ثقافت – Sarangaa

ڇا ڪا ڪھاڻي به حقيقت کي جنم ڏئي سگهي ٿي؟
ڇا توهان پِٽ ۾ يقين رکو ٿا؟ ڇا واقعي پِٽ لڳندي آهي؟
هن سوال جي حوالي سان اڄ ‘دي گارجين’ ۾ هڪ ڏاڍو دلچسپ ڪالم ڇپيو آهي. ڪالم جي شروعات آئرلينڊ جي فٽبال ٽيم مائيو (Mayo) سان جڙيل هڪ پراڻي بددعا جي ڪھاڻيءَ کان ٿئي ٿي، پر ليکڪ جي اصل ڳالهه بددعا جي سچ يا ڪوڙ هجڻ کان گهڻو اڳتي وڃي ٿي.
1951ع ۾ مائيو آل آئرلينڊ فائنل کٽيو. ان کان پوءِ اها ڳالهه مشھور ٿي ته هڪ پادريءَ ٽيم کي بددعا ڏني آهي ته جيستائين 1951ع جي ٽيم جو آخري رانديگر زنده هوندو، مائيو ٻيھر فائنل نه کٽي سگهندي. ان کان پوءِ ٽيم يارهن ڀيرا فائنل تائين پھتي، پر هر ڀيري هارائي وئي. 2021ع ۾ ان ٽيم جو آخري رانديگر به فوت ٿي ويو ۽ 2026ع ۾ مائيو آخرڪار فائنل کٽي ورتو.
پر ڪالم نگار جو سوال هي آهي:
جيڪڏهن ڪا ڳالهه حقيقت ۾ سچي نه هجي، پر ماڻهو ان کي سچ سمجهڻ لڳن، ته ڇا اهو يقين سندن سوچ، روين ۽ نتيجن تي اثر وجهي سگهي ٿو؟
جواب آهي: ها.
شايد مائيو کي واقعي ڪا بددعا نه هئي. پر جيڪڏهن رانديگرن، مداحن ۽ سماج ۾ اهو يقين ويھي وڃي ته ”اسان فائنل نٿا کٽي سگهون“، ته اهو يقين سندن نفسيات تي اثر وجهي سگهي ٿو، شڪ وڌي سگهي ٿو، اعتماد گهٽجي سگهي ٿو، دٻاءُ وڌي سگهي ٿو ۽ ڪارڪردگي متاثر ٿي سگهي ٿي. پوءِ هر نئين شڪست انهيءَ پراڻي ڪھاڻيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي.
يعني ڪڏهن ڪڏهن ڪھاڻي پاڻ کي سچ ثابت ڪرڻ لڳي ٿي.
اسان جي سماج ۾ به اهڙيون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون آهن، جيڪي اسان نسلن کان ٻڌندا پيا اچون. سنڌ ۾ پيرن، فقيرن جي ڪرامتن، دعائن ۽ بددعائن جا انيڪ قصا مشھور آهن. انهن مان ڪي شايد ڪنھن حقيقي واقعي سان جڙيل هجن، ڪي محض اتفاق هجن ۽ ڪي وقت سان گڏ وڌي وڻ ٿيل ڪھاڻيون.
مثال طور، جڏهن ملڪ رياض عبدالله شاه غازيءَ جي مزار ڀرسان هڪ رهائشي منصوبو ٺاهيو، جيڪو مزار جي عمارت کان به اوچو هو، ته ماڻهن ۾ اها ڳالهه هلڻ لڳي ته ”ملڪ رياض جو زوال ويجهو آهي.“ ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن سندس ڪاروباري ۽ قانوني مشڪلاتون وڌيون ته اها ڳالهه وري ماڻهن جي نظر ۾ سچي ثابت ٿيندي نظر آئي.
ڇا واقعي ان جو سبب اها ڳالهه هئي؟ اهو الڳ سوال آهي. هتي اهم ڳالهه اها ناهي ته ڪھاڻي سچي هئي يا ڪوڙ. اهم ڳالهه اها آهي ته ڪھاڻيون ماڻهن جي سوچ ۽ اجتماعي نفسيات تي ڪيترو اثر وجهن ٿيون.
اسان وٽ اهڙيون ئي ٻيون ڪھاڻيون به آهن:
”سنڌي سست آهن.“
”سنڌين کان ڪجهه نه ٿيندو.“
”سنڌي ڪم ڪرڻ نٿا ڄاڻن.“
”هتي سفارش کان سواءِ ڪجهه نٿو ٿي سگهي.“
”ايمانداريءَ سان اڳتي وڌڻ ممڪن ناهي.“
انهن مان هر ڳالهه لازمي طور سچي هجي، اهو ضروري ناهي. پر جڏهن اهڙيون ڳالهيون بار بار ٻڌجن ٿيون ۽ هڪ نسل انهن تي يقين ڪرڻ لڳي ٿو، ته اهي آهستي آهستي ان نسل جي پنھنجي باري ۾ سوچ جو حصو بڻجي سگهن ٿيون.
يعني ڳالهه ائين اڳتي وڌي ٿي: پھريان ڪا ڪھاڻي ٻڌائي وڃي ٿي، پوءِ ماڻهو ان تي يقين ڪرڻ لڳن ٿا. اهو يقين سندن سوچ ۽ روين کي متاثر ڪري ٿو، رويا سندن عملن کي، ۽ عمل آخرڪار اهڙو نتيجو پيدا ڪن ٿا، جيڪو وري ساڳي ڪھاڻيءَ کي سچ ثابت ڪندي نظر اچي ٿو.
مثال طور: جيڪڏهن ڪنھن نوجوان کي بار بار ٻڌايو وڃي ته ”سنڌي سست آهن ۽ ڪجهه نٿا ڪري سگهن“، ته هو آهستي آهستي پاڻ به پنھنجين صلاحيتن تي شڪ ڪرڻ لڳي سگهي ٿو. جيڪڏهن هو ڪوشش گهٽ ڪندو، ته نتيجو به ڪمزور اچي سگهي ٿو. پوءِ ماڻهو چوندا:
”ڏٺوَ! اسان صحيح چوندا هئاسين، سنڌي ڪجهه نٿا ڪري سگهن.“
اهڙيءَ طرح هڪ ڪھاڻي، جيڪا شايد شروع ۾ رڳو هڪ دعويٰ هئي، ماڻهن جي يقين ۽ عملن ذريعي پاڻ کي سچ ثابت ڪندي نظر اچڻ لڳي ٿي.
پر اهو عمل ابتڙ به ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنھن فرد يا قوم کي مسلسل اهو يقين ڏياريو وڃي ته ”اسان ڪامياب ٿي سگهون ٿا“، ته ان مان اعتماد پيدا ٿي سگهي ٿو؛ اعتماد ڪوشش کي جنم ڏئي سگهي ٿو، ڪوشش نتيجو پيدا ڪري سگهي ٿي ۽ نتيجو هڪ نئين اجتماعي ڪھاڻي ٺاهي سگهي ٿو.
تنھنڪري، جڏهن ڪنھن فرد يا قوم کي اڳتي وڌندي يا پوئتي ويندي ڏسو، ته رڳو اهو نه سوچيو ته ان جي پويان دعا، بددعا يا قسمت جو ڪمال آهي. اهو به ضرور ڏسو ته ان فرد يا قوم کي ڪھڙيون ڪھاڻيون ٻڌايون ويون آهن ۽ انهن ڪھاڻين سندن اميدن ۽ روين کي ڪيئن شڪل ڏني آهي.
ڇو ته ڪھاڻيون رڳو ماضي بيان نٿيون ڪن؛ اهي اسان جون اميدون ٺاهين ٿيون، ۽ اميدون اسان جي عملن کي شڪل ڏين ٿيون.

