سنڌيت – Sarangaa

سنڌ: محبت، سڃاڻپ ۽ وحدت-2
سنڌ جي ادبي روايت جي هڪ خاص خوبي اها آهي ته هتي شاعري صرف ڪتابن ۾ نه رهي آهي. شاهه جي رسالي جا ڪئين حافظ ۽ حافظياڻيون سنڌ جي مڙني حصن ۾ پوين ٽن صدين ۾ شاھ سائينءَ کي جهُونگارينديون رهيون آھن؛ سچل جون ڪافيون فقيرن جي آواز ۾ نسلن تائين پھتيون آهن؛ شيخ اياز جا گيت شاگردن، مزدورن ۽ سياسي ڪارڪنن جي زبان تي رهيا آهن؛ استاد بخاريءَ ۽ حسن درس جي شاعري ڳوٺن، شھرن ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ ساڳئي پنھنجائپ سان پڙهي وئي آهي. سياستدان، استاد، محقق ۽ مقرر، ڏاھا ۽ ٻار ان پوري شاعريءَ سان جڙيل رهيا آھن؛ انهيءَ ڪري سنڌ ۾ شاعري صرف ادب نه رهي؛ اها ماڻهن جي گڏيل يادگيري، گڏيل احساس ۽ گڏيل سڃاڻپ جو حصو بڻجي وئي.
هر نئون دور پنھنجا سوال کڻي اچي ٿو، ۽ هر نئون شاعر انهن سوالن جا جواب پنھنجي زماني جي ٻوليءَ ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر بنيادي فڪر ساڳيو رهي ٿو: سنڌ صرف رهڻ جي جاءِ نه آهي؛ اها هڪ تاريخي، ثقافتي ۽ انساني امانت آهي، جنھن کي هر پيڙهي پنھنجي پنھنجي انداز ۾ سمجهي ٿي، بيان ڪري ٿي، ۽ ايندڙ ٽھيءَ تائين پھچائي ٿي. اهڙيءَ ريت سنڌيت جو سفر اڃا جاري آهي، ۽ شايد اھا ئي هن روايت جي سڀ کان وڏي طاقت آھي.

سنڌ جو ورھاڱو ڇو نٿو ٿي سگهي؟
جيڪڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي ادبي، روحاني ۽ فڪري روايت کي هڪ مڪمل تسلسل جي صورت ۾ ڏسجي، ته هڪ ڳالهه چٽي ٿي سامهون اچي ٿي: سنڌ جي وحدت بابت سنڌين جو موقف ڪنھن هڪ سياسي جماعت، ڪنھن هڪ حڪومت يا ڪنھن هڪ دور جي پيداوار نه آهي. اهو صدين تي پکڙيل هڪ تھذيبي ٻَڌي ۽ ايڪو آهي، جنھن پنھنجي اظھار لاءِ هر دور ۾ مختلف وسيلا اختيار ڪيا آهن. ڪڏهن اهو شاهه لطيف جي سُر مارئي ۾ نظر اچي ٿو، ڪڏهن شاهه عنايت جي جدوجھد ۾، ڪڏهن شيخ اياز جي شاعريءَ ۾، ۽ ڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ جي متفقه قراردادن ۾. صورتون بدلجنديون رهيون آهن، پر بنيادي موقف ساڳيو رهيو آهي.
انهيءَ موقف جو پھريون بنياد سنڌ جي تاريخ ۾ آهي. دنيا ۾ ڪيترا ئي صوبا ۽ انتظامي علائقا حڪمرانن جي فيصلن يا بيٺڪي ضرورتن تحت وجود ۾ آيا، پر سنڌ انهن مان نه آهي. هيءَ دنيا جي قديم ترين مسلسل تھذيبي وحدتن مان هڪ آهي، جنھن جي سڃاڻپ هزارين سالن کان قائم آهي. اوڀر ۾ ٿر، اولھه ۾ کيرٿر جبل، ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ۽ وچ مان وهندڙ سنڌو درياهه رڳو قدرتي حدون نه آهن؛ اهي انهيءَ تاريخي جاگرافيءَ جا حصا آهن، جن سنڌ جي تھذيب، معيشت ۽ سماج کي شڪل ڏني.
1843ع ۾ جڏهن برطانوي فوجن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن سنڌ ڪا نئين ٺھيل انتظامي وحدت نه هئي. اها ٽالپر حڪمرانن جي ماتحت هڪ الڳ ملڪ هئو، جنھن جون پنھنجون سياسي حدون، پنھنجو حڪومتي نظام، پنھنجو مالي انتظام ۽ پاڙيسري رياستن سان پنھنجا لاڳاپا هئا. انگريزن جي قبضي کان پوءِ سنڌ کي برطانوي هندستان جي انتظامي ڍانچي ۾ شامل ڪيو ويو، ۽ ڪجهه سالن بعد بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ملايو ويو. اها تبديلي سنڌ جي تاريخي يا تھذيبي سڃاڻپ جي بنياد تي نه، پر بيٺڪي انتظامي سھولت لاءِ ڪئي وئي هئي. سنڌ جي سڃاڻپ ان سان نه جُڙي هئي، نه ئي ان سان ختم ٿي.
