ادارا – Sarangaa

عبدالماجد ڀرڳڙي، پنھنجي ئي نالي سان ٺھيل لئنگويج انجنيئرنگ انسٽيٽيوٽ کان لاتعلقي اختيار ڇو ڪئي؟
عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ جي تاحيات شريڪ چيئرمين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب پنھنجي ئي نالي سان قائم ٿيل اداري تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ڀرڳڙي صاحب تاحيات شريڪ چيئرميني واري ذميواري تان پڻ استعيفا جو اعلان ڪيو آهي. هن کان اڳ اداري ۾ مرڪزي ذميواريون ادا ڪندڙ امر فياض استعيفا ڏئي چڪو آھي. امر فياض جي استعيفا ڀرڳڙي صاحب کي گوشــ نشيني ٽوڙڻ تي مجبور ڪيو آهي. پنھنجي گفتگو دوران سائين انتھائي ڏکارو نظر اچي رهيو آهي. ذاتي مشاهدي لاءِ سائين جي نالي سان موجود فيس بڪ اڪائونٽ) https://www.facebook.com/share/v/1HNj6HzuZ3/ (تي سندس موجود وڊيو ڏسي سگهجي ٿي.

سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ داخلا لاءِ سائين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جو باني وارو ڪردار رهيو آهي. ان ڪم جي مڃتا ۾ ئي حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ترقي لاءِ حيدرآباد ۾ جوڙيل ادارو عبدالماجد ڀرڳڙي جي نالي سان منسوب ڪيو.
سنڌ اسيمبليءَ جي رڪارڊ مطابق عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ بل 2019، 28 مئي 2021 تي منظور ٿيو ۽ 15 جون 2021 تي گورنر سنڌ جي دستخط ۽ منظوري کان پوءِ ايڪٽ بڻيو.
ائين سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه، کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري ۽ امر فياض جي ڪوششن سان عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ قائم ٿيو.
اداري ۾ ڇا پئي ٿيو ۽ ڪيئن پئي ھليو؟ ان جي خبر خدا کي، البتہ امر فياض جي فيس بڪ تي آيل براه راست نشريات مان اھو اندازو ٿي ويو ھيو، جنھن ۾ کڻي ھن اصل ڳالهيون کولي سامهون نه رکيون ھيون، ته بہ پنھنجي دامن جا ڳوڙها جھان کي ضرور ڏيکاريا ھيا. اڪثريت جو ڌيان اداري جي ڪاروهنوار، قاعدن، قانونن ۽ بجيٽ وغيره وارن سوالن تي وڃڻ بجاءِ امر فياض جي ڳوڙهن طرف هليو ويو، جن لاءِ قدر ۽ احترام آهي، پر ادارا روئڻ سان نہ ريجهن ٿا، نہ هلن ٿا.
هاڻي جڏهن عبدالماجد ڀرڳڙي پاڻ ڪجهه ڳالهين تان پردو هٽايو آهي ته اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته اداري کي هلائڻ لاءِ قانون مطابق جڙيل بورڊ کان رهنمائي نـ پئي ورتي وئي، جنھن جو شريڪ چيئرمين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب پاڻ آهي.
ھن اداري جي بورڊ جي جوڙجڪ هن ريت آهي: چيئرمين ثقافت کاتي جو صوبائي وزير هوندو، تاحيات شريڪ چيئرمين عبدالماجد ڀرڳڙي هوندو، جنھن استعيفا جو اعلان ڪيو آهي.
وڌ ۾ وڌ چار سرڪاري ميمبر هوندا، جن ۾ ثقافت کاتي جو سيڪريٽري پڻ شامل هوندو.
جڏهن ته وڌ ۾ وڌ پنج غير سرڪاري ميمبر شامل هوندا، جن کي چيئرمين(ثقافت کاتي جي وزير) جي سفارش تي وڏي وزير طرفان مقرر ڪيو ويندو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جا ٻه ميمبر شامل هوندا، جن کي اسيمبليءَ جو اسپيڪر نامزد ڪندو.
عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ کي پھرئين ڏينھن کان ”قناصرا برادران“ جي منشا تحت پئي هلايو ويو آهي، اداري ۾ جيڪي خالي جايون آهن، انهن مان هڪ به ڀري نه وئي. 19 يا 20 گريڊ جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيڻو هو، اهو مقرر نـ ٿيو. امر فياض کي سار سنڀال جي ذميواري ڏئي رکيو ويو ۽ پھريان هن جي پگهار اٽڪل ٽي لک رپين تائين هئي، جيڪا وڌڻ بدران گهٽائي گهٽائي آخر ۾ 40 هزارن تائين آندي وئي. اداري لاءِ ڪو جدا چيف فنانشل آفيسر مقرر نـ ٿيو. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر نه ٿيا. ادارو ٺھڻ کان وٺي تازي بحران تائين ائين ئي هلندو رهيو ۽ ڀرڳڙي صاحب سميت، بورڊ جي ميمبرن ۽ ثقافت کاتي جي اڳوڻي ۽ موجوده وزير تائين ڪنھن بہ ان ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو ته بورڊ جا اجلاس نٿا ٿين، تہ اداري جا فيصلا ڪير ۽ ڪيئن پيو ڪري. ادارو ڪري ڇا رهيو آهي؟ انت بحر دي ڪل نه ڪائي، رنگي رنگ بنايا وارو قصو پئي هليو ۽ ڪنھن ان تي ٻڙڪ نه ٻاڦي.
هاڻ جڏهن ڀرڳڙي صاحب ڳريءٓ دل سان پنھنجي دل ۽ ذهن جو غبار هلڪو ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون آهن، تڏھن ھي ادارو ٻيھر خبر بڻجڻ لڳو آھي. هڪ دفعو وري سوال اٿيا آهن ته ادارو اڳي هليو ڪيئن پئي ۽ ھاڻ ڪيئن ۽ ڪير پيو ھلائي؟ امر فياض استعيفا ڇو ڏني، امر فياض جي پگهارن ۾ ڪٽوتي ڇو ٿي؟ امر فياض جي استعيفا تحريري طور قبولي وئي يا نه؟ امر فياض جي استعيفا بعد اداري هلائڻ يا ان جي سار سنڀال جون ذميواريون منتقل ڪيئن ٿيون؟ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين چارج ڪنھن کان ورتي، هينڊنگ اوور ۽ ٽيڪنگ اوور ڪيئن ٿئي؟ هن وقت عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ جي مٿئين حصي ۾ ٺھيل ڪمرن کي گيسٽ هائوس طور ڪير پيو استعمال ڪري ۽ مٿي ڪنھن جي رهائش آهي؟
مٿي ڄاڻايل سوالن مان ڪجهه جا به جيڪڏهن ٺوس جواب آيا ته اندازو ٿي ويندو ته سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽيشنل ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ ترقي، واڌ ويجهه ۽ بھتر صحت لاءِ خواهشمند ڇا ڪري رھيا آھن ۽ اداري جي موجوده حالت جا اصل ذميوار ڪير آهن. دعوائن ۽ مبالغن ۾ اسان جو ڪو ثاني ڪونهي، پر حقيقتون ۽ انگ اکر ڏاڍا بيرحم ٿين ٿا. ڀرڳڙي صاحب جي استعيفا ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته اداري جو ”گورننس سسٽم ڪوليپسڊ“ آهي. امر فياض جي استعيفا مان پھريون فائدو ان کي ٿيو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ کان وڌيڪ حيدرآباد ۾ رهڻ لاءِ پريشان هو.

سيني تان هٿ هٽائي عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ جي سار لھو!
سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽيشنل ترقيءَ لاءِ قائم ڪيل اداري عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ (AMBILE) جي باني ڊائريڪٽر(جيڪو هن صديءَ جو وڏو حوال ثابت ٿيو) جي فيس بڪ تي براههِ راست نشر ٿيل ”مجلس“ کان پوءِ اڌ قوم جا ”سيني تي هٿ“ اچي ويا هئا، صفِ ماتم وڇائجي وئي هئي، سو هاڻي ڪنھن کي ياد بہ ناھي. ان کان پوءِ اڳتي ڇا ٿيو؟ نه ڪنھن پڇا ڪئي، نه اصل ڌڻين کي ئي ان جي ڪا ڳڻتي ڏٺي وئي. سرڪار ميار لاٿي، ماڻهو ٻين ڪمن تي چڙھي ويا. الا الا، خير صلا.
شديد ويسر ۾ مبتلا ۽ سنڌي ٻوليء جي ترقيءٓ لاءِ شديد فڪرمند رهندڙن کي ياد ٿو ڏيارجي ته ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ کي اٽڪل ٻن مھينن تائين بنا ڪنھن سربراهه جي هلايو ويو، ثقافت کاتي جي انتظامي نگرانيءَ ۾ هلندڙ ادارو ٻن مھينن تائين کانئن وسريل هو. وري به شابس هجي ڪرسيءَ جي شوق ۾ تازي مبتلا ٿيل سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي انتظامي ڪاروبار هلائيندڙ همراهه کي جنھن وڃي وزير کي ياد ڏياريو ۽ پاڻ لاءِ هڪڙي ٻي ڪرسي به سيري آيو. هڪ ڀيرو ٻيھر عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ قاعدي ۽ قانون مطابق طئي ٿيل اهليت واري ڊائريڪٽر کان محروم رهيو. ڪٿي ڪمپيوٽيشنل ۽ مشيني ذهانت جا معاملا ۽ ڪٿي اضافي چارج واري سائين جي فيلڊ مبارڪ. اضافي چارج وارو آرڊر پڙهي ڪنھن ظالم چيو، هاڻي سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل هر حوالي سان محفوظ هٿن تائين پھتو.
عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ جي بنا ڪنھن تحريري آرڊر ذريعي رکيل ملازمن کي گذريل ٻن مھينن جي پگهار به نه ملي ۽ هو بنا ڪنھن هدايتن ۽ نگرانيءَ جي آفيس ايندا ۽ ڪم ڪندا رهيا. جي هو اچڻ ڇڏي ڏين ها ته اداري کي تالو لڳل هجي ها ۽ جنھن ملازم وٽ تالي جي چاٻي هجي ها، اهو پريشان هجي ها ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي اها چاٻي ڏيان ڪنھن کي يا رکان ڪٿي!؟
سنڌ ۾ مجموعي مزاج شايد شاعراڻو وڌيڪ آهي، حقيقتن کان وڌيڪ پنھنجين پاليل خوش فھمين کي ترجيح ڏني ويندي آهي ۽ انهن ئي خوش فھمين ۾ جيئڻ کي شاهوڪاري سمجهيو ويندو آهي. اهڙي ڪيفيت کي سادي انداز ۾ ديواني جو خواب به چيو ويندو آهي. حقيقتون مھانگيون ۽ خوش فھميون ۽ خواب سستا جو ٿيندا آهن.
عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ سنڌ ۾ سنجيدگي ۽ انتظامي نااهليءَ جو هڪڙو اعليٰ مثال آهي، جنھن جي معاملن جي گھرائيءَ ۾ وڃي پرکي سگهجي ٿو ته اسان وٽ شور ڪري ۽ ڪرائي ڪيئن حقيقتون لڪايون ۽ گهمايون وينديون آهن. انهي مثال لاءِ به وري ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽوٽ جي حالت زار سان رجوع ڪرڻو پوندو.
وڏين دعوائن سان هلندڙ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ ۾ ايستائين ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪھڙو ڪم ٿيو آهي، ان بابت امر فياض صاحب فيس بڪ جي براه راست نشريات ۾ ٻڌائي ويو آهي، پر سائين جي دعوائن ۽ حقيقتن وچ ۾ جيڪو فاصلو آهي، ان کي ماپڻ لاءِ انجنيئرنگ جي هڪ نئين اداري جوڙڻ جي ضرورت آهي.
