دنيا – Sarangaa

فيڊل ڪاسترو جي باغي ڌيءُ جي ڪيوبا مان فرار جي ڪھاڻي
ترجمو: يسرا عباسي

سڄيءَ دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو فيڊل ڪاسترو کي هڪ انقلابي اڳواڻ، طاقتور حڪمران ۽ آمريڪا جي نقاد طور سڃاڻن ٿا، پر هڪ ڇوڪريءَ لاءِ هو هڪ اهڙو شخص هو، جنھن جي موجودگي ته هر جاءِ تي هئي، پر هوءَ کيس پيءُ سڏي نه پئي سگهي.
ڪيوبا جي اڳوڻي صدر جي ڌيءُ الينا فرنينڊز ريويلٽا جي زندگي ڪنھن به سياسي تاريخ کان وڌ هڪ ذاتي الميي ۽ سڃاڻپ جي ڳولا معلوم ٿئي ٿي. ننڍپڻ ۾ الينا ٽي وي تي پنھنجي پيءُ کي ڏسندي هئي، هن جون تقريرون ٻڌندي هئي ۽ سڄو ملڪ فيڊل ڪاسترو جا نعرا هڻندو هو، پر کيس هرگز اها ڄاڻ نه هئي ته اهو شخص رڳو هڪ قومي اڳواڻ ئي نه پر هن جو پيءُ به آهي.
الينا جي دنيا ان وقت بلڪل ئي مٽجي وئي، جڏهن ڏهن ورهين جي عمر ۾ ماءُ کيس ٻڌايو ته جنھن شخص کي سڄي دنيا فيڊل ڪاسترو جي نالي سان سڃاڻي ٿي، اهو سچ پچ سندس ئي پيءُ آهي. اهو اهڙو راز هو، جنھن کان سندس خاندان ۽ مٽ مائٽ اڳواٽ ئي آگاھ هئا، پر الينا لاءِ اهو انڪشاف ڪنھن زلزلي کان گهٽ نه هو.
13 آگسٽ 2026ع تي فيڊل ڪاسترو جي پيدائش کي سئو سال پورا ٿيا. ان موقعي تي سندس مڃيل ڌيءُ الينا، جيڪا اڄڪلهه آمريڪا جي شھر مياميءَ ۾ رهي ٿي، پنھنجي زندگيءَ جي انهن پاسن بابت ڳالهائي ٿي، جيڪي اقتدار جي ايوانن کان وڌ هڪ ڌيءُ جي جذباتيت، اڪيلائيءَ ۽ سڃاڻپ بابت غير يقينيءَ واري صورتحال تي ٻڌل آهن.
1956ع ۾ هوانا ۾ پيدا ٿيڻ واري الينا، فيڊل ڪاسترو ۽ سماجي طور تي رسندي (اثر رسوخ) رکندڙ عورت نتاليا ريويلٽا جي لاڳاپن جو نتيجو هئي. جيتوڻيڪ هوءَ دنيا جي مشھور ترين سياسي شخصيتن مان هڪ جو اولاد هئي، پر هن ڪڏهن به ”ڪاسترو“ نالو يا ذات اختيار نه ڪئي. سندس چواڻي ته ان نسبت کيس آسانين کان وڌيڪ مورڳو اهنجن، مسئلن، دٻاءَ ۽ نجي آزمائشن جو شڪار بڻايو.

الينا اهو اعتراف ٿي ڪري ته جيڪا پھرين تصوير سندس ذهن ۾ اڀري ٿي، سا هڪ ڏاڙهيءَ واري مرد جي آهي، جيڪو 1959ع ۾ باغي جٿن جي قيادت ڪندي، هوانا ڏانھن اڳرائي ڪري رهيو هو ۽ ٽي وي تي ڇانيل هو. الينا جي بقول، ان شخص ڄڻ ته سندس ننڍپڻ جي وڻندڙ ڪارٽون ڪردار مِڪي مائوس جي جاءِ حاصل ڪري ورتي هئي.
سالن کان پوءِ، 1993ع ۾ الينا نقلي پاسپورٽ، وِگ ۽ جڙتو هسپانوي لھجي جي مدد سان ڪيوبا مان فرار ٿيڻ ۾ سوڀاري ٿي. آمريڪا پھچڻ کان پوءِ کيس شدت سان اهو احساس ٿيو ته جنھن سڃاڻپ کان الينا سڄي عمر پري ڀڄندي رهي، اها ئي در حقيقت سندس لاءِ ڪيوبا ۾ سياسي جبر ۽ حڪومتي پاليسين خلاف آواز اٿارڻ لاءِ هڪ ڪارگر وسيلو بڻجي ٿي سگهي.
اڄ فيڊل ڪاسترو جي نياڻي ميامي جي هڪ پُرسڪون رهائشي علائقي ۾ واقع گلن سان سينگاريل اڱڻ واري گهر ۾ اسان جي آجيان ٿي ڪري، جتي ھوءَ گذريل وڏي عرصي کان وٺي رھندي ھئي.
ستر ورهين جي الينا، ڳالهه ٻولهه دوران پنھنجي زندگيءَ جون اهڙيون وارتائون بيان ٿي ڪري، جيڪي ڪنھن به ريت فلمي داستانن کان گهٽ نه ٿيون لڳن. هيءَ ڪھاڻي انھن اوائلي يادگيرين سان شروع ٿي، جيڪي هڪ اهڙي انقلابي اڳواڻ سان لاڳاپيل آهن، جنھن نه فقط هن جي نجي زندگي پر پوري ڪيوبا جي تاريخ ۽ تقدير جو رخ به سدائين لاءِ تبديل ڪري ڇڏيو.

رات جي وقت ايندڙ مھمان
الينا اڃا ٽن ورهين جي به مس ٿي ته پھرين جنوري 1959ع تي فلخسينو بالتيستا ملڪ ڇڏي فرار ٿي ويو ۽ فيڊل ڪاسترو سانتياگو مان اهو تاريخي سفر شروع ڪيو، جنھن اٺن ڏينھن کان پوءِ کيس ڪيوبا جي نئين اڳواڻ جي حيثيت سان هوانا آندو. الينا کي ياد آهي ته سندس ٽي وي جي پردي تان مِڪي مائوس اچانڪ غائب ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ تي ڏاڙهين سان ڪي ڀائي نظر اچڻ لڳا، جيڪي گاڏين تي لٽڪيل هئا، مان کانئن ڏاڍو ڊڄندي هيس ۽ ڪيترا ئي ڏينھن اهي مرد ئي ٽيليويزن تي نظر ايندا رهيا.
اوائلي عوامي جشن ۽ خوشيءَ جو ماحول جلد ئي سندس يادن اندر هڪ مختلف منظرنامي ۾ بدلجڻ لڳو.
الينا چوي ٿي، تنھن کان پوءِ فائرنگ وسيلي سزائون ڏيڻ شروع ڪيون ويون، جن کي ٽي وي تي به ڏيکاريو ويندو هو ۽ عوامي مقدمه به هلايا ٿي ويا. ڪيوبا ۾ خوف ۽ تشدد جھڙي صورتحال پکڙجي پئي. ملڪ ۾ اچڻ واري ان وڏي بدلاءَ ڪيترن ئي ڪٽنبن کي ڀاڱا ڪري وڌو، جنھن ۾ سندس ڪٽنب به شامل هو. الينا جي ماءُ انقلاب کي قبوليو، جڏهن ته سندس ناني حڪمرانن تي تنقيد ڪندي رهي. ٻين گهر ڀاتين سميت اهو شخص به جنھن کي الينا پنھنجو پيءُ سمجهندي هئي، سڀ ڪجهه تياڳي، آمريڪا نڪري آيا.
ان دوران، جڏهن انھن سمورن معاملن کان اڻ واقف الينا وڏي ٿي رهي هئي، ته انقلابي اڳواڻ فيڊل ڪاسترو جي سندس گهر ۾ اچ وڃ شروع ٿي. الينا، فيڊل کي رات جي وقت اچڻ وارو مھمان سڏيو. تڪڙو تڪڙو ايندڙ مھمان. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ان سلسلي ۾ وٿي به اچي ٿي وئي.
الينا ٻڌايو ته، فيڊل گهر جي هڪ ڪمري ۾ پَٽ تي ويھي ساڻس راند ڪندو هو ۽ کيس تحفا به ڏيندو هو. اهڙن تحفن مان هڪ شيءَ کيس اڄ به چڱيءَ ريت ياد هئي.
ڪاسترو، کيس هڪ رانديڪو ڏنو، فيڊل ڪاسترو نما هڪ گڏو، جنھن کي فيڊل جھڙو ئي لباس پھريل هو ۽ الينا سندس ڏاڙهيءَ جا وار پٽي ٿي ڇڏيا. ڇو جو اهو سندس لاءِ محض هڪ رانديڪو هو. کيس ايترو به ياد آهي ته فيڊل جي اچڻ وقت هن جي ”امڙ خوشيءَ مان ٻھڪي اٿندي هئي. محبت کي سڃاڻي يا سمجهي سگهجي ٿو، امان کي فيڊل سان محبت هئي.”
جڏهن ناٽي ريويلٽا ۽ فيڊل جي وچ ۾ لاڳاپو شروع ٿيو ته ٻئي پرڻيل هئا. ناٽي جو وھانءُ، دل جي بيمارين جي ماهر اورلينڊو فرنينڊز سان ٿيل هو، جڏهن ته فيڊل جي ڪنوار (وني) ميرٽا دياث بالارت هئي.
اورلينڊو، الينا کي پنھنجو نسب ڏنو، الينا ان ڀروسي سان ئي پالنا حاصل ڪئي ته اورلينڊو ئي سندس والد هو. ايتري قدر جو 1961ع ۾ ڪيوبا ڇڏڻ کان پوءِ به. جڏهن الينا ڏهن ورهين جي ٿي ته کيس اهڙي پروڙ پئي. هن چيو ته ”امان پاڻ مونکي ان بابت ٻڌايو. هن منھنجو اسڪول تبديل ڪرڻ ٿي گُهريو ۽ چاهيو ٿي ته ڪو به ٻيو شخص مونکي اهو راز نه ٻڌائي.“
جيتوڻيڪ اها پڌرائي الينا لاءِ مڪمل طور تي ڇرڪائيندڙ هرگز به نه هئي. ڇاڪاڻ ته وقت بوقت فيڊل جي اچ وڃ جي ڪارڻ هوءَ ساڻس گهڻي ڀاڱي رلي ملي چڪي هئي. فيڊل کيس پيءُ جيان محسوس ٿيندو هو، پر پوءِ به کيس اهو سڀ ٻڌي ويساهه گهاتي ۽ دولاب جو احساس ٿيو.
”هيءُ هڪ اهڙو راز هو، جنھن بابت سمورو سماجي دائرو (سرڪل) ڄاڻندو هو، سواءِ منھنجي.“
ٻارھن تيرهن ورهين جي عمر ۾ الينا سندس خانداني نالو مٽائڻ کان نابري واري.
هوءَ گهڻو ڪري انڪار ڪندي هئي، جڏهن ماڻهو کائنس پڇندا هئا ته ڇا هوءَ ڪاسترو جي ڌيءُ آهي؟ الينا چيو، ”مونکي مناسب نٿي لڳو ته اوچتو هڪ ڏينھن بدليل نالي (سڃاڻپ) سان سڀني جي آڏو اچان. مونکي ان ۾ ڪو به فائدو نه ٿي نظر آيو. مون ڪڏهن به فيڊل کي پاپا نه سڏيو.“ هن لاءِ اهو لفظ فقط ان شخص سان منسوب هيو، جنھن کي الينا پنھنجي شروعاتي زندگي کان وٺي پيءُ جي حيثيت سان سڃاتو ٿي.
وقت گذرڻ سان گڏ الينا جي مايوسي نه فقط پنھنجي پيءُ پر ان سياسي تنظيم مان به وڌندي وئي، جنھن جي فيڊل ڪاسترو ڪيوبا ۾ اڳواڻي ٿي ڪئي.
ماڻهو کيس خط ڏئي ڇڏيندا هئا، ان آس تي ته هوءَ ڪاسترو کي اماڻيندي .
اهي درخواستون کيس اهڙن ڪٽنبن وٽان اينديون هيون، جن جي ويجهن کي ڦاسي ڏني وئي، جيڪي ملڪ ڇڏڻ لاءِ اجازت جا منتظر هئا يا وري جن جا ڀاتي سياسي قيدي هئا.
الينا ٻڌايو ته ننڍپڻ کان ئي هن پنھنجي اکين اڳيان اهو سڀ ٿيندي ڏٺو هو. هن جي بقول هي اهو دور هو، جنھن ۾ هڪ نئين ماڻهوءَ جي ٺاهڻ جا انقلابي تصور، نظرياتي سکيا ۽ اڳواڻ جي شخصيت جي چوڌاري وڌندڙ عقيدت روزاني زندگيءَ جو حصو بڻجي ويئي هئي.