اهو ئي سبب هو جو سنڌ ۾ جلد ئي اها گهُر زور وٺڻ لڳي ته سنڌ کي پنھنجي الڳ حيثيت واپس ملڻ گهرجي. ڊگهي سياسي ۽ آئيني جدوجھد کان پوءِ 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ کان ڌار ڪري ٻيھر جدا صوبي جي حيثيت ڏني وئي. اها ڪا نئين صوبي جي تخليق نه هئي؛ اها سنڌ جي تاريخي ۽ سياسي حيثيت جي بحالي هئي. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ 1955ع ۾ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو، جنھن وري سنڌ سميت اولھه پاڪستان جي سڀني صوبن کي هڪ انتظامي وحدت ۾ ضم ڪري ڇڏيو. سنڌين ان فيصلي کي رڳو انتظامي تبديلي نه، پر پنھنجي تاريخي سڃاڻپ، پنھنجي ٻولي ۽ پنھنجي آئيني حقن لاءِ هڪ وڏو خطرو سمجهيو. آخرڪار 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ٿيو ۽ سنڌ جي صوبي واري حيثيت ٻيھر بحال ٿي. انهيءَ تجربي جي روشنيءَ ۾ ئي 1973ع جي آئين ۾ آرٽيڪل 239 شامل ڪيو ويو، جنھن موجب ڪنھن به صوبي جون حدون ان صوبي جي اسيمبليءَ جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي منظوريءَ کان سواءِ تبديل نٿيون ڪري سگهجن. ان کان اڳ گڏيل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پڻ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان اھو منظور ڪرڻ ضروري آھي. اهو رڳو هڪ قانوني بندوبست نه هو؛ اهو وفاق جي ان بنيادي اصول جو اظھار هو ته صوبا پنھنجي تاريخي ۽ سياسي سڃاڻپ سان وفاق جا برابر شريڪ آهن.
سنڌ اسيمبليءَ جو رڪارڊ به انهيءَ تسلسل جي تصديق ڪري ٿو. مختلف سياسي حالتن، مختلف حڪومتن ۽ مختلف جماعتن جي باوجود، سنڌ اسيمبلي ورجائيندي پڌرو ڪيو آهي ته سنڌ جي ورهاست يا ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ قبول نه ڪيو ويندو. 2019ع، 2024ع ۽21 فيبروري 2026ع تي منظور ٿيل قراردادون انهيءَ موقف جون جديد آئيني صورتون آهن. انهن جي اهميت صرف ايتري ناهي ته اهي اسيمبليءَ مان منظور ٿيون؛ اصل اهميت اها آهي ته انهن سنڌ جي اٽڪل سموري سياسي قيادت جي گڏيل راءِ کي ظاهر ڪيو. اهو ڪنھن هڪ جماعت جو موقف نه، پر صدين تي پکڙيل هڪ تھذيبي ايڪي جو جمهوري اظھار هو.
پر سنڌ جي وحدت جو سوال رڳو تاريخ ۽ آئين تائين محدود ناهي. سنڌ جو سماجي، معاشي ۽ ثقافتي ڍانچو پاڻ هڪ ٻئي سان ايترو ڳنڍيل آهي، جو ان کي مصنوعي لڪيرن سان ورهائڻ حقيقتن سان مطابقت نٿو رکي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، شھيد بينظير آباد ۽ انهن سان ڳنڍيل هزارين ڳوٺ گڏجي هڪ ئي معاشي ۽ سماجي نظام جو حصو آهن. شھرن جون صنعتون، واپار ۽ بندرگاهه ٻھراڙيءَ جي زراعت سان ڳنڍيل آهن، جڏهن ته ٻھراڙيءَ جي معيشت شھرن جي مارڪيٽن، تعليم، صحت ۽ خدمتن سان لاڳاپيل آهي. سنڌ جي صوفي روايت، سنڌي ٻولي، گڏيل تاريخ ۽ ثقافتي ورثو انهن سڀني علائقن کي اهڙيءَ ريت پاڻ ۾ جوڙي ٿو، جو انهن کي جدا جدا انتظامي وحدتن ۾ ڏسڻ، زميني حقيقتن سان مطابقت نٿو رکي.
