تعليم – Sarangaa

طاقت، علم ۽ گهڙيل بيانيو
مون کي اهو ڪلاس اڄ به ياد آهي. هي 1991ع جو ذڪر آهي. اسين واپڊا ۾ پيشيوراڻي فني تربيت حاصل ڪندڙ جونيئر سول انجنيئر هئاسين؛ پاڪستان جي هر صوبي مان آيل نوجوان ان ۾ شامل ھئا. اھا ٽیڪنیڪل ٽریننگ واپڊا جي پاڻيءَ سان لاڳاپیل پراجیڪٽن کي سمجهڻ لاءِ اھم ھئي۔ ان ۾ انجنیئري بناوت، هائيڊرولڪس جا اصول، بنیادي پراجیڪٽ مینیجمینٽ ۽ واپڊا ۾ ملازمت جو گڏيل نظم و ضبط سمجهايو ویندو هو. اسان کي ليڪچر ڏيندڙ کاتي جا سينئر انجنيئر،سوائل سائنٽسٽ، جیولاجي جا ماهر ۽ انتظامي عملدار هئا. انهن ۾ ئي هڪ سينئر سوائل سائنٽسٽ / مٽيءَ جو ماھر به شامل هو. زمين ۽ مٽيءَ بابت ڏنل ليڪچر جي بلڪل وچ ۾، هن هڪ اهڙو جملو چيو جنھن اسان کي بنھہ سُن ڪري ڇڏیو. چوڻ لڳو: ”سنڌ ۽ بلوچستان جا انجنيئر ویچارا ایئن ئي آھن ۽ ڪجهه نٿا ڄاڻن. اهي پنجاب ۽ سرحد (خيبر پختونخوا) جي جونيئر انجنيئرن کان تمام گهٽ اھلیت وارا آهن.“
اندر سڙي رک ٿيٖ ویو؛ اعتماد گم ٿيٖ ویو. سنڌ جي تیرھن جونيئر انجنيئرن هڪ وفاقي ڪلاس روم ۾ پاڻ کي ائين رَد ٿيندي ٻڌو ڄڻ ته هو برابريءَ جي ان ميز تي ويھڻ جي لائق ئي نه هجن. ان جملي حوصلا ٽوڙي ڇڏيا، ۽ ساڳئي وقت مستقبل جي آفيسرن سان ڀريل ان ڪمري اندر هڪ اهڙو سبق پڙهائي ڇڏيو، جيڪو ڪنھن نصاب ۾ لکيل نه هو: ته هن ملڪ ۾ اهليت ۽ لياقت کي صوبائي ليبل سان پرکيو وڃي ٿو.
پوءِ امتحان ٿيا. پھرين پوزيشن سنڌ جي حصي ۾ آئي. ٽين پوزيشن به سنڌ کي ئي ملي. اسان مان گهڻن جو خيال هو ته ٻي پوزيشن به سنڌ جي ئي هجڻ گهرجي ها، پر اهو سمجهيو ويو ته اتي پنجاب مان ڪنھن کي هجڻ گهرجي، نہ تہ پنجاب وارا دل ۾ ڪندا. گذريل بيچن جا رڪارڊ کولایاسین، تڏھن بہ اهو ئي سلسلو هو؛ سنڌ جا انجنيئر لاڳيتو نمايان پوزيشنون حاصل ڪندا رهيا هئا. ان دعويٰ کي رڳو ان ئي ڪسوٽيءَ تي پرکيو ويو، جنھن تي ڪنھن تربيتي اڪيڊميءَ کي پرکڻ گهرجي ها. دعويٰ ته غلط ثابت ٿي وئي، پر اهو جملو نه مئو ۽ نہ ئي ان کي ورائي چوڻ وارا.
1991ع کان وٺي 2026ع تائين، مون اسلام آباد جي ايوانن ۽ راهدارين ۾ ان ئي جملي جا مختلف روپ ۽ پڙاڏا ٻڌا آهن. ڪڏهن ڀُڻڪو ڪندي ته ڪڏهن وڏي واڪي: ”سنڌ وارا آھن ئي نااهل. هو ڪرپٽ آهن. هو سائين بابا آهن.“ مون وفاقي وزيرن کي وفاقي ادارن جي ناقص ڪارڪردگيءَ جو گندُ سنڌ مٿان اڇلائيندي ڏٺو آهي. ڪراچيءَ ۾ وفاقي رٿابندي واري وزير کان جڏهن پڇيو ويو ته سنڌ ۾ موٽر ويز ڇو نٿيون ٺھن، ته هن جو جواب هو ته سنڌ ۾ ڪرپشن آهي، تنھن ڪري رستا نٿا ٺھن. جڏهن ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي هڪ وفاقي ادارو آهي ۽ اهي شاهراهون وفاق جي ماتحت اچن ٿيون. هنن جو اهو جواب ڪو انتظامي يا مالي آڊٽ نه هو، پر سنڌ جي ماڻهن مٿان لڳايل هڪ کلم کلا فتوٰي هئي.
مان اهي سٽون ان ڪري نٿو لکان ته سنڌ ۾ بدعنوانيءَ جو ڪو مسئلو ناهي. سنڌ ۾ بدعنواني تمام گهڻي وڌي وئي آهي، چوٽان چوٽ آھي؛ ۽ ان جي بنا ڪنھن رعايت جي نشاندهي ٿيڻ گهرجي. پر آئون ان اڳئين قدم کان انڪاري آهيان، تہ ان حڪومت جي ناڪاميءَ کي سنڌ جي ماڻهن جي فطرت ۽ ڪردار جو نالو ڏنو وڃي. هي اڳيون قدم زبان جو ترڪڻ ناهي، پر هڪ باقاعدي سوچيل سمجهيل طريقو آهي. هن جي هڪ تاريخ، نفسيات ۽ هڪ پڌرو مقصد آهي.
ان ڪلاس ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، نفسيات جي ماهرن وٽ ان جو هڪ چٽو نالو آهي. هينري تاجفيل ۽ جان ٽرنر ان کي ”سماجي سڃاڻپ“ (Social Identity) جو نالو ڏنو هو. ماڻهو پنھنجي ٽولي يا گروهه سان لاڳاپي تي فخر محسوس ڪن ٿا، پوءِ هو ”اسين“ ۽ ”هو“ واري وڇوٽيءَ کي وڌيڪ ويڪرو ڪري ڇڏيندا آهن ۽ مخالف ٽولي جي هر ماڻهوءَ کي هڪ ئي لٺ سان هڪليندا آهن. ”اهي سڀ هڪ جھڙا آهن“ ڪا مشاهدي واري سچائي ناهي، پر ذهن جي هڪ پراڻي ۽ مدي خارج عادت آهي. ڪجهه صوبن کي قابليت ۽ هنر سان ڳنڍيو وڃي ٿو ۽ ڪجهه کي پوئتي پیل لیکیو وڃي ٿو. 1991ع واري ڪلاس ۾ لَوڙَ ڪري ھنیل اھو ٺٺول وارو جملو ۽ 2026ع جي ٽيليويزن تي ڏيکاريو ويندڙ جاھل وارو ڪردار ٻه ڌار شيون ناهن؛ اهي انسانن کي هڪڙي ئي تارازيءَ ۾ تورين ٿا.