فيڊل ڪاسترو سان هن جو لاڳاپو
”هفتي جي پڄاڻيءَ نالي ڪا شيءَ نه هوندي هئي. ڇاڪاڻ ته هو رضاڪاراڻن پورهين لاءِ مخصوص هو. جيتوڻيڪ اهي ڪم ضروري به هوندا هيا. لاڳيتيون جنگي مشقون ۽ ڌار ڌار مھمون هلنديون رهنديون هيون. هڪ شخص يعني فيڊل ڪاسترو جيڪو ٽي وي تي ست ست ڪلاڪ تقريرون ڪندو هو، اهي اسان لاءِ ڏسڻ (ٻڌڻ) لازمي هونديون هيون ۽ ٻئي ڏينھن ڪلاس دوران ان تي ڳالهه ٻولهه به ڪرڻي پوندي هئي. مون لاءِ اهو سڀ ڪنھن ڊيڄاريندڙ خواب مثل هو.“
هن هڪ ساهيءَ کان پوءِ چيو، ”توهان کي ايئن محسوس ٿيندو ڄڻ توهان ڪنھن پاڳل خاني ۾ رهندا هجو.“
فرانس ۾ ڪجهه عرصو گذارڻ کان پوءِ فيڊل ڪاسترو جي هن جي زندگيءَ مان سڌي سنئين موجودگي تھائين گهٽ ٿي وئي. تنھن کان پوءِ به وقت بوقت اچانڪ فيصلن وسيلي فيڊل سندس ذاتي زندگيءَ کي متاثر ڪندو رهيو.
”ڪڏهن هو منھنجي ڪنھن رشتي جي مخالفت ڪندو، ڪڏهن منھنجو تعليمي ادارو بدلائي ڇڏيندو،“ هوءَ چوي ٿي. ”سندس خيال اڪثر غير متوقع هوندا هئا، مون هن کان سواءِ جيئڻ جو ڍنگ سکي ورتو هو.“
جڏهن اسان کانئس پڇيو ته ذاتي زندگيءَ ۾ فيڊل ڪاسترو ڪھڙي شخصيت جو مالڪ هو؟ ان تي الينا جو جواب ڪافي منجهيل هو.
هوءَ فيڊل کي نھايت ئي ذهين، چالاڪ، مھذب ۽ پُر تجسس شخص سڏي ٿي، پر يڪ ساهيءَ ۾ اهو به چوي ٿي ته هو ماڻهن کي پنھنجي قابو ۾ رکندڙ ۽ حقيقتن يا سچائيءَ کي پنھنجي لاءِ استعمال ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هو. ”هن مون سان به ڪيترا ڪوڙَ ڳالهايا.“ الينا چيو.
الينا جي بقول، فيڊل ڪاسترو سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ به آسان ڪونه هو. هو مڪالمي جي بجاءِ هڪ طرفي گفتگو جو قائل هو. جي هو مون سان ڳالهائڻ چاهيندو هو ته سندس مقصد در اصل پنھنجو پاڻ کي ئي ٻڌڻ هوندو هو.

هڪ فلمي فرار
جوانيءَ ۾ ئي الينا کي ڪيوبا ڇڏڻ جي خواهش هئي. وقت گذرڻ سان گڏ هوءَ پنھنجي والد سان ذهني هم آهنگي وڃائي چڪي هئي. سندس قائم ڪيل سياسي نظام کي رد ڪرڻ لڳي هئي ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ لڳي هئي.
سندس چوڻ هو ته فيڊل ڪاسترو ئي اهو شخص هو، جنھن ان سموري انتشار جو بنياد وڌو. انقلاب جي ڪاميابيءَ جي فقط ٻن سالن کان پوءِ ئي غذائي قلت جو بحران ڪَر کڻڻ لڳو.
1990ع جي ڏهاڪي ۾ سوويت بلاڪ جي خاتمي کان پوءِ ڪيوبا ۾ جنھن دور جو آغاز ٿيو، تنھن کي خاص دور چيو وڃي ٿو. اهو دور شديد معاشي بحران، خوراڪ جي گهٽتائي، بک، بدحالي، بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۽ چرپر جي وسيلن جي شديد کوٽ تي ٻڌل آهي.
الينا چواڻي، ان دور ۾ هوءَ حڪومتي پاليسين تي کلي تنقيد ڪندي هئي ۽ هر وقت گرفتاريءَ جي خوف ۾ ورتل رهندي هئي.
19 ڊسمبر 1993ع تي هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت الينا ڪيوبا مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
هڪ اسپيني خاتون پنھنجو پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ کيس ڏني، جڏهن ته هڪ ٻئي ماڻهوءَ سفري ڪاغذن ۾ گهربل تبديليون آنديون، جنھن کان پوءِ الينا، هوانا جي هوائي اڏي طرف رواني ٿي.
هن ياد ڪندي چيو، ”جيئن ئي مان ٽيڪسيءَ ۾ ويٺس، مون اسپيني لھجي ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته جيئن پاڻ کي ان جڙتو ڪردار لاءِ پختو ڪري سگهان.“ مصنوعي وارن جي وِگ ۽ تمام گهڻو ميڪ اپ ڪري، هوءَ هوائي اڏي تي پھتي،
”مون کي گهٻراهٽ نه پئي ٿي، بلڪ مون هڪ عجيب قسم جي خاطري محسوس ڪئي، منھنجي ذهن ۾ فقط هڪ ئي خيال هو يا ته اسان جون زندگيون مڪمل طور سڌري وينديون يا وري مڪمل تباھ ٿي وينديون.“
هوءَ ڪسٽمس جي جانچ مان بي خوف گذري، جھاز ۾ ويٺي. پھرين ميڊرڊ ۽ پوءِ آمريڪا پھتي.
31 ڊسمبر 1993ع تي هڪ مذهبي اڳواڻ جيسي جيڪسن جي صلح جي نتيجي ۾، سندس 16 ورهين جي ڌيءُ به آمريڪا پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ٻنهي گڏجي نئين سال کي ڀليڪار ڪئي.
”آمريڪا اچي مان واقعي فيڊل ڪاسترو جي ڌيءُ بڻيس.“
آمريڪا ۽ اسپين ۾ ڪجهه وقت گذارڻ کان پوءِ الينا فرنينڊز مستقل طور ميامي ۾ رهائش اختيار ڪئي.
سندس چوڻ هو ته جنھن حسب نامي کي هوءَ ورهين تائين لڪائيندي رهي، جلاوطنيءَ کان پوءِ اها ئي سڃاڻپ هن لاءِ ڪيوبا جي حالتن تي تنقيد ۽ اظھار جي آزاديءَ جو مضبوط وسيلو بڻجي وئي.
”جيڪو ڪم مان ڪيوبا ۾ رهي ڪڏهن به نه ڪري سگهيس يعني فيڊل ڪاسترو جي باري ۾ کُلي ڳالهائڻ يا پاڻ کي سندس ڪٽنب جو حصو مڃڻ، اهو مون هتي اچي ڪيو. چاليھه سالن جي ڄمار ۾ مان واقعي فيڊل ڪاسترو جي ڌيءُ بڻيس.“
ميامي ۾ الينا هڪ سيل ڪلچر ليبارٽري ۾ ٽيڪنيشن طور ڪم ڪيو، تنھن کان پوءِ ريڊيو پروگرام ”صرف الينا“ جي ميزبان بڻي.
1997ع ۾ الينا جي آتم ڪھاڻي، ”الينا: فيڊل ڪاسترو جي باغي ڌيءُ جون يادگيريون“ شايع ٿي، جنھن کي اسپين ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ٿي، جيڪا پوءِ ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪئي وئي.
کانئس، 25 نومبر 2016ع تي فيڊل ڪاسترو جي موت بابت سوال ڪيو ويو ته هن جي جواب ۾ احتياط ۽ خبرداري شامل هئي.
”نه، مون کي تمام گهڻو صدمو پهتو، نه وري مون ڪا خاص خوشي محسوس ڪئي. مون لاءِ اهو ڪو غير معمولي وڇوڙو يا واقعو نه هو.“
هن سال جي اپريل مھيني ۾ شايع ٿيل دستاويزي فلم ”ريوليوشنز ڊاٽر“ ۾ الينا پنھنجي زندگيءَ جي تجربن ۽ ڪيوبا سان واسطو رکندڙ جلاوطن ماڻهن جي وسيلي 1959ع ۾ انقلاب کان پوءِ قائم ٿيڻ واري سموري نظام جو تنقيدي جائزو پيش ڪيو آهي.
هن جي ويجهو اڄ جو ڪيوبا ان ئي سياسي ۽ سماجي ماڊل جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي، جنھن جو بنياد الينا جي پيءُ رکيو هو.
”جڏهن به رياست سمورين ڪاروباري ۽ معاشي سرگرمين تي قابض بڻجندي آهي ته، عام ماڻهو بي وس ٿي پوندا آهن“
الينا جو خيال آهي ته ڪيوبا ۾ حقيقي اقتدار اڄ به طاقتور فوجي اشرافيه (هڪ طاقتور جٿي) جي هٿ وس آهي، جيڪي کيس آسانيءَ سان ڇڏڻ لاءِ راضي نه ٿيندا.
رٽائرڊ زندگي گهارڻ واري الينا ميامي ۾ سادگيءَ سان جي رهي آهي. سندس چوڻ آهي ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هن جو ڪاسترو خاندان سان ڪو به رابطو باقي ناهي رهيو. ايستائين جو انھن مٽن مائٽن سان به نه، جيڪي پاڻ جلاوطنيءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن.
جڏهن اسان الينا کان پڇيو ته سندس والد جون ڪهڙيون خاصيتون کيس ورثي ۾ مليون؟ ته هوءَ هڪ گهڙيءَ لاءِ ماٺ ٿي وئي.
”مان هڪ عملي ۽ عقلي مزاج واري انسان آهيان. جيستائين فيڊل جو سوال آهي ته مون کي پاڻ ڄاڻ ناهي ته هو ڪھڙي ۽ ڪيتري حد تائين اهڙو هو، ڇاڪاڻ ته هن ڪڏهن به اهڙي ڪا ثابتي نه ڏني.“
ڪجهه دير کان پوءِ هوءَ وري ڳالهائي ٿي، ”ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن تي تنقيد ڪرڻ لاءِ توهان ڪو مثبت (هاڪاري) پھلو به ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو، پر مون کي اهڙو ڪو پاسو نظر نه ٿو اچي.“
ڳالهه ٻولهه جي پڄاڻيءَ تي جڏهن اسان کانئس پڇيو ته 13 آگسٽ 2026ع تي پنھنجي پيدائش جا سئو سال مڪمل ڪرڻ واري ڪيوبا جي انقلابي اڳواڻ کي تاريخ ڪھڙي حيثيت سان ياد رکندي؟ ته الينا جو جواب بلڪل کرو هو.
”منھنجو خيال آهي ته هاڻ تاريخ به ان کي اڳ واري اهميت نه ٿي ڏئي. دنيا گهڻو اڳتي وڌي چڪي آهي. ڪاسترو کاٻيءَ ڌر جي هڪ علامت طور رهجي ويو آهي، جنھن جو ذڪر هاڻ اڳ جھڙو مقبول ناهي ۽ ڪيوبا جي موجوده حالت ايتريقدر واضح آهي، جو هاڻ ان جي ذميواري ٻين جي کاتي ۾ وجهڻ ممڪن ناهي رهي.“
فيڊل ڪاسترو جي سياسي ورثي تي دنيا جي راءِ اڄ به ورهايل آهي. تنھن هوندي به فيڊل جي ڌيءُ الينا جو داستان هڪ اهڙي فرد جي نجي ۽ سياسي زندگيءَ جي وچ ۾ موجود منجهيل رشتي تان پردو کڻي ٿو، جنھن اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تائين ڪيوبا جي سياست ۽ معاشري تي گھِرا اثر ڇڏيا.
(بي بي سي جي ٿورن سان. هيءَ ڳالهه ٻولهه فيڊل ڪاسترو جي ستن ٻارن مان اڪيلي ڌيءُ الينا فرنينڊز سان بي بي سي منڊو جي رپورٽر اتا هوالپا اميريسي ڪئي).