سنڌي هندو مذهبيت جي سماجي جوڙجڪ: بقا جي نفسيات کان ڪارپوريٽ نيٽ ورڪنگ تائين
سنت ساڌ رام جي تازي وڇوڙي اتر سنڌ جي هڪ وڏي حصي ۽ سندس عقيدتمندن ۾ سوڳ جو هڪ گھرو ۽ نمايان وايومنڊل پيدا ڪيو آهي. هن اجتماعي ڏک (Collective Grief) ۽ عقيدت جي ليول کي ڏسي عام طور تي اها غلط فھمي پيدا ٿئي ٿي ته سنڌ جو هندو سماج شايد هڪ مڪمل طور تي يڪجا، هموار ۽ مڪمل بلاڪ (Homogeneous Social Block) آهي. پر جڏهن اسان سماجي سائنس (Sociology) جي اصولن ۽ تنقيدي نظريي (Critical Theory) جي عينڪ مان هن سوڳ جي پٺيان لڪل پيچيده سماجي بيھڪ جو گھرو مطالعو ڪنداسين، تہ حقيقتون ان کان بلڪل مختلف ۽ طبقاتي بيٺڪ تي ٻڌل نظر اينديون.
پروفيسر احمد سومري صاحب پاران اٿاريل اهو نُڪتو ته “ڪو هڪ پير يا سنت سڄي سنڌ جي هندن جو روحاني پيشوا نٿو ٿي سگهي”، هڪ اهم اڪيڊمڪ حقيقت آهي. پر ان بيانيي کي رڳو علائقائي يا ڪاسٽ سسٽم جي سطحي اڻبرابريءَ جي تناظر ۾ ڏسڻ بدران، اسان کي سنڌي هندن جي تاريخي نفسيات ۽ جديد معاشي متحرڪن (Dynamics) جو تجزيو ڪندي ڪجهه اهم فڪري نڪتا اڳيان رکڻا پوندا.
ورهاڱي جو نفسياتي جبر ۽ بقا جي نفسيات (Psychology of Survival)1.
تاريخي طور تي، 1947ع جي ورهاڱي سنڌ جي هندو سماج کي هڪ اهڙي وجودي موڙ (Existential Crisis) تي آڻي بيھاريو، جتي هنن جو سڀ کان وڏو چئلينج ڪو مذهبي تبليغ، لاهوتي بحث يا پنھنجي فرقي جي بالادستي قائم ڪرڻ نه هو. ان ناڪاري سماجي ۽ سياسي وايو منڊل ۾، رهجي ويل هندن جي پھرين ۽ آخري ترجيح صرف ۽ صرف ذاتي ۽ اجتماعي بقا (Survival) هئي. فرانسيسي سماج سڃاڻ پيئر بورديو (Pierre Bourdieu) جي اصطلاح ۾ چئجي ته هن حادثي هندن جي “هيبيٽس” (Habitus / سماجي رويي ۽ عادتن جي نظام) کي مڪمل تبديل ڪري ڇڏيو.
هن بقا جي نفسيات سنڌي هندو مت جي سڄي سڀاءُ کي هڪ مخصوص شڪل ڏني؛
غير جنگجو وابستگي (Non-Militant Attachment): جھادي اثرن جي تابع مسلم سماج جي ھڪ رفليڪشن جي برعڪس، جتي مذهبي لاڳاپو اڪثر انتھاپسنديءَ تائين هليو ويندو آهي، سنڌي هندو مت ۾ مذهبي وابستگي هميشه کان غير جنگجو، روادار ۽ رڳو ڌرمي رسمن تائين محدود (Ritualistic) رهي آهي.
سماجي سڄاڻپ تائين محدود ناتو: مندرن، مڙھين، مرشدن يا درٻارن سان هنن جو ناتو ڪو گھرو نظرياتي يا پرچارڪ تبليغي لڪيرون ڪڍڻ وارو ناهي رهيو. ڌرم انهن لاءِ رڳو شادي مرادي، مرڻي پرڻي ۽ بنيادي سماجي سڄاڻپ (Social Identity) کي هڪ ڳانڍاپي ۽ گڏيل جوڙجڪ ڏيڻ تائين محدود رهيو آهي ته جيئن اڪثريتي سماج ۾ پنهنجو وجود برقرار رکي سگهجي.
. ڪيپيٽلزم ۽ مذهبي ادارن جي مارڪيٽائيزيشن (Commercialization of Faith)2.
اڄوڪي ليٽ-ڪيپيٽلزم (Late Capitalism) جي دور ۾، جتي مذهبي ادارا پاڻ کي نئين سر ترتيب ڏئي رهيا آهن، سنڌ جي خوشحال (سرمائيدار) ۽ سياسي اثر رکندڙ ڪاروباري ڪلاس جو هڪ مخصوص “ڪلب” جڙي چڪو آهي.
ڪارل مارڪس جي “ڪموڊٽي فيٽشزم” (Commodity Fetishism / شين کي جادوئي طاقت ڏيڻ جو تصور) جي اصول تحت، هن ڪلاس پاران مندرن، ڌرمي آستانن، مرشدن ۽ گادين جو هڪ نئون ڪلچر متعارف ڪرايو ويو آهي، جنھن مذهبيت کي هڪ ڪارپوريٽ يا مارڪيٽ پراڊڪٽ وانگر استعمال ڪيو آهي.
سنت ساڌ رام سميت مختلف مذهبي شخصيتن کي پنھنجي پنھنجي جرسڊڪشن (Jurisdiction) يا علائقائي اثر ۾ هڪ روحاني “برانڊ” طور اڀاريو ويو، جتي هر برانڊ جا پنھنجا معاشي ۽ سماجي دائرا ۽ ڪمفرٽ زون آهن. تنھنڪري، جڏهن ميڊيا يا سياسي بيانيي ۾ “سڄي سنڌ جا هندو” وارو اصطلاح استعمال ٿيندو آهي، ته اهو ڪو گڏيل مذهبي يا روحاني شعور ناهي هوندو، پر اصل ۾ ان مخصوص اليٽ (Elite) ۽ ڪاروباري ڪلاس جي داخلي نيٽ ورڪنگ (Networking) جو نتيجو هوندو آهي. ان کي سماجي اصطلاح ۾ “سوشل ڪيپيٽل” (Social Capital) چيو ويندو آهي، جنھن جو مقصد پنھنجي معاشي طاقت کي مذهبي تحفظ ڏيڻ آهي.