سنڌي ٻولي حڪمرانن ۽ رياست جي ترجيح نه رهي آهي. اها ڳالهه ماضيءَ ۾ تحريڪن ۽ تحريرن وسيلي سامهون ايندي رهي آهي، پر عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ ويجهي ماضيءَ جو سڀ کان وڏو مثال آهي. اداري کي قائم ڪرڻ کان وٺي ان کي بنا ڪنھن مستقل ڊائريڪٽر ۽ اسٽاف جي مقرري ۽ نگرانيءَ جي هلايو ويو، اداري جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جا اجلاس ڪرائڻ ۽ انهن مان انتظامي ۽ نالي معاملن جي منظوري وٺڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي وئي. موجود رڪارڊ مطابق سنڌ اسيمبليءَ پاران اداري جي جوڙجڪ جي حوالي سان موجود قانون ۽ طريقئہ ڪار سان رجوع ئي ناهي ڪيو ويو. پگهارن جو وچور ۽ حساب ڪتاب کي ئي رڳو کڻبو ته پتو پئجي ويندو ته هيءُ ادارو ڪيئن هلايو ويو آهي. اداري جو تدريسي ۽ تحقيقن ادارن سان رابطو رکڻ لاءِ امر فياض صاحب کي جيڪا ذميواري ڏني وئي هئي، ان کي پهرين لڳ ڀڳ ٽن لکن تائين جي پگهار ڏئي آخر ۾ چاليھه هزار رپين تائين بيھاريو ويو. هن دور ۾ 40 هزار رپين جي پگهار تي ڪم ڪندڙ ڪو ماهر سنڌي ٻوليءَ کي ڪھڙي ترقي ڏياري سگهندو، سرڪار جو ان سان ڪو واسطو نه آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ بابت سرڪار جي سنجيدگي ان پگهار جيتري ئي تصور ڪرڻ گهرجي
سافٽ ويئر، ڪمپيوٽر ۽ لاڳاپيل شعبن جا ڪيترا ماڻهو اداري جي فيصلي سازيءَ ۽ ڪم سان جڙيل آهن، رڳو ان جا حوالا ڪڍبا ته آڱرين ۾ ڏند پئجي ويندا(قصو ڏندين آڱريون کان اڳتي آهي ان ڪري).

ڇا ڪلچر کاتو عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽوٽ بند ڪرڻ ٿو چاهي؟
امر فياض جي لڙڪن کي موتي سمجهي چونڊيندي عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ (AMBILE)،حيدرآباد جي مٿي تي پيل اڇي پڳ پسڻ جو سنڌ کي موقعو مليو آهي. ايستائين اندران صرف اڳڙيون ئي نڪتيون آهن. انگن اکرن جي بيرحم حقيقتن اداري جي انتظامي وهنوار ۽ ڪلچر کاتي جي ”ڏينهن ٽپايو پاليسي“ کي خلق خدا اڳيان الف اگهاڙو ڪري بيھاريو آهي. امر فياض پنھنجي فيس بڪ تي ڪيل لائيو گفتگو ۾ نـ چاهيندي، هٿ ٻڌندي، ٿورا مڃندي، ڳوڙها ڳاڙيندي عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ تي نظر وجهڻ جو موقعو فراهم ڪري ويو آهي.
حيدرآباد ۾ علامـ عمر بن دائود پوٽا لائبريري ۽ سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي پويان عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽوٽ جي عاليشان عمارت موجود آهي. عمارت جي مھڙ ۾ لڳل افتتاحي تختي تي ڊسمبر 2019 لکيل آهي ۽ جن جي هٿن مبارڪن افتتاح ڪيو، انهن ۾ ثقافت کاتي جي اڳوڻي وزير سيد سردار علي شاهه ۽ اڳوڻي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاريءَ جا اسم گرامي تختيءَ تي موجود آهن. رڪارڊ موجب اداري جون سموريون جايون خالي آهن ۽ اداري ۾ ڪم ڪندڙ سمورا ملازم ڪچا آهن. ايستائين جو امر فياض جي مقرري بـ.
ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ پاران 5 ڊسمبر 2024ع تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽوٽ جي تاحيات شريڪ چيئرمين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جي تجويز تي جناب فياض حسين ٻرڙو، جيڪو ڪلچر کاتي جي پلاننگ، ڊولپمينٽ، مانيٽرنگ امپليمينٽيشن سيل ۾ پراجيڪٽ ڪوآرڊينيشن جو ڪم ڪري رهيو آهي، کي عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽوٽ جي معاملن ڏسڻ(لُڪ آفٽر) جي ذميواري سونپي وڃي ٿي. حڪمنامي ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته فياض حسين تدريسي ادارن، انتظامي کاتن سان لھه وچڙ ۾ ايندو ۽ گڏوگڏ ٻوليءَ سان لاڳاپيل اداري جي ٽيڪنيڪل معاملن کي بـ ڏسندو. نوٽيفڪيشن جي متن جو سنڌي ترجمو لڳ ڀڳ اهو ئي وڃي بيھي ٿو.

امر فياض کي پلاننگ، ڊولپمينٽ، مانيٽرنگ امپليمينٽيشن سيل مان 2020-2021ع کان پگهار ڏني ويندي رهي آهي. جيڪا وڌ ۾ وڌ ٽي لک 87 هزار 97 رپيا ۽ ٻـ لک 96 هزار 6 سؤ 67 رپين کان ٿيندي ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ مارچ 2026ع ۾ اچي 40 هزار رپين تائين پھتي. ڪلچر کاتي جي سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ کان جڏهن پگهار گهٽجڻ بابت معلوم ڪيو ويو ته هن ٻڌايو تـ امر فياض جي پگهار 96 هزار هئي، آڊٽ آبجيڪشن لڳو ته ڪانٽيجينسي مان وڌ ۾ وڌ 40 هزار روپيا پگهار ڏئي سگهجي ٿي، انڪري پگهار گهٽجي وئي.
هتي اهو واضح ٿيو ته امر فياض جي مقرري ثقافت کاتي جي پلاننگ، ڊولپمينٽ، مانيٽرنگ، امپليمينٽيشن سيل ۾ هئي ۽ اتان ئي سندس پگهار ايندي رهي آهي.
عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ کي گذريل سال 25 -2024ع ۾ 5 ڪروڙ 29 لک 41 هزار روپين جي بجيٽ ملي هئي، جيڪا خرچ ٿي. جڏهن ته تخمينو 14 ڪروڙ 71 لک 16 هزار جو پيش ڪيل آهي. هلندڙ مالي سال 2025-2026ع ۾ بجيٽ بڪ مطابق هڪ ڪروڙ 16 لک 26 هزار روپين جي بجيٽ موجود آهي، جڏهن ته باقي بجيٽ لاءِ سنڌ حڪومت کي لکيو ويو آهي. انسٽيٽيوٽ ۾ ڪل پنج ملازم ڪانٽريڪٽ تي مقرر آهن، جن جي پگهار رڪارڊ مطابق 43 هزار کان 75 هزار رپين تائين آهي. سال ۾ پگهارن جو خرچ 70 لک روپين تائين ٿئي ٿو.
امر فياض دل برداشتہ ۽ حالتن اڳيان بيوس ٿي، پنھنجي گفتگو ۾ چيو هو ته اداري کي پنھنجي گهر جي پئسن ۾ هلائڻ مون لاءِ ممڪن ناهي رهيو ۽ آئون وڌيڪ ڪم نٿو ڪري سگهان. هن باقي جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، انهن جو ڪلچر کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه کي ضرور جواب ڏيڻ گهرجي، جيڪو عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽوٽ جي بورڊ جا چيئرمين آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جيان قائم ڪيل هي هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو سنڌ اسيمبليءَ طرفان عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ جي نالي سان قانون سازي تحت قائم ڪيو ويو آهي. هي ادارو ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتي، حڪومت سنڌ جي انتظامي نگرانيءَ هيٺ ڪم ڪري ٿو۔ انسٽيٽوٽ سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽيشنل ۽ ٽيڪنيڪي ترقي جي واڌاري لاءِ سرگرم عمل آهي.