محنت، تعليم ۽ برطانيا ۾ سنڌي
سنڌي ماڻهن جي پرڏيھه ڏانھن تعليمي ۽ روزگار واري سفر جي به پنھنجي هڪ تاريخ آهي. هڪ زمانو اهو هو، جڏهن دنيا جا ڪيترائي ملڪ اعليٰ تعليم، تحقيق، روزگار ۽ مستقل رهائش جا دروازا کولي رهيا هئا، پر سنڌ مان ٻاهر نڪرڻ جو رجحان اڃا ايترو عام نه هو. ان وقت سنڌي ماڻهو پرڏيھه ڏانھن تمام ٿوري تعداد ۾ ويندا هئا. انهن ۾ به اڪثر اهي خاندان شامل هوندا هئا، جيڪي معاشي طور مضبوط، شھري پسمنظر رکندڙ يا اڳ ئي تعليم ۽ سرڪاري نوڪرين سان لاڳاپيل هوندا هئا. عام ٻھراڙيءَ جو نوجوان، خاص طور هارين، مزدورن يا وچولي طبقي جي گهرن مان نڪرندڙ شاگرد، اهڙن موقعن کي پري جو خواب سمجهندو هو.
پوءِ آهستي آهستي حالتون تبديل ٿيڻ لڳيون. سنڌي نوجوانن ۾ تعليم بابت شعور وڌيو، انگريزي ٻوليءَ، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ عالمي يونيورسٽين تائين رسائي جا رستا کليا. پھرئين مرحلي ۾ شھرن مان ڪجهه پڙهيل خاندانن جا ٻار ٻاهر وڃڻ لڳا؛ ٻئي مرحلي ۾ وچولي طبقي جي نوجوانن به اسڪالرشپن، داخلا ۽ روزگار جي موقعن ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو؛ ۽ پوءِ ٽئين مرحلي ۾ اها تبديلي وڌيڪ وسيع ٿي. هاڻي سنڌ جي ٻھراڙين، ننڍن شھرن ۽ هارين جي گهرن مان به نوجوان اعليٰ تعليم لاءِ نڪرڻ لڳا. انهن مان ڪي ڊگريون مڪمل ڪري واپس پنھنجي وطن آيا، ڪي وري پرڏيھه ۾ ئي روزگار سان لاڳاپجي ويا، ۽ ڪي اهڙا به آهن، جن سنڌ ۽ پرڏيھه جي وچ ۾ علم، تجربو ۽ خدمت جو هڪ نئون رشتو قائم ڪيو.اڄ صورتحال اها آهي ته برطانيا جھڙي ملڪ ۾ به سنڌين جي موجودگي نمايان نموني محسوس ٿئي ٿي. اندازي موجب رڳو برطانيا ۾ هزارين سنڌي آباد آهن، جن جو انگ مختلف حوالن ۾ لڳ ڀڳ 25000 کان 30000 تائين ٻڌايو وڃي ٿو. اهي سنڌي لنڊن، ريڊنگ، برمنگهم، مانچسٽر، ليڊز، ناٽنگهم، گلاسگو ۽ ٻين ننڍن وڏن شھرن ۾ رهن ٿا. ڪي ڪاروبار سان لاڳاپيل آهن، ڪي سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ ڪم ڪن ٿا، ڪي تعليم، صحت، ٽيڪنالاجي، ٽرانسپورٽ، ريسٽورنٽ، ريٽيل ۽ ٻين شعبن ۾ پنھنجو روزگار ڪمائي رهيا آهن. لنڊن ۾ ته سنڌي ڪميونٽيءَ جي موجودگي وڌيڪ چٽي نظر اچي ٿي، جتي وقت بوقت سنڌي ثقافتي گڏجاڻيون، ادبي محفلون ۽ سماجي ملاقاتون ٿينديون رهن ٿيون.
اهڙن پراڻن ۽ سرگرم خاندانن مان هڪ حوالو پياري گل ميتلو صاحب ۽ سندس خاندان جو به ملي ٿو، جيڪي لنڊن ۾ سنڌين کي ڪنھن نه ڪنھن بھاني گڏ ڪرڻ، هڪ ٻئي سان ملائڻ ۽ ڪميونٽيءَ جو رشتو زنده رکڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. سندن باري ۾ هڪ الڳ مضمون لکڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته پرڏيھه ۾ رهندڙ اهڙيون شخصيتون رڳو پنھنجو ڪاروبار يا زندگي نٿيون هلائن، پر پنھنجي ٻولي، ثقافت، سڃاڻپ ۽ ماڻهن سان لاڳاپو به سنڀالي رکن ٿيون. پر هن وقت منھنجو خاص ڌيان ان ڳالهه تي آهي ته سنڌ جا نوجوان برطانيا ۾ پڙهائيءَ لاءِ ڪيئن اچي سگهن ٿا، ڪھڙن شعبن ۾ اڳتي وڌي سگهن ٿا، ۽ پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هتي روزگار جا ڪهڙا موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا.
برطانيا ۾ رهندي مون جيڪو سڀ کان اهم احساس ٿيو آهي، اهو هي آهي ته برطانيا ڏانھن سفر فقط جھاز جي ٽڪيٽ، پاسپورٽ ۽ ويزا جو نالو ناهي؛ اهو هڪ ذهني، تعليمي ۽ شخصي سفر به آهي. سنڌ جي ڪنھن ننڍڙي شھر، ڳوٺ، ٻھراڙي يا وچولي طبقي جي گهر مان نڪرندڙ نوجوان جڏهن انگلينڊ جي ڪنھن يونيورسٽيءَ جي دروازي تائين پھچي ٿو، ته هو رڳو پنھنجو ذاتي خواب پورو نٿو ڪري، پر پٺيان ايندڙ ڪيترن نوجوانن لاءِ به هڪ نئون رستو روشن ڪري ٿو. سندس ڪاميابي ٻين کي اهو يقين ڏياري ٿي ته عالمي يونيورسٽيون صرف اميرن، وڏن شھرن يا مخصوص خاندانن لاءِ ناهن؛ اهي انهن سڀني لاءِ آهن، جيڪي محنت، تياري، معلومات ۽ مستقل مزاجي سان اڳتي وڌڻ چاهين ٿا.
برطانيا جي ٿڌي هوا، منظم شھر، وقت جي پابندي، وڏيون لائبرريون، ريسرچ جو ماحول، مختلف قوميتن جا شاگرد، ۽ ڪلاس روم ۾ آزاد نموني سوال ڪرڻ جي روايت، هڪ نوجوان کي اندر کان بدلائي ڇڏين ٿا. هتي شاگرد صرف ڪتاب نٿو پڙهي، پر سوچڻ، سوال ڪرڻ، دليل ڏيڻ، پنھنجي ڳالهه پيش ڪرڻ ۽ دنيا کي نئين نظر سان ڏسڻ سکي ٿو. يونيورسٽيءَ جي ڪلاس ۾ جڏهن ڪنھن سنڌي نوجوان کي پنھنجي ڳوٺ، پنھنجي سماج، پنھنجي پاڻي، پنھنجي صحت، پنھنجي زراعت يا پنھنجي ماڻهن بابت ڳالهائڻ جو موقعو ملي ٿو، تڏهن کيس احساس ٿئي ٿو ته سندس مقامي تجربو به عالمي علم جو حصو بڻجي سگهي ٿو.
اهو سفر نوجوان کي ٻڌائي ٿو ته دنيا فقط انهن حدن تائين محدود ناهي، جيڪي هن پنھنجي ڳوٺ، شھر يا ملڪ ۾ ڏٺيون آهن. دنيا انهن لاءِ کليل آهي، جيڪي پاڻ کي تيار ڪن ٿا. پر اها تياري صرف خواب ڏسڻ سان نه ٿيندي آهي؛ ان لاءِ پڙهائيءَ ۾ سنجيدگي، انگريزي ٻوليءَ تي ڌيان، انٽرنيٽ وسيلي صحيح معلومات ڳولڻ، يونيورسٽين جون ويب سائيٽون پڙهڻ، اسڪالرشپن جون آخري تاريخون نوٽ ڪرڻ، دستاويز وقت تي تيار ڪرڻ، ۽ هر مرحلي ۾ پاڻ تي ڀروسو رکڻ ضروري آهي.
سنڌ جي نوجوانن لاءِ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هو پرڏيھه کي صرف روزگار يا رهائش جو هنڌ نه سمجهن، پر علم، تحقيق، مھارت ۽ عالمي تجربي جو مرڪز سمجهن. برطانيا جھڙا ملڪ انهن نوجوانن لاءِ وڏو موقعو آهن، جيڪي صرف پنھنجي ذاتي ترقي نٿا چاهين، پر پنھنجي خاندان، پنهنجي سماج ۽ پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ به ڪجهه ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا. سنڌ مان نڪرندڙ هر محنتي نوجوان جڏهن عالمي يونيورسٽيءَ تائين پھچي ٿو، تڏهن هو سنڌ جي نئين نسل کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته منزل پري ضرور آهي، پر ناممڪن ناهي.

اڄ سنڌي نوجوانن لاءِ اعليٰ تعليم جا موقعا اڳ کان گهڻا آهن. هاڻي داخلا، اسڪالرشپ، رهائش، ويزا، فيس، يونيورسٽيءَ سان رابطو، سڀ ڪجهه آن لائين ٿي سگهي ٿو. اصل ضرورت ڪنھن وڏي ڪنسلٽنٽ، سفارش يا غيرضروري خرچ جي نه، پر انگريزي پڙهڻ جي همت، معلومات ڳولڻ جي صلاحيت، وقت تي درخواست ڏيڻ، دستاويز سنڀالڻ ۽ مستقل مزاجيءَ جي آهي.
منھنجي ڌيءُ انوشا جو مثال به اهڙو ئي آهي. هن ناٽنگهم يونيورسٽيءَ ۾ پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرس لاءِ اسڪالرشپ حاصل ڪئي. اهم ڳالهه اها نه آهي ته هوءَ برطانيا پھتي؛ اهم ڳالهه اها آهي ته يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ کان وٺي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ، رهائش جو بندوبست ڪرڻ، ويزا ۽ سنڌ کان ناٽنگهم تائين سفر جا مرحلا هن پاڻ آن لائين مڪمل ڪيا، بغير ڪنھن ڪنسلٽنٽ جي. اهو تجربو سنڌ جي ٻين نوجوانن لاءِ هڪ واضح پيغام آهي ته جيڪڏهن ارادو مضبوط هجي، محنت مسلسل هجي ۽ معلومات صحيح ذريعن مان ورتي وڃي ته وڏا رستا پاڻ ٺھي وڃن ٿا.
برطانيا ۾ هن وقت ڪجهه شعبا خاص اهميت رکن ٿا. صحت، پبلڪ هيلٿ، ايپيڊيميالاجي، هيلٿ ريسرچ، نرسنگ، سوشل ڪيئر، ڊيٽا سائنس، آرٽيفيشل انٽيليجنس، سائبر سيڪيورٽي، سافٽ ويئر انجنيئرنگ، بايو ٽيڪنالاجي، لائيف سائنسز، ماحولياتي سائنس، ڪلائيميٽ چينج، ڪلين انرجي، انجنيئرنگ، ڪنسٽرڪشن، بزنس اينالسٽڪس، فنانس، اڪائونٽنگ ۽ پروفيشنل سروسز جھڙن شعبن ۾ نوجوانن کي سنجيدگيءَ سان دلچسپي وٺڻ گهرجي. برطانيا جي 2025 واري صنعتي حڪمت عملي ۾ به ڊجيٽل ٽيڪنالاجي، لائيف سائنسز، ڪلين انرجي، ايڊوانسڊ مينوفيڪچرنگ، فنانشل سروسز ۽ پروفيشنل سروسز کي مستقبل جي اهم شعبن طور رکيو ويو آهي. صحت ۽ سوشل ڪيئر بابت به سرڪاري رپورٽن ۾ وڌندڙ گهرج ۽ مھارتن جي کوٽ جو ذڪر ملي ٿو، خاص طور تي عمر رسيده آبادي ۽ ڊجيٽل هيلٿ سبب.
سنڌي نوجوانن لاءِ پبلڪ هيلٿ خاص طور اهم ميدان آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ پاڻ پاڻي، صفائي، غذائيت، ٻوڏ، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، وبائن، ماحولياتي تبديلي ۽ صحت جي اڻبرابري جھڙن مسئلن سان منھن ڏئي رهي آهي. جيڪو نوجوان برطانيا مان پبلڪ هيلٿ، هيلٿ ڊيٽا، ايپيڊيميالاجي يا گلوبل هيلٿ پڙهي ٿو، اهو رڳو پنھنجي ڪيريئر لاءِ نه، پر پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ به ڪمائتو علم کڻي واپس اچي سگهي ٿو. انوشا جو پبلڪ هيلٿ ڏانھن وڃڻ به ان ڪري فقط هڪ ذاتي ڪاميابي نه آهي؛ اهو سنڌ جي نوجوانن کي ٻڌائي ٿو ته اسان جا مقامي مسئلا عالمي علم سان ڳنڍجي سگهن ٿا.
پر رڳو ڊگري ڪافي ناهي. برطانيا ۾ مقابلو سخت آهي. اتي نوجوان کي وقت جي پابندي، تحقيق، لکڻ، پريزنٽيشن، ڊيٽا اينالسس، ڪميونيڪيشن، ٽيم ورڪ ۽ عملي مھارتن تي ڪم ڪرڻو پوي ٿو. جيڪو شاگرد پڙهائي دوران ئي رضاڪاراڻي ڪم، انٽرنشپ، ريسرچ اسسٽنٽ شپ، يونيورسٽي ڪيريئر سروسز، لنڪڊ اِن، سي وي، ڪور ليٽر ۽ نيٽ ورڪنگ تي ڌيان ڏئي ٿو، ان لاءِ روزگار جا رستا به کلي پون ٿا. ڪئين سنڌي نوجوان اتي برطانيا جي مختلف علائقن ۾ وڃي محنت ڪري سيٽل ٿيا آهن جن سان جڏهن ملاقات ٿئي ٿي ته سچ ته دل خوش ٿي وڃي ٿي. ويجهڙ ۾ لنڊن ۾ ٿيل سانا جي ڪانفرنس ۾ ڪئين سنڌي نوجوان مليا ۽ پنھنجي محنت ۽ ڪاميابين جا داستان کولي ڇڏيا جن جي باري ۾ فردن فردن لکڻ جي نيت آهي. جيڪي گهڻو ڪري هيٺئين ڪلاس مان آيل آهن جيڪا ڳالهه سنڌ جي سماجي تبديليءَ ۽ ڪاميابيءَ لاءِ پائدار ۽ ڊگهي مدي واري ثابت ٿيندي. برطانيا ۾ موجود سنڌي پنھنجي سنڌ مان ايندڙ ماڻهن خاص طور تي نوجوانن جي رهنمائي ڪرڻ ۾ بلڪل نٿا ڪيٻائن، پر حقيقت ۾ ايندڙ پنھنجو رستو مشڪل هوندي به جوڙي وٺن ٿا ۽ کين ٻين جي ضرورت گهٽ پوي ٿي صرف گهر کان نڪرڻ ۽ برطانيا پھچڻ جي جستجو ۽ اڻتڻ هئڻ ضروري آهي.
برطانيا ۾ پڙهائي کان پوءِ ڪم ڪرڻ جا موقعا موجود آهن، پر انهن کي حقيقت پسند نظر سان ڏسڻ گهرجي. برطانيا جي Graduate visa تحت اهل شاگرد پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڪم ڳولي يا ڪم ڪري سگهن ٿا؛ موجوده سرڪاري ڄاڻ موجب 31 ڊسمبر 2026 تائين درخواست ڏيندڙن لاءِ عام طور 2 سال، ۽ 1 جنوري 2027 کان پوءِ درخواست ڏيندڙن لاءِ 18 مھينا آهن، جڏهن ته پي ايڇ ڊي وارن لاءِ 3 سال آهن. ڊگهي عرصي لاءِ رهڻ چاهيندڙن کي اڪثر Skilled Worker visa جهڙن رستن ڏانھن وڃڻو پوندو، جنھن لاءِ نوڪري، اسپانسر، پگهار ۽ مخصوص قانوني شرطون اهم ٿين ٿيون. برطانيا جي Immigration Salary List ۾ ڪجهه شعبن ۽ نوڪرين لاءِ الڳ پگهار جا معيار به ڏنل آهن، تنھنڪري هر نوجوان کي پنھنجي فيلڊ بابت تازه سرڪاري معلومات پاڻ پڙهڻ گهرجي.
هن سڄي سفر ۾ والدين جو ڪردار انتھائي اهم آهي. اسان جا ڪيترائي والدين اولاد لاءِ محبت ته گهڻي رکن ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن معلومات، اعتماد ۽ تعليمي ماحول ڏيڻ ۾ پوئتي رهجي وڃن ٿا. نوجوانن کي وڏا خواب ڏيارڻ لاءِ گهر ۾ ڪتاب، سوال ڪرڻ جي آزادي، انگريزي ۽ ڪمپيوٽر سکڻ جو ماحول، ڌيئرن تي اعتماد، ۽ ناڪاميءَ کان نه ڊڄڻ جي تربيت ضروري آهي. خاص طور تي پيئرن کي گهرجي ته پنھنجي ڌيئرن ۽ پٽن کي برابر موقعا ڏين. ڌيءُ کي “پرائي امانت” سمجهڻ بدران علم، صلاحيت ۽ قيادت جو مرڪز سمجهڻ گهرجي.
سنڌ کان ناٽنگهم تائين جو سفر هڪ سبق ڏئي ٿو: دنيا جي يونيورسٽين جا دروازا بند ناهن؛ اسان جي تياري اڪثر اڌوري هوندي آهي. نوجوانن کي گهرجي ته هو اڄ کان ئي پنھنجي فيلڊ چونڊين، سٺا نمبر کڻن، IELTS يا انگريزي مھارت بھتر ڪن، ريسرچ ۽ لکڻ جي عادت وجهن، يونيورسٽين جون ويب سائيٽون پاڻ پڙهن، اسڪالرشپن جون آخري تاريخون نوٽ ڪن، ۽ ڪنهن به ايجنٽ تي انڌو ڀروسو نه ڪن. مدد وٺڻ غلط ناهي، پر پنھنجي مستقبل جو مالڪ پاڻ ٿيڻ ضروري آهي.
انوشا جو سفر اهو ٻڌائي ٿو ته سنڌي نوجوان عالمي معيار جي يونيورسٽيءَ تائين پھچي سگهي ٿو، اسڪالرشپ وٺي سگهي ٿو، اڪيلو آن لائين عمل سمجهي سگهي ٿو، ۽ برطانيا جھڙي ملڪ ۾ پاڻ لاءِ علم ۽ روزگار جا رستا ڳولي سگهي ٿو. پر ان لاءِ خواب سان گڏ نظم، محنت سان گڏ ڄاڻ، ۽ جذبي سان گڏ صبر گهرجي.
سنڌ جي نوجوانن کي هاڻي صرف نوڪري ڳولڻ واري سوچ مان نڪرڻو پوندو؛ کين اهڙن شعبن ڏانهن وڃڻو پوندو جتي ايندڙ ڏهن سالن جي دنيا کي ماهرن جي ضرورت هوندي. صحت، ڊيٽا، ٽيڪنالاجي، ماحول، توانائي، تحقيق ۽ سماجي ترقي ـ اهي ئي اهي ميدان آهن جتي سنڌي نوجوان پاڻ کي تيار ڪري نه رڳو پنھنجي زندگي بدلائي سگهي ٿو، پر پنھنجي سماج لاءِ به روشني آڻي سگهي ٿو.