سنڌ جي وحدت جي حق ۾ شايد سڀ کان مضبوط دليل پاڻي آهي. سنڌ کي رڳو سياسي نقشي تي ڏسي نٿو سمجهي سگهجي؛ ان کي هيٺاهين سنڌو طاس جي حيثيت سان به ڏسڻو پوندو. سنڌ جي زراعت، آبپاشي، ڊيلٽا، ساحلي پٽي ۽ عربي سمنڊ سان لاڳاپيل ماحولياتي نظام سڀئي سنڌو درياهه جي هيٺئين وهڪري سان ڳنڍيل آهن. درياهه انتظامي سرحدن مطابق نٿو وهي؛ اهو پنھنجي قدرتي طاس مطابق وهي ٿو. انهيءَ ڪري پاڻيءَ جي ورڇ، آبپاشيءَ جو انتظام، ڊيلٽا جي بحالي، سامونڊي چاڙهه کان تحفظ ۽ سامونڊي ضلعن جي بقا به گڏيل رٿابندي ۽ گڏيل انتظام جا گهُرجائو آھن. جيڪڏهن اهڙي قدرتي نظام کي انتظامي طور ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ته مسئلا گهٽ نه ٿيندا، پر وڌيڪ پيچيده ٿيندا. پاڻيءَ جي نڪتئه نظر کان سنڌ جي ورهاست جو ڪو مضبوط جواز موجود ناهي؛ حقيقت ان جي ابتڙ آهي. فطرت سنڌ کي هڪ گڏيل هيٺاهين دريائي سرزمين بڻايو آهي، ۽ اها حقيقت ڪنھن به انتظامي تجويز کان وڌيڪ مضبوط آهي.
انهن سڀني سببن کي گڏ ڪري ڏسجي ته پڌرو ٿئي ٿو ته سنڌ جي وحدت جو دفاع ڪنھن هڪ جذبي يا ڪنھن هڪ سياسي موقف تي بيٺل ناهي. ان جي پويان تاريخي تسلسل، آئيني ضمانت، سماجي حقيقت، معاشي لاڳاپا، ثقافتي ورثو ۽ ماحولياتي ضرورت؛ اهي سڀ هڪ ٻئي کي مضبوط ڪن ٿا. انهيءَ ڪري سنڌ جي ورهاست بابت سنڌين جو موقف ڪنھن عارضي سياسي ردعمل جي صورت ۾ نه، پر هڪ ڊگهي تھذيبي تجربي جي فطري نتيجي طور سامهون اچي ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ورهاست بابت هر نئون بحث آخرڪار ساڳئي بنيادي سوال ڏانھن موٽي اچي ٿو: ڇا هڪ اهڙي تاريخي، تھذيبي ۽ ماحولياتي وحدت، جيڪا هزارين سالن ۾ جُڙي هجي، ان کي رڳو انتظامي سھولت جي بنياد تي ٽُڪرن ۾ ورهائي سگهجي ٿو؟ سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي ادب، سنڌ جي آئين ۽ سنڌ جي جاگرافي، چارئي هن سوال جو هڪ ئي جواب ڏين ٿا.

هڪ نظم، جيڪو اڃا لکجي رهيو آهي
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ صوبا انتظامي سھولت لاءِ ٺاهيا ويندا آهن. وقت سان گڏ انهن جون حدون تبديل ٿينديون آهن، نوان صوبا وجود ۾ ايندا آهن، پراڻا ضم ٿيندا آهن، ۽ گهڻو ڪري انهن تبديلين کي رڳو انتظامي نظر سان ڏٺو ويندو آهي؛ پر سنڌ جي ڪھاڻي مختلف آهي.
سنڌ جي سڃاڻپ ڪنھن حڪومتي نوٽيفڪيشن، ڪنھن انتظامي فيصلي يا ڪنھن سياسي معاهدي سان شروع نه ٿي هئي. اها هزارين سالن جي گڏيل زندگي، گڏيل تاريخ، سنڌو درياهه جي وهڪري، هن ڌرتيءَ جي مٽي، ۽ انهن ماڻهن جي يادگيرين مان جُڙي آهي، جن هن سرزمين کي پنھنجو وطن سمجهيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي ادبي، سياسي ۽ فڪري روايت انهيءَ ئي حقيقت کي مختلف لفظن، مختلف دورن ۽ مختلف حالتن ۾ بيان ڪندي آئي آهي.
شاهه لطيف مارئيءَ جي وسيلي ٻڌايو ته پنھنجي ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جو ڪو مَٽ يا ڪو سودي وارو وکر ناهي. شاهه عنايت شھيد انهيءَ وفاداريءَ کي زمين تي انصاف سان ڳنڍيو. سچل سرمست ان کي انسان دوستي ۽ مذهبي رواداريءَ سان وسيع ڪيو. سامي ان گڏيل تھذيبي ورثي کي اڳتي وڌايو. شيخ اياز جديد دور ۾ انهيءَ فڪر کي سياسي شعور ۽ ثقافتي خوداعتماديءَ جي ٻولي ڏني. استاد بخاري ان آواز کي هارين، مزدورن ۽ عام ماڻهن تائين پھچايو، جڏهن ته حسن درس نئين نسل کي ياد ڏياريو ته سنڌ سان محبت، سنڌ جي درياهه، ماحول ۽ جاگرافيءَ سان محبت کان جدا نٿي ڪري سگهجي. انهن کان پوءِ به ڪيترا ئي شاعر، اديب، راڳي، محقق، سياستدان ۽ دانشور پنھنجي پنھنجي انداز ۾ انهيءَ روايت کي اڳتي وڌائيندا رهيا آهن.