ڪاسٽ سسٽم ۽ سوشل اسٽيٽس جو دٻاءُ (Social Stratification)
جنھن ڇوت ڇات (Untouchability) يا ڪاسٽ سسٽم جي روايتي بحث کي بار بار اٿاريو ويندو آهي، اهو اڄ جي ماڊرن شھري زندگي، گلوبلائيزيشن ۽ سوشل اسٽيٽس (Social Status) جي ٻه طرفي دٻاءَ سبب پنھنجي روايتي معنيٰ مڪمل طور تي وڃائي چڪو آهي. اڄ جو هندو سماج ذات پات جي مدي خارج نظام کان وڌيڪ ماڪس ويبر (Max Weber) جي “سوشل اسٽريٽيفڪيشن” (طبقاتي درجي بندي) جي اصول تحت معاشي مفادن جي بنياد تي صف بندي ڪري ٿو. هاڻي سماجي دٻاءُ ڪنھن شودر يا دلت هجڻ جو ناهي، پر معاشي طور ڪمزور هجڻ جو آهي. آئندي جا انومان ۽ انديشا (Futuristic Concern)
سنت ساڌ رام جي وڇوڙي تي ٿيندڙ سوڳ پنھنجي جاءِ تي محترم آهي، پر هن سڄي مذهبي ڍانچي ۽ درٻار ڪلچر جي پٺيان جيڪي سياسي ۽ طبقاتي محرڪ ڪم ڪري رهيا آهن، تن تي بحث باقي رکڻ انتھائي ضروري آهي. جيڪڏهن اسان هن جاگرافيائي ۽ طبقاتي نيٽ ورڪنگ کي رڳو “خالص روحانيت” جو نالو ڏئي قبول ڪنداسين، ته اها سماجي حقيقتن کان اکيون ٻوٽڻ برابر هوندو.
هن بحث کي اڪيڊمڪ سطح تي زنده رکڻ ان ڪري به ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هي سماجي بيھڪ رڳو مذهب تائين محدود ناهي، پر اها اڳتي هلي ٻيھر هڪ سياسي اوزار (Political Tool) بڻجي ويندي، جنھن کي مختلف قوتون پنھنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪنديون. سنڌي هندو سماج ڪو هڪ سڌو سنئون هوموجينس بلاڪ ناهي، اهو بقا جي نفسيات، ڪارپوريٽ نيٽ ورڪنگ ۽ طبقاتي تحفظ جو هڪ پيچيده گڏجڻي (Convergence) آهي.