فلسطيني مزاحمت جو نئون هيرو
جيئن ڪنھن ڪوجهي سماج ۾ خوش شڪل انسان سدائين ڏچي ۾ هوندو آهي، تيئن ئي ڇسي سماج ۾ گهڻو ڪري ڏاها انسان ڀوڳيندي حياتي گذارين ٿا. تاريخ ۾ اهڙا انيڪ قصا ملن ٿا، سقراط جو زهر پيالو پيئڻ به انهن مان هڪ آهي. هيڏي وڏي زيرڪ انسان کي به ان وقت جي ڪوجهي سماج زهر پي پنھنجي شعوري سوچ کي هميشه لاءِ سمهارڻ تي مجبور ڪيو. البته هر دور ۾ جهيڙو به ان شعور ۽ ڏاهپ ئي اٽڪايو آهي! ثابت قدم سوچ رکندڙ انسان ڀلي پوءِ سياست، ادب يا زندگيءَ جي ٻئي ڪنھن به شعبي سان سلهاڙيل هجي، پر پنھنجي نظرياتي ادراڪ ۽ دانائي ڪري گهٽ يا وڌ ڀوڳي ضرور ٿو. جدلياتي ماديت (Diilectic MateriaLism) جي روشنيءَ ۾ شعور جو اٽڪاءُ يا جهيڙو مادي وجود (Matter/Existance) سان ٿئي ٿو. مارڪسي فلسفي پٽاندر، اسان جو شعور اسان جي وجود جو تعين نٿو ڪري، پر اسان جو سماجي وجود اسان جي شعور جو تعين ڪري ٿو. هيگل ۽ وجودي مفڪرن موجب، شعور جو جهيڙو پنھنجي ئي اندر سان ٿئي ٿو. خاص طور جڏهن انسان جو شعور پنھنجي موجوده حالت مان نڪري، ڪنھن مٿانھين مقصد يا سڃاڻپ جي ڳولا ڪري ٿو. اڪثر مفڪرن جو خيال آهي ته انسان جسماني طور آزاد ته پيدا ٿئي ٿو، پر شعوري آزادي پيدا ٿيندي ئي نٿي ملي، اها حاصل ڪرڻي پوي ٿي. ان جو مطلب ته شعور هڪ ارتقائي عمل آهي ۽ پوءِ جڏهن انسان هن ارتقائي عمل جا ڏاڪا چڙهندي ’مان‘ (مطلب پنھنجي وجود) کان شروع ٿي ’اسين‘ (مطلب سماج) تائين پھچي ٿو ته کيس اڳيان وڌندي، پراڻن قدرن، مدي خارج روايتن ۽ جبري نظام سان اٽڪڻو پوي ٿو ۽ پوءِ کيس ان آزاد خياليءَ جي قيمت به ادا ڪرڻي پوي ٿي. پر اها هڪ مسلسل جنگ آهي، جنھن کي شعوري جهيڙو چيو وڃي ٿو.

ايامن کان هلندڙ هن مسلسل جنگ ۾ ڪيترا ئي پيڙا جا پانڌي اڳيان هلي مزاحمت جا استعارا بڻيا آهن. پيڙا جي اهڙن پانڌين ۾ محبت، مزاحمت ۽ متوازي وقت جو مسافر فلسطين ڄائو وليد دقه به هڪ آهي، جنھن 38 سال اسرائيل ۾ مسلسل قيد ڀوڳي آخر 7 اپريل 2024ع تي زندگيءَ جي جنگ هارائي، پر تڏهن به هن جي شعور ويڙهه ختم نه ٿي. کيس ڏنل اصل سزا 24 مارچ 2023ع تي پوري ٿيڻي هئي، پر 28 مئي 2018ع تي، بير السبع جي مرڪزي عدالت هڪ ٻيو ناانصافيءَ وارو فيصلو ٻڌائي، سندس سزا ۾ ٻه سال قيد جو اضافو ڪيو. مٿس قيدين کي پنھنجن خاندانن سان رابطي ڪرڻ لاءِ غير قانوني طور موبائل فون پھچائڻ جو الزام مڙهيو ويو. نتيجي ۾، سندس آزاديءَ جي نئين تاريخ وڌائي 24 مارچ 2025ع ڪئي وئي. جيتوڻيڪ سندس صحت تيزيءَ سان بگڙي رهي هئي، پر اسرائيل کيس آزاد ڪرڻ ۽ مناسب طبي سھولتون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اختيارين دعوا ڪئي ته سندس حالت ايتري سنگين ناهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل موجب، سندس وڪيل وفات کان ڪجهه هفتا اڳ مٿس تشدد ۽ صحت جي سخت خرابيءَ جون علامتون ٻڌايون هيون. هن 7 اپريل 2024ع تي وفات ڪئي. سندس آخري گهڙيون به جيل جي سخت پھري ۾ گذريون. هو ڪڏهن به پنھنجي ڌيءُ ميلاد کي جيل جي ڀتين کان ٻاهر ڀاڪر نه پائي سگهيو، ۽ نه ئي پنھنجي گهر واري ثناء سان آزاديءَ جو ڪو ڏينھن گذاري سگهيو. موت کان پوءِ به سندس قيد جاري رهيو. اسرائيلي اختيارين سندس وارثن کي مڙهه ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اعلان ڪيو ته اهي سندس مڙهه کي 24 مارچ 2025 تائين (سزا جي مدي تائين) پنھنجي قبضي ۾ رکندا. شايد اهو عمل سندس وارثن کي اڃا وڌيڪ تڪليف ڏيڻ لاءِ هو.
وليد دقه 18 جولاءِ 1961 تي باقه الغربيه (جيڪو هاڻوڪي اسرائيل جي حدن ۾ هڪ فلسطيني شھر آهي) ۾ پيدا ٿيو. هن جو لاڳاپو انهن فلسطينين سان هو، جن وٽ اسرائيلي شھريت هئي، پر هو دل سان پنھنجي ڌرتيءَ جي آزاديءَ لاءِ وڙهيا ٿي. کيس 1986ع ۾ هڪ اسرائيلي فوجيءَ جي اغوا ۽ قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، پر ان الزام جو هو آخر تائين انڪاري رهيو. ان کان اڳ جو سندس مڙهه جي ملاقات وارثن کان پوءِ هميشه لاءِ فلسطين جي مٽيءَ سان ٿئي، سندس شعور سڄيءَ دنيا سان شناسائي ڪرائي چڪو هو. وليد دقه صرف هڪ سياسي قيدي نه پرتخليقي ليکاري هجڻ سان گڏ هڪ ڏاهو انسان هو. جيل اندر پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان سواءِ ڪيترا ئي شاندار علمي ڪم ڪيا هيائين. خاص طور هن جون ٻه تحريرون شعور جو ڳرڻ (The Melting Consciousness) ۽ متوازي وقت (The Parallel Time) ڪمال جون فلسفيانه تصنيفون آهن، جيڪي هاڻي جيل جي لکڻين (ادب) ۾ هڪ علمي حوالو بڻجي چڪيون آهن. هن ٻارن لاءِ ٽي شاهڪار ناول به لکيا، جن ۾ ”تيل جي راز جو قصو“، ”تلوار جي راز جو قصو“ ۽ ”روح جي راز جي ڪهاڻي“ شامل آهن . سياسي ۽ دستاويزي تصنيفن ۾ جنين ڪيمپ ۾ مزاحمت جا داستان ۽ شهيدن جي رم الله واپسي مزاحمتي ادب جو مثالي حصو ليکجن ٿيون.
جيل جي اونداهين ڪوٺڙين ۾ ٻوسٽ، وحشت ۽ ڀتين مان ايندڙ گِهميل تيز بوءِ باوجود، وليد جي دل ۾ پيار جا نرم جهوٽا ان وقت گهليا، جڏهن هن جي ملاقات فلسطين جي هڪ نوجوان عورت ثناء سلامه سان ٿي، جيڪا انٽرويو وٺڻ لاءِ ساڻس جيل ۾ ملڻ آئي هئي. جڏهن هنن ٻنهي پنھنجو اڳتي جو سفر گڏ گذارڻ جو فيصلو ڪيو ته پوءِ سندن هن حسين جذبي جي هاڪ سڄي ملڪ ۾ ڦھلجي وئي. محبت جو هي فيصلو به ڪمال هو، جتي ٻنهي کي جسماني ميلاپ ته ٺھيو پر دل ڀري هڪ ٻئي کي ڏسڻ يا حال اورڻ جو موقعو به ميسر نه هو. وليد جيل انتظاميه کان جيل اندر ثناء سان شادي ڪرڻ جي اجازت حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين جنگ وڙهي. نيٺ 1999ع جي اونهاري ۾ عسقلان جيل جي هڪ ننڍڙي ڪمري مان خوشيءَ جا نغارا گونجي اٿيا، جيڪي هڪ تاريخي شاديءَ جي جشن جو پيغام کڻي آيا هئا. هيءُ غير معمولي جشن ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جنھن ۾ گهوٽ، ڪنوار، وليد جا ڪجهه قيدي ساٿي، سندن خاندانن جا ڪجهه ڀاتي ۽ دوست گڏ ٿيا. ٿورڙي وقت لاءِ ئي سھي، پر هن خوشين جي موجودگيءَ بي انتھا نراسائيءَ واري ماحول ۾ گهيريل هن بي رحم هنڌ کي به خوشبوئن، خوشين ۽ اميدن جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. هن جوڙي جي جنگ شاديءَ تي ئي ختم نه ٿي، هنن پنھنجي اولاد جي حاصلات لاءِ 12 سال جدوجھد ڪئي ته جيئن عدالت مان اولاد پيدا ڪرڻ جو اهو حق به حاصل ڪري سگهن، جيڪو دنيا جي هر عام انسان کي حاصل آهي. پر استحصالي نظام ۽ متڀيد واري عدليه سيڪيورٽي سبب ڄاڻائي سندن اها درخواست رد ڪري ڇڏي. جڏهن عدالت کيس پنھنجي زال ثناء سان اڪيلائيءَ ۾ ملڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تڏهن ڪامريڊ وليد پنھنجي ان ٻار ڏانھن خط لکيو، جيڪو اڃا پيدا به نه ٿيو هو. هونئن ته خط ڊگهو آهي، پر خط مان کنيل، مصنوعي ذهانت سان ترجمو ٿيل ڪجهه سٽون ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو ته جيئن توهان کي هن اعصابي طور مستحڪم انسان جي گھِري پروڙ ۽ لکڻيءَ جو اندزو ٿي سگهي:
“مان ان ٻار ڏانھن لکان ٿو، جيڪو اڃا پيدا ناهي ٿيو… مان هڪ اهڙي خيال يا خواب ڏانھن لکان ٿو، جيڪو حقيقت بڻجڻ کان اڳ ئي اڻڄاڻائيءَ ۾ جيلر کي خوفزده ڪري ٿو. اڄ جيل ۾ منھنجي پنجويھين سال جي پڇاڙي آهي – نوَ هزار، هڪ سئو ايڪٽيھه ڏينھن ۽ چوٿائي (9131)… هي اهو انگ آهي، جيڪو ڪنھن خاص نُڪتي تي ختم نٿو ٿئي. هيءَ منھنجي قيد جي اها عمر آهي، جيڪا اڃا ختم ناهي ٿي. ڏينھن هڪٻئي کي ڳڙڪائي ويا آهن. جيل ۾ گذاريل هر ڏينھن منھنجي زندگيءَ جا ورق ائين پيو اٿلائي، جيئن ڪو ٿيلهو پنھنجي اندر بچيل يادگيريءَ کي خالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. تون مستقبل لاءِ منھنجو پيغام آهين… جيل جي مھينن زندگيءَ جي مھينن جي رَس چُوسي ورتي آهي ۽ جيل جا سال زندگيءَ جي سالن جي برابر ٿي ويا آهن. پيارا، ڇا تون سمجهين ٿو ته مان چريو ٿي ويو آهيان، جو هڪ اهڙي جِيوَ ڏانھن خط لکي رهيو آهيان، جيڪو اڃا پيدا به ناهي ٿيو؟ اسان مان چريو ڪير آهي؟ هڪ ايٽمي رياست جيڪا اڃا تائين هڪ پيدا نه ٿيل ٻار سان وڙهي رهي آهي يا هو جيڪو هڪ معصوم ٻار جو خواب ڏسي ٿو؟“