انهيءَ ڪري سنڌ جي ورهاست بابت سوال، سنڌين لاءِ صرف انتظامي بحث ناهي. اهو اسان جي تاريخ، ٻولي، درياهه، ثقافت ۽ گڏيل سڃاڻپ بابت سوال آهي. ڪنھن به تاريخي تھذيب کي صرف نقشي تي ڇِڪيل لڪيرن سان سمجهي نٿو سگهجي، ۽ نه ئي ان جي وحدت کي رڳو انتظامي سھولت جي معيار تي پرکي سگهجي ٿو. سنڌ جي معاملي ۾ اها حقيقت وڌيڪ نمايان آهي، ڇاڪاڻ ته هتي تاريخ، جاگرافي، پاڻي، ٻولي ۽ ثقافت هڪ ٻئي سان اهڙيءَ ريت ڳنڍيل ۽ ڳُتيل آهن، جو انهن مان ڪنھن هڪ کي جدا ڪري ڏسڻ سان سڄي تصوير اڻپوري ٿي وڃي ٿي.
مارئي جي چونڊ، ترجيح، حوصلو ۽ وطن جي حب پوين ڪئين سياسي سماجي دورن جيان اڄ به سنڌ جي اجتماعي يادگيريءَ ۾ ساڳئي تازگيءَ سان زندهه آهي. ان دوران حڪومتون مَٽيون، سلطنتون ختم ٿيون، نوان ملڪ وجود ۾ آيا، آئين لکيا ويا، ۽ سياسي حالتون وري وري تبديل ٿيون، پر مارئيءَ جو جواب نه بدليو.
شايد اهو ئي هن ليک جو اصل نچُوڙ آهي.
سنڌ جي وحدت بابت سنڌين جو موقف ڪنھن عارضي سياسي جذبي جو نتيجو نه، پر هڪ ڊگهي تاريخي، ثقافتي ۽ فڪري سفر جي پختگي آهي. انهيءَ ڪري سنڌ جي ورهاست بابت هر نئون سوال، آخرڪار وري مارئيءَ جي انهيءَ ئي جواب ڏانھن موٽي اچي ٿو، جيڪو شاهه لطيف صديون اڳ سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو هو.
هر نئون دور ان کي پنھنجن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو، هر نسل ان کي پنھنجين حالتن ۾ سمجهي ٿو، ۽ هر ڀيري جڏهن سنڌ بابت ڪو بنيادي سوال اٿاريو وڃي ٿو، ته ان جو جواب وري انهيءَ ساڳئي تاريخي يادگيريءَ مان ملي ٿو، جيڪا صدين کان هن ڌرتيءَ سان گڏ جيئري آهي.
سنڌ صرف نقشي تي موجود هڪ صوبو ناهي. اها هڪ زندهه تھذيب آهي. ۽ اها تھذيب اڃا پنھنجي ڪھاڻي لکي رهي آهي۔ پنھنجو نظم سرجي رھي آھي! (پورو ٿيو)

سنڌ: محبت، سڃاڻپ ۽ وحدت-1
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مارئي هڪ اهڙي ڳوٺاڻي ڇوڪري آهي، جيڪا صدين کان سنڌين جي اجتماعي يادگيريءَ جو حصو بڻيل آهي. هوءَ نه راڻي آهي، نه ڪنھن سلطنت جي وارث، نه جنگ جي فاتح. هوءَ ٿر جي ملير جي هڪ سادي مارئي آهي، جنھن کي بادشاھ عمر سومرو زبردستي پنھنجي محل ۾ قيد ڪري ٿو. هو کيس پَٽ پَٽيھر آڇي ٿو، سونَ جا زيور ڏئي ٿو، راڻي بڻائڻ جو واعدو ڪري ٿو، ۽ محل جون سڀ آسائشون سندس قدمن ۾ رکي ٿو. پر مارئي انهن سڀني کي ٿُڏي ڇڏي ٿي. هن جي خواهش، سِڪ، اُڪير ۽ طلب فقط هڪ آهي: پنھنجي ملير ڏانھن موٽي وڃڻ؛ پنھنجن مارن وٽ، پنھنجن پکن، اُونهن کوهن ۽ ڀٽن ڏانھن.
شاهه لطيف جي مارئي پنھنجي ڌرتيءَ، پنھنجن ماڻهن ۽ پنھنجي سڃاڻپ تي ڪا سوديبازي قبول نٿي ڪري ۽ سون تي سيڻَ مٽائڻ واري ناھي. محل، دولت ۽ اقتدار سندس لاءِ ان مٽيءَ کان وڌيڪ قيمتي ناهن، جنھن ۾ هوءَ پلي وڌي آهي. جڏهن کيس اھو احساس ٿئي ٿو ته ڪٿي هوءَ ساري عمر، عمر جي قيد ۾ باندياڻي ٿي ته نه رھندي، تڏهن به سندس آخري خواهش مرڻ کان پوءِ سندس مڙھ ۽ مٽي ملير موٽائي موڪلڻ جي آهي! شاهه سائين هتي رڳو هڪ لوڪ ڪھاڻي بيان نٿو ڪري؛ هو انسان ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ اهڙي رشتي کي لفظ ڏئي ٿو، جيڪو ڪنھن به لالچ، طاقت يا جبر کان مٿانھون آهي.