سنڌ اسيمبليءَ جي منظور ڪيل ايڪٽ مطابق عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ جا الڳ فنڊ هوندا، جن ۾ سرڪاري گرانٽس، امدادون، خريد و فروخت جن ۾ سافٽ ويئرز، ايپليڪيشنون ۽ اداري جون اشاعتون شامل آهن. انهن مان حاصل ٿيندڙ ناڻو اداري جي مالي سگهه بڻبو. اداري جي ڪم جو تعين ۽ فيصلا سازي بورڊ ڪندو۔
بورڊ جو چيئرمين ثقافت کاتي جو صوبائي وزير يا صوبائي صلاحڪار هوندو۔ بورڊ 9 ميمبرن تي مشتمل هوندو، جنھن ۾ چار سرڪاري ۽ پنج غير سرڪاري ميمبر شامل هوندا. انهن مان ٻه سنڌ اسيمبليءجا ميمبر هوندا، جن جا نالا اسپيڪر سنڌ اسيمبلي تجويز ڪندو، جڏهن ته باقي ٽن ميمبرن جا نالا چيئرمين تجويز ڪندو، جن جي مقرري وزيراعليٰ سنڌ ڪندو.

سنڌيءَ کي ڪمپيوٽر جي ٻولي بڻائيندڙ، هن وقت آمريڪا ۾ رهائش پذير سائين عبدالماجد ڀرڳڙي تاحيات بورڊ جو شريڪ چيئرمين رهندو. ثقافت کاتي جي صوبائي وزير يا مشير جي غير موجودگيءَ ۾ عبدالماجد ڀرڳڙي ئي چيئرمين هوندو. جڏهن ته چيئرمين ۽ شريڪ چيئرمين ٻنهي جي غير موجودگيءَ ۾ ثقافت کاتي جو سيڪريٽري بورڊ جو چيئرمين هوندو.
رڪارڊ موجب عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ ۾ هيٺيون آساميون موجود آهن، جيڪي خالي آهن ۽ حڪومت انهن تي ڀرتي نٿي ڪري:
• ڊائريڪٽر- بي پي ايس 19
• اسسٽنٽ ڊائريڪٽر- بي پي ايس 17 (2)
• اسسٽنٽ- بي پي ايس 16
• سينيئر ڪلارڪ- بي پي ايس 14
• جونيئر ڪلارڪ- بي پي ايس 11
• چوڪيدار- بي پي ايس 01 (2)
• نائب قاصد- بي پي ايس 01
• سينيٽري ورڪر- بي پي ايس 01

سنڌ اسيمبليءَ پاران ڪيل قانونسازي مطابق ڊائريڪٽر جو عھدو 20هين يا 19هين گريڊ جو هوندو، پر هن وقت 19ھين گريڊ جي پوسٽ رکيل آهي. ايستائين عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ جي بجيٽ ڪيئن خرچ ٿيندي رهي آهي، انهي بجيٽ جي منظوري ڪھڙي فورم تان ورتي وئي آهي ۽ بورڊ جا سال ۾ ڪيترا اجلاس ٿيندا رهيا آهن، انهن سوالن جي جوابن اچڻ سان ئي معلوم ٿيندو ته ثقافت کاتو سنڌي ٻوليءَ جي مشيني ذهانت جي دور ۾ ڪھڙي ترقي چاهي ٿو ۽ ترقيءَ جو اهو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ کاتي جي وزير، سيڪريٽري ۽ باقي ڪامورن جي ڪيتري دلچسپي آهي.