ٻارنھن سال مسلسل جدوجھد ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ به هن جوڙي، پنھنجي اولاد جي خواهش تان هٿ نه کنيو. اولاد جي پيدائش لاءِ متبادل رستو اختيار ڪندي، وليد پنھنجا توليدي جزا اسمگل ڪري جيل کان ٻاهر پھچايا، جيڪي سندس ونيءَ جي رحم ۾ رکيا ويا. نيٺ، 3 فيبروري 2020ع تي، هن جي گهر واري ثناء هڪ نياڻيءَ کي جنم ڏنو. هنن جيل جي اونداهيءَ ۾ هڪ نئين حياتي سرجي. هيءَ تاريخ وليد جي مزاحمتي اڏول وجود ۽ ثناء جي حوصلي لاءِ هڪ نئين جنم جو ڏينھن هو. وليد سندس نالو اڳ ئي ميلاد رکي چڪو هو، جنھن جي عربيءَ ۾ معنا آهي جنم يا ولادت. شايد هن پنھنجي ڌيءُ جو نالو ميلاد ان ڪري رکيو هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ جيل جي هن اولي دور ۾ به هڪ اميد جي جنم جي علامت هئي. هن عظيم انساني لمحي تي سڄي فلسطين ۾ ميلاد جي پيدائش جو جشن ملهايو ويو. خاندانن، عورتن، نوجوانن، بزرگن ۽ گڏوگڏ جيلن ۾ قيدين به ان خوشيءَ کي ملهايو. ڪنھن قيديءَ جو خواب هڪ ابھم ٻار جي صورت ساڀيان ماڻي چڪو هو. اڻکٽ ذلتن ۽ عقوبتن باوجود حوصلا هالار رکندڙ هن محب وطن جوڙي اولاد جي آس ته پوري ڪئي، پر وليد ڪڏهن به پنھنجي نِياڻيءَ کي جيل جي سلاخن کان آجو ٿي سڪ ۽ پاٻوه مان هڪ ڳراٺڙي به نه پائي سگهيو. ڪڏهن ڪڏهن وقت، حالتون ۽ ڪائنات جو گردان به بي رحم انسانن سان ٻٽ ٿيو وڃن.
وليد جي تفڪر خاص طور مٿي ڄاڻايل ٻن تحريرن جو ذڪر نه ڪجي ته ڳالهه اڌوري رهجي ويندي. وليد وٽ متوازي وقت (Parallel Time) جو تصور به نرالو هو. هن جو چوڻ آهي ته قيدي هڪ اهڙي وقت ۾ رهن ٿا، جيڪو ٻاهرين دنيا جي مقابلي ۾ بي حس و حرڪت هجي ٿو. جيل ۾ رهندڙ قيدي، ٻاهرين دنيا جي وقت کي تڏهن محسوس ڪندا آهن، جڏهن جيل جي ملاقات واري شيشي جي ٻنهي پاسن کان ٻه مختلف زمانا پاڻ ۾ ٽڪرائجن ٿا. توهان لاءِ جيڪو وقت ”زندگي“ آهي، اسان لاءِ اهو رڳو ”انتظار“ آهي. مون لاءِ منھنجي گرفتاريءَ کان وٺي اڄ تائين ڪجهه به ناهي بدليو، سواءِ ان جي ته منھنجن وارن جو رنگ چاندي ٿي ويو آهي. منھنجا ڀائر ۽ ڀينرون، جيڪي منھنجي گرفتاريءَ وقت معصوم ٻار هئا، اڄ اهي پاڻ والدين بڻجي چڪا آهن. پر منھنجي شعور ۾ اهي اڃا تائين ٻار ئي آهن، جن کي مان پنھنجي هنج ۾ کيڏائيندو هوس. جڏهن هو مون سان ملڻ اچن ٿا ته منھنجو ”بيٺل وقت“ سندن ”وهندڙ وقت“ سان ٽڪرائجي ٿو ۽ هڪ عجيب پيڙا جنم وٺي ٿي. اها پيڙا آهي ان حقيقت کي قبول ڪرڻ جي، ته زندگي مون کان سواءِ اڳتي وڌي چڪي آهي. جيل ۾ شين جي اهميت به بدلجي وڃي ٿي. هڪ قميص، ڪو پراڻو فوٽو يا جيل جي ڇت مان ٽمندڙ پاڻيءَ جا نشان رڳو شيون نه ٿيون رهن بلڪه اسان جي وجود جو حصو بڻجيو وڃن. اسان شين سان ڳالهايون ٿا، ڇاڪاڻ ته شين وٽ به پنھنجو ڪو متوازي وقت هوندو آهي، جيڪو اسان سان گڏ قيد هجي ٿو. اهڙيءَ ريت شعور جو ڳرڻ (The Melting Consciousness ) سندس سڀ کان مشھور ڪتاب آهي، جنھن ۾ هن جيل جي نفسيات ۽ قيدين تي ٿيندڙ ذهني اثرن تي گھِرو بحث ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ هو ٻڌائي ٿو ته ڪيئن جيل جو نظام رڳو جسم کي قيد نٿو ڪري، پر انسان جي سوچ ۽ شعور کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن مطابق جيل جو مقصد صرف جسماني قيد ناهي، پر ان جو اصل وار انسان جي شعور تي هوندو آهي. جيل جو نظام چاهي ٿو ته قيديءَ جو شعور پگهرجي وڃي ۽ هو پنھنجي سڃاڻپ، پنھنجي مقصد ۽ پنھنجي قومي جدوجھد کي وساري ويھي. پر اسان جو دفاع اسان جي سوچ آهي. جيستائين مان سوچي سگهان ٿو، جيستائين مان محبت ڪري سگهان ٿو، تيستائين مان انهن جي قيد کان آزاد آهيان. متوازي وقت ۾ رهندي، مون اها ڳالهه سکي آهي ته آزادي صرف جيل کان ٻاهر نڪرڻ جو نالو ناهي. آزاديءَ جو اصل مطلب آهي پنھنجي شعور کي زنده رکڻ ۽ ان نظام کي شڪست ڏيڻ، جيڪو توهان کي محض هڪ بي جان نمبر بڻائڻ چاهي ٿو. مان قيد آهيان، پر منھنجو فڪر هن متوازي وقت جي ديوارن کي ٽوڙي توهان تائين پھچي رهيو آهي.“ وليد جو هيءُ جملو به ڪمال جو آهي ته؛”منھنجي جيلر خلاف، محبت ئي منھنجي معمولي ۽ واحد فتح آهي“.
برصغير جي مشھور شاعر سدرشن فاڪر جي غزل جون هي سٽون جيڪي چترا سنگهه به ڳايون آهن، اهڙن ئي ڪردارن لاءِ آهن.
تم گلستاں سے آئے، ذکرِ خزاں ہی لائے،
ہم نے قفس میں دیکھی، فصلِ بہار برسوں۔

پيٽرس لُمُمبا جو قتل ۽ شيخ اياز
17 جنوري 1961 تي آفريڪي ملڪ ڪانگو ۾ ملڪ جي معزول ڪيل وزيراعظم ۽ آفريڪا جي عظيم رھنما پيٽرس لُممبا کي  فائرنگ اسڪواڊ ذريعي قتل ڪيو ويو. سندس  ويجها ساٿي مورس مپولو ۽ جوزف اوڪيٽو پڻ ساڻس گڏجي ماريا ويا. سندس انهيءَ قتل ۾ ان وقت جي فوجي حڪمرانن سان گڏ، آمريڪي سي آءِ اي ۽ بيلجيم جي حڪومت جو پڻ ھٿ ھو. انهيءَ ظالماڻي قتل جي ڇھن ڏهاڪن کان پوءِ، مارچ 2026ع ۾ برسلز جي هڪ عدالت پاران 93 سالن جي اڳوڻي بيلجيئم سفارتڪار ايٽين ڊيوگنان تي پيٽرس لُممبا جي قتل ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڏنو آھي. ڊيوگنان، انهيءَ ظالماڻي قتل ۾ ملوث ڏوھارين مان اڪيلو ماڻهو ھو جيڪو اڃا تائين حيات ھو.  جيتوڻيڪ ڪيس جو نتيجو اڃا غير يقيني آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ  ايٽين ڊيوگنان جو ڪيس ھڪ تاريخي ڏوھہ ۽ اڳوڻي بيٺڪي راڄن مٿان سندن ڪيل ڏوھن جي ذميواريءَ جو سوال اٿاري ٿو.

پيٽرس لُممبا 1925ع ۾ ڪانگو جي ڪاسائي واري علائقي ۾ پيدا ٿيو. ھيرن ۽ سونَ سان گڏ ٻين قيمتي  معدنيات سان شاھوڪار ھن ملڪ تي بيلجيئم جي بادشاھ ليوپولڊ ٻئي جو ذاتي راڄ ھو. لُممبا هڪ اهڙي ملڪ ۾ وڏو ٿيو، جيڪو بيٺڪي ڦرلٽ، جبري پورھيي، نسلي نفرت،  تشدد ۽ ناانصافيءَ جو شڪار هو. غلامي ۽ ظلم جي انهن شروعاتي تجربن سندس سياسي شعور کي اڀاريو، جيڪو  اڳتي هلي آزاديءَ جي لاءِ سندس جدوجھد جو بنياد بڻيا.

1950ع واري ڏهاڪي جي آخر تائين، لُممبا ڪانگو جي آزاديءَ واري تحريڪ جي مقبول اڳواڻ ۽ ھڪ بااثر مقرر طور اڀري چڪو هو. انهيءَ سان گڏ ھُو سڄي آفريقي اتحاد ۽ خودمختياريءَ واري جدوجھد جو پڻ هڪ اهم آواز ھو.

تمام وڏي جدوجھد ۽ ويڙھ کانپوءِ 30 جون 1960ع تي ڪانگو کي بيلجيئم کان آزادي ملي. انهيءَ سال ڪانگو  ۾ ٿيل چونڊن ۾ کٽڻ کان پوءِ لُممبا وزيراعظم ٿيو. پر ان وقت ڪانگو، آمريڪا ۽ روس ۾ ھلندڙ سرد جنگ جو ميدان بڻيل ھو. لُممبا کي ھڪ ڪمونيسٽ طور ڏٺو ويو ۽ اٿندي ئي سندس خلاف سازشون شروع ٿي ويون.

لُمُمبا جو تختو جوزف ڊيزائري موبوتو جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ فوجي بغاوت ذريعي اونڌو ڪيو ويو. فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران گرفتار ٿيڻ کان پوءِ ، کيس تشدد ڪري  قتل ڪيو ويو. موت کان پوءِ سندس لاش کي تيزاب ۾ ڳاريو ويو تہ جيئن سندس وجود جو ڪو نشان نہ رهي. سندس قتل ۾ ڪانگو جي فوجي جنتا سان گڏ بيلجيم جي حڪومت جا ايجنٽ بہ شامل ھئا. ڏهاڪن تائين، سندس باقيات مان بچي ويل واحد شيءِ سونَ جو هڪ ڏند هو، جيڪو آخرڪار 2022ع ۾ بيلجيئم پاران سندس گهرڀاتين کي واپس ڪيو ويو.

لُممبا ۽ شيخ اياز

لُمُمبا جو قتل ويھين صديءَ جي سڀ کان اهم سياسي قتلن مان منجهان ھو. سندس قتل سڄيءَ دنيا ۾ ھڪ صدمو طاري ڪري ڇڏيو. ڪيترن ئي ملڪن ۾  سندس قتل خلاف مظاھرا ٿيا. شاعرن کيس خراج پيش ڪيو. پاڪستان ۾ تنھن وقت جي کاٻيءَ ڌر جي پارٽين ۽ خاص طور شاگردن لُمُمبا جي بيرحماڻي قتل خلاف ملڪ جي وڏن شھرن ۾ مظاھرا ڪيا. تنھن وقت جي مشھور شاگرد اڳواڻ طارق علي پنھنجي ڪتاب “اسٽريٽ فائيٽنگ يِئرس” ۾ انھن مظاھرن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آھي.

شيخ اياز اھو شاعر ھو، جنھن وٽ دنيا ۾ ٿيندڙ ھر ظلم ڄڻ ھُن تي ٿيندڙ ھو. اياز پڻ پنھنجي ڪتاب ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“  ۾ لُمُمبا جو ديس جي عنوان سان اٺ بيت لکيا، جنھن ۾ ھُن لُمُمبا کي پنھنجو ڀاءُ سڏيو ۽ سندس موت تي پنھنجي پيڙا جو اظھار ڪندي، کيس اھو محسوس ٿيو تہ ڄڻ لُممبا جي پرڻ ٿيل جسم مان رت ھُو نہ فقط محسوس ڪري سگهي ٿو، پر ان جي تڪليف کي بہ ڀوڳي سگهي ٿو.

آنءُ لُممبا آهيان، ءِ ٻيو منھنجو ڀاءُ،

آهي جنھن جي پِيڙ جو مون ۾ اڄ پڙلاءُ،

گُهوري هن جو گهاءُ، مون مان رت چڪي پيو.