ٻَنيءَ جي راندين ۾ ٻاراڻا ٻول
ٻار ننڍپڻ جو وڏو عرصو راند رُوند ۾ گذاريندا آهن. اهي رانديون گهر ۾ ويٺي به ٿي سگهنديون آهن ته گهر کان ٻاهر ڪنھن کُليل ميدان تي به ڪيون وينديون آهن. اهي رانديون الڳ الڳ طريقن سان کيڏيون وينديون آهن. ڪن راندين ۾ ڪن شين جي ضرورت پوندي آهي. مثال طور ’اٽي ڏڪر‘. هن راند ۾ اٽي ڏڪر جي خاص ضرورت پوندي آهي. ڪرڪيٽ جھڙي راند ۾ بيٽ بال جي ضرورت پوندي آهي، ته ڪي رانديون جسماني حرڪتن ڪسرتن سان ٿينديون آهن. مثال طور ونجهوٽي يا ڪٻڊي.  گهڻين راندين ۾ ٻار پنھنجي واتان ٻول ٻولي، راندين جي لطف کي ٻيڻو ڪندا آهن.  هن مضمون ۾ ٻنيءَ ۾ راند کيڏندي ٻار جيڪي ٻول ٻوليندا آهن، انهن ٻولن جو ذڪر ڪجي ٿو.

لوڪ ادب ۾ پرولي پنھنجو هڪ وڏو مقام رکي ٿي. پرولين جو لطف وڏا توڙي ننڍا سڀ پنھنجي پنھنجي حساب سان ماڻيندا آهن. هڪ ٻئي جي ذهانت کي پرکيندا آهن. ڪڇ جي ٻني علائقي ۾ پروليءَ سان جُڙيل راند جو هڪڙو ٻيو به قسم ملي ٿو، جيڪو ٻاراڻي وندر جو هڪ سادو پر سٺو قسم آهي. هيءُ قسم پکين سان جڙيل هڪ قسم آهي، جنھن ۾ پروليءَ جي طرز ۾ ٻار ڪو به پکي دل ۾ ڌاري، ان پکيءَ جي قد ، بت، پکن ، پيرن مطابق پنھنجي هٿن سان اوٺا اهڃاڻ ڏيندي، چوندو آهي:

”هيڏو هيڏو پکي چائين چلي.“

جنھن جي جواب ۾ دائري ۾ ويٺل  تمام ٻارڙا گڏجي چوندا آهن:

”مائين ملي.“

”هيڏي هيڏي چُھنب چائين چلي.“

”مائين ملي.“

”هيڏا هيڏا پير چائين چلي.“

”مائين ملي.“

انهي ”چائين چلي، ۽ مائين ملي“  لفظن جو ٻارڙا خوب لطف وٺندا آهن. جڏهن دل ۾ ڌاريل پکيءَ متعلق تمام اوٺا اهڃاڻ پورا ٿي ويندا آهن، ته پرولي ڏيندڙ ٻار ٻين ٻارن کان انهي پکيءَ جو نالو ٻڌائڻ لاءِ چوندو آهي. پوءِ ٻارڙا پنھنجي اندازي مطابق پکين جا نالا وٺي ڌُڪا هڻندا آهن. ”ادا پکي هاڙي نٿي چئي، ڪونج به نه، ڳجهھ ته ناهي.“ ٻارن کان پرولي نه ڀڃبي آهي ته پرولي ڏيندڙ ساٿي ٻارن کي چوندو آهي: “ گڏهه گتي.” ٻار جي چون ها، ته پرولي ڏيندڙ وري چوي: ”گند جو سونڍو کيندا (کائيندا) ؟“ جي ٻار چون ها ته پرولي ڏيندڙ ان پکيءَ جو نالو ٻڌائيندو، نه ته وري ٻارن کي پرولي ڀڃڻ لاءِ ڌڪا هڻڻا پوندا. اسان جي ٽھيءَ جي دور ۾ اها راند ڪافي کيڏندا هئاسين. هاڻي البت اها راند تمام گهٽ کيڏي ويندي آهي.