طاقت رڳو ماڻهن جون زبانون بند نٿي ڪري. فلسفي مشيل فوڪو مطابق، طاقت اهو به طئي ڪندي آهي ته ڪھڙي ڳالهه کي ”علم“ مڃيو ويندو: ڪنھن کي ”ٽيڪنيڪل ماهر“ چيو ويندو، ڪھڙي دير کي رٿابنديءَ جو عيب سمجهيو ويندو ۽ ڪھڙي دير کي وري سنڌين جي فطرت یا نااھلي ڪوٺیو ويندو.
انگریز بیٺڪي حڪمران اڳ ئي هن خطي کي ويڙهاڪ ۽ غير ويڙهاڪ، ترقي يافته ۽ پوئتي پیل خانن ۾ ورهائي چڪا هئا. 1857ع کان پوءِ پنجاب فوج جي ڀرتيءَ جو مرڪز بڻجي ويو، جڏهن ته سنڌ انگریزن لاءِ ڀرتي وارو پرڳڻو نہ ھو. ون يونٽ واري دور ۾ صوبائي ۽ مرڪزي کاتن ۾ نوڪریون گهڻو ڪري پنجاب کي ڏنیون ویون. جڏهن ون يونٽ ختم ٿي ويو، تڏهن به ڏسڻ ۽ پرکڻ جي اها عادت ختم نه ٿي.
وفاقي نوڪرين ۾ هاڻوڪي حصيداري ڪا اجائي پٽاڙ ناهي. سينيٽ جي هڪ ذيلي ڪميٽيءَ کي 2026ع ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي سيڪريٽريٽ جي 13,133 ملازمن مان، اسلام آباد سميت پنجاب جو حصو 67.22 سيڪڙو هو، جڏهن ته سنڌ مان رڳو 11.35 سيڪڙو هو. هي انھي ڪلاس جي بناوت آهي. جنھن ۾ چیو وڃي ٿو ته فلاڻن کي تہ ڪجهه اچي ئي نہ ٿو؛ تہ پوءِ انھن کي ڇو تہ نوڪرين ۾ کڻبو؟! . ائين هڪ مقامي سمجهه پوري ملڪ جي گڏيل دانش جو روپ ڌاري وٺندي آهي. ڪوٽا سسٽم جو مقصد ان اڻبرابريءَ کي درست ڪرڻ هو، پر ان کي پاڻ هڪ داغ بڻايو ويو. ٻھراڙي سنڌ سان تعلق رکندڙ آفيسر جي پٺيان اڄ به اها سُس پُس ڪئي ويندي آهي ته هو ”ڪوٽا ڪيس“ آهي، توڙي جو هن ساڳين ئي پیپر ۽ ساڳيو ئي امتحان پاس ڪيو هجي.
زميني نتيجن کي رڳو ”تاثر“ چئي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان اڪنامڪ سروي 2025-26ع موجب پڙهيل لکيل هجڻ جي شرح (خواندگي) پنجاب ۾ 68 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ 58 سيڪڙو آهي. ٻھراڙي واري سنڌ ۾ اها شرح رڳو 39 سيڪڙو آهي. اها اسڪولن ۽ مقامي حڪومتن جي ناڪامي آهي؛ هي ان ڳالهه جو ثبوت هرگز ناهي ته سنڌي سکڻ ۽ پڙهڻ جي صلاحيت کان وانجهيل آهن. ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل پاڪستان جو 2025ع وارو سروي به اهڙي ئي قسم جون حقيقتون سامهون آڻي ٿو. پنجاب ۾ پوليس کي سڀ کان وڌيڪ بدعنوان سمجهيو ويو (34 سيڪڙو)، جڏهن ته سنڌ ۾ اها شرح 21 سيڪڙو هئي. عوامي سھولتون حاصل ڪرڻ لاءِ رشوت ڏيڻ جو اعتراف ڪندڙن جي شرح سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ يعني 46 سيڪڙو هئي، جڏهن ته پنجاب ۾ اها 39 سيڪڙو هئي. اسپتالن جي حالت سنڌ ۾ تمام خراب ڏيکاري وئي. تنھن ڪري ٻه متضاد سچايون هڪ ئي وقت موجود آهن: سنڌ ڪو اڪيلي سر بدعنوان ناهي، پر سنڌ کي عوامي سھولتن جي فراهميءَ ۾ هڪ حقيقي ۽ ڳنڀير بحران آهي.
هلندڙ هفتي ان پراڻي روش جو هڪ نئون امتحان سامهون آيو. سکر آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروسز پاران جاري ڪيل سنڌ ايم ڊي ڪيٽ (MDCAT) 2026ع جي نتيجن ۾، ڪراچي ڊويزن جو ڪو به اميدوار شروعاتي 20 پوزيشنن ۾ شامل نہ ھو. ڪراچيءَ جو پھريون نالو 21هين نمبر تي آيو. شڪارپور جي هڪ نياڻيءَ 180 مان 179 مارڪون حاصل ڪيون. ٿرپارڪر جا پنج شاگرد ٽاپ وارن ویھن ۾ شامل رهيا. ٻيون پوزيشنون لاڙڪاڻي، بدين، خيرپور، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن جي نالي رهيون. ڪراچيءَ جو گڏيل پاس ٿيڻ جو تناسب جيتوڻيڪ باقي سموري سنڌ کان اڃا به وڌيڪ رهيو ۽ ان جا 18 شاگرد ٽاپ 100 ۾ شامل ٿيا، جڏهن ته گذريل ئي سال هن شھر پھرين ٽئي پوزيشنون ماڻيون هيون. ان حقیقتن جي ھوندي بہ ، سرخي اها ئي ٺھندي ته ڪراچي پھرين 20 پوزيشنن مان ئي ٻاهر آهي. اقتدار جي ايوانن ۾ اها سرخي ”سنڌ“ نالي فائيل سان ٽوپي ويندي، ۽ شھر ۾ ان کي ”ڪراچي ختم ٿي ويو“ واري فائيل ۾ اڇليو ويندو. اهي ٻئي فائيل اصل ڳالهه کان بنھ پري آھن! . هڪ اهڙو ضلعو جنھن کي اڪثر صفا پوئتي پیل چيو وڃي ٿو، تنھن جي شاندار رزلٽ ڪجهه ٻیو ٻڌائي رھی آھي. ھنن نتیجن جا انیڪ سبب ٿي سگهن ٿا؛ پر هي ان گهڙيل سانچي ۾ پورو نٿو ويھي؛ هي ته 1991ع وارن نتيجن سان ميل کائي ٿو! قابليت ڪنھن ڊوميسائل تي لڳل مُھر جو نالو ناهي.
