ۾ ناھن ماپندا.
ھو اڪثر پنھنجي ليکي پيو ڳالهائيندو ھو. کلندو ۽ رئندو به پنھنجي ليکي ھو. پنھنجو کلڻ ۽ رُئڻ ڪنھن کي نه ڏيکارجي. اھو مون ھن ديواني کان سکيو.
عشق بت ۾ ۽ حسن نگاه ۾ ناھي ماپندو. ھن پاڻ کي سنگهرن ۾ سوگهو ڪري جھڙوڪ پاڻ کي قابو ڪري ورتو ھئو. ھن
پنھنجي بدن کي ڪِرڻ کان بچائي رکيو ھو.
ھو ڪيڏو به تيز ھلي، پنڌ نبيري ڪونه سگهندو ھئو. پنڌ ڪير به نبيري ناھي سگهندو. عاشق به نه، ۽ نه مجذوب، ۽ نه ئي وري درويش. ڪير به نه!
دنيا ھن کي چريو سمجهندي ھئي. دنيا بس ايترو ئي سمجهي سگهندي آھي.
پنجاهه سال اڳ ڏٺل مَنُو پير جو اھو ديوانو مون کان اڃا به نٿو وسري. وحشت ۾ ورتل سندس سڪون مون کي بيچئن ڪري رکندو آھي. آئون اڪثر سوچيندو آھيان ته ھن ۾ ضرور وصل واٽون وڌيون ھونديون، ڇو ته ھجر ھٿان اڄ تائين ڪوبه ماڻهو ديوانو ناھي ٿيو.

ساڳئي شھر ۾ ھڪ ٻيو ديوانو به رلندو ھئو. ديوانا رلندا آھن، رھندا ناھن.
ان ديواني کي ماڻهو ”مِيرُو چريو“ ڪري پڪاريندا ھئا. ميرو کي مون سدائين پينٽ شرٽ ۾ ڏٺو. سندس کيسا پنن سان ڀريل ھوندا ھئا. پين ھٿ ۾ جهلي، اشارن سان ھوا ۾ الاءِ ته ڇا تحرير ڪندو رھندو ھئو. ھاٺي شاعرن جھڙي ۽ صورت ٻارن جھڙي ھوندي ھئس.
ھو انگريزي ۽ اردو ۾ پيو ڳالهائيندو ھئو.
ڀاسندو ھئو ته ورھاڱي دوران ھو اڌ ھِن پاسي ھليو آيو ھئو، باقي اڌ پوئتي ڇڏي!
سندس اوسي پاسي ۾ ڇا پيو ٿئي، انھي ڳالھه کان ھو صفا بي نياز ھوندو ھو.
بي نيازي عاشقن جي انڌير راتين ۾ جگنوءَ جیان چمڪندي رھندي آھي!

ھو سڄو سڄو ڏينھن پيو ھلندو ھئو، ٻه قدم اڳتي ھلي، چار قدم موٽ کائيندو ھو. اڳيان ھو ڪنھن لاءِ ويندو ھو، ۽ پويان کيس ڪير سڏ ڪندو ھئو، ڪنھن کي به خبر ڪانه پئجي سگهي.

مِيرُوءَ جو پيٽ پٺيءَ سان لڳل ھوندو ھو. اڇي رنگ جي شرٽ ڪالرن وٽان ميري ھوندي ھئس. ائين به اندر جا صاف ماڻهو ڪالرن وٽان ميرا ٿيندا آھن ۽ بوٽن وٽان ڇڄندا آھن.

مِيرو چپن ۾ سدائين ڀڻ ڀڻ ڪندو رھندو ھو.
لڳندو ھئو ته ڄڻ سندس وات ۾ ماکي مانارا ڪري ويٺل آھي. سانده پيو ڳالهائيندو ھئو. ھن جي فقط ھڪڙي ڳالهه الاءِ ڪنھن نه ٻڌي، جو اھا نه ٻڌل ڳالهه ھو مسلسل پيو پنن سان ڪندو ھو، پٿرن سان، وڻن سان ۽ ھوا سان به.
مِيرُو نه ٻڌل ڳالهه ھئو!

شادي خان به سانگهڙ جو ھئو.
مئٽرڪ تائين مون سان گڏ پڙھيو. اڳتي پڙھي ڪونه سگهيو.
ڪافي عرصي تائين ساڻس ملاقات ڪونه ٿي سگهي.
ڪيترن ئي سالن کان پوءِ مون کيس رستي ويندي ڏسي ورتو. ھو کلندو ويو پئه.
صاف لڳو پَئيَ ته ڪو ڪٺيئي جا ڪرھا ڪاھي ويو آھي!

زوردار کل کيس ساڄي کان کاٻي، ۽ کاٻي کان ساڄي ڪيرائڻ جي ڪوشش پئه ڪئي. بالڪل ائين، جيئنءَ زوردار ۽ بي ربط ھوا وڻن کي.
يا پرتل پرين وڏي ھيج منجهان ڀاڪر پائي پنھنجي سانول کي.

ديوانگي، اول اول بي سبب کل جي رستي ماڻهوءَ منجهان ظاھر ٿيڻ لڳندي آھي. مون وڌي ساڻس ملڻ جي ڪئي ڪئي. ھو نه مون سان مليو ۽ نه ئي ھن مون کي سڃاتو.
بعد ۾ دوستن مون کي ٻڌايو ته شادي خان سودائي ٿي ويو آھي.

ڪيتري وقت تائين مون کي به ائين لڳندو ھئو ته ڄڻ رستي تان آئون کلندو پئه ويس. ھن مون کي ڏسي ملڻ جي ڪئي، مون کيس نه سڃاتو ۽ نه ئي ساڻس مليس.
ھن بعد ۾ دوستن کان منھنجي باري ۾ پڇيو، جن کيس ٻڌايو ته حيدر سودائي ٿي ويو آھي۔۔۔۔