سُر مارئي لڳ ڀڳ ٽن صدين کان يا شايد ان کان به اڳ سنڌين جي زبان تي زنده رهيو آهي. اهو درگاهن تي به ڳايو ويو آهي، اوطاقن ۾ به، سگهڙن ۽ سھرا ڳائيندڙ يا پنھنجن پيڪن کي ساريندڙ عورتن جي آلاپ ۾، گهرن ۾ به، ۽ اسڪولن کان اڳ ماءُ جي هنجَ ۾ به ٻارن کي ٻڌايو ويو آهي. شايد ئي ڪو سنڌ ڄائو يا ڄائي هجي، جنھن مارئيءَ جو نالو نه ٻڌو هجي يا شاهه جي بيتن ۾ سندس “ وطن لاءِ حب“ کي محسوس نه ڪيو هجي. انهيءَ ڪري سنڌين کي ڪڏهن به اها وضاحت ڪرڻي نه پئي آهي ته مارئيءَ جو فيصلو رڳو هڪ عورت جو ذاتي فيصلو نه هو؛ اهو پنھنجي ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جو اهڙو اظھار هو، جيڪو سنڌ جي اجتماعي شعور جو حصو ھو، ۽ آھي.
مارئيءَ جي داستان ۾ ملير صرف هڪ ڳوٺ جو نالو ناهي. اهو پنھنجي وطن، پنھنجن ماڻهن ۽ پنھنجي زندگيءَ جو اھڃاڻ آهي. عمر جو محل صرف هڪ بادشاهه جو محل ناهي؛ اهو هر اهڙي طاقت جي علامت آهي، جيڪا ڪنھن ماڻهوءَ کي سندس ڌرتيءَ، سندس ٻولي، سندس سماج يا سندس سڃاڻپ کان ڌار ڪرڻ چاهي ٿي. مارئيءَ جو انڪار ان ڪري رڳو ذاتي وفاداري نه، پر اصولن تي بيھڻ، پنھنجي وجود کي سڃاڻڻ ۽ پنھنجي ڌرتيءَ سان نڀائڻ جو استعارو بڻجي وڃي ٿو. شايد انهيءَ ڪري هر دور پنھنجي حالتن موجب مارئيءَ کي نئين معنيٰ سان پڙهيو آهي، پر سندس جواب ڪڏهن به نه بدليو آهي.
سنڌ کان ٻاهر وارن لاءِ اهو سوال اڄ به حيرت جو سبب بڻجي سگهي ٿو ته آخر سنڌي پنھنجي صوبي جي ورهاست کي ايتري ٻڌيءَ سان ڇو رد ڪن ٿا؟ اهو سوال ورجائيندي، ڪجهه سالن کان پوءِ ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ وري سامهون اچي بيھي ٿو. ڪڏهن اهو انتظامي سڌارن جي نالي تي اٿاريو وڃي ٿو، ڪڏهن شھري ۽ ٻھراڙيءَ جي ورهاست جي نالي تي، ۽ ڪڏهن ڪراچيءَ جي الڳ حيثيت بابت بحثن جي صورت ۾. پر سنڌين جو جواب، هر ڀيري، ساڳيو رهيو آهي. اهو جواب ڪنھن هڪ سياسي جماعت جو موقف نه آهي، نه ڪنھن هڪ پيڙهيءَ جو ردعمل، ۽ نه ئي ڪنھن عارضي سياسي تڪرار جو نتيجو. اهو هڪ گھري تاريخي ۽ تھذيبي يادگيريءَ مان نسري وڌي وڏو وڻ ٿيل آھي. اھا يادگيري صدين کان سنڌ جي فڪر، ادب ۽ روحاني روايت ۾ ڳوھجي محفوظ ٿي وئي آهي.
انهيءَ ڪري جيڪڏهن هن سوال جو جواب ڳولڻو هجي ته شروعات ھاڻوڪي سياست کان نه، پر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُر مارئيءَ کان ڪرڻي پوندي. ڇو ته سنڌ جي وحدت بابت سنڌين جو موقف اسيمبلين جي قراردادن کان گهڻو اڳ، بيتن ۾، لوڪ ڪھاڻين ۾ ۽ اجتماعي يادگيريءَ ۾ پنھنجي جاءِ ٺاهي چڪو هو. مارئيءَ جي زبان ۾ شاهه لطيف جيڪو جواب ڏنو، اهو ئي جواب صدين کان سنڌ جي ثقافتي شعور جو پڙاڏو رهيو آھي: وطن جي بدلي محل قبول نٿو ڪري سگهجي، ۽ ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جو ڪو مَٽ نٿو ٿي سگهي.