موٽر وي جي مثال کي قصن ۽ ڪھاڻين بدران قانون جي دائري ۾ ڏسڻ گهرجي. موٽر ويز هڪ وفاقي نيٽ ورڪ آهن. ملتان-سکر ۽ ڪراچي-حيدرآباد موٽر ويز موجود آهن. سکر-حيدرآباد موٽر وي سالن کان رولڙي جو شڪار آهي. دير جا بيشمار سبب هوندا آهن: وفاقي فنڊ، ٺيڪيدار، سيڪيورٽي، زمين جو وقتائتو ملڻ ۽ عدالتي ڪيس. انهن سڀني معاملن کي گڏي رڳو ”سنڌ واسين جي ڪرپشن“ جو ليبل هڻڻ دراصل ان اداري کي بچائڻ آهي جنھن جي ذميواري هي رستو ٺاهڻ هئي. هي 1991ع جو ساڳيو ئي جملو آهي، جيڪو هن ڀيري هڪ وفاقي وزير جي زبان مان ادا ٿيو.
ڇا هي سڄو جهيڙو طاقت ۽ وسيلن تي قبضي جو آهي؟ ان جو جواب ھڪ پڪي ها ناھي. جيڪي ماڻهو ”قومي یاملڪي اهليت“ جو معيار مقرر ڪندڙ ادارن ۾ ويٺل آهن، اهي ئي اهو به طئي ڪن ٿا ته ماهر ڪنھن کي نظر اچڻ گهرجي. صوبائي اقتدار تي قابض عنصر—جاگيرداراڻي سياست ۽ ڪمزور بلدياتي نظام—مراعتن ۽ پنھنجن کي نوازڻ جو هڪ اهڙو نظام کڙو ڪن ٿا جيڪو هڪ تلخ حقيقت آهي، پر اها ڪنھن نسل يا رت جو عيب ناهي. ۽ جن کي الزامن جو رخ موڙڻ جي سھولت مليل آهي، اهي ان بيانيي کي مڪمل ڪن ٿا. جڏهن سنڌ ۾ ڪا وفاقي شاهراهه ناڪام ٿئي ٿي ته ان کي سنڌين جي ڪردار جو عيب قرار ڏنو وڃي ٿو؛ ۽ جڏهن اها ساڳي ناڪامي پنجاب ۾ جنم وٺي ٿي ته ڪھاڻي رڳو ناگزير حالتن جي بڻجي وڃي ٿي. اصل داءُ تي ته پاڻي، اين ايف سي ايوارڊ، ترقياتي رٿائن جون اوليتون ۽ شھرن جون زمينون لڳل آهن. هڪ مدي خارج ليبل سوديبازيءَ کي سستو بڻائي ڇڏي ٿو. جيڪڏهن ٻئي ڌر کي پيدائشي طور تي نااهل قرار ڏنو وڃي، ته پوءِ اوهان کي ادارن جي سڌاري جي ڪا ضرورت نٿي رهي؛ اوهان کي بس هڪ ليڪچر ڏیڻو ٿو پوي ٿو، جیڪو 35 سال اڳ اسان کي ٽریننگ ۾ ٻڌایو ویو ھو.
هن مسئلي کي چئن پڌرن نقطن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو: پھریون، اهو گمان وساري ویھو ته ڪو هنر ۽ مھارت ڪنھن خاص صوبي جي ميراث آهي؛ 1991ع جا نتيجا اهو ثابت ڪري چڪا آهن ته ائين ناهي. ٻیو، ذميواري ان ئي اداري تي وجهو جنھن جي حوالي اهو ڪم آهي؛ نيشنل هاءِ وي اٿارٽيءَ کي بطور وفاقي ادارو جوابدہ بڻايو، ۽ جتي اسپتالون، اسڪول ۽ بلدياتي نظام ناڪام ٿين، اتي سنڌ حڪومت جي ڳچي پڪڙيو. ٽیون، طبقي ۽ عهدي جي نشاندهي ڪريو، نه ڪي نسل ۽ رت جي؛ ”سائين بابا“ وارو طعنو هڪ جاگيردار اشرافيا ڏانھن اشارو ڪري ٿو، اهو سنڌين جو سڃاڻپ نامو نٿو بڻجي سگهي. ڇوٿون، هن بيانيي کي هڪ باقاعدي هٿيار سمجهو؛ جيڪا ڳالهه 1991ع ۾ غلط ثابت ٿيڻ باوجود اڄ تائين جيئري آهي، اها ڪا بي مقصد ڳالهه ناهي. ان جو ٽوڙ ڪنھن ٻئي صوبي خلاف من گهڙت ڪھاڻيون ٺاهڻ ناهي، پر عوامي سطح تي حقيقتن ۽ انگن اکرن کي آمهون سامهون آڻڻ آهي، ته جيئن تعصب جو پردو ھٽائي سگهجي.
هڪ منصفاڻو نقطئه نظر هر ڌر لاءِ ڪڙو هوندو آهي. سنڌ ۾ عوامي سھولتن جي فراهميءَ جو حقيقي بحران آهي، ۽ هي رڳو ڪو ”ناڪاري تاثر“ ناهي پر زمیني حقیقت آھي. وفاق کي به هڪ ڳنڀير مسئلو درپيش آهي ته مرڪز جي کاتن ۾ سنڌ بلوچستان جا ماڻهو نالي ماتر آھن ۽ اتي ڪیئن ناڪامين جو بيانيو گهڙيو وڃي ٿو؛ ۽ هي معاملو به رڳو ”ميرٽ“ جو ناهي. مان 1991ع ۾ ان ئي ڪمري ۾ موجود هئس. مون اهو جملو پنھنجن ڪنن سان ٻڌو هو. مون نتيجا پنھنجي اکين سان ڏٺا هئا. پنجٽيھه ورهين دوران مون اهو ساڳيو ئي جملو مختلف لھجن ۾ وري وري ٻڌو آهي. سنڌ جا اهي تیرھن جونيئر انجنيئر جن کي چيو ويو هو ته هو ڪجهه نٿا ڄاڻن، ۽ پوءِ انهن پھرين ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، اهي ته ان مفروضي کي ڪڏھن جو ڪوڙو ثابت ڪري چڪا ھئا. پر ھڪ سوال جنھن جو جواب هن فيڊريشن اڄ تائين ناهي ڏنو، اهو هي آهي ته اها بي بنياد دعويٰ واپس ڇو نه ورتي وئي ۽ اڄ تائین ان کي ورجایو ڇو ٿو وڃي ؟!
حوالا