آتم ڪٿا مان ھڪ ورق: ميلي ۾ گذاريل ھڪ ڏينھن
ھر ويندڙو پنھنجي پيرن جا نشان ڇڏي ويندو آھي، سواءِ وقت جي. وقت نه ھئڻ ۾ موجود ۽ ھئڻ ۾ غائب رھندو آھي
ھر وڃڻ وارو، پاسي کان گذري ويندو آھي، مگر وقت ماڻهوءَ جي اندر کان ھليو ويندو آھي. وقت ھٿن مان ھليو ويندو آھي. سيني کان ٿيندو ويندو آھي. وقت روح آھي.
چوڏھن جولاءِ، اوڻويھ سئو اسي جو اھو ڏينھن مون کان نٿو وسري، جڏھن آئون پورن ارڙھن سالن جو ٿيو ھوس. ان عمر تائين مٿئين چپ کي مڇون گهيري ويون ھيون. وارن ۾ گهنگهرو پوڻ شروع ٿيا ھئا ۽ اکيون ٻيڪڙيل دروازن وانگر آھستي آھستي کلڻ لڳيون ھيون.
مون ٻارن کي ڇڏي، تارن سان کيڏڻ شروع ڪيو ھئو.
منھنجي نظر پري پري تائين وڃڻ لڳي ھئي. مون کي ھڪ بيٺل ڀت اندر ٻي ڪريل ڀت نظر اچڻ لڳي ھئي. آئون ھڪ بدن ۾ ٻئي بدن کي ڏسڻ لڳو ھوس.
مون اھا ڳالهه سمجهڻ شروع ڪئي ھئي ته، ماڻهو دل وٽان ڌڙڪندو ۽ اکين وٽان خاموش ٿيندو ويندو آھي.
مون محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ھو ته، سيسراٽي نانگ نه، نانگڻ آھي، جيڪا ڪنڌ کان ٿيندي، اچي پيرن وٽ ڪرندي آھي.
مون جوانيءَ کي سدائين ڪلف ٿيل ڪالر وانگر محسوس ڪيو. ۽
سانده چاليھ سال، سينو تاڻي ھلندو رھيس!
جواني تاڻيل ھوندي آھي. ھو بدن جي ڪمان ۾ آخري تير وانگر ھوندي آھي!
ارڙھن سالن جي عمر کي پھچي مون سمجهي ورتو ھو ته سياري ۾ اٺ ڇو گُڙنداُ آھن، برف کي باه ڪيئن لڳندي آھي. کنوڻ وڻ مٿان ڇو ڪرندي آھي ۽ نازبو، ڪھڙي عمر جي ڇوڪريءَ کان پگهر جي خوشبو خريد ڪندو آھي.
مون انھي عمر ۾ گمان ڪري ورتو ھئو ته وار ڏسي عورت جي عمر جو اندازو لڳائي ويندس.
مون سمجهڻ شروع ڪيو ھئو ته سنھا وار اڌڙوٽ ماين جا ٿيندا آھن، ۽ ٿلهيرا وار جوان ڇوڪرين جا.
ٿلهيرا وار ئي وٽ کائي زلف جي صورت وٺندا آھن ۽ سنها وار چوٽيءَ سان چنبڙيا پيا ھوندا آھن.
اڌڙوٽ مايون نڀائي وينديون آھن، جفا ته رڳو جواني وٽ ھوندي آھي. جفا جوانيءَ جي جاگير آھي!
عورت کي قيد ڪري رکڻ وارين زنجيرن منجهان ھڪ زنجير جو نالو ”وفا“ به آھي.
شرم ۽ حيا به عورت جي زنجيرن جا قديمي نالا آھن.
منھنجو يادگيرو شروع کان وٺي ڪمزور ھئو. جوانيءَ ۾ موت ياد ڪونه ايندو ھو ۽ ھاڻي زندگي ياد نٿي پوي.
مون کي اھو به ياد نٿو پوي ته مون ڪمائي ڇا وڃايو، ۽ وڃائي ڇا ڪمايو.
آئون اھو پورو ڏينھن گهر ڪونه ويو ھوس، جڏھن ٺيڪ ارڙھن سالن جو ٿيو ھوس.
مون حيدرآباد جو پورو شھر پيرن ھيٺان ڇڪي ٻاھر ڪڍيو ھئو. ان ڏينھن جو صبح، شام جھڙو، شام رات جھڙي ۽ رات، منجهند وانگر چِٽي ھئي. مون ڊينگلي رپئي کي ڏندن ۾ ڏيئي چَڪي ڏٺو ھو. ان جي ھڪ ٻن اکرن ۾ سَنڌو پئجي ويو ھئو. ائين آئون بعد ۾ به ڪجهه سالن تائين ڪندو رھندو ھوس، جڏھن ڪاوڙ ايندي ھئي، يا ڪنھن ٻئي سبب جي ڪري. ڪڏھن ڪڏھن ته لکڻ کان تنگ ٿي پين کي به ڏندن ھيٺان ڏيئي ٽوڙي ڇڏيندو ھوس. امان روڪيندي ھئي، چوندي ھئي ته:
حيدر!
زيان ڇو ٿو ڪرين. . . . .
اولاد جي ڪيل يا ٿيل زيان جو احساس رڳو ماءُ کي ئي ٿيندو آھي، ھو سڄو سڄو ڏينھن وُسورن جي ويڙھي ۾ پيئي ويڙھجندي آھي. ٻئي پاسي پيءُ ھوندو آھي، جيڪو پٽن کي پويان پيو سڏڙا ڪندو آھي.
آئون ننڍي لاڪئون ڏنگو ٻار ھوس. جوانيءَ ۾ ته صفا پڌرو ٿي بيٺس. مون نه امان جا وُسورا محسوس ڪيا، نه بابا جا سڏڙا ٻڌا. مون سدائين، بيوفا سان وفا ۽ وفادار سان بيوفائي ڪئي. مون کي چالاڪ ڇوڪريون وڻنديون ھيون. مون کي مرڻ جو شوق جيئڻ وٽان لڳو.
مون سڄي حياتي اھو ئي ڪيو، جيڪو مون چاھيو. آئون سڄي حياتي متل ميلا ڇڏيندو، ڦٽل ميلا ميڙيندو رھيس!
ھِي دنيا مون لاءِ ڄڻ ميلو ھئي، ۽ مون پوري حياتي ڄڻ ميلي ۾ گذاري ڇڏي.
مون شادي به ميلي ۾ ڪئي.
مون دل به ميلي ۾ ڏني ۽ ورتي به ميلي مان. مون سان وفا به ميلي ۾ ٿي ۽ بيوفائي به ميلي ۾. مون وچن به ميلي مان ورتا ۽ مون سان واعدا به ميلي ۾ ٿيا. مون سوکڙيون به ميلي مان ورتيون ۽ ڳانا به ميلي جا ٻڌا.
مون کي خبر ئي ڪونه پيئي ته ميلو ڪڏھن ختم ٿيو، دل جي تختي تي رقص ڪندڙ اھي حسين ڇوڪريون الاءِ ڪيڏانھن ويون، جن مٿان آئون سڄيون پگهارون واري ڇڏيندو ھوس. موت جي کوه مان ڪير بچي نڪتو ۽ ڪير اونھايُن ۾ ھليو ويو. ڪجهه به معلوم نه ٿيو. رنگين مٺايُن جا روشن دڪان ڪنھن ويڙھي ڇڏيا، ڪا خبر ئي ڪونه پيئي.
ھو قناتون در قناتون ڪنھن اکيڙيون، جن جي پاند در پاند پويان،
منھنجا سمورا وصل ويران رکيا آھن!