ان سان گڏ اياز دنيا جي مظلومن سان پنھنجي يڪجھتيءَ جو اظھار ڪيو. بقول اياز جي، ڇاڪاڻ ته سندس شاعري پنھنجي ملڪ ۾ زندانن کي لوڏي ٿي، ھُو انهيءَ ڪري لُممبا جي ڪانگو ۾ ٿيل قتل تي بہ دانھن ڪري ٿو.

اڄ هي منھنجو گيت، جو ڌوڏي ٿو زندان،

ڪانگو جو ارمان، ان لئہ ناهي اوپرو.

ساڳيءَ ريت اياز پاڻ کي بہ لُممبا وانگر ئي سمجهي ٿو، جنھن کي پنھنجي جان جي پرواھ ناھي. ھُو انھن ڪانئر دشمنن کي بہ للڪاري ٿو.

آنءُ لُممبا آهيان، سوريءَ مٿي سچ!

ڀڄي مون کان بچ، توکي سانگو ساهه جو!

پر اياز لُممبا جي موت تي رڳو سکڻي ڏک جو اظھار نہ ٿو ڪري. اياز وٽ اھو تصور آھي تہ پنھنجي ملڪ ۾ مظلومن سان گڏجي نہ بيھڻ ۽ رڳو ٻاھرين ملڪن ۾ ٿيل ظلم جي مذمت ڪرڻ ھڪڙي ادبي ۽ سياسي  بدديانتي آھي. ڪراچيءَ جي هڪ اردو شاعر سان مخاطب  ٿيل انھن  بيتن ۾ ھُو  انهيءَ منافقت کي نندي ٿو. اياز جي خيال ۾ ٻاھرين ملڪ ۾ ٿيل  ظلم کي نندڻ ۾ انهن شاعرن کي ڪو ذاتي جوکو ناھي، جڏھن تہ پنھنجي ملڪ ۾ ٿيل ظلم کي نندڻ ۾ جيءَ جو جوکو آھي، جيڪو جوکو اُھي شاعر کڻڻ لاءِ تيار ناھن.

ڀاءُ مري ٿو ڀڪ ۾، توکي ناهي ديا،

لُممبا جي ديس تي، پر تو گيت چيا،

ڇو جو ناهي هيا، ان ۾ جوکو جيءَ جو!

اياز اھڙي منافقت واري مزاحمتي شاعريءَ کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ھُو اھڙي شاعري کي ڪوڙي شاعري ٿو چئي، جيڪا پنھنجي ديس جي دردن جي بدران رڳو پرائي ديس جي درد لاءِ آھي.

ڀر م پنھنجي ڀاءُ تي، ڇو نہ ڪيئي ڪھڪاءُ؟

ڪوڙي تنھنجي شاعري، هيا، تو نہ حياءُ!

ڪانگو جو سوداءُ، ڪراچيءَ ۾ ٿو ڪرين!

اياز چواڻي تہ پنھنجي ملڪ ۾ ڀلي ماڻهوءَ جو ماس پيو پٽجي، پر اھي منافق شاعر انهيءَ کي نظرانداز ڪري آفريڪا جو قياس ڪن ٿا. اھي شاعر پنھنجي ديس جي لاءِ پر رڳو ڪنھن ڏورانھين ديس لاءِ اداس آھن.

هتي ڀل تہ ڇني پيو، مِروُن ماڻهوءَ ماس،

آهي تنهنجي اوجهه ۾، آفريڪا جو قياس،

آهين ڇا نہ اداس، ڪنھن ڏورانهين ڏيھ لئه!

ھُو انھن شاعرن کي طعنو ڏيندي چئي ٿو تہ ڇاڪاڻ تہ لُممبا کي فائرنگ اسڪواڊ ۾ گوليون ھڻندڙ شومبي جي گولي کين پھچي نہ ٿي سگھي، تنھن ڪري ھُو اھڙي ظلم جي خلاف ڳالھائن ٿا، جڏھن تہ پنھنجي ملڪ ۾ اھڙي آواز اٿارڻ تي خطرو آھي.

ڪنھن ڏورانهين ڏيھ لئه ٻاجهاري ٻولي،

ڇو جو توکان دور آ، شومبي جي گولي؟

لُنءَ لُنءَ تو لولي، پيڙا ڪنھن پرڏيهه جي!

ٻول ٻڌائن ٻولڙيا، ساهه ڪري سانگو،

ويس ڪرين ڪھڙو به تون، نچين ٿو نانگو،

ڪوڙ ڀڄي ڪانگو، دک وساري ديس جا.

لُممبا تي لکيل اياز جا بيت نہ رڳو اياز جي بين الاقوامي مظلوم دوستيءَ جو اظھار آھن، پر اھي پنھنجي وطن سان بہ اھڙي سچائي سان بيھڻ جو وچن آھن. سندس انھن بيتن ۾  پنھنجي موقف تي ھر حال تي قائم رھڻ ۽ بنان ڪنھن نتيجي جي پرواھہ ڪرڻ جي مظلومن جو ساٿ ڏيڻ پڻ آھي.

جنوني حاڪمن جي جنگي خواهشن جو ٻليدان بڻجندڙ عام ماڻهو
جنوني، چرين حڪمرانن جي هٻچ، انا ۽ مھم جوئيءَ جي نتيجي ۾ گهڻي ڀاڱي تاريخ عام انسانن جي رت ۾ رڱيل ملي ٿي. منگول سلطنت جو چنگيز خان، جرمني جو ايڊولف هٽلر، سوويت يونين جو جوزف اسٽالن، ڪمبوڊيا جو پول پاٽ، چين جو مائوزيڊونگ هجي يا اٽلي جو بنيتو موسوليني هجي، انهن توڙي انهن جھڙن ٻين حڪمرانن سياسي نظرين، مذهبي جنون، قومپرستي يا اقتدار جي بک سبب ڪروڙين ماڻهو مارائي، انسانيت سان مذاق ڪيا. ويجهي تاريخ ۾ آمريڪا بادشاه ٻين عالمي جنگ ۾ پنھنجن چار لک کن سپاه سميت لڳ ڀڳ ٽيهه لک کن ماڻهو مارايا، جن ۾ ڏهه لک جي لڳ ڀڳ جرمني ۽ اٽلي جا ماڻهو هئا. جڏهن ته ٻيو وڏو انگ جپان جي ماڻهن جو هو. جپان پاران هوائي ۾ موجود آمريڪي اڏي پرل هاربر تي ڪيل حملي کان پوءِ آمريڪا سڌيءَ ريت جنگ ۾ شامل ٿيو. ان کان اڳ آمريڪا جنگ ۾ سِڌو شامل نه پئي ٿيڻ چاهيو، ڇو ته کيس پھرين عالمي جنگ جو تلخ تجربو هو. ان ڪري انهن 1935 کان 1939 وچ ۾ چار ڀيرا غير جانبدار رهڻ لاءِ قانونسازي به ڪئي ته جيئن آمريڪا کي ٻاهرين تڪرارن خاص طور يورپ ۽ ايشيا ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۾ ڦاسڻ کان روڪجي. پر جيئن چوندا آهن ته دهل وڄي ۽ دوسو بيھي، سو جنگ هجي ۽ آمريڪا چپ ڪري ويھي، کوڙو ئي نٿو لڳي. پھرين ته روڪ رقم تي هٿيار وڪرو ڪيائين، وري پنھنجن ساٿين برطانيا، چين ۽ پوءِ سوويت يونين کي وڏي مقدار ۾ هٿيار اڌار (لييز) تي ڏيڻ شروع ڪيائين. سندس اهڙو عمل ئي جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو هڪڙو اهم موڙ چئي سگهجي ٿو. ھوڏانھن جاپان جي قديم مذهب شنٽو جي عقيدي موجب شهنشاه  نه رڳو انسان بلڪه هڪ زنده ديوتا سمجهيو ويندو هو، سو سندن اڌمغزي ديوتا شهنشاه هيروهيٽو به پنھنجيءَ شهنشاهي وڌائڻ لاءِ اوڀر ايشيا ۾ چائنا جو ڪجهه حصو، ڪوريا ۽ هانگ ڪانگ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ٿائيلنڊ، ميانمار، ڪمبوڊيا، لائوس، ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا، ويتنام ۽ فلپائين تي به قبضو ڪيو. نه فقط ايترو پر ھيڏانھن ڏکڻ ايشيا ۾ انڊيا جي انڊمان ۽ نڪوبار بيٽ ته ھوڏانھن پاپوا نيو گني، پئسفڪ ۾ آمريڪا جي ننڍڙن پر تمام اهم گوام ۽ ويڪ ٻيٽن سان گڏ سولومون ٻيٽن تي به قبضو ڪيائين. سندن ويڙهاڪن باه ٻاري ڏني. هنن جي ڪاميڪازي جھڙين خطرناڪ جنگي اڳڀراين عملين دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. اڄوڪي بنا پائيلٽ جي خودڪش بمبار جھازن (ڊرونز) جو تصور به بنيادي طور جپان ئي ڏنو هو، جنھن ۾ سندن پائليٽ تيل ۽ بارود سان ڀريل جھاز دشمن جي جديد ٻيڙن سان ٽڪرائي، کين تباه ڪندا ها. اهڙن جھازن کي ڪاميڪازي سڏيو ويندو هو. جپاني ٻوليءَ ۾ ‘ڪاميڪازي’ جو مطلب ‘مقدس هوا’ آهي ۽ اهو نالو تيرهين صدي ۾ ٿيل واقعي مان کنيل هو. تيرهين صديءَ ۾ چنگيز خان جي پوٽي قبلائي خان جا جپان تي ڪيل ٻه تمام وڏا حملا سامونڊي طوفانن جي ڪري ناڪام ٿيا، تنھن کان پوءِ جپاني قوم جو اهو خيال بنھ پختو ٿي ويو ته انهن ٻنهي سامونڊي طوفانن لاءِ اها ‘مقدس هوا’ اسان جي ديوتائن موڪلي هئي.

بهرحال پرل هاربر تي حملي کان پوءِ آمريڪا جاپان جي جزيري اوڪيناوا تي قبضي ڪرڻ لاءِ تيرهن لکن کان مٿي جاپاني فوجي ماريا. ٽوڪيو سميت ٻين وڏن شھرن تي بمن جان مينھن وسائي، ٽي چار لک ماڻهو مارڻ کان پوءِ به سندس دل تي ڇنڊو نه پيو. نيٺ ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي ائٽم بم ڪيرائي، ٻنهي شھرن سميت ٻن لکن کان وڌيڪ ماڻهن کي ابدي ننڊ سمھاريو ويو. ٻين عالمي جنگ کان پوءِ آمريڪا جي ويٽنام سان ويھ سال کن جنگ هلي، جنھن ۾ هڪ اندازي موجب  ٽيهن لکن کان وڌيڪ ماڻهو مئا. اهڙيءَ ريت ڪوريا جي جنگ ۾ به آمريڪا جو دفاع لاءِ فوجي قوت ۽ سياسي رٿابنديءَ ۾ مکيه ڪردار هو. جيتوڻيڪ اها بنيادي طور گڏيل قومن جي هڪ اجتماعي ڪاروائي هئي، پر نوي سيڪڙو فوج ۽ فنڊنگ توڙي سامان آمريڪا بادشاه جو هو ۽ هن جنگ ۾ به لڳ ڀڳ ٽيهارو لک کن ماڻهو مئا.  ان کان پوءِ نام نهاد دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ افغانستان، عراق، شام ۽ يمن ۾ به هڪ اندازي موجب ڏھ لک ماڻهو ماريا ويا.  آمريڪا بادشاه ڪڏهن ڪميون ازم  کي اوراٽڻ، ته ڪڏهن ائٽمي هٿيارن جي ڦهلاءَ کي روڪڻ ته ڪڏهن دهشتگرديءَ خلاف جنگ ته ڪڏهن نظام حڪومت جي تبديلي (رجيم چينج) جي بيانيي هيٺ الائي ته ڪيترن ملڪن تي جنگيون مڙهي، لکين بي گناه ماڻهو مارايا آهن. حڪومتن جي تبديليءَ لاءِ ايران تي مڙهيل جنگ ڪا پھرين ناهي. ان کان اڳ  ڪيوبا تي 1933، ايران تي 1953، گئاتيمالا تي 1954، سائوٿ ويٽنام تي 1963، برازيل تي 1964، چلي تي 1973، افغانستان تي 2001، ايراق تي 2003، هيٽي تي 2004 ۽ لبيا  تي 2011 ۾ آمريڪا پاران جنگيون مڙهيون ويون  آهن. ان حوالي سان ايران تي حڪومتي نظام جي تبديليءَ (رجيم چينج) نالي هيءَ ٻي جنگ آهي. اڃا ته زميني ويڙه شروع ئي ناهي ٿي، تڏهن به هن سڄي خطي ۾ چار هزارن کان مٿي ماڻهو اجل جو شڪار ۽ لاتعداد زخمي ٿي چڪا آهن.