تاجفيل، هينري (Henri Tajfel) ۽ جان ٽرنر (John Turner). سماجي سڃاڻپ جو نظريو (Social Identity Theory). 1979ع.

فوڪو، مشيل (Michel Foucault). پاور/نالج: چونڊ انٽرويو ۽ تحريرون (Power/Knowledge: Selected Interviews and Writings).

سعيد، ايڊورڊ (Edward Said). اورينٽلزم / مشرقيت (Orientalism). 1978ع.

گرامشي، انتونيو (Antonio Gramsci). بالادستي ۽ عام فهم بابت نوٽس (Notes on Hegemony and Common Sense).

ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل پاڪستان (Transparency International Pakistan). قومي بدعنواني بابت تاثر سروي 2025ع (National Corruption Perception Survey 2025).

حڪومتِ پاڪستان (Government of Pakistan). پاڪستان اڪنامڪ سروي 2025–26ع (Pakistan Economic Survey 2025–26). تعليم وارو باب (Chapter on Education).

سينيٽ آف پاڪستان (Senate of Pakistan). اختيارن جي منتقلي بابت ذيلي ڪميٽيءَ جي ڪارروائي، جون 2026ع (Proceedings of the Sub-Committee on Devolution, June 2026). وفاقي سيڪريٽريٽ جي ويهڪن ۾ صوبائي حصيداري (Provincial share of posts in the Federal Secretariat). روزاني ”دي نيشن“ (The Nation) ۾ به شايع ٿيل، 23 جون 2026ع.

سکر آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروسز (Sukkur IBA Testing Services). سنڌ ايم ڊي ڪيٽ جا نتيجا 2026ع (Sindh MDCAT 2026 results). 28–29 سيپٽمبر 2026ع.

”ايم ڊي ڪيٽ پاس ڪندڙ پهرين 20 اميدوارن ۾ ڪراچيءَ جو ڪو به اميدوار شامل ناهي“ (“No Karachi candidate among top 20 who passed MDCAT”). روزاني ڊان (Dawn)، 29 سيپٽمبر 2026ع.

نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ايڪٽ، 1991ع (National Highway Authority Act, 1991). ايم-5، ايم-6 ۽ ايم-9 موٽرويز جي صورتحال، 2026ع (Status of the M-5, M-6 and M-9 motorways, 2026).

1857ع کان پوءِ ، بيٺڪي نظام ”جنگجو قومن“ وارو نظريو (Colonial “martial races” doctrine)، ۽ ون يونٽ جو رڪارڊ، 1955–1970ع (One Unit record, 1955–1970).

واپڊا ٽيڪنيڪل انڊڪشن ٽريننگ (WAPDA technical induction training). ليکڪ جو اکين ڏٺو احوال (Author’s eyewitness account). 1991ع.

اسان سانحن مان ڇو نٿا سکون؟
اسان وٽ هر وڏي سانحي کان پوءِ هڪ اهڙو منظر ورجائجي ٿو، جيڪو هاڻي ڄڻ ته قومي عادت بڻجي ويو آهي. ماڻهو ڏک جو اظھار ڪن ٿا، ميڊيا ڪجهه ڏينھن تائين بحث ڪري ٿي، حڪومت جا ذميوار افسوس جو اظھار ڪن ٿا، جاچ ڪاميٽي جو اعلان ٿئي ٿو، ڪجهه ننڍن عملدارن کي معطل ڪيو وڃي ٿو، متاثر خاندانن لاءِ معاوضي جو اعلان ٿئي ٿو ۽ پوءِ آهستي آهستي هر شيءِ معمول تي موٽي اچي ٿي. ائين لڳي ٿو ڄڻ سانحو نه، پر رڳو خبر ختم ٿي آهي. ڪجهه مھينن يا سالن کان پوءِ وري ساڳئي نوعيت جو ٻيو سانحو سامهون اچي ٿو ۽ اسان وري ساڳئي رستي تي هلي پئون ٿا.
‎شايد اصل سانحو اهو ناهي، جيڪو هڪ ڏينھن پيش اچي ٿو؛ اصل سانحو اهو آهي ته اسان ان مان ڪجهه به نٿا سکون.

جون 2015ع ۾، جڏهن ٽنڊو محمد خان ضلعي جي هڪ سرڪاري پرائمري اسڪول جي ڀت ڪرڻ سبب هڪ اٺن ورهين جو ٻار فوت ٿيو هو، تڏهن مون انگريزي اخبار ڊيلي ايڪسپريس ٽربيون ۾ “ڪرملنگ اسڪولز آف ٿاٽ” جي عنوان سان ڪالم لکيو هو. لڳ ڀڳ ڏهه سال پوءِ، سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ ڇتين ڪرڻ ۽ عمارتن جي زبون حاليءَ بابت مون وري انگريزي اخبار دي نيوز ۾ “بلڊنگ بلوز” جي عنوان سان لکيو. مون کي اميد هئي ته شايد اهي سانحا اسان جي حڪمرانيءَ جي انداز کي بدلائيندا ۽ وري مون کي ساڳئي موضوع تي قلم کڻڻ جي ضرورت نه پوندي.
‎پر افسوس، اڄ وري ساڳيو سوال منھنجي سامهون بيٺو آهي.

‎هن ڀيري عمرڪوٽ ۾ هڪ سرڪاري اسڪول جي ڀت ڪرڻ سبب ٽي معصوم نياڻيون حياتي وڃائي ويٺيون، جيڪي رڳو اسڪول ڀرسان لنگهي رهيون هيون. ساڳئي ڏينھن لاهور ۾ هڪ نجي ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڪرڻ سبب چوڏهن شاگرد اجل جو شڪار بڻجي ويا.
‎واقعا ٻه هئا، صوبا ٻه هئا، ادارا به الڳ هئا، پر ٻنهي سانحن جو اصل سبب ساڳيو هو.
اسان اڪثر اهڙن واقعن کي ڪنھن هڪ ٺيڪيدار، ڪنھن هڪ انجنيئر، ڪنھن هڪ هيڊ ماستر يا ڪنھن هڪ کاتي جي نااهليءَ تائين محدود ڪري ڇڏيندا آهيون. حقيقت ان کان گهڻي وڏي آهي. ڀت هڪ ڏينھن ۾ نٿي ڪري، ڇت به اوچتو نٿي وهي پوي. انهن جي ڪرڻ کان گهڻو اڳ سار سنڀال بند ٿي ويندي آهي،عمارتن جو حال ڏسڻ ڇڏي ڏيندا آهيون، خبردارين کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي ۽ ذميواري سڀني جي هئڻ باوجود عملي طور ڪنھن جي به نه رهندي آهي.
جڏهن ڀت ڪري ٿي ته دراصل رڳو ملبو نٿو ڪري؛ ان کان گهڻو اڳ حڪمرانيءَ جو اهو تصور ڪري چڪو هوندو آهي، جيڪو خطري کي پيش اچڻ کان اڳ روڪڻ جي صلاحيت رکندو آهي.

‎اسان وٽ حڪمراني اڪثر سانحي کان پوءِ شروع ٿئي ٿي، جڏهن ته سٺي حڪمراني اها هوندي آهي، جيڪا سانحي کي جنم وٺڻ ئي نه ڏئي.