آتم ڪٿا مان ھڪ ورق
منھنجا وڏا تپ
دستگير
۽ ادا غلام محمد

آئون ننڍي ھوندي، وڏي تپ ۾ اڪثر ويڙھيو پيو ھوندو ھوس.
مون کي پنھنجو ننڍپڻ ۽ وڏا بخار گڏ ياد ايندا آھن.
ھلڪا ڦلڪا بخار ته منھنجي ليکي ۾ ئي ڪونه ھوندا ھئا، البت ٽائفائيڊ، جنھن کي وڏو تپ چوندا ھئا، سو ذري گهٽ ماري وجھندو ھئو.
ھر ٻار جي طبيعت مختلف ٿئي ٿي، ڪي بخار ۾ ڪنجهندا ڪُڻڪندا آھن، ڪي امان جِيجان ۽ بابا جيجان ڪري پيا ماءُ پيءُ کي سڏيندا آھن، ته ڪي وري روئندا رڙندا آھن. مگر آئون ائين ڪونه ھوندو ھوس.
آئون ڇَپُ ھڻي سمهيو پيو ھوندو ھوس.
تڪليف ۾ ڇَپُ ھڻي سمهي رھڻ واري عادت مون ۾ تڏھن کان ئي پيل آھي.

منھنجي بخارجڻ تي امان پريشان ٿي ويندي ھئي.
کيس خبر ھوندي ھئي ته، حيدر ڪريو ته ڏکيو اٿندو.
اھڙي صورت ۾ ھو سُنڍ گهوٽي، ڪپڙي جي پَٽين ۾ ڦٻائي، منھنجي ھٿ ڪاراين ۾ ٻڌندي ھئي، ھلڪي ڳڙ وارو ڏارو يا رٻ رڌي کارائيندي ھئي.
بخار ۾ مون کان کائڻ پيڻ صفا ڪونه پڄندو ھئو.
امان چوندي ھئي ته، انُ ايمان آ، کائيندين ته اٿندين.
اھڙي آسري ۾ ۾ ڏاري يا رٓٻ جا ٻه ٽي ڍڪ ڀري ويندو ھوس.
خالي پيٽ جون الٽيون آنڊن ۾ وڍٓ وجهنديون ھيون.
بابا ته نوڪري سانگي سدائين ٻاھر ھوندو ھئو.
امان، مون کي ۽ منھنجي اگهائيءَ کي ھڪ ئي وقت ڏسندي ھئي. ھونئنءَ به اگها پٽ مائرن، ۽ سگها پيئرن جي حصي ۾ ايندا آھن.
مون اڌ ٻاروتڻ جھڙوڪ وڏي تپ ۾ گذاري ڇڏيو.

ڀانيان ٿو، سانگهڙ جي پي. سي اسڪول ۾ چوٿون يا پنجون درجو پڙھندو ھوس. تڏھن بابا، بي. ٽي ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار ھئو. انھن ڏينھَن به ساڳئي وڏي تپ اچي مون کي ورايو.
تڏھن سانگهڙ ۾ ٻه نالي وارا ڊاڪٽر، جنرل پريڪٽس ڪندا ھئا.
ھڪڙي جو نالو ھئو ڊاڪٽر محمود احمد راجپوت ۽ ٻيو ھوندو ھئو ڊاڪٽر ڀاڳچند.
ڊاڪٽر محمود وٽ شھر ۽ ڊاڪٽر ڀاڳچند وٽ ٻھراڙيءَ جا مريض لٿل ھوندا ھئا.
امان مون کي واري واري سان ٻنهي ڊاڪٽرن ڏانھن وٺي ويندي رھي، مگر بخار گهٽ ٿيڻ جو نالو ئي نه پَئي ورتو. ھڏڙن جي ھڙ ته اڳ ۾ ئي ھوس، سانده بخار جي ڪري وڃي ھڏڙن جي مُٺ بچيس.
آئون جڏھن به بيمار ٿيندو ھوس ته امان دستگير کي سڏيندي ھئي. مون کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ھٿن مان ويندو ڏسي، امان زور زور سان دستگير کي سڏ پَئي ڪيا.
ائين ئي ھڪ ڏينھن مون کي زور ڏيندي رُني به پَئي ۽ دستگير کي به پَئي سڏيائين ته اوچتو دروازو کڙڪيو، امان ڊڪي دروازو کوليو ته ٻاھران کان، ادا غلام محمد اندر داخل ٿيو.

غلام محمد اسان جي وڏي مامي دُرمحمد جو پٽ ھئو، جنھن کي اسان ٻار ”ادا غلام محمد“ ڪري ڪوٺيندا ھئاسين!
ادا غلام محمد تلوار ڪٓٽ مڇون رکندو ھئو.
وارن کي گل جي صورت ڏيئي، نرڙ مٿان واريندو ھئو.
سمر ۽ بوسڪيءَ جا ڪپڙا شوق سان اوڍيندو ھئو.
وارٓ ڪٓڪا ۽ اکيون نيريون ھونديون ھئس.
ھُو ھلندي ڦرندي محمد رفيع جا ڳايل ڪلام جهونگاريندو رھندو ھئو.
”چل اڑ جا رے پنچھی، که اب ديس هوا بيگانه“ اڪثر سندس زبان تي ھوندو ھو.
ھُو انهن ڏينھن ۾ دلشاخ جي ڪنھن مڱرئي ذات واري وڏيري جو ٽريڪٽر ھلائيندو ھئو. وڏيري کي ھُو ڀوتار ڪري پڪاريندو ھئو.