آمريڪا پنھنجن مفادن پويان هن رجيم چينج  گيم تحت انهن سڀني ملڪن ۾ طاقت ۾  توازن جي بگاڙ کان ويندي سياسي، سماجي ۽ معاشي ڍانچي کي شديد نقصان رسايو آهي. عراق، افغانستان، هيٽي ۽ لبيا اڃا تائين اِن آندل تباهيءَ جي اثرن مان نڪري ناهن سگهيا. آمريڪا هن هيڏي ويڙهاند ۾ هونءَ ته ڪٿي به پنھنجا پڌرا ڪيل مقصد ماڻي نه سگهيو آهي، البته ڦر لٽ جو مال خاص طور تيل ۽ ٻيا معدني وسيلا ضرور ڦٻايا آهن. تازو ايران تي مڙهيل جنگ به ان مھم جي ڪڙي ئي نظر اچي ٿي. جيتوڻيڪ هيل لڳي ٿو ته ايران ماضيءَ مان سبق پرائيندي، آمريڪا ۽ اسرائيل جون الرون سامهون رکندي، ڀرپور تياري سان گڏ، هڪ مربوط قسم جي جنگي حڪمت عملي به جوڙي آهي، جنھن ۾ اسرائيل کان سواءِ وچ اوڀر ۾ موجود آمريڪي اڏن تي حملا، هرموز لڪ بند ڪري دنيا کي تيل، گئس، يوريا ۽ ٻين شين جي رسد بند ڪرڻ سان گڏ پنهنجن اتحادين خاص طور لبنان ۾ موجود حزب الله، يمن جي حوثين ۽ عراق ۾ جنگجوئن جو وقت سر استعمال ڪرڻ جي حڪمت عملي شامل آهي. هن جنگ کي هڪ مھيني کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي، پر آمريڪا ۽ اسرائيل کي تڪڙي ڪاميابي ملندي نظر نٿي اچي. البته آمريڪا پنھنجو ڳجهو مقصد يعني ايران ۾ موجود تيل ۽ گئس جي ذخيرن تي قابض ٿيڻ جي خواهش به لڪائي نه سگهيو آهي. ان ڪم لاءِ آمريڪا سڄي تياري ايران جي کرج ٻيٽ (جتان ايران جو نوي سيڪڙو تيل ۽ گئس نڪري ٿو) تي قبضي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. جيڪو جنگي ماهرن مطابق ٻيٽ جي ڏکئي زمينياتي هنڌ (جيولاجيڪل لوڪيشن) سبب تمام گهڻو مشڪل لڳي ٿو. جيڪڏهن اهو ٻيٽ ايران جي معيشت جو محور آهي ته پوءِ لازمي طور ايران ان ٻيٽ جي حفاظت جو بندوبست به اوترو ئي ڀرپور ڪيو هوندو.

بھرحال، اڳيان ڏسجي ته جنگ ڪھڙي صورت اختيار ڪري ٿي، پر تيستائين لڳ ڀڳ سموري دنيا هن جنگ جي معاشي چٽي پئي ڀريندي. پاڪستان ۾ اوگرا جي انگن اکرن مطابق هر مھيني اٺ سئو ٻٽيه ملين (832,000,000)  ليٽرس پيٽرول ۽ ڇهه سو ستر ملين (670,000,000) ليٽرس ڊيزل استعمال ٿئي ٿو. ان جو مطلب ته پنجونجاهه روپيا في ليٽر تي وڌڻ سان پاڪستاني عوام ٻياسي ارب ايڪهٺ ڪروڙ (82 ارب، 61 ڪروڙن) کان مٿي رقم سرڪار کي پيٽروليم ليوي جي مد ۾ مھيني اندر  سڌي چٽيءَ طور ادا ڪيا آهن. اڃا ته تيل جا اگهه وڌڻ سبب مهانگائي جي ڦهلاءَ جو ڪاٿو ڪرڻ ئي ممڪن نه آهي. هر مھيني جيڪڏهن ڪو ماڻهو موٽرسائيڪل ۾ چاليھ ليٽر ڀرائي ٿوته ان جو مطلب اهو آهي ته اهو ٻاويهه سئو روپيا ان جنگ جي چٽي ڀريندو. اهڙيءَ ريت جيڪو ماڻهو پنھنجي ننڍي مان ننڍي گاڏيءَ ۾ سئو ليٽر مھيني تي وجهرائي ٿو ته اهو ساڍا پنج هزار، جڏهن ته ڪمرشل جھڙوڪ وين وغيره مھيني ۾ ڇھ سئو ليٽر به استعمال ڪندي ته اٽڪل ٽيٽيه هزار اضافي ڀريندي ۽ ظاهر آهي ته اهي پئسا به گهمي ڦري عوام جي کيسي مان ئي نڪرندا. يورپين ڪميشن جي صدر اجلاس اندر پنھنجي تقرير ۾ ٻڌايو ته جنگ جي پھرين ڏهن ڏينھن ۾ ئي گئس جو اگهه پنجاه سيڪڙو ۽ تيل جو اگهه ستاويهه ه سيڪڙو چڙهڻ سبب هتان جي عوام ٽي بلين يوروز يعني پاڪستاني نوَ کرب، پنجهٺ اربن کان مٿي جنگ جي چٽي  ڀري آهي. ھوڏانھن آمريڪا جيتوڻيڪ تيل پيدا ڪندڙ وڏو ملڪ آهي، پر عالمي مارڪيٽ ۽ ايران تي مڙهيل جنگ سبب اتي به صورتحال خراب نظر ٿي چڪي آهي. آمريڪا ۾ تيل جي قيمت چار ڊالر في بيرل تي وڃي پھتي آهي، جيڪا جنگ کان اڳ لڳ ڀڳ ٽي ڊالر هئي. ٻين ملڪن جا به جيڪڏهن انگ اکر کڻي ڏسجن ته ذري گهٽ سڄي دنيا ڪجهه حاڪمن جي جنوني خواهشن جي چٽي ڀريندي نظر اچي ٿي.

آمريڪا وچ اوڀر ۾ جنگي حالتون ڇو ٿو چاهي؟
سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا عالمي سياست ۾ ”سپر پاور“ يعني سڀ کان سگهاري طاقت طور ڏٺو ويو، جنھن ٻين عالمي جنگ کان ويندي 1989ع (سوويت يونين جي ٽٽڻ واري واقعي) تائين سوويت يونين سان جوٽيل پنجن ڏهاڪن واري سرد جنگ ۾ کيس شڪست ڏئي، دنيا کي ”يوني پولر ورلڊ“ يعني يڪ قطبي دنيا بنائي ڇڏيو هو. ان کان پوءِ دنيا جون واڳون سندس هٿ ۾ رهيون آهن. آمريڪا دنيا جي سياست تي قبضي کان پوءِ پنھنجي جوڙيل ”لبرل ورلڊ آرڊر“ جي ڦھلاءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو آيو آهي. هو ان مقصد لاءِ سرمائيداري نظام ۽ جمهوري اصولن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ مختلف ملڪن کي پنھنجي اثر هيٺ آڻڻ جي پاليسي تحت ڪم ڪري رهيو آهي. آمريڪا جا مفاد ان جي خارجي پاليسيءَ جي روشنيءَ ۾ ٺاهيا ويا آهن، جن مطابق آمريڪا عالمي سياست ۾ انساني حقن ۽ جمهوري اصولن جي علمبردار طور پاڻ کي پيش ڪندو آيو آهي. جيتوڻيڪ سندس پنھنجي ملڪ جي شھرين توڙي ان جي اتحادين وٽ انساني حقن ۽ جمهوري اصولن کي لتاڙڻ جا سڀ حق موجود آهن.

آمريڪا گلوب جي اولھندي ڀاڱي تي موجود مڙني ملڪن جي سربراهي ڪندڙ طاقت آهي. ان سان گڏوگڏ هن اوڀرندي ڀاڱي جي ملڪن سان پڻ اتحاد پنھنجن قومي مفادن تحت جوڙيا آهن. ان ڏس ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ وجود ۾ آيل ملڪ روس ۽ هڪ ڊگهي عرصي تائين روسي نظريي جي اپٽار ڪندڙ ملڪ چين آمريڪا کي 21 هين صديءَ جي شروعات کان ئي پنھنجي ترقيءَ وسيلي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون آهن. ان ڏس ۾ آمريڪا پاران ايشيائي ملڪن جي ترقيءَ کي روڪڻ لاءِ سندس پاليسيءَ جو محور ”ڪنٽينمينٽ آف چائنا“ يعني چين جي روڪٿام بڻائي ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي دور کان هيل تائين هر آمريڪي صدر جي اولين ترجيح چين کي روڪڻ رهندي آئي آهي.

عالمي سطح تي طاقت جا جيڪي محرڪ هوندا آهن، تن ۾ ناڻي جي طاقت، فوجي طاقت ۽ ٽيڪنيڪي طاقت انتھائي اهم آهن. جڏهن ته هٿرادو ڏاهپ (آرٽيفيشل انٽيلجنس) جي زماني ۾ ٽيڪنيڪي طاقت کي انتھائي اهم محرڪ طور ڏٺو پيو وڃي. ان ڏس ۾ چين پاران انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ آمريڪا کي پوئتي ڇڏڻ واري خدشي کي ڏسندي، آمريڪا چين تي مسلسل پابندي مڙهيون آهن. نه رڳو ايترو پر چين پاران 2014ع ۾ شروع ڪيل ”بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو“ کي ڏسندي، آمريڪا ”بِلڊ بيٽر ورلڊ“ جي نالي هيٺ پنھنجو نئون منصوبو جوڙي ورتو، جيڪو چين جي منصوبي جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو. ان کان سواءِ چين جي ”سيپيڪ“ منصوبي پڻ آمريڪا جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن، جنھن تحت چين پنھنجي وڏي مسئلي يعني وچ اوڀر مان خام تيل جي برآمدگيءَ کي سولو بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪو اڳ هندي سمنڊ مان ٿيندو ڏکڻ_چين سمنڊ وسيلي چين تائين پھچندو هو. اهو نه رڳو وڌيڪ لاڳت سان پھچندو هو، پر ان رستي سان چين کي اڻ ڳڻيا سيڪيورٽي جا معاملا پڻ هئا. هاڻ ”سيپيڪ“ منصوبي کي افغانستان وسيلي اندروني ايشيائي ملڪن جھڙوڪ تاجڪستان، ترڪمانستان، آذربائيجان وغيره تائين پھچائڻ لاءِ چين ڪوششون وٺي رهيو آهي.

چين جي وڌندڙ طاقت ايشيا کنڊ ۾ آمريڪي مفادن کي ڪاپاري ڌڪ رسائڻ لڳي آهي، جنھن ۾  چين سان ٻانھن ٻيلي طور روس ۽ ايران اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. آمريڪا چين جي رستا روڪ لاءِ ”انڊو پئيسفڪ اسٽريٽجي“ تي ڏاڍو خرچ ڪندي نظر اچي رهيو آهي. ان  ترڪيب هيٺ آمريڪا هن خطي ۾ چين جا منصوبا روڪڻ لاءِ انڊيا، آسٽريليا، اسرائيل ۽ برطانيا سان گڏجي، ڪيترا ئي سيڪيورٽي منصوبا جوڙيا آهن، جن جو مقصد هن خطي ۾ چيني منصوبن کي روڪڻ آهي.

2022ع ۾ روس ۽ يوڪرين جي جنگ آمريڪي طاقت لاءِ راتاهو ثابت ٿي آهي. ان جنگ ۾ روس پاران يوڪرين تي ڪيل حملي کي ڪيترن ئي ايشيائي ملڪن نه ننديو. ان سان گڏوگڏ آمريڪا پاران سڏايل ”ڊيموڪريسي سمٽ“ ۾ پڻ ڪيترن ئي ملڪن وڃڻ کان انڪار ڪيو. ان سميت اسرائيل پاران فلسطينين جي قتلام تي آمريڪا جي پوزيشن پڻ سخت تنقيد جو شڪار رهي آهي. ڪجهه مھينا اڳ چين سعودي ۽ ايران وچ ۾ پاڪستان جي سھڪار سان ٽياڪڙي ڪندي نظر آيو، جنھن جو مقصد وچ اوڀر يعني مڊل اِيسٽ ۾ تڪرار کي ختم ڪرائڻ هو، ۽ ان جو سڌيءَ ريت فائدو چين جي منصوبن کي ئي ٿيڻو آهي. آمريڪا پنھنجي اهڙي گهٽجندڙ اثر رُسوخ کي ڏسندي، پنھنجو ڌيان هڪ ڀيرو ٻيھر وچ اوڀر ڏانھن ڪيو. پر تاريخي طور تي آمريڪي ڊپلوميسيءَ جو ڍنگ جنگي ماحول جي اڀار جي صورت ۾ ڏٺو ويو آهي. ٽرمپ ايڊمنسٽريشن اسرائيل پاران جاري غزا واري قتلام کي مڪمل سپورٽ ڪيو ۽ اسرائيل سان ڊگهي عرصي کان جنگي ماحول ۾ رهندڙ ايران مٿان اهڙي وقت تي حملو ڪيو، جڏهن سندن نيوڪليئر پروگرام تي ڳالهيون جاري هيون. اها ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته آمريڪا اوڀر جي اڀرندڙ سج يعني چين کان ڪافي ڊنل آهي ۽ هو چاهي ٿو ته هن خطي ۾ پرامن فضا قائم ٿيڻ نه ڏجي. ڇاڪاڻ ته جنگي حالتون ئي علائقائي ترقيءَ لاءِ تمام وڏي رڪاوٽ هونديون آهن.

جلاوطنيءَ جو استعارو ۽ گم ٿيل جنت جي ڳولا
تاريخ سخت جنگي حالتن ۾ اھڙا لیکڪ پیدا ڪیا آھن، جن جا لفظ انهن جنگين کان وڌيڪ طاقتور ثابت ٿيندا آهن. فلسطين جو قومي شاعر محمود درويش اهڙو ئي هڪ لافاني آواز هو، جنھن شاعريءَ کي ۽ شاعريءَ کیس امر ڪري ڇڏیو۔ درويش جي شاعري ان مٽيءَ جو نوحو ناهي، جيڪا کانئس رھڙي کسي وئي، پر ان وجود جو اعلان آهي، جيڪو مٽجڻ کان انڪار ڪري ٿو. اچو ته ڪجهه دير لاءِ درویش کي محسوس ڪريون:

1. زندگيءَ جي حق جي شاعري
محمود درويش جي شاعراڻي ڪائنات جو محور سندس هيءَ لافاني سٽ آهي:
“على هذه الأرض ما يستحق الحياة” (هن ڌرتيءَ تي اهڙيون شيون موجود آهن، جيڪي جيئڻ جو اتساھ ڏیارین ٿیو.)
جڏهن فلسطين جي زمين بارود، بیٺڪي بادشاھي ۽ طاقت جي تڪرارن جو ميدان بڻجي وئي هئي، تڏهن درويش انهن ننڍڙين پر معتبر انساني شين کي اهميت ڏني، جيڪي زندگيءَ جي حسن کي برقرار رکن ٿيون، جیئڻ کي معنائون ڏین ٿیون. هُن لاءِ جيئڻ جو مقصد رڳو ساهه کڻڻ يا جسماني بقا نه هو، پر ماءُ جي هٿن جي پڪل مانيءَ جي خوشبو، زيتون جي باغن جي ھُٻڪاریل هوا، ۽ هڪ اهڙو وقار هو جنھن کي ڪو به ظالم، قبضو ڪندڙ غاصب پنھنجي بوٽن هيٺان لتاڙي نه سگهيو. درويش جي نظر ۾ مزاحمت رڳو هٿيار کڻڻ جو نالو ناهي؛ اصل مزاحمت ته فنا جي گهيري ۾ هئڻ باوجود “زندگيءَ سان محبت” ڪرڻ آهي. (درويش، 2002).