اسان جي بحثن ۾ اڪثر چيو ويندو آهي ته لکين ٻار غربت، ٻارڙن جي مزدوري يا والدين جي بي ڌيانيءَ سبب اسڪولن کان ٻاهر آهن. اهي سبب پنھنجي جاءِ تي درست آهن، پر هڪ سوال اسان پاڻ کان گهٽ ئي پڇندا آهيون: ڇا رياست پاڻ والدين جو اعتماد حاصل ڪري سگهي آهي؟ والدين لاءِ پھريون سوال اهو ناهي ته اسڪول جو نصاب ڪيترو سٺو آهي؛ سندن پھريون سوال اهو هوندو آهي ته ڇا منھنجو ٻار شام جو سلامت گهر موٽي ايندو؟
انهيءَ سوال جو جواب رڳو عمرڪوٽ يا لاهور نه، پر سنڌ جا هزارين اسڪول ڏين ٿا، جتي اڄ به ڪيترائي اسڪول ٻوڏ جي تباهين جا نشان کڻي بيٺا آهن، ڪيترن وٽ بجلي ناهي، پيئڻ جو صاف پاڻي موجود ناهي، ڇوڪرين لاءِ باوقار واش روم ناهن، ۽ اها صورتحال رڳو پٺتي پيل ڳوٺن تائين محدود ناهي؛ ڪيترن شھري علائقن جا سرڪاري اسڪول به بنيادي سھولتن کان محروم آهن.
‎انهن ٻنهي سانحن کان ڪجهه ڏينھن اڳ هڪ ٻي خبر به سامهون آئي، جيڪا خوشيءَ جو باعث هئي. حيدرآباد جي هڪ سرڪاري نياڻين جي اسڪول عالمي سطح تي ورلڊز بيسٽ اسڪول پرائيز جي آخري ڏهن اسڪولن ۾ جاءِ ماڻي. بيشڪ اها سڄي سنڌ لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. ان اسڪول جي هيڊ مسٽريس، استادن، شاگردياڻين ۽ مقامي برادريءَ کي جس هجي، جن محدود وسيلن هوندي به اهڙو مثال قائم ڪيو.

پر هتي هڪ بنيادي فرق سمجهڻ ضروري آهي.
‎سٺي حڪمرانيءَ جو معيار انفرادي مثالن سان نه، پر پوري نظام سان ماپيو ويندو آهي. جيڪڏهن چاليھه هزارن جي لڳ ڀڳ سرڪاري اسڪولن مان هڪ يا ٻه اسڪول عالمي سطح تي مڃتا ماڻين ٿا ته اها يقينن خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پر ان مان اهو نتيجو ڪڍڻ درست نه ٿيندو ته سمورو تعليمي نظام به ساڳئي معيار تي بيٺل آهي. اصل ڪاميابي تڏهن چئبي، جڏهن ڪنھن به ڳوٺ يا شھر جي ٻار لاءِ محفوظ عمارت، پيئڻ جو صاف پاڻي، بجلي، ڇوڪرين لاءِ واش روم، تربيت يافته استاد ۽ سکڻ لاءِ سازگار ماحول هڪ استثنا نه، پر عام حقيقت بڻجي وڃي.
حقيقت اها آهي ته رياست جي واکاڻ رڳو وڏيون عمارتون اڏڻ يا نيون اسڪيمون شروع ڪرڻ سان ظاهر نٿي ٿئي. رياست جو اصل چھرو ان مان ظاهر ٿيندو آهي ته اها روزمره جي زندگيءَ ۾ عام شھري کي ڪيتري عزت، تحفظ ۽ سھولت فراهم ڪري ٿي. جڏهن هڪ اسڪول جي ڀت سالن تائين مرمت جي انتظار ۾ بيٺي هجي، جڏهن ٻوڏ کان پوءِ به هزارين اسڪول مڪمل بحال نه ٿيا هجن، جڏهن ڇوڪريون اڃا تائين بنيادي سھولتن کان سواءِ تعليم وٺڻ تي مجبور هجن، تڏهن مسئلو رڳو وسيلن جي کوٽ جو نه، پر ترجيحن جو به هوندو آهي.
حڪمراني صرف پاليسين سان بھتر نٿي ٿئي؛ اها ماڻهن سان بھتر ٿئي ٿي. جڏهن صحيح ماڻهو صحيح جاءِ تي ويھندا آهن، جڏهن ايمانداري، قابليت ۽ ضابطن تي عمل ڪرڻ کي اهميت ڏني ويندي آهي، تڏهن ادارا مضبوط ٿيندا آهن. پر جڏهن ميرٽ جي جاءِ سفارش، سياسي وفاداري يا ذاتي مفادن کي ملي وڃي ۽ اصولن تي بيھندڙ ماڻهو غير پسنديده بڻجي وڃن، تڏهن ادارا آهستي آهستي اندر ئي اندر ڪمزور ٿيڻ لڳندا آهن. اهڙي ڪمزوريءَ جو اظھار ڪنھن تقرير ۾ نه، پر ڪريل ڀتين، وهي ويل ڇتين ۽ بيگناهه زندگين جي نقصان جي صورت ۾ ٿيندو آهي.
‎اڄ سنڌ ۾ سرڪاري ۽ ترقياتي ڀائيوارن جي سھڪار سان هزارين نوان اسڪول تعمير يا بحال ٿي رهيا آهن. اها خوش آئند ڳالهه آهي، پر ساڳئي وقت هڪ وڏو امتحان به آهي. انهن عمارتن جي معيار جي آزاد، فني ۽ غيرجانبدار جاچ ٿيڻ گهرجي، جيئن اهي گهٽ ۾ گهٽ انهن اسڪولن جي معيار تائين ضرور پھچن، جيڪي اڳ بين الاقوامي سھڪار سان تعمير ٿيا هئا. اسان کي رڳو وڌيڪ اسڪول نه، پر وڌيڪ محفوظ ۽ پائيدار اسڪول گهرجن.
منھنجي خيال ۾ پاڪستان جو اصل مسئلو قانونن جي کوٽ نه آهي، جاچ ڪاميٽين جي کوٽ به نه آهي. اصل کوٽ اهڙي رياست جي آهي، جيڪا پنھنجين غلطين مان سکندي هجي. دنيا جون ڪامياب رياستون هر سانحي کي هڪ سبق سمجهن ٿيون؛ هو رڳو ذميوار ڳولهي فائيل بند نٿيون ڪن، پر سڄي نظام کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، ته جيئن ساڳيو سانحو ٻيھر نه ورجائجي. جيڪڏهن عمرڪوٽ ۾ اسڪول جي ڀت ڪري ٿي ته ان کان پوءِ رڳو عمرڪوٽ نه، پر سنڌ ۽ پاڪستان جي هر ضلعي ۾ اهڙين عمارتن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن لاهور ۾ هڪ نجي ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڊهي پوي ٿي ته پوءِ سڀني صوبن کي پنھنجن خانگي تعليمي ادارن جي حفاظت بابت فوري جائزو وٺڻ گهرجي. ان کي ئي اڳواٽ سوچيندڙ حڪمراني چئبو آهي.
يارهه سال اڳ مون “ڪرملنگ اسڪولز آف ٿاٽ” لکيو هو. گذريل سال “بلڊنگ بلوز” لکيو. مننجي خواهش هئي ته ٽيون ڪالم لکڻ جي ضرورت ئي نه پوي.
‎پر اڄ به مان ساڳيو سوال ورجائي رهيو آهيان:
‎اسان سانحن مان ڇو نٿا سکون؟
‎جيستائين رڳو متاثر خاندان سبق سکندا رهندا ۽ رياست نه سکندي، تيستائين ايندڙ سانحو قسمت جو لکيو نه هوندو؛ اهو اسان جي اجتماعي ناڪام حڪمرانيءَ جو نتيجو هوندو.