سنڌيت: ڌرتي، درياهه ۽ سڃاڻپ
سنڌيت جي وصف ڪنھن ھڪ جملي ۾ بيان نه ٿي ڪري سگهجي. اها نه سنڌي ٻولي ڳالهائڻ جو نالو آهي، نه ڪنھن هڪ پيڙهي، نسل يا ذات سان وابستگيءَ جو، ۽ نه ئي جديد سياسي قومپرستيءَ جو ڪو تصور. سنڌيت هڪ ڊگهي تاريخي عمل جو نتيجو آهي، جنھن ۾ ڌرتي، درياهه، ماڻهو، ٻولي، ثقافت، روحانيت ۽ گڏيل تاريخ آهستي آهستي هڪ ٻئي ۾ رَچي راس ٿي ويا آهن. انهيءَ ڪري سنڌ جي سڃاڻپ ڪنھن هڪ حڪمران، ڪنھن هڪ سلطنت يا ڪنھن هڪ سياسي دور جي پيداوار نه آهي. اها هزارين سالن جي گڏيل زندگيءَ مان جنم ورتل هڪ تھذيبي حقيقت آهي.
سنڌ جي تاريخ تي نظر وجهجي ته خبر پوندي ته هيءَ سرزمين هميشه کُليل دل واري رهي آهي. واپار جا رستا هتي اچي ملندا رهيا، وڻجارا ساري دنيا ڏانھن سفر ڪندا رهيا، مختلف قومون هتي اچي آباد ٿينديون رهيون، نوان مذهب، نيون ٻوليون ۽ نيون ثقافتي روايتون به هتي پھتيون، پر سنڌ انهن کي پاڻ ۾ جذب ڪندي رهي. عرب واپاري، بلوچ قبيلا، فارسي سيد، وچ ايشيا جا ترڪ، پٺاڻ، آفريڪا کان آيل شيدي، گجرات مان وري صدين کان پوءِ موٽي ايندڙ ميمڻ، ۽ ورهاڱي کان پوءِ لڏي آيل لکين اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ- انهن سڀني سنڌ جي سماج ۾ پنھنجو پنھنجو حصو شامل ڪيو. سنڌيت جي قوت هميشه ان ۾ رهي آهي ته هن ٻين کي ميساريو نه، پر پاڻ ۾ شامل ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي تھذيبي سڃاڻپ هميشه وسيع ۽ گهڻ رُخي رهي آهي.
هن سڄي سڃاڻپ جو ھڪ مرڪز آهي، سنڌو درياهه!
سنڌ کي جيڪڏهن ڪنھن هڪ وجود گهاڙيٽو يا قالب ڏنو آهي ته اهو سنڌو آهي. هن درياهه رڳو پَٽن کي سائو نه ڪيو؛ هن ماڻهن جي رهڻي ڪھڻي، زراعت، واپار، ٻولي، لوڪ ادب ۽ اجتماعي يادگيريءَ کي به شڪل ڏني. ”سنڌ” ۽ ”سنڌو” الڳ حقيقتون نه آهن. مھراڻ صرف پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي؛ اهو هن سرزمين جي تاريخي وجود جو بنيادي محور آهي. هزارين سالن کان هن درياهه جي لھرن سان گڏ شھر آباد ٿيا، ڳوٺ وجود ۾ آيا، تھذيبن ترقيون ڪيون، ۽ ماڻهن پنھنجي سڃاڻپ جوڙڻ شروع ڪئي. انهيءَ ڪري سنڌي جڏهن سنڌوءَ جو ذڪر ڪن ٿا ته هو صرف درياهه جو نالو نٿا وٺن؛ هو پنھنجي تاريخ، پنھنجي وجود ۽ پنھنجي گڏيل يادگيريءَ جو ذڪر ڪن ٿا.
انهيءَ پسمنظر ۾ سنڌ ۾ ڌرتيءَ سان تعلق صرف معاشي يا جاگرافيائي تعلق نه رهي ٿو. اها زمين رڳو ملڪيت ناهي، ۽ نه ئي صرف فصل پيدا ڪرڻ جو ذريعو. اها ماڻهن جي يادگيرين، سندن ٻولي، سندن درگاهن، سندن قبرستانن ۽ مَساڻن، سندن لوڪ ڪھاڻين ۽ سندن روزمره زندگيءَ سان ڳنڍيل آهي. انهيءَ ڪري جڏهن اسين پنھنجي ڌرتيءَ بابت ڳالهايون ٿا ته اسان صرف مٽيءَ جي ڳالهه نٿا ڪيون؛ اسان پنھنجي سڃاڻپ جي ڳالهه ڪيون ٿا.
شايد انهيءَ ڪري سنڌ ۾ ماحوليات جو تصور به ٻين ڪيترن علائقن کان مختلف رهيو آهي. جڏهن سنڌو ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي گهٽجي ٿو، جڏهن تَمر جا ٻيلا تباهه ٿين ٿا، يا جڏهن سمنڊ آهستي آهستي ٺٽي، بدين ۽ سجاول جي زمينن ڏانھن وڌي ٿو، تڏهن اسان ان کي رڳو ماحولياتي مسئلو نٿا سمجهون، پر اها ڌرتيءَ کي پھتل تڪليف آهي، جنھن سان اسان جي تاريخ ۽ سڃاڻپ ڳنڍيل آهي. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ درياهه، ڊيلٽا ۽ زمين؛ جبل، ڪارونجهر جي حفاظت رڳو معاشي ضرورت نه، پر هڪ اخلاقي ذميواري بڻجي وڃي ٿي.