انهيءَ طرح جي هڪڙي ٻي به راند مشھور هئي، جيڪا هاڻي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي. ٻارڙا ڪنھن ڀونگي ۾ اهليا پيا هجن ۽ ڪو ٻار چوندو ’پرولي ڏيان تو جهورجا.‘ سڀئي ٻار ها ڪندا آهن، ته اهو ٻار ڀونگي ۾ٽنگيل ڪنھن به شيءِ جي رنگ کي مَن ۾ جهلي چوندو:

”اڙ  ڏسان، بڙ ڏسان، ڪٿي/ ڪتي بڙ جي بينگ ڏسان.“

ته پاسي ۾  ليٽيل ٻار چون ”ڪھڙي پکين؟“

انهيءَ تي پرولي ڏيندڙ  ٻار ڀونگي ۾ ٽنگيل ڪنھن به شيءِ جو رنگ من ۾ ڌاري چوندو: ”سائي پکين، آسماني پکين يا ڪارين پکين وغيره وغيره.“

پوءِ پرولي ڀڃيندڙ ٻار ڀونگي ۾ ٽنگيل انهيءَ رنگ واري هر هر ان شيءِ جو نالو وٺندا ويندا آهن. جڏهن انهيءَ شيءِ جي نالي تي ڪو اچي ويندو آهي ته پرولي ڏيندڙ چوندو آهي: ”مري وئي، يا جُهري پيئي“. ائين واري وٽيءَ سان سڀئي ٻارڙا گهر جي ڪنھن نه ڪنھن شيءِ کي من ۾ جهلي، پروليءَ جي روپ ۾ ڏيندا آهن ۽ وقت پسار ڪندا آهن. هيءَ پرولي ڀونگي جي پڇنڊي ۾ سجايل مختلف ٿانوَن مان ڪنھن ٿانوَ جي رنگ کي مَن رکي ڏني ويندي آهي. ائين ٽنگيل هر هر ٿانوَ ۾ ٻارڙا گهربل رنگ ڳولي، ان ٿانوَ جو نالو وٺندا آهن.

شام ٿيندي، ماني کائي، ٻارڙا راند لاءِ پوٺي (کليل ميدان) تي نڪرندا آهن ته ڳوٺ مان نڪرندي وڏي آواز ۾ گڏجي چون: ”اڪ جون ڪاٺيون، نم جا پايا، ننڍا وڏا ٻارو، اچو ڪريون راند جا ساهيا (سعيا).“

راند لاءِ جمع ٿيل ٻار ڳوٺ کان ٻاهر ميدان ۾  ’پِڙ‘  ٺاهيندا آهن.. اهو پڙ سڀئي ٻار گڏجي پيرن سان ليڪو ڪڍي ٺاهيندا آهن. هڪڙو مھندار ٿي اڳيان ساڄو پير زمين تي گسرائي هلندو آهي، ٻيا به سڀئي انهي ليڪي تي پنھنجو پير گسرائيندي هلي ڪري پِڙ واري ليڪي کي چٽو ڪندا ويندا آهن. ليڪو چٽو ڪندي، سڀئي چوندا ويندا آهن:

’جيڪو پڙ نه ڪڍندو، سو پڙ جو پاڏو ٿيندو.‘

يعني جيڪو پڙ جو ليڪو چٽو ڪرائڻ ۾ مدد نه ڪندو، يعني سستي ڏيکاريندو ته آڳ ان تان ڪونه لھندي، ان تي ئي رهندي.  پوءِ ان پڙ ۾ ڪا به راند گڏجي کيڏندا.

راند ۾ هميشه سٺا ۽ ڪمزور ٻنهي طرح جا رانديگر هوندا آهن. هرڪا ٽيم پنھنجي لاءِ سٺو رانديگر ئي پسند ڪرڻ چاهيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ ڳالهه تان ٻارن ۾ جهيڙا جهٽا به ٿيندا آهن. ٻنيءَ ۾ اهڙي جهيڙي کي نبيرڻ جو ٻارڙن ۾ سٺو طريقو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جنھن کي ’دوڪ‘ چيو وڃي ٿو. سڀئي ٻار ٻه ٻه ڄڻا ٿي، الڳ الڳ ڏسائن ۾ هليا ويندا آهن ۽ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري پاڻ تي ڪو نه ڪو نالو رکي ايندا آهن. اهي نالا شھرن، رنگن،وڻن، جانورن يا ڪنھن به شيءِ جا ٿي سگهن ٿا.  انهي طريقي کي ‘دوڪي اچڻ‘ يا ’دوڪڻ‘  چيو ويندو آهي. دوڪجي آيل ٻار اچي چون:

”اوڙي، اوڙي …..“

مقرر ٿيل  ٻنهي ٽيمن جي مکيه ٻارن مان  هڪ ٻار چوندو:

”وچان ڦوڙي…. “

دوڪجي آيل ٻار چوندا:

”ڪير کڻي هوائي جھاز ؟ ڪير کڻي موٽر ڪار؟“

يا چوي: ”ڪنھن کي کپي هوائي جھاز، ڪنھن کي کپي موٽر ڪار؟“

ٽيم جو ڪئپٽن چوندو: ”مون کنيو هوائي جھاز.“

ائين هوائي جھاز وارو نالو پسند ڪيل ٻار ان ٽيم ۾ شامل ٿي ويندو . ائين ٻه ٻه ٿي سڀئي رانديگر ٻن ٽيمن ۾ ورهائجي ويندا آهن. جنھن تي پوءِ ڪنھن کي جهيڙو يا اعتراض ڪرڻ جو حق نه رهندو آهي، ۽ راند آسانيءَ سان شروع ٿيندي آهي.

اها ته ٿي رانديگرن جي ورهاست واري ڳالهه. هاڻي اچو ته راندين ۾ شامل ٻين ٻولن کي ڏسون.

اٽي ڏڪر راند ٻني پڇم ۾ به کيڏي ويندي آهي، جنھن ۾ ”وڪٽ، لين، مون، نار، آر، وهي، يڪ (يگ)“  ڏڪر ڀريندي چيا ويندا آهن. راند جي شروعات گڏ گاريي سان ٿيندي آهي. گڏ اڳئين پاسي اِٽي رکي، ڏڪر سان مٿي اڇلايو ويندو آهي. سامهون واري ٽيم جي هر ٻار وٽ ڌڪو هوندو آهي، جنھن سان هو هوا ۾ اڏامندڙ اٽيءَ کي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جي هوا ۾ ڪو به ڌڪ نه هڻي سگهيو ته ڏڪر گڏ ۾ کوڙيو وڃي ٿو ۽ جتي اٽي پَٽ تي ڪِريل هوندي آهي، اتان بيھي اٽي ڏڪر ۾ هڻندو. اگر اٽي ڏڪر ۾ لڳي ويئي ته رانديگر آئوٽ ٿي ويندو آهي، ۽ ٻيو ٻار ايندو آهي.

گِڏ تائين ڏڪر ڀريندي، مٿين ستن لفظن مان جيڪو لفظ آخر ۾ ايندو آهي، ان لفظ سان جڙيل اٽيءَ کي وري ڌڪ هڻبو آهي. ’نار‘ وارو ڌڪ هڻڻ جو وارو اچي ته رانديگر ڏاڍو خوش ٿيندو آهي. ڇو ته نار وارو ڌڪ هڻڻ ۾ ٻين ڌڪن کان سولو آهي. اٽيءَ کي الٽي ڏائي هٿ جي  پھرين آڱر ۽ چيچ تي اٽي رکي، پنھنجي سھوليت مطابق ٿورڙو مٿي اڇلائي، وڏي آواز مان چوندو: ”نار گهوڙا پار، ڪلڪتي جا وڻ ڏيکار.”

هتي ڪلڪتي جا وڻ ڏيکار چوڻ  مان مراد اٽيءَ کي جيترو ٿي سگهي، اوترو پري وڃي ڪيراءِ. آخر ۾ يڪ ڳڻيا ويندا آهن، جنھن جا وڌيڪ ٿيندا، اها ٽيم فاتح ٿيندي آهي.

”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر سنديلي ٻاراڻي راند ”ڪنگري ڪه لوٽي“ جا ٻول ڏنا آهن. انهن ٻولن سان اسان پنھنجي ننڍپڻ ۾ راند کيڏي هئي. اهي ٻول آهن:  ”ڪنگر ڪه لوٽو، پاڻي ڀري ڦوٽو، ڦوٽا چَٻيندو. لونگ لڙيندو، ڌريگ (ڍيگهه) دريا جي، پيٽ پنهونءَ جو، هيٺيون ڪه مٿيون.“

ادڙ گدڙ به  ٻني پڇم ۾ کيڏجندڙ هڪڙي ٻاراڻي راند آهي، جنھن ۾ سڀيئي ٻار پنھنجا هٿ زمين تي الٽا رکي، هڪڙو چوندو آهي:

”ادڙ گدڙ، دام ددڙ.

ڇمان/ چمان مينھڙو،

هينئڙو هلي، مور مچي.

مور جي گهرين ڪاتـي.

آتي ڪاتي، ڏيــڻ ڏاڪڻ.

اوگــڻ جوڳــڻ، جَـس.