کيس ڏسي امان روئڻ لڳي.
ھن امان کان روئڻ جو سبب پڇيو.
امان کيس بنان ڪجهه ٻڌائڻ جي مون ڏانھن اشارو ڪيو.
ھن وڌي منھنجي نرڙ تي ھٿ رکيو. سندس ھٿ ۽ دل کي ھڪ جھڙو تاءُ آيو.
ھو ويٺو به ڪونه، اڳيان وڌي مون کي ڪلهي ڀر کڻي وٺي شھر ڀڳو. امان سندس پويان نه، کائونس ٻه وکون اڳيان پئي وئي.
پل کن ۾ ئي اسان، ڊاڪٽر فضل الرحمان جي اسپتال ۾ ھئاسون. ڊاڪٽر فضل الرحمان عطائي ڊاڪٽر ھئو. ننڍي ڪاري ڏاڙھي ۽ ٿلهي جسامت واري ھن ڊاڪٽر مون کي ڌيان سان تپاسيو. دوا ڏني ۽ گهر روانو ڪيو.
مون سندس دوا جو ھڪڙو ”وزم“ ئي کاڌو، جو بت ۾ ساهه پوڻ لڳو. ٻن ٽن ڏينھن ۾ ئي اٿي کڙو ٿيس. بخار لٿو ته امان کان پڇيم:
”امان دستگير ڪير آ“
چيائين
”غلام محمد..“

آتم ڪٿا مان ھڪ ورق
شاھپور چاڪر ۽ ھلال جا کٽا مٺا کٽمٺڙا

اڄ اھو مفاصلو چئن ڪلاڪن کان وڌيڪ جو ناھي، مگر ان زماني ۾ سانگهڙ کان درٻيلي پھچندي، پورا ڏھه ڪلاڪ لڳندا ھئا.

چاليھه پنجاهه سال اڳ سڀ روڊ رستا ھڪ طرفا ھوندا ھئا ۽ سرڪاري بسون به حال سارو مڙوئي روڊن تي چُرنديون ھيون. تيز ھلڻ انهن جي وس ۾ ڪونه ھوندو ھو. ڪنھن ڊرائيور کي اگر گهڻو لاچار ھوندو ته ھُو سٺ ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان بس ڊوڙائيندو ھو. سٺ تي ڪانٽي رکڻ وارو محاورو به شايد انهن ڏينھن جو ئي جُڙيل ٿو لڳي.

سانگهڙ کان درٻيلي ويندي، ڪيترا ئي ننڍا وڏا اسٽاپ رستي تي  پوندا ھئا. سلطان ڪوٽ، راوتياڻي، شاھپورچاڪر، گپچاڻي، نوابشاه، سڪرنڊ، قاضي احمد، نواب ولي محمد لغاري، نانگو شاه، دولت پور، شاھپور جھانيان، مورو، نوشھروفيروز، ٺاروشاه ۽ آخر ۾ درٻيلو.

شاھپور چاڪر پھريون وڏو اسٽاپ ھوندو ھئو. اتي پھچي ڊرائيور ھڪ ھوٽل جي اڳيان بس بيھاري، پنھنجي ڪنڊڪٽر ۽ ڪلينر سوڌو ماني کائڻ يا چانھن پاڻي پيئڻ واسطيبس مان لھي ويندو ھئو.

ڪجھه مسافر پڻ ھيٺ لھي سگريٽ ٻيڙي ڇڪڻ لڳندا ھئا، تڏھن ھڪ گهورڙيو بس ۾ چڙھي مٿي ظاھر ٿيندو ھو. اھو گهورڙيو مون کي اڄ به ائين ياد آھي، جيئن ڪنھن ديواني کي اوچتو پنھنجو نالو ياد اچي وڃي.

ٻارن جون شيون کپائيندڙ اھو گهورڙيو، پنھنجي شڪل شبيھه ۾ بھاري يا بنگالي لڳندو ھو. رنگ جو چِٽو ڪارو ھو ۽ قد ٻارن جيترو ھوس. ھونئن به ٻارن جون شيون کپائيندڙ ماڻهو، قد ۾ ٻارن جيترا ئي رھجي ويندا آھن.

ھو بس ۾ اندر گهڙي، ھڪ عجيب ھوڪو ڏيندو ھو. مون اھڙو ھوڪو پوري حياتي وري ڪڏھن ڪونه ٻڌو.

اھو ڪو عام رواجي ھوڪو ڪونه ھوندو ھو. اھو حياتيءَ جو ھڪ قدر ھئو، جيڪو ماڻهن کي ياد ڏيارڻ واسطي، ھُو ھر بس ۾ چڙھي ايندو ھو. ھُو اڌوگابري سنڌيءَ ۾ ھوڪو ڏيندي چوندو ھو:

منھنجون ڀينرون

منھنجا ڀائرو

اسلام عليڪم!

اڄ جڏھن خير سان، اوھان پنھنجو سفر پورو ڪري، پنھنجن پنھنجن گهرن کي رسندا ته اوھان جي گهرن جا ننڍڙا ٻار اوھان کي ڏسي ڊوڙندا اچي اوھان جي ھنج لھندا ۽ اوھان جي ھٿن ڏانھن حسرت وچان ڏسندا. ھو اوھان کان پڇندا ته:

بابا، چاچا، ماما، ادا

امان، ماسي، ڦڦي، ادي!

اوھان اسان لاءِ ڇا وٺي آيا آھيو. تڏھن کين ڏيڻ لاءِ اگر اوھان  وٽ ڪجهه نه ھوندو ۽ اوھان جا ھٿ خالي ھوندا ته اوھان کين ڪھڙو جواب ڏيندا!

تڏھن اوھان کي سخت شرمساري ٿيندي، اوھان ندامت وچان کين ڏسي به ڪونه سگهندا.

۽ اڄ اوھان کي اھڙي شرمساري ۽ ندامت کان بچائڻ لاء آئون توھان لاءِ کڻي آيو آھيان،

ھلال جا کٽا مٺا کٽمٺڙا

ھلال جا کٺا مٺا کٺمٺڙا…

رپئي جا ٻارنھن

رپئي جا ٻارنھن

رپئي جا ٻارنھن. . . . . .

ان گهورڙئي جو آواز تارَ جھڙو سَنھو ۽ تيز ھوندو ھو، جيڪو دلين کي چيري، انهن منجهه ھلال جي کٽن مٺن کٽمٺڙن جي جڳھه پيدا ڪري وٺندو ھو. ھو ٻارن اڳيان شرمسار ٿيڻ کان بچائي وٺندو ھئو. . . .

آتم ڪٿا مان ھڪ ورق
آيل ڪريان ڪيئن!

پنھنجو ننڍپڻ ياد ڪري، آئون اڪثر حيران ٿي ويندو آھيان.