پر سنڌيت جو هڪ ٻيو اهم پاسو به آهي. اها پنھنجي ڌرتيءَ سان وفاداري سيکاري ٿي، پر ڪنھن ٻي ڌرتيءَ سان دشمني نه. شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌ سان محبت ڪڏهن به تنگ نظري يا برتريءَ جي احساس ۾ تبديل نٿي ٿئي. هو پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ خير گُهري ٿو، پر ساڳئي وقت سڄي دنيا کي آباد ڏسڻ جي دعا ڪري ٿو. سچل سرمست انسان کي مذهب، نسل ۽ فرقن جي ديوارن کان مٿانھون ڏسي ٿو. انهيءَ ڪري سنڌيت جو مطلب ڪڏهن به ٻين کي رد ڪرڻ نه رهيو آهي؛ ان جو مطلب پنھنجي ڌرتيءَ، ماڻهن ۽ سڃاڻپ سان وفادار رهڻ آهي، جڏهن ته ٻين جي سڃاڻپ ۽ ڌرتيءَ جي عزت به ساڳئي احترام سان ڪئي وڃي.
اهو ئي فڪر صدين تائين سنڌ جي ادبي، روحاني ۽ سماجي روايت ۾ پختو ٿيندو رهيو. هر دور جي شاعرن، صوفين ۽ مفڪرن ان کي پنھنجي زماني جي ٻوليءَ ۾ بيان ڪيو، پر بنيادي ڳالهه ساڳي رهي: ڌرتيءَ سان محبت، انسان سان انصاف، ۽ پنھنجي سڃاڻپ تي ڪا سوديبازي نه. انهيءَ ڪري سنڌيت ڪنھن هڪ ڪتاب يا هڪ شاعر جي تخليق نه آهي؛ اها صدين تي پکڙيل هڪ گڏيل فڪري روايت آهي، جنھن کي هر نسل پنھنجي حالتن موجب نئين معنيٰ ڏني آهي.

سنڌيت جو سفر: شاهه کان اڄ تائين
سنڌيت ڪنھن هڪ دور ۾ مڪمل نه ٿي هئي. سنڌ جي فڪري روايت به هر دور ۾ نوان تجربا، نوان سوال ۽ نوان اظھار پنھنجي اندر شامل ڪندي رهي آهي. بنيادي قدر ساڳيا رهيا، پر انهن جي تشريح وقت سان گڏ وسيع ٿيندي وئي. هر نسل پنھنجي حالتن موجب انهن کي نئين ٻولي، نئين فڪر ۽ نئين حساسيت سان بيان ڪيو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان اڳ جهوڪ شريف جي شاهه عنايت شھيد هن روايت کي عملي سماجي معنيٰ ڏني. سندس مشھور نعرو، ”جو کيڙي سو کائي”، رڳو زرعي سڌارن جو مطالبو نه هو؛ اهو ان اصول جو اظھار هو ته ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جو ڪو به تصور، ان ڌرتيءَ تي محنت ڪندڙ ماڻهن سان انصاف کان سواءِ مڪمل ٿي نٿو سگهي. جيڪڏهن زمين ڪجهه ماڻهن جي دولت بڻجي وڃي ۽ ان کي آباد ڪندڙ ماڻهو پنھنجي محنت جي ثمر کان محروم رهجي وڃن، ته پوءِ ڌرتيءَ سان محبت صرف لفظ رهجي ويندا. شاهه عنايت ان محبت کي عمل سان ڳنڍيو، ۽ انهيءَ اصول جي قيمت پنھنجي جان ڏئي ادا ڪئي.
انهيءَ روايت کي سچل سرمست وڌيڪ وسيع انساني معنيٰ ڏني. هن انسان کي مذهب، نسل ۽ فرقن جي حدن کان اڳ انسان طور ڏٺو. سندس نظر ۾ ڌرتيءَ سان محبت تڏهن ئي معنيٰ رکي ٿي، جڏهن اها انسانن جي وچ ۾ نفرت پيدا نه ڪري، پر سندن گڏيل انسانيت کي وڌيڪ مضبوط بڻائي. سنڌ جي صوفي روايت جو اهو اهم پاسو آهي، جيڪو وطن سان محبت کي ڪڏهن به ٻين سان دشمنيءَ ۾ تبديل ٿيڻ نٿو ڏئي. انهيءَ ڪري سچل جي شاعريءَ ۾ سنڌ صرف هڪ خطو نه رهي ٿي؛ اها اهڙي سرزمين بڻجي وڃي ٿي، جتي مختلف عقيدا، مختلف برادريون ۽ مختلف ثقافتي روايتون گڏجي هڪ گڏيل سماج جوڙين ٿيون.