ڦوڪي لڪائي ڦُس.“

هڪڙي لنگڙيءَ جھڙي راند کيڏي ويندي آهي، جنھن کي ڪڙيل ڪوٽ چيو وڃي ٿو. اها راند به کيڏندي ٻار ٻول ٻوليندا آهن. جيڪي هن طرح  آهن:

”ڪڙيل ڪوٽ، ڪانبا ڪوٽ،

اڇـا ڏند، ڪـپـڙا بـنــد.“

ٻنيءَ ۾ ’لڪ ٻوچ‘ راند به ٻار ڪندا آهن، جنھن کي  ‘اک ٻوٽ’ يا لڪ لڪوٽي به چيو وڃي ٿو. جنھن ۾ ٻار اوندهه ۾ لڪڻ ويندا آهن. جڏهن لڪي وٺندا آهن ته ڳولڻ واري کي ڪي ٻول چئي ڳولڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي. جيڪي ٻول ٻڌي، جنھن تي آڳ هوندي آهي، اهو ٻار آسي پاسي ۾ لڪل ٻارن کي ڳولڻ نڪرندو آهي. جنھن کي  پھرين ڏسي وٺي ۽ ڇُھي وٺي، ان تي آڳ ايندي آهي. راند جا ٻول آهن:

”ساري گل جي واري،

سونڊي ۾ سوپاري،

وٽـيءَ ۾ آنــا،

جيئـن  منھنجا مـاما.“

هڪڙي ٻي راند به آهي، جنھن کي ’اونبي چونبي‘ چيو ٿو وڃي. ان راند ۾ ٻار دائري ۾ ويھي، پنھنجون مُٺيون بند ڪري، پنھنجن گوڏن تي هٿ رکي ويھندا آهن. ۽ هڪڙو ٻار وڏي آواز سان چوندو آهي:

”اونـبي، چونـبي،

چار چڪاسيا ٻاجهر جا،

چار چڪاسيا مڱي جا،

اُل، گُل،

ٻارهين مھيني پڪو ڦُل،

ڦوڪي لڪائي.“

جنھن جي ڀيڪوڙيل مُٺ تي هٿ رکي ٻار چوي: ’ڦوڪي لڪائي‘، اهو ٻار پنھنجي انهيءَ مُٺ کي ڦوڪ ڏيئي، پنھنجي پٺيان لڪائي ڇڏيندو آهي. ائين سڀني ٻارن جا هٿ پٺيان ٻڌجي ويندا آهن ته آخرين ٻار اٿي انهن ٻارن مان ڪنھن جا هٿ ڇوڙائيندو. هر ڪو ٻار پنھنجن هٿن کي مضبوطيءَ سان پڪڙي رکندو.

ٻنيءَ جا ٻار مينھون جهنگ ڏانھن روانيون ڪرڻ وڃن. پوءِ جڏهن مال کي جهنگ  مُنھن ڏيئي موٽن ته هٿ ۾ کنيل ڌُڪن سان راند کيڏندا اچن، ته جيئن رستو آرام سان ڪٽجي وڃي. جنھن راند کي ‘اولي لاڻي‘ چيو وڃي ٿو. هڪڙو ٻار  ’اولي اولي …. ‘ چئي، ڌُڪو آسمان ۾ اڇلائيندو آهي. ٻيا سڀ انهي ڌڪي کي پنھنجي ڌڪي سان مٿي هوا ۾ ئي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيستائين هوا ۾ يا زمين تي پيل ڌڪي کي ڌَڪ نه لڳندو آهي، تيسين هڪ طرح جو ٻولن وارو ليکو جاري هوندو آهي. ليکي جا ٻول  هي آهن:

”ايڪي جي اَنيَر،

ٻين جــــي ٻَنيَــر،

ترين (ٽين) جا ٽاڪوڙيا (تراڪوڙيا)،

چوٿينءَ جي چونر (چونري)

پنجينءَ جو پرڻيا،

ڇھينءَ جـو ڇُٽا،

ستينءَ جو سـتا،

اٺينءَ جو اٿيــا،

نوئين (نائين) جي نودي،

ڦلاڻي جي کودي.“

ڦلاڻي جي بدران ڳوٺ ۾ جنھن وٽ گڏهه هوندا آهن، ان جو نالو وٺبو آهي. ائين واري واري سان آڳ ايندي آهي ۽ راند هلندي رهندي آهي.

اتر ڏس کان مينھن چڙهيو هجي، جنھن کي ڏسي ڇوڪريون پاڻ ۾ مضبوط هٿ جهلي چيڪلي پائينديون آهن ۽ چونديون وينديون آهن:  ”بان بان بٽڙو،، مِينھن آيو تڪڙو. اُکريءَ ۾ ڪڪرو ، مِينھن آيو تڪڙو.“ يا ” گهر تي نوڙي،، مينھن آيو ڊوڙي.“

آکاڻيون به ٻارن جي وندر جو ساڌن آهن. آکاڻين وارو لوڪ ساهتيه به ٻني پڇم جو هڪڙو سمرڌ (زرخيز) ساهتيه آهي، جنھن ۾ راجا مھاراجائن، پَرين ديوَن وغيره جون يا گدڙن بگهڙن ، ڀولڙن جون آکاڻيو چيون وينديون آهن. آکاڻيءَ لاءِ ٻنيءَ ۾ هي ٻول چيا وڃن ٿا.