آئون ياد ايندڙ لقائن ۽ واقعن کان وڌيڪ، پنھنجين انھن يادگيرين مٿان حيران ٿيندو آھيان، جيڪي منھنجي سمجهه ۽ شعور واري عمر کان به اڳ واريون آھن.

جيئن ڄمي ھن دنيا ۾ اچڻ وقت ئي مون، پنجاهه سٺ عورتن جي وچ ۾ ويٺل پنھنجي ماءُ کي سڃاڻي ورتو ھئو. مون سڃاڻي ورتو ھئو ته انھن ماين منجھان منھنجي ماءُ  ڪھڙي آھي.

امان کي اڇي تر سان ڇِيٽ جو ڳاڙھو وڳو پاتل ھئو. گهاٽا گھنڊيدار وارَ، نيري رنگ جي وھاڻي مٿان جھڙوڪ وڇايا پيا ھئس. سندس ڀر ۾ ويٺل ماين منجهان ھڪڙي کيس پکو پئه جھليو ۽ ٻين کيس منھنجي ڄمڻ جون مبارڪون پئه ڏنيون. تڏھن ڪمري جي اڌ کليل دروازي منجهان اڇي رنگ جو ھڪ ڪتو اندر داخل ٿيو ھئو، جنھن کي ھڪ اڌڙوٽ مائي، زور سان ڪتو ڪوٺي  واپس ورائي ڇڏيو ھئو.

چڱي ڀلي وڏي ٿيڻ کان پوءِ جڏھن مون پنھنجي انهي يادگيريءَ جو ذڪر امان سان ڪيو ته ھوءَ ڏاڍو کلي ھئي.

چيو ھئائين ته:

حيدر!

تون به صفا ڪو زور آھين.

جنھن وقت جون تون ڳالهيون ڪرين ويٺو، ان وقت دائي تنھنجو ناڙو به ڪونه وڍيو ھو. توکي ته اڃا تنجيو به ڪونه ھيوسين. تو ته اڃا اکيون به ڪونه کوليون ھيون!

اھو ڪيئن ممڪن آھي ته ڪنھن ٻار کي پنھنجي ڄمڻ کان فورن بعد جون ڳالهيون ياد ھجن!

امان منھنجيون اھي ۽ انھن جھڙيون ٻيون ڳالهيون ٻڌي پريشان ٿي ويئي ھئي. ھوءَ سوچڻ لڳي ھئي ته ڪٿي مون مٿان پاڇو ته ناھي پيل. ٿوري دير خاموش رھڻ کان پوءِ امان پڇيو ھئو ته:

ڀلا ٻڌاءِ!

توکي پڪ ڪڏھن ٿي ھئي ته آئون ئي تنھنجي ماءُ  آھيان. . .

”ٻين جي ٻانھَن ۾ منھنجا ڪچڙا ھڏ ڏکندا ھئا، ۽ تنھنجي کڻڻ سان مون کي ننڊ ايندي ھئي، ننڊ ايندي ئي مون کي لڳندو ھئو ته تون ئي منھنجي ماءُ  آھين.

تنھنجي پگهر جي مھڪ منھنجي ننڍڙي جسم ۾ زندگي بنجي ڊوڙڻ لڳندي ھئي، ۽ آئون سمجهي ويندو ھوس ته، تون ئي منھنجي ماءُ  آھين.

تو ڪيترا ئي ڀيرا ڊوڙون پائي، مون کي ڪِرڻ کان بچايو ھئو. تڏھن ھر ڀيري مون کي پڪ ٿي ھئي ته، تون ئي منھنجي ماءُ  آھين.

۽ جڏھن تون پنھنجا اڌ اُگهيل لڙڪ اتي جو اتي ڇڏي، منھنجا ڳوڙھا اکين وٽان کڻي وٺندي ھئينءَ  تڏھن مون کي پڪ ٿي ويندي ھئي ته تون ئي منھنجي ماءُ  آھين.“

مون وراڻيو ھئو!

مون امان کي پنھنجي، ان کان به پراڻي، ھڪ ٻي يادگيري ٻڌائي. مون کيس ٻڌايو ته آئون اڃا تنھنجي پيٽ ۾ ئي ھوس، منھنجي دل به پوري ڪانه ٺھي ھئي ۽ جگر به اڃا اڌ ھئو، جو تون الائي ڪھڙيءَ ڳالهه تان رني ھُئينءَ، سڄو ڏينھن رُني ھئينءَ.  تنھنجي اوڇنگارن سان منھنجو اڌ ٺھيل بت پورو لڏي ويو ھو.

تنھنجي سڏڪن مون کي بيقرار ڪري ڇڏيو ھئو.

منھنجي بند اکين منجهان ٻه ٽي لڙڪ ڳڙي ٻاھر آيا ھئا.

امان! تڏھن ته منھنجي اکين مٿان پنبڙيون به ڪونه ڦٽيون ھيون. جڏھن آئون پھريون ڀيرو رُنو ھوس!

خوف وچان مون پيٽ ۾ چُرڻ پُرڻ به ڇڏي ڏنو ھو. جنھن ڳالهه توکي پريشان ڪري ڇڏيو ھئو، ۽ تو پنھنجا سڏڪا جهلي، مون کي پھريون ڀيرو ڪِرڻ کان جهلي ورتو ھئو!

منھنجيون ڳالھيون ٻڌي، امان خاموش ٿي ويئي ھئي.

ڪافي دير تائين ھوءَ منھنجي اڳيان پٿر ٿيو ويٺي رھي.

ھوءَ ڪجھه سوچي رھي ھئي.

امان کي يڪو خاموش ڏسي مون کانئس پڇيو:

امان! ٻڌاءِ  نه۔۔۔۔۔۔۔۔

تون سڄو ڏينھن ڇو رُني ھئين!

امان ڪجهه ڪونه ڪڇيو ھئو. ھوءَ خاموش ويٺي رھي ھئي.

امان کي ساندهه خاموش ڏسي، آئون سندس ھنجهھ ۾ مٿو رکي سمهي رھيو ھوس، ڪرونڊڙو ٿي، ويڙھجي سيڙھجي، بلڪل ائين، جيئن ڪو اڌ ٺھيل ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ ستل ھوندو آھي!

ھڪ پاسي مون کي ننڊ اچي رھي ھئي ۽ ٻئي پاسي امان جا سڏڪا جاڳي رھيا ھئا!

امان پڄاڻان، گهڻن سالن کان پوءِ، ساڻس ڪيل پنھنجي ان ڪچھريءَ جو ذڪر، مون پنھنجي وڏي ڀيڻ سان به ڪيو.