اڻويھين صديءَ ۾ سامي هن فڪري تسلسل کي پنھنجي شاعريءَ ۾ اڳتي وڌايو. سندس ڪلام اهو ياد ڏياريندو رهيو ته سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ ڪنھن هڪ مذهب يا برادريءَ تائين محدود نه آهي. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي آباديءَ ۾ وڏيون تبديليون ضرور آيون، پر شاهه، سچل ۽ سامي جي فڪري روايت ماڻهن جي گڏيل يادگيريءَ ۾ زندهه رهي. اها روايت ٻڌائيندي رهي ته سنڌ جي تھذيب جو بنياد گڏجي رهڻ، گڏجي جيئڻ ۽ گڏجي پنھنجي ڌرتيءَ سان نڀائڻ تي بيٺل آهي.
ويھين صديءَ ۾ جڏهن سنڌ نون سياسي ۽ سماجي چئلينجن کي مُنھن ڏئي رهي هئي، تڏهن شيخ اياز انهيءَ قديم روايت کي جديد دور جي ٻولي ڏني. ون يونٽ مڙهجڻ سان سنڌ جي تاريخي حيثيت، ٻولي ۽ آئيني سڃاڻپ بابت جيڪي خدشا پيدا ٿيا، تن کي اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ اهڙي شدت سان بيان ڪيو، جو سندس شعر ادبي محفلن کان نڪري عوامي تحريڪن جو حصو بڻجي ويا. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ صرف هڪ جاگرافيائي وحدت نه رهي، پر ماڻهن جي آزادي، عزت، ٻولي ۽ تاريخي حقن جي علامت بڻجي وئي. اياز جي وڏي خوبي اها هئي ته هن شاهه لطيف جي فڪر کي ورجايو نه، پر پنھنجي دور جي سوالن سان ڳنڍي نئين صورت ۾ پيش ڪيو.
شيخ اياز کان پوءِ استاد بخاريءَ هن آواز کي شھرن جي ادبي حلقن مان ڪڍي هارين، مزدورن ۽ ڳوٺن جي اوطاقن تائين پھچايو. هن تمام جلد محسوس ڪري ورتو هو ته سنڌ جو مستقبل رڳو سياسي فيصلن سان طئي نه ٿيندو؛ ان جو واسطو پاڻيءَ، زمين، هاريءَ ۽ ماحول سان به ايترو ئي آهي. جڏهن به سنڌو درياهه، زرعي زمينن يا هارين جي حقن بابت ڪو سوال اٿيو، استاد بخاريءَ جي شاعري ماڻهن جي احساسن جي ترجمان بڻجي سامهون آئي. هن سنڌي عورت کي به صرف علامتي ڪردار طور پيش نه ڪيو، پر سماجي ۽ قومي زندگيءَ جي سرگرم حصيدار طور ڏٺو. ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، جمن دربدر ۽ ڪئين ٻين شاعرن ان تبديليءَ کي اڃا نوان رنگ ڏنا!
ساڳئي فڪري سفر کي حسن درس نئين صديءَ جي ماحولياتي شعور سان ڳنڍيو. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ رڳو تاريخ يا سياست جي موضوع طور موجود نه آهي؛ اها پنھنجي درياهه، ريگستان، وڻن، پکين، شھرن ۽ ڳوٺن سميت هڪ جيئري جاگرافي آهي. حسن درس نوجوان نسل کي اهو احساس ڏياريو ته جيڪڏهن ڌرتيءَ سان محبت سچي آهي، ته پوءِ ان جي ماحول، پاڻي، حياتياتي گوناگونيت ۽ قدرتي ورثي جي حفاظت به انهيءَ محبت جو لازمي حصو آهي. هن سنڌ جي جاگرافيءَ کي جديد ماحولياتي حساسيت سان ڳنڍي، هڪ نئون ادبي انداز پيدا ڪيو.
پر سنڌيت جو هيءُ سفر انهن شاعرن تي ختم نٿو ٿئي. نياز همايوني پنھنجي فڪر وسيلي هن روايت کي وڌيڪ گھرو ڪيو. آڪاش انصاري جديد دور جي قومي احساس، خودداري ۽ مزاحمت کي نئين شاعراڻي لھجي ۾ بيان ڪيو. عطيه دائود مارئيءَ جي ڪردار کي جديد عورت جي آزادي، وقار ۽ خودمختياريءَ جي علامت طور نئين معنيٰ ڏني. ادل سومري جديد سنڌي شاعريءَ ۾ محبت، ڌرتي ۽ سڃاڻپ جي احساس کي نئين فڪري نفاست سان پيش ڪيو. انهن کان سواءِ به ڪيترائي سوَن جي انگ ۾ شاعر، اديب، محقق، راڳي ۽ لوڪ فنڪار پنھنجي پنھنجي انداز ۾ هن روايت کي اڳتي وڌائيندا رهيا آهن. انهن سڀني جا موضوع، اسلوب ۽ تجربا هڪجھڙا نه آهن، پر سنڌ سان سندن وابستگي کين هڪ ئي فڪري ڌاڳي ۾ پوئي ٿي. (هلندڙ)