“ آکاڻي، دبل داڻي، دبو ويائو، گهڙتو ڄائو. گهڙتا ڙي گهڙتا، ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ وڃان تو (ٿو) ڪنڊين (ڪنڊن) جو ڪوٽ ٺاهڻ.“

کٽ تي ويھي ننڍڙي ٻار کي پيرن تي ويھاري، جهولائيندي ٻنيءَ ۾ خاص ڪري متوا جاتيءَ ۾ هيٺيان ٻول  ٻوليا ويندا آهن:

گدولڙي /ڊگولڙي

پن پن پولڙي،

اٺ ڏيجا (ڏجو)

گهوڙا ڏيجا (ڏجو)

ڳوئين (ڳئون ) ڏيجا

مَيھين (مينھون) ڏيجا.

ائين مختلف مال جا نالا وٺي ٻار کي مال سان مالامال ڪيو وڃي ٿو. آخر ۾ ٻار کان پڇبو آهي:

’ناناڻي ويندين يا ڏاڏاڻي؟‘

۽ ٻار کي ڪنھن هڪڙي پاسي جهڪائي چيو ويندو آهي:

’هي تونجا (تنھنجا) ناناڻا.‘

وسڪاري جي مند ۾ ڪچي ڇيڻي ۾ ڪاري رنگ جا وڏا ڪِيڙا ٿيندا آهن. جن جي مٿي تي سڱ هوندا آهن. ٻار سندن ٻِر ۾ پاڻي وجهندا آهن ته ٻر مان اهو سڱن وارو ڪِينئون نڪري ايندو آهي، جنھن کي هت ’ماندو‘  چيو وڃي ٿو. ٻنيءَ ۾ رهندڙ هاليپوٽا ان کي ڪِينئون چون. ان جي سڱن ۾ ڌاڳو ٻڌي گهمايو ويندو آهي. ۽ اهو پرَ کولي گول گول اڏامڻ لڳندو آهي، جنھن کي ٻار ڪتڻ چوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهو ڪِينئون تڪڙو پرَ نه کوليندو آهي. معنيٰ ڪتيندو ناهي، ته ٻار کيس موت جو ڊپ ڏيکاريندي چون:

’ڪت ڪت ڪِينئان

نه ته ڪانگن کي ڏيان.‘

ڪڏهن ڪڏهن ٻار پاڻ ۾ ويٺا هوندا ته ڪو ٻار چوندو: مان چوان ٿو ائين ڪو تڪڙو تڪڙو چئي ڏيکاري. پوءِ چوندو : ’گهٽو ٻڌي گهيٽو ڪُھان، ڪتو ٻڌي گهيٽو ڪُھان… گهٽو ٻڌي گهيٽو ڪُھان، ڪتو ٻڌي گهيٽو ڪُھان.‘ ڪُھان جي بدران ‘کيان/کان به چيو وڃي ٿو.

ٻارن مان ڪو تيار ٿي، ٻه ٽي دفعا ته تڪڙو تڪڙو صحيح چئي ويندو، پر جڏهن چوڻ ۾ غلطي ڪري ’گهيٽو ٻڌي گهيٽو ڪُھان، ڪتو ٻڌي ڪُتو ڪُھان‘ چوندو ته ٻار گڏجي کلندا، ٽھڪ ڏيندا . ائين واري واري سان ٻار اهي ٻول چئي، پاڻ کي وندرائيندا آهن. اهڙا ٻيا به ڪئين ٻول ٻوليندا آهن.

ته وري ڪنھن کي چيڙائڻ لاءِ به ٻار سندس نالو وٺي هي ٻول چون. مثال طور ٻار جو نالو بشير آهي ته ٻار چون: بشير ڀٽارو، ڇائي (لسي) جو پارو، ڇائي تي/ٿي جهنگجي، بشير تو/ٿو ٽنگجي.

اهڙي طرح ڪنھن کي چيڙائڻ لاءِ هي ٻول به چيا ويندا آهن: ’بر بر بينگارا، مڇلي مارا، مڇلي ڪِني، ماڻهي مني، پڻهي پونگڙا پچاءِ .‘

تعليم پرائڻ جي ڪري يا سوشل ميڊيا اچڻ جي ڪري بدليل حالتن ۾ ٻنيءَ جي ٻارن وٽ هاڻي اهي رانديون کيڏڻ جو رواج ختم ٿيڻ لڳو آهي. انهيءَ ڪري هاڻي اهي ٻول غائب ٿيندا پيا ٿا وڃن. ٻنيءَ جي ٻي پيڙهيءَ وٽ اڃا اهي ٻول ڪي قدر بچيل آهن. لڳي ٿو ته ٽين پيڙهيءَ ۾ اهي راندين وارا ٻاراڻا ٻول پنھنجو وجود قائم ڪونه رکي سگهندا.

هاڻي خود ’راند‘ لفظ ’گيم‘ لفظ ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي، ته پوءِ راندين وارا ٻول ڪٿان پنھنجو وجود بچائي سگھندا. شال ائين نه ٿئي!