مون کانئنس پڇيو ته :

امان ڪڏھن سڄو ڏينھن به رُني ھئي ڇا!

اديءَ وراڻيو ته:

ھا!

جڏھن بابا ٻي شادي پئه ڪئي ۽ تون کيس پنجون مھينو پيٽ ھُئين. . . . . . . . . !

منھنجو پيارو ديس
ازابيل آلندي چليءَ جي مشھور ناولسٽ آھي، جنھن جا ناول گارشيا مارڪيز ۽ بورخيس جي لکڻين جيان جادوئي حقيقت نگاري ءَ جي ٽيڪنڪ سان لکيل آھن. سندس ناول ”دي ھائوس آف اسپرٽس“ جو ڳاڻيٽو اسپيني ادب جي چند شاھڪار ناولن ۾ ٿيندو آھي. 1973 ۾ چليءَ ۾ آيل فوجي بغاوت ۾ سندس پري جي چاچي ۽ ملڪ جي پھرئين چونڊيل سوشلسٽ  صدر سلواڊور آلندي کي فوجي ڊڪٽيٽر پنوشيءَ جي فوجين بمباري ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جنھن کان پوءِ سندس خاندان جلاوطن ٿي وينزويلا ۾ وڃي رھيو. ازابيل آلندي ھن وقت آمريڪا ۾ مقيم آھي. سندس ڪافي ناولن تي فلمون ۽ سيريز به ٺھيل آھن. ھتي سنڌي پڙهندڙن لاءِ سندس ساروڻين جي ڪتاب ” My beloved country“ جو شروعاتي حصو ڏجي ٿو.

اچو ته منھنجي ملڪ چليءَ کان شروع ڪريون، جيڪو دنيا جي نقشي تي به ٿورن ئي ماڻهن کان ڳولهيو ٿيندو. منھنجو ملڪ ايترو ته پري آهي، جو منھنجي هڪڙي دانشور دوست چواڻي ته ”پاڻ چليءَ کي وڪڻي پيرس جي ويجهو ڪو ملڪ وٺون“.

چلي ايترو ته پري آهي، جو ڪير وڃائجي وڃڻ کان پوءِ به اتي نٿو پھچي سگهي. ها، پر اتي پھتلن مان ڪيترن ئي چليءَ کي پنھنجو وطن بڻائي ڇڏيو. هيءُ ڊگهو ۽ سوڙهو ملڪ هڪ ٻيٽ جيان آهي، جنھن جي اتر طرف دنيا جي خشڪ ترين صحرائن مان هڪ آهي ته وري اوڀر طرف ازلي ڏُکن ۽ اڻ اُڪرجندڙ انڊيز جا جبل. اولھه ۾ اوچتا پيسفڪ سمنڊ جا ساحل ته وري هيٺ اتر ۾ انٽارڪٽيڪا جون برفاني تنھايون. پنھنجي ديس واسين جي سڃاڻپ جي احساس سان ڳنڍيل، چلي اهڙين مختلف آبھوائن ۽ جاگرافيءَ سان جڙيل ديس آھي، جيڪو اھنجن رستن ۽ سَون ٻرندڙ جبلن  جي وچ ۾ڪنھن معجزي وانگي ٺھيل آهي.

اسان چليءَ جي ماڻهن جو پنھنجي مٽيءَ سان وڏو گھروتعلق آهي. اسان مان گهڻن جو اڃا به اهو خواب آهي ته پنھنجو زمين جو ٽُڪر هجي، پوءِ ڀلي ان ۾ ڦِٿَل گوبي کان سواءِ ڪجهه به نه اُپايون. اسان جون اخبارون اڃا تائين زراعت تي خاص  صفحا ڇاپينديون آهن. ۽ انهن کي ڏامر جي رستن ۽ سيمينٽ جي گهرن ۾ رهندڙ اُهي شهري بابوُ به شوق سان پڙهنداآهن، جن ڪڏهن زندگيءَ ۾ جيئري ڍڳي به ڪونه ڏٺي هوندي.

منھنجو ڊگهو ۽ سوڙهو ملڪ چئن خوبصورت نالن وارن علائقن ۾ ورهايل آهي. فوجي حڪمرانن کي ڇا ڪاڻ ته انهن جا نالا ياد ڪرڻ ۾ سُور پئي ٿيو، تنھن ڪري ان ۾ انهن انگن جو به واڌارو ڪري ڇڏيو. پر آئون انهن انگن وارن نالن کي استعمال ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪريان. ڇو ته منھنجي شاعراڻي تخيل ۾ انگي جدولن واري نقشي جي ڪا به گنجائش نه آهي. دنيا کان ڪٽيل هئڻ ۽ پنھنجي ڌرتيءَ جي سونھن ڀرين نظارن کي ڏسي، اسان چليءَ جي ماڻهن ۾ هڪ تڪبر به اچي ويو آهي. اسان سمجهندا آهيون ته اسان دنيا جو مرڪز آهيون، ۽ گِرينوچ جي لائين سانتياگو مان گذرڻ گهرجي. اسان لاطيني آمريڪا کي پُٺ ڏئي، سدائين پاڻ کي يورپ سان ڀيٽيندا آهيون. اسان پاڻ ۾ ئي گم هوندا آهيون. اسان سمجهندا آهيو ته باقي دنيا رڳو اسان جي ملڪ جو ٺھيل شراب پيئڻ ۽ اسان کان هارائيندڙ فٽبال ٽيمون پيدا ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آيل آهي. چلي گهمندڙن کي اها صلاح ڏيندس ته ڪڏهن به اسان جي ملڪ جي شراب ۽ عورتن جي سونھن تي تنقيد نه ڪجو. ڇو جو اسان ڌارين کي پاڻ تي تنقيد ڪرڻ نه  ڏيندا آهيون. پاڻ تي تنقيد ڪرڻ لاءِ اسان جا پنھنجا ماڻهو ئي ڪافي آهن. آئون مڃان ٿي ته آئون پاڻ به انهيءَ تنگ نظر وطن پرستيءَ واري بيماريءَ جي شڪار آهيان. جڏهن آئون پھريون ڀيرو فرانسسڪو آئي هئس ته اتي جون سونھري پھاڙيون ۽ شاندار ٻيلا ۽ ساحل ڏسي، مون چيو ته اُهي ته صفا چليءَ جھڙا آهن.