2. البروا جو ٻار ۽ نڪبه جو صدمو: گم ٿيل جنت جي ڳولا
1941ع ۾ الجليل جي ‘البروا’ ( فلسطین وطن ۾ سندس ڳوٺ) ۾ پيدا ٿيندڙ درويش جي ٻالڪپڻ جي دنيا زيتون جي وڻن بھارن سان واسيل هئي. پر 1948ع جي نڪبه (مها الميي) کيس پنھنجي ئي وطن ۾ “پناهگير” بڻائي ڇڏيو.
عربي ٻوليءَ ۾ ‘نڪبه’ (Nakba) جي لفظي معنيٰ “مها الميو” يا “تباهي”آهي. تاريخي طور تي هيءُ اصطلاح 1948ع جي انهن واقعن ڏانھن اشارو ڪري ٿو، جڏھن اسرائيل کي قائم ڪندي 7 لک 50 هزار فلسطينين کي سندن اباڻن گهرن ۽ زمينن تان زبردستي بي دخل ڪيو ويو.
نڪبه ڪو عارضي حادثو نه هو، پر هي هڪ قوم جي جاگرافيائي، ثقافتي ۽ سماجي وجود کي مٽائڻ جي ڪوشش هئي. 500 کان وڌيڪ فلسطيني ڳوٺ تباھ ڪيا ويا ۽ لکين انسان پنھنجي ئي ڌرتيءَ تي پناهگير بڻجي ويا. محمود درويش لاءِ نڪبه رڳو تاريخ جو هڪ باب نه هو، پر اهو سندس زندگيءَ جو اهو موڙ هو، جتي سندس “ٻالڪپڻ جو قتل” ٿيو ۽ هو هميشه لاءِ جلاوطنيءَ جي بنواس ۾ ڦاسي پيو.
پنھنجي ئي زمين تي ڌاریو ٿیڻ جي پیڙا ڇا ھوندي آھي، سندس قلم ان ڪیفیت کي پاتال جھڙي گَھِرائي ڏني. هن لکيو: “مان ماءُ جي پيشانيءَ جي ٿڌڪار ۽ سندن ھٿن جي پڪل تازي مانيءَ جي خوشبوءِ کان محروم ٿي ويس.” (Darwish, 1987).
نڪبه جو صدمو درويش جي شاعريءَ ۾ هڪ اهڙي “گم ٿيل جنت” (Lost Paradise) جي ڳولا جو روپ ڌاري ٿو، جتي ماضي صرف يادگيري ناهي، پر هڪ لڳاتار رڙ آهي؛ وڇڙیل ڪونج جو ڪُرلاءُ آھي. هن جي لاءِ، پنھنجي ڳوٺ ڏانھن موٽڻ جو مطلب صرف جاگرافيائي سفر نه هو، پر پنھنجي ان “ذات” کي ٻيھر ڳولي لھڻ ھو، جيڪا کانئس ستن سالن جي عمر ۾ کسي وئي هئي. البروا جو اهو ٻار اڳتي هلي عالمي جلاوطنيءَ جو اهڙو آواز بڻيو، جنھن هر بي گهر انسان کي هڪ زبان ڏني.

3. جلاوطنيءَ جو روحاني سفر: درويش جي فلسفي کان آڪاش انصاريءَ تائين
محمود درويش جي شاعريءَ ۾ جلاوطني پنھنجي ڌرتي، سماج ۽ ماحول کان تڙجي وڃڻ نہ آھي، پر اها هڪ گھري وجودي حالت آهي. هو لکي ٿو: “المنفى ليس مكاناً، بل حالة” (جلاوطني ڪا جاءِ نه آهي، بلڪه هڪ حالت آهي-درويش، 2006). درويش جڏهن بيروت، پيرس يا تیونس جي گهٽين ۾ گهمندو هو، تڏهن به سندس روح الجليل جي رستن تي رِڙهندو ۽ رَمندو رهیو. هن دنيا کي ٻڌايو ته جڏهن حقيقي زمين قبضو ڪري ڦٻائي ٿي وڃي، ته ٻولي ئي اها آخري پناهه گاهه بڻجي ويندي آهي جتي وطن کي ٻيھر لفظن جي صورت ۾ اڏي سگهجي ٿو.
اهو جلاوطنيءَ جو ڪرب رڳو فلسطين تائين محدود ناهي. سنڌي مزاحمتي ادب ۾ پڻ جلاوطنيءَ جو اهڙو ئي تيز ۽ اثرائتو پڙاڏو آڪاش انصاريءَ جي صورت ۾ ملي ٿو. آڪاش انصاريءَ جو مشھور ڪتاب “مان ڪيئن رهان جلاوطن” ان اجتماعي احساس جو ترجمان آهي، جيڪو پنھنجي ڌرتيءَ سان روحاني، سیاسي، جذباتي، دلیلي ۽ دائمي طور جڙيل انسان جي من مان اڀري ٿو. درويش ۽ آڪاش انصاري ٻئي وطن کي رڳو هڪ جاگرافيائي حقيقت نه، پر ٻولي، يادگيري ۽ سڃاڻپ جو هڪ پوتر سنگم سمجهن ٿا. آڪاش جي شاعريءَ ۾ به جلاوطني رڳو ملڪ مان نڪرڻ ناهي، پر پنھنجي حقن ۽ سڃاڻپ کان محروم ٿيڻ آهي. جڏهن آڪاش چوي ٿو ته “مان ڪيئن رهان جلاوطن”، ته اهو درويش جي ان صدا جو سنڌي پڙاڏو لڳي ٿو، جيڪا هن بيروت جي گهيري ۾ ويھي ڏني هئي. (انصاري، 2002).

4. “سجل! أنا عربي”: سڃاڻپ جو لافاني ۽ باغي اعلان
درويش جي نظم “Identity Card” / سڃاڻپ ڪارڊ جي شروعاتي سٽ مزاحمت ادب جي علامت بڻجي چڪي آهي: “سجل! أنا عربي” (لکي وٺ! مان هڪ عرب آهيان-درويش, 1964). “سجل” جو حڪم ڏیڻ وارو وزنائتو انداز دراصل ان غاصب آفيسر لاءِ هڪ نفسياتي شڪست هئي، جيڪو ڪنھن انسان کي رڳو هڪ نمبر يا بي جان دستاويز ۾ بدلائڻ چاهي پيو.
درويش هتي ٻڌائي ٿو ته سڃاڻپ رڳو سرڪاري ڪاغذن جو نالو ناهي، پر هيءَ هڪ اهڙي تاريخي حقيقت آهي، جيڪا انسان جي رت ۾ شامل هوندي آهي. هن نظم ۾ هو پنھنجي ٻارن، پنھنجي محنت، ۽ پنھنجي زيتون جي باغن جو ذڪر ڪري, اهو ثابت ڪري ٿو ته سندس وجود هن ڌرتيءَ تي ان وقت کان آهي، جڏهن اڃا نوان نقشا ۽ زوري جوڙیل سرحدون وجود ۾ به نه آيون هيون.

5. لفظن مان وطن جي تخليق: هڪ لسانياتي معجزو ۽ وجودي پناهگاهه
محمود درويش جو سڀ کان حيران ڪندڙ ۽ فلسفياڻو تخلیقي گُڻ اهو آهي، جڏھن هو “ٻوليءَ” کي هڪ متبادل جاگرافيءَ طور پيش ڪري ٿو. سندس هيءَ سٽ:
“تعلمتُ جميع الكلمات، وفككتُها، لأصنع كلمة واحدة: وطن” (مون سڀ لفظ سکيا، پوءِ انهن کي ٽوڙي هڪ نئون لفظ تيار ڪيو: وطن.)
هتي “ٽوڙڻ” جو عمل (ڊي ڪنسٽرڪشن) سچ تہ تخليقي سفر جو پھریون پڙاءُ آهي. درويش اهو سمجهي ويو هو ته جيڪا ٻولي غاصب استعمال ڪري ٿو، اها قبضي جي ٻولي آهي. ان ڪري، وطن کي ٻيھر حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته پراڻي لغت کي ڀڃي، هڪ اهڙي نئين ٻولي ايجاد ڪئي وڃي، جنھن ۾ ‘وطن’ جي معنيٰ رڳو مٽي نه پر “محفوظ يادگيري” هجي.
فلسفياڻي نسبت سان، درويش هتي مارٽن هائيڊيگر (Heidegger, 1971) جي ان خيال جي ويجهو نظر اچي ٿو ته “ٻولي وجود جو گهر آهي”. جڏهن هڪ فلسطينيءَ کان سندس جسماني گهر کسيو ويو، ته هن پنھنجي وجود کي ٻوليءَ جي گهر ۾ اوتي ڇڏيو. درويش لاءِ ‘وطن’ هاڻي ڪو اهڙو ھنڌ نه هو، جتي پھچڻ لاءِ پاسپورٽ گهربل هجي، پر اهو هڪ اهڙو “لفظ” هو، جنھن کي ڪا به فوجي یا آمریتي قبضو ڪندڙ طاقت مِٽائي نه ٿي سگهي. عالمي ادب ۾ اهڙا ٻيا به ڪيترا ئي مثال ملن ٿا: ايڊورڊ سعيد جلاوطنيءَ کي هڪ “نفسياتي گهاءُ” سڏيو آهي. (Said, 1999)، جڏهن ته ايڊمونڊ جيبس چيو هو ته “منھنجو وطن ڪتاب آهي”. درويش انهن سڀني فڪري رشتن کي گڏ ڪري پنھنجي لغت مان هڪ لافاني فلسطين تعمير ڪيو.

6. زيتون جو وڻ: استقامت جو استعارو
درويش جي شاعريءَ ۾ زيتون جو وڻ هڪ تمام اونهي علامت آهي. هو چوي ٿو: “جذورنا أعمق من الجدار” (اسان جون پاڙون ڀتين کان به وڌيڪ گھريون آهن) هتي “ڀت” سياسي قبضي ۽ عارضي طاقت جي علامت آهي، جڏهن ته “پاڙون” تاريخ، ثقافت ۽ هزارين سالن جي تعلق جو اھڃاڻ آهن. زيتون درويش لاءِ هڪ “قديم گواهه” آهي، جيڪو فلسطيني عوام جي مٽيءَ سان جڙيل هجڻ جو جسماني ثبوت آهي. هو ٻڌائي ٿو ته سياسي نقشا مٽجي سگهن ٿا، پر اهي پاڙون جيڪي صدين کان هن ڌرتيءَ جي پيٽ ۾ آهن، انهن کي پٽي ڪڍڻ ناممڪن آهي.

7. عشق ۽ جنگ جو تضاد: ريتا ۽ رائفل
درويش جي شاعريءَ جو هڪ نایاب انساني پھلو سندس عشق آهي، جنھن کي هن ‘ريتا’ جي نالي سان امر ڪري ڇڏيو: “بين ريتا وعيوني بندقية” (ريتا ۽ منھنجي اکين جي وچ ۾ هڪ رائفل آهي.) (درويش، 1966). هيءَ سٽ ياد ڏياريندي آهي ته جنگ رڳو شھرن کي تباهه ناهي ڪندي، پر اها انسان کان سندس محبت جي سادگي ۽ حق به کسي وٺندي آهي. درويش هتي عشق کي پڻ مزاحمت جي هڪ شڪل بڻائي ٿو، جتي جنگي حالتن جي باوجود انساني جذبا زنده رهن ٿا.

8. يادگيري – بقا جو آخري مورچو
محمود درويش اسان کي سيکاريو ته جيسین يادگيري زنده آهي، تيسین وطن کي وري حاصل ڪرڻ ۽ ڌاریي غاصب کي تڙڻ جي اميد به سلامت آهي. درويش جا لفظ ان مزاحمت ۽ امید جو میلاپ آھن۔ ۽ جيئن آڪاش انصاري پنھنجي نظم “ڪيئن رهان جلاوطن” ۾ ان درد کي سنڌي لڙڪن سان رڱيو آهي، ائين ئي درويش جو فن جلاوطنيءَ کي هڪ عالمي مزاحمتي گيت ۾ تبديل ڪري ٿو. هنن سمورين ڳالهين جو نچوڙ اهو آهي ته سرحد جون لڪيرون کڻي ڪيتريون به مضبوط هجن، پر ٻوليءَ جي ڀاڪر ۾ رھندڙ، پنھنجي وطن کان پري یا وطن ۾ ٿیل پناھگیر پنھنجي لفظن جي وطن ۾ هميشه لاءِ آزاد رهي ٿو.

حوالا (Harvard Style)

انصاري، آ. (2002). مان ڪيئن رهان جلاوطن. 7 ايڊيشن. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.

درويش، م. (1964). أوراق الزيتون. حيفا: المکتبة الشعبية.

درويش، م. (1966). عاشق من فلسطين. بيروت: دار العودة.

درويش، م. (1987). ذاكرة للنسيان (Memory for Forgetfulness). بيروت: المؤسسة العربية للدراسات والنشر.

درويش، م. (2002). حالة حصار. رام الله: اوغاريت پبلشرز.

درويش، م. (2006). في حضرة الغياب (In the Presence of Absence). بيروت: رياض الريس ڪتاب ۽ پبليڪيشن.

سعيد، اِي. (1999). Out of Place: A Memoir. نيو يارڪ: Knopf.

Heidegger, M. (1971). Poetry, Language, Thought. New York: Harper & Row.