جذباتي خواندگي بنا جيئندڙ نسل جو الميو
پاڪستان ۾ گهٽ تعليم/لِٽريسي جي شرح بابت اسان ڳڻتيءَ جو اظھار ڪندا رهون ٿا، پر ڇا ڪڏهن اسان اهو سوچيو آهي ته اسان جي سماج ۾ ”جذباتي تعليم“ ڪيتري آهي؟ يعني ماڻهو پنھنجن جذبن کي سمجهڻ، سنڀالڻ ۽ صحيح طريقي سان ظاهر ڪرڻ بابت ڪيترو ڄاڻن ٿا؟ بدقسمتيءَ سان اهو موضوع نه تعليمي ماهرن جي ڌيان ۾ سنجيدگيءَ سان آيو آهي، نه ئي حڪومت يا بين الاقوامي ڊونر ادارن جي پاليسي سازن وٽ ڪا ترجيح حاصل ڪري سگهيو آهي.

روزانو اخبار کوليون ٿا ته زيادتي، خودڪشي، غيرت جي نالي تي قتل، گهرو تشدد يا ميڙ هٿان مارڻ جھڙيون خبرون عام جام ڏسجن ٿيون. اهي خبرون رڳو جرمَ ناهن، پر اهو ظاهر ڪن ٿيون ته اسان جو سماج اندروني طور ڪيترو نه ٽٽل ڦٽل آهي. ماڻهو معمولي تڪرار تي به ٻئي کي مارڻ تي لھي اچن ٿا. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته اسان ماڻهن کي اهو نٿا سيکاريون ته غصي کي ڪيئن سنڀالجي، مايوسيءَ کي ڪيئن برداشت ڪجي، يا ڪنھن جي دوستي يا تعلق رکڻ واري انڪار کي ڪيئن قبول ڪجي.

اڄ پنھنجي ڊائري پڙهندي، مون گذريل سال 14 جولاءِ واري ’ڪاوش‘ ۾ شايع ٿيل ڇرڪائيندڙ خبرن بابت پنھنجا نوٽ ڪيل خيال ڏٺا. جڏهن مون ان ڏينھن اخبار پڙهي، تڏهن شدت سان احساس ٿيو ته اسان جي اجتماعي شعور ۾ تشدد ڪيترو نه عام ٿي ويو آهي. هڪ ئي ڏينھن جي اخبار ۾ خوفناڪ واقعا ايترا ته موجود هيا، جو لڳو ڄڻ ڪا ڪرائيم ڊائري هجي، اخبار نه.

قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ صوبيه نالي نوجوان ڇوڪري، جنھن پنھنجيءَ پسند سان شادي ڪئي هئي، قتل ٿي وئي. سندس مڙس ۽ ڏير کي سندس ڀاءُ جي شڪايت تي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ساهرن دعويٰ ڪئي ته هن خودڪشي ڪئي آهي. شرافي ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ 35 سالن جي عورت جو ساڙيل لاش فائبر ٽينڪ مان مليو. منگهوپير ۾ هڪ شخص کي ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو، جنھن پنھنجي ڀاءُ جي سس سان ٻي شادي ڪئي هئي. خيرپور ميرس ۾ گهر وڪرو ڪرڻ واري تڪرار تي مڙس پنھنجيءَ زال کي ڇُري سان قتل ڪيو. ٽنڊي آدم ۾ سڱاوتيءَ واري جهيڙي ۾ 65 ورهين جي پوڙهي عورت مارجي وئي. لاڙڪاڻي ۾ 15 ساله ذهني طور معذور ڇوڪري اجتماعي زيادتيءَ کان پوءِ فوت ٿي وئي. نوشھري فيروز ۾ هڪ ماءُ پنھنجي پٽ جي قتل جي صدمي ۾ زندگي وڃائي ويٺي. ٽنڊي آدم ۾ فيضان ملڪ نالي نوجوان والدين طرفان موٽر سائيڪل نه وٺي ڏيڻ تي ڪاوڙ ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي. ڪوٽڙيءَ ۾ پراڻي دشمنيءَ سبب هڪ مزدور کي گولي هڻي، قتل ڪيو ويو. ان کان علاوه مبينا چور يا توهينِ مذهب جي الزام هيٺ ميڙ هٿان مارجڻ جا واقعا به هاڻي معمول جي خبر بڻجندا پيا وڃن.

اهي رڳو واقعا نه آهن، پر خطري جي خوفناڪ گھنٽي آهن. اهي ظاهر ڪن ٿا ته اسان جي سماج ۾ تڪرار، مايوسي ۽ ذهني دٻاءُ ڪيترو وڌي چڪو آهي. اهي رڳو فردي جرمَ نه، پر انتظامي ڍانچي، ثقافت، ادارن ۽ نفسيات جي ٽٽڻ جون به علامتون آهن. اڃا به حيرت جي ڳالهه اها آهي ته قتل، زيادتي، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد هاڻي ’معمولي خبر‘ بڻجي ويا آهن. زندگيءَ جو قدر گهٽجي رهيو آهي ۽ همدردي ختم ٿيندي پئي وڃي. تشدد کي اخلاقي انحراف نه، پر غصي، شرم، خواهش يا طاقت جي اظھار جو قابلِ قبول طريقو سمجهيو پيو وڃي.

خاص طور ٻارن ۽ ذهني طور معذور ماڻهن سان زيادتي جنسي خواهش نه، پر تسلط، ذلت ۽ انسانيت کان محروميءَ جو اظھار آهي. اهڙا جرمَ سماج ۾ طاقت جي عدم توازن کي ظاهر ڪن ٿا. مرد عورتن تي، وڏا ٻارن تي، صحتمند معذورن تي، جاگيردار هارين تي، مالڪ نوڪرن تي تشدد ڪن ٿا. نتيجي طور اسان جو سماج نفسياتي طور اهڙيءَ حالت کي پھچي ويو آهي، جتي ٻئي مٿان حاڪميت ڪرڻ، کيس خاموش رکڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ مقصد بڻجي ويو آهي.