چليءَ کي منھنجيءَ دل سان ڏسڻ چاهيو ٿا ته پئبلو نرودا کي پڙهو، جنھن پنھنجي هن ديس جي منظرن، خوشبوئن، پرهه ڦٽين، مسلسل برساتن، غربتن، مھمان نوازي ۽ صبر کي پنھنجي شاعريءَ ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي. اها ئي منھنجي ساروڻين جي ڌرتي آهي، جنھن کي آئون پنھنجين اڪيلائين ۾ ياد ڪندي آهيان، ۽ جيڪا ڌرتي منھنجين ڪيترين ئي ڪھاڻين جو پسمنظر آهي ۽ جيڪا منھنجي خوابن ۾ ايندي آهي. مان مڃان ٿي ته چليءَ جا ٻيا به ڪيترا ئي رُخ آهن. مادي پرستي ۽ مغروريءَ وارو رُخ؛ ماضيءَ جي زخمن وارو رُخ؛ منافقتن وارو رُخ ۽ ڪنھن ٻئي زلزلي ۽ سياسي تباهيءَ جو انتظار ڪندڙ رُخ. چليءَ ۾ هر شئي جو ڪجهه نه ڪجهه موجود آهي.

منھنجو خاندان سانتياگو جو آهي. جيتوڻيڪ آئون اتي ئي نپني آهيان، پر هاڻ ته آئون به ان کي سڃاڻي نٿي سگهان. آئون سانتياگو جي گهٽين ۾ وڃائجي ويندي آهيان. چلي جو هيءُ گاديءَ جو هنڌ ٻين اسپيني شھرن وانگر ٺھيل آهي، پر هاڻ ان جي سونھن جي رڳو ياد ئي رهجي وئي آهي. سانتياگو هڪ سھڻو شھر ٿي سگهيو ٿي، جيڪر انهيءَ ماحولياتي گدلاڻ جي ٽوپلي هيٺان نه هجي ھا، جيڪا ٻارن کي پينگهن ۾، پوڙهن کي گهرن ۾ ۽ پکين کي هوائن ۾ ماريو ڇڏي.

ٻين شھرن  امير ۽ غريب ماڻهو گڏ پيا رهندا آهن، پر سانتياگو ۾چئن گيراجن ۽ محافظن سان گهيريل اميرن جي محلن ۽ ٻن ڪمرن ۾ پندرنهن ماڻهن وارن غريبن جي گهرن  وچ ۾ فاصلو تمام وڏو آهي.

سانتياگو جو اونهارو وڏو ۽ گرم آهي. انهن مھينن ۾ سنهي پيلاڻ واري دز سڄي شھر کي ويڙهي ويندي آهي. ساڙيندڙ سجُ رستن جي ڏامر کان وٺي ماڻهن جي مزاج تي اثر ڪندو آهي. جڏهن آئون ننڍي هوندي هيس ته انهيءَ موسم ۾ منهنجا گهر وارا سمنڊ جي ڪناري تي هليا ويندا هئا. تن ڏينھن ۾ رستا ڏاڍا خراب هوندا هئا ۽ منھنجو ڏاڏو ڌاڙيلن کان بچاءَ لاءِ هڪ وڏو پستول به رکندو هو. پر هاڻ رستا سٺا ٿي ويا آهن ۽ سانتياگو کان ٻاهر امن امان به بھتر ٿي ويو آهي. هاڻ رڳو سمنڊ ڏانھن ويندڙ اُهي رستا خراب آهن، جن جا ساحل امير ماڻهن لاءِ مخصوص آهن. ڇو جو اهي نه ٿا چاهين ته غريب غربو پنھنجي سانورن ٻارن سان گڏ بسن ۾ چڙهي، انهن اميرن سان ساحلن تي مزو وٺي.

جيئن ئي اوهان سانتياگو مان نڪرندا ته انگورن جي ولن، ٽڪرين ۽ چراگاهن سان سينگاريل ٻھراڙيءَ وارا علائقا شروع ٿي ويندا. منھنجي توهان کي صلاح آهي ته انهن ٻھراڙين وارن ڳوٺن ۽ رستن تي بيھي، اتان لذيذ ميوا، ڀاڄيون، ماکي، بيضا ضرور وٺجو. انهن جو پنھنجو ذائقو هوندو آهي، ۽ سمنڊ جي ڪناري وارن ڳوٺن ۾ گانگٽن ۽ مڇيءَ جي ٺھيل کاڌن جو وري مزو ئي پنھنجو. انهن کي پچائڻ لاءِ ته توهان کي گهڻي رڌڻ جي ڄاڻ جي به ضرورت ڪونهي. بس مڇيءَ کي ٺڪر جي دانگي تي رکي، انهي ۾ ڪٽيل بصر ۽ ٿورو لوڻ مرچ ٻُرڪي، ۽ ليمي جي رَس تي باهه تي سَيڪيو ۽ پوءِ ان کي ٿڌي شراب سان گڏ کائو.

منھنجي ننڍپڻ جي سانتياگو کي پنھنجي وڏي شھر هئڻ تي بانور هو، پر حقيقت ۾ انهيءَ جو مزاج ننڍڙي ڳوٺ جھڙو هو. هر ماڻهوءَ کي شھر جي هر ڳالهه خبر هوندي هئي. ڪير چرچ ويو يا نه، اها خبر سڀني کي پئجي ويندي هئي ۽ علائقي جو پادري ٺڪ ان جي گهر پھچي، چرچ نه اچڻ جو سبب پڇندو هو. ٿورن ماڻهن وٽ فرج هوندي هئي ۽ گهڻو ڪري ماڻهو روز گاڏيءَ تي ايندڙ ڪاٺ جي ٻُوري ۾ ليپيل برف وٺندا هئا. اسان جي گهر ۾ فرج هوندي هئي، جيڪا چاليھه سال کن هلي. ان ۾ لڳل موٽر به ٽرڪ جھڙو آواز ڪندي هئي. انهيءَ جي هيٺان ڪيتريون ئي ٻليون ڪرنٽ لڳڻ جي ڪري مري ويون. پر اهو ٻلين جي آباديءَ کي روڪڻ جو هڪڙو طريقو هو، نه ته اسان جي گهر ۾ ايڏيون ٻليون هيون، جو اسان جو گهر ٻلين ۾ ھوند ٻڏي وڃي هان.