هيءَ صورتحال ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته سماجي ۽ اخلاقي اصول هاڻي ماڻهن لاءِ رهنمائي جو ذريعو نه رهيا آهن. اڻبرابري، برادريءَ جي اخلاقي ڍانچي جو زوال ۽ ادارن تي بي اعتمادي مايوسي ۽ خودانصافيءَ جي رجحان کي وڌائين ٿا. اهي واقعا اتفاقي نه، پر جذباتي اڻ پڙهيائيءَ (Emotional Illiteracy) جو نتيجو آهن- يعني ماڻهو مايوسي، حسد، ڪاوڙ، شرم يا خوف کي تعميري نموني سنڀالي نٿا سگهن.

ان مسئلي جو مستقل حل رڳو عدالتن جي بھتري، قانون جي عملداري يا ذهني صحت جي خدمتن ۾ ناهي، پر تعليم ۾ آهي. اسان جا اسڪول شاگردن کي ناڪامي، دل ٽٽڻ، معاشي يا جذباتي نقصان، ذهني دٻاءَ يا استحصال سان مُنھن ڏيڻ سيکارين ئي نٿا. نتيجي ۾ هڪ اهڙو نسل تيار ٿي رهيو آهي، جيڪو شايد امتحانن ۾ ڪامياب هجي، پر جذباتي طور ڪمزور، سماجي طور اڻڄاڻ ۽ اخلاقي طور غير مستحڪم آهي. جذباتي خواندگيءَ کانسواءِ اسان ٻارن کي زندگيءَ لاءِ نه، پر صرف امتحان لاءِ تيار ڪري رهيا آهيون.

ان ڪري ننڍپڻ کان ٻارن کي پنھنجي ۽ ٻين جي جذبن کي سڃاڻڻ، نالو ڏيڻ ۽ سمجهڻ سيکارڻ ضروري آهي. جھڙوڪ غصو، اداسي، خوشي يا شرم وغيره. انهن کي اهو به سمجهائڻ گهرجي ته اهي جذبا ڇو پيدا ٿين ٿا ۽ انهن سان ڪيئن نڀائجي. اهڙين صلاحيتن سان ٻار چِڙ، مايوسي يا ڌار ٿيڻ جي حالت ۾ پُرسڪون رهڻ، ردعمل ۾ دير ڪرڻ ۽ جارحيت کان پاسو ڪرڻ سکي سگهندا. ننڍيءَ عمر کان همدردي پيدا ڪرڻ سان ٻار ٻين جي احساسن جو خيال رکندا ۽ پنھنجي رويي ۾ توازن آڻيندا.

سماج ۾ عورتن خلاف وڌندڙ تشدد ۽ مردانگيءَ جي زهرناڪ تصور کي نظر ۾ رکندي، خاص طور ڇوڪرن کي رضامندي (consent)، همدردي ۽ انڪار کي قبول ڪرڻ سيکارڻ لازمي آهي. جذباتي تعليم ٻارن کي اختلاف برداشت ڪرڻ ۽ ڪاري يا اڇي، مڪمل صحيح يا مڪمل غلط واري سوچ کان پاسو ڪرڻ سيکاريندي. هي جذبات کي دٻائڻ نه، پر انهن کي سمجهڻ ۽ صحيح رُخ ڏيڻ جو عمل آهي.

آخري ڳالهه اها آهي ته، جيڪڏهن جذباتي خواندگيءَ کي ابتدائي تعليم (ECE) کان وٺي مئٽرڪ تائين نصاب جو حصو بڻايو وڃي، ته اها پنھنجيءَ ذات، ٻين انسانن ۽ سماج خلاف وڌندڙ تشدد لاءِ هڪ روڪٿام واري ويڪسين ثابت ٿي سگهي ٿي. اميد آهي ته سنڌ حڪومت، صوبائي وزير ۽ تعليم کاتو هن سنجيده مسئلي ڏانھن ڌيان ڏيندا، جيڪو اڃا تائين ته ڪنھن وٽ به گهربل توجهه حاصل ڪري نه سگهيو آهي.

تعليم ۽ نظرياتي جمود: عدم برداشت کي هٿي ڏيندڙ نصاب
تعليم ڪنھن به سماج جي فڪري، ثقافتي ۽ معاشرتي ترقيءَ جو بنيادي ٿنڀ آھي. اھو ھڪ اھڙو عمل آھي، جيڪو فردن کي ذھني، اخلاقي ۽ سماجي سطح تي اڳتي وڌڻ جو رستو ڏيکاري ٿو. پر پاڪستان ۾ تعليمي نظام، ڀلي اھو خانگي ھجي يا سرڪاري، ڪيترن ئي چئلينجن ۽ تضادن جو شڪار آھي. انھن مسئلن مان سڀ کان وڏو مسئلو نصاب ۾ موجود اھو مواد آھي، جيڪو عدم برداشت، فرقيواريت ۽ انتھا پسنديءَ جي رجحان کي غير محسوس طريقي سان ھٿي ڏئي ٿو. نتيجي ۾، سماج ۾ رواداري ۽ ذھني وسعت جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي.
جيڪڏھن خانگي تعليمي ادارن جو جائزو وٺجي، ته اھا ڳالهه ڪافي حد تائين صحيح آھي ته اھي ادارا بنيادي طور تي نفعو ڪمائڻ وارا ڪاروباري ادارا آھن. انھن لاءِ تعليم ڪاروبار کان وڌيڪ ڪجهه به نه آھي، جنھن ۾ ھو پنھنجي پاليسين کي سماجي سڌارن بدران مارڪيٽ جي ضرورتن مطابق تبديل ڪندا آھن. تعليمي ادارا، جيڪي نئين نسل جي ذھني تربيت جو فرض نڀائين ٿا، جيڪڏھن اھي تعليم جي اصل مقصدن کان ھٽي وڃن، ته اھا ھڪ سنگين مسئلي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. انھن ادارن لاءِ تعليم رڳو ھڪ معاشي عمل بڻجي وئي آھي، جنھن ۾ اخلاقي قدر، برداشت ۽ ذھني وسعت جھڙيون خوبيون نظرانداز ڪيون وڃن ٿيون.
پر سرڪاري تعليمي ادارا پڻ ھن معاملي ۾ مختلف نه آھن. ويجهي ماضيءَ ۾ انتھاپسنديءَ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث ماڻهو سرڪاري يونيورسٽين ۽ اسڪولن جا فارغ التحصيل ھئا. ان مان اھا ڳالهھ واضح ٿئي ٿي ته مسئلو صرف تعليمي موقعن يا معيار جو نه آھي، پر نصاب ۾ شامل ان مواد جو آھي، جيڪو اسان کي فڪري آزادي، اختلاف راءِ جي احترام ۽ وسيع نظر وارن روين کان پري رکي ٿو. تعليم جو اصل مقصد ذھن سازي ۽ اخلاقي تربيت ھوندو آھي، پر جڏھن نصاب ۾ تفريق، تعصب ۽ ھڪ طرفا نظريا شامل ڪيا وڃن، ته سماجي توازن بگڙي وڃي ٿو. ھن صورتحال جي وضاحت ماھر نفسيات Albert Bandura (1925–2021) جي Social Learning Theory سان پڻ ٿي سگهي ٿي، جنھن موجب ٻار پنھنجي چوڌاري ماحول مان سکندا آھن. ٻار پنھنجي والدين، استادن، ۽ ٻين ماڻهن جي روين ۽ عملن جو مشاھدو ڪري، انھن جو نقل ڪندا آھن. جيڪڏھن تعليمي ماحول ۾ عدم برداشت، انتھاپسندي يا فرقيواريت جو رجحان موجود ھوندو، ته اھو ئي رجحان ايندڙ نسل جي شخصيت جو حصو بڻجي ويندو.
تعليمي نصاب ۾ موجود تضاد اسان کي پنھنجي مذھب، ثقافت ۽ صنفي روايتن کان ٻاھر ڏسڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي. اھي تضاد اسان کي خودپسنديءَ جي ان درجي تائين وٺي ويندا آھن، جتي اسان پنھنجن خيالن ۽ پنھنجين روايتن کان سواءِ ڪجهه به قبول ڪرڻ کي پسند ناهيون ڪندا. ان ڪري معاشري ۾ مختلف مذھبن، فرقن ۽ صنفي گروھن جي وچ ۾ عدم برداشت جو ماحول پيدا ٿئي ٿو. ماھر تعليم پائلو فراري (1921–1997)پنھنجي مشھور ڪتاب Pedagogy of the Oppressed ۾ چيو آھي ته تعليمي نظام سماج جي تشڪيل ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندو آھي. ھن دليل ڏنو ته تعليم رڳو علم جي منتقلي جو ذريعو نه آھي، پر ان جو مقصد شعور ڏيڻ ۽ سماجي تبديليءَ ۾ مددگار ثابت ٿيڻ آھي. جيڪڏھن تعليم جو مقصد رڳو نظرياتي جمود کي برقرار رکڻ ھجي، ته سماجي ترقي ممڪن نه ٿيندي. تعليم کي اھڙو ذريعو ھجڻ گهرجي، جيڪو ذھني وسعت پيدا ڪري ۽ سماجي برابريءَ کي فروغ ڏئي.