اسان جي گهر ۾ به ٻين گهرن جيان جانور خاص طور تي ڪتا هوندا هئا. پر ڪير اهي ڪتا خريد ڪونه ڪندو هو. ڪن کي ورثي ۾ ملندا هئا ته ڪن کي وري تحفي ۾، ته ڪي وري ان ڪري پالبا هئا، جو اھي ننڍي ٻار کي اسڪول مان پيڇو ڪري اچي گهر پھچائيندا هئا. پالتو ڪتن کانسواءِ رولو ڪتن جي به لوڌ سانتياگو جي گهٽين ۾ پئي ڦرندي هئي. پر اهي ڪي دنيا جي ٻين ملڪن وانگر مصيبت ماريا يا بيمار ڪتا نه هوندا هئا. اهي منظم گروهن ۾ هوندا هئا ۽ ڪافي بااخلاق قسم جا ڪتا هوندا هئا.

اسان روٽي گهٽيءَ جي ڪنڊ واري بيڪريءَ تان وٺندا هئاسين، جنهن جي تازي تندور مان پڪل خوشبوء اڃا منھنجن حواسن ۾ تازي آهي. کير جست جي وڏن ڪنسترن ۾ ايندو هو. کير وارو ٻھراڙين مان گهوڙي گاڏيءَ تي ايندو هو ۽ گهوڙي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل گهنڊڙي مان انهن جي اچڻ جي خبر پئجي ويندي هئي. نوڪرياڻون پنھنجا ٿانوَ کڻي اتي پھچي وينديون هيون-  ۽ پوءِ کير وارو پنھنجي وارن سان ڀريل ٻانھَن بغلن تائين کير جي ڪنستر ۾ وجهي، پنھنجي پنھنجي مقرر تور جو کير ڏيندو هو.

گهٽين ۾ خانه بدوش جپسي مايون به اينديون هيون. اهي ٻن يا ٽن جي ٽوليءَ ۾ اينديون هيون، ۽ ساڻن گڏ اڌ درجن ٻار به هوندا هئا، جن جا نڪَ پيا وهندا هئا ۽ جيڪي سندن پَڙَن سان چنبڙيا پيا هوندا هئا. اسان کي کانئن ڪافي ڊڄ ٿيندو هو. ڇاڪاڻ ته انهن جپسين جي باري ۾ اهو هُلايل هو ته اهي ٻارن کي اغوا ڪري کڻي وينديون آهن ۽ جيڪر کين ڪير خيرات نه ڏيندو هو ته کين پِٽون ۽ پاراتا ڏينديون هيون. انهن جي باري ۾ مشھور هوندو هو ته اهي جادوءَ جي زور تي ماڻهن ۾  بيماريون آڻي سگهنديون هيون. پر انهن جي انهيءَ بدناميءَ جي باوجود، اسان کين هٿ ڏيکاري، پنھنجيءَ قسمت جو حال پڇڻ کانسواءِ ڪونه رهندا هئاسين. اُهي مونکي سدائين چونديون هيون ته ڪو گهاٽين مُڇن وارو همراهه مونکي پري پري وٺي ويندو. ڇاڪاڻ ته منھنجو ڪو اهڙو محبوب ڪونه رهيو آهي- سو، آئون سمجهان ٿي ته  اها پيشنگوئي منھنجي ماٽيلي پيءُ جي باري ۾ هئي، جنھن جون گهاٽيون مُڇون هيون، جنھن جي سفارتڪاريءَ واري نوڪريءَ سبب مون پري پري جي ديسن جو سفر ڪيو.

چليءَ جي منھنجي پھرين ساروڻي اُهو گهر آهي، جنھن ۾ جيتوڻيڪ آئون ڪڏهن رهي نه هئس، پر جيڪو گهر منھنجي ناول ”هائوس آف اسپرٽ“ جو مکيه ڪردار هو. منھنجي ناول جو اهو تصوراتي خاندان منھنجي ناناڻي خاندان تي ٻَڌل هو. گهٽيءَ جي ڪنڊ تي اهو وڏو پراڻو گهر، جنھن تي منھنجو اهو ناول آڌاريل آهي، تنھن ۾ منھنجي ماءُ جو جنم ۽ نيپاڄ ٿيو. هاڻ ته اهڙا گهر سانتياگو ۾ رهيا ئي ڪونه آهن، جو انهن پراڻن گهرن کي ترقي ۽ جديديت کائي وئي آهي. پر ٻھراڙيءَ ۾ اهڙا گهر اڃا موجود آهن. ڦھليل ۽ وسيع گهر، جن جا اڱڻ ايڏا وشال، جو رات جو صفي مان ويڙهي تائين وڃڻ لاءِ به دل گردو گهرجي. اهڙا گهر، جن جي باري ۾ مشھور آهي ته اهي اُگرا آهن ۽ جتي هڪڙو ٻه جِن ۽ بدروح ته هوندا ئي آهن. منھنجا ٻارنھن ماما ۽ ماسيون ٿورا چرياڻ قسم جا هئا. ڪيترا ته شادي کان پوءِ به انهيءَ گهر ۾ رهي پيا. منھنجي نانِي به شاديءَ کان پوءِ پنھنجي مڙس يعني منھنجي ناني سان گڏ انهيءَ گهر ۾ رهي پئي. منھنجي ناني پوءِ انهيءَ گهر کي ڪافي سڌاريو.

جيتوڻيڪ چلي ٻن ڪروڙن جي آباديءَ تي مشتمل هڪڙو جديد ملڪ آهي، پر ماڻهن ۾ قبائلي ذهنيت جي باقيات اڃا تائين موجود آهي. خاص طور تي ٻھراڙين ۾. ماڻهو قبائلي بنيادن تي ورهايل آهن، جيڪي ڏيک ويک، لباس، تان جو سوچ ۾ به هڪجھڙا آهن ۽ وقت اچڻ تي هڪ ٻئي جي بچاءُ لاءِ به اڳيان ايندا آهن. اسان وٽ قبيلا خاندان جيان آهن، ۽ هرڪنھن جا انهيءَ خاندان يا قبيلي ڏانھن فرض آهن، جنهن کان ڪو لنوائي نه ٿو سگهي. جيڪر ڪنھن ساڳئي قبيلي جي ماڻهن جي مدد نه ڪئي ته اها شرمندگيءَ جي ڳالهه سمجهي ويندي آهي، جنهن جي خواري سالن تائين پئي هلندي. منھنجي مٽن مائٽن ۾ چليءَ جي ماڻهن واريون اهي سموريون خوبيون ۽ خاميون آهن. انهن جو مشاهدو ڪري، اسان چليءَ جي ماڻهن جي نفسيات ۽ ڪردار سمجهي سگهون ٿا.

ترجمو ـ منوج ڪمار