پاڪستان جو موجوده نصاب ۽ ان جي پيشڪش ھڪ خاص بيانيي کي هٿي ڏين ٿا، جنھن ۾ پنھنجي برتريءَ جو احساس ايترو گهڻو ھوندو آھي، جو عاجزي ۽ انڪساريءَ جو پھلو ختم ٿي وڃي ٿو. تعليم جو اصل مقصد شخصيت سازي ۽ بين الاقوامي سطح تي ھم آھنگ شھري پيدا ڪرڻ آھي، پر اسان جي تعليمي نظام اسان کي دنيا جي ٻين ماڻهن کان مختلف ۽ متصادم بڻائي ڇڏيو آھي. ھيءُ تضاد نه رڳو سماجي ورڇ کي گھرو ڪري ٿو، پر اسان جي عالمي سڃاڻپ کي پڻ متاثر ڪري ٿو. جان ڊيوي (1859–1952)تعليم جي عملي اھميت تي زور ڏيندي چيو ته تعليم جو مقصد فرد کي سماجي زندگيءَ لاءِ تيار ڪرڻ آھي، جيئن ھو سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري. ڊيوي جو خيال ھو ته تعليم کي زندگيءَ جي حقيقي مسئلن ۽ تجربن سان لاڳاپيل ھجڻ گھرجي. پر جڏھن تعليمي نصاب نظرياتي محدوديت جو شڪار ھجي، ته ان جا فرد سماج ۾ تعميري بدران تخريبي ڪردار ادا ڪرڻ لڳن ٿا.
رياست جو ڪردار ھتي تمام اھم آھي. اھا حڪومتن جي ذميواري آھي ته اھي پنھنجي شھرين لاءِ اھڙو تعليمي نظام جوڙين، جيڪو انھن کي عالمي سطح تي مقابلي جي قابل بڻائي. تعليم کي نظرياتي جمود مان ڪڍي عملي، تخليقي ۽ تحقيقي بنيادن تي استوار ڪيو وڃي. نصاب کي ان انداز ۾ ترتيب ڏنو وڃي ته اھو شاگردن ۾ برداشت، رواداري ۽ وسيع نظر کي فروغ ڏئي. Maria Montessori (1870–1952) ابتدائي تعليم ۾ انساني قدرن جي شموليت تي زور ڏنو آھي. ھن جي مطابق تعليم جو مقصد محبت، امن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ ھجڻ گهرجي، جيئن ننڍپڻ کان ئي سماج ۾ مثبت رجحان پيدا ٿئي. ھن جو تعليمي فلسفو ٻارن جي فطري دلچسپين ۽ صلاحيتن کي اڀارڻ تي مبني ھو.

پاڪستان ۾ عدم برداشت جي وڌندڙ رجحانن جي ھڪ ٻيو اھم سبب صنفي عدم برابري پڻ آھي. اسان جو نصاب صنفي برابريءَ بدران پدرشاھيت کي ھٿي ڏيندو آھي، جنھن سان معاشري ۾ عورتن جي حقن ۽ مقام کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. Carol Gilligan Present جنھن عورتن جي نفسيات تي ڪم ڪيو آھي، صنفي توازن ۽ انصاف جي اھميت تي زور ڏنو آھي ته جيئن ھر فرد پنھنجين صلاحيتن کي مڪمل طور ڪم آڻي سگهي. نصاب ۾ صنفي برابريءَ کي فروغ ڏيندڙ مواد شامل ڪرڻ ضروري آھي، جيئن معاشرو عورتن کي به مردن جي برابر موقعا فراھم ڪري ۽ انھن جي صلاحيتن کي تسليم ڪري.
تعليم جو اصل مقصد ذھني آزادي ۽ روشن خيالي پيدا ڪرڻ آھي، جيئن فرد سماج جي ترقيءَ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن. جيڪڏھن تعليمي نظام ۾ موجود تضادن ۽ نظرياتي انتھاپسنديءَ جو خاتمو نه ڪيو ويو، ته اسان مستقبل ۾ به ھڪ ورھايل ۽ غير متوازن معاشرو ئي ڏسنداسين. ضرورت آھي ته نصاب کي انساني قدرن، سماجي ھم آھنگي ۽ بين الاقوامي نظرين جي مطابق ترتيب ڏنو وڃي، جيئن پاڪستان جو تعليمي نظام ھڪ ترقي پسند، سھپ ۽ رواداريءَ تي مبني معاشرو پيدا ڪري سگهي.