سياست – Sarangaa

سنڌ لاءِ “انتظامي يونٽ” به ورهاڱو آهي
هر ڀيري، ڪجهه عرصو گذرڻ کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن اڳيان هڪ نئون لفظ، هڪ نئون اصطلاح رکيو ويندو آهي، ۽ هر ڀيري سنڌ جا ماڻهو ڪو بہ اھڙو جملو پورو ٿیڻ کان اڳ ئي جواب ڏئي ڇڏيندا آهن، “بلڪل بہ نہ… ڪڏھن بہ نہ !” وري چيو ويندو آهي ته ڪو به سنڌ جو “ورهاڱو” ڪرڻ نٿو چاهي؛ اسان تہ رڳو “يونٽن” جي ڳالهه پیا ڪریون. وري ڪڏهن انهن کي “انتظامي يونٽ” چيو ويندو آهي، ڪڏهن “بااختيار ڊويزن”، ته ڪڏهن صوبائي انتظامي جوڙجڪ کي وڌيڪ منطقي بنائڻ جو راڳ آلاپیو ويندو آهي. لفظ بدلجندا رهن ٿا، پر لفظن اندر لڪل نيت جي کوٽ، سنڌ کي پري کان ئي نظر اچي ویندي آھي. سنڌ، گدڙ جا ڪڪڙ کي ڏنل نرم لفظن ۾ ویڙھیل دلاسا ۽ ڏٽا اڳ به ٻڌا آهن، جن جي پٺيان پوءِ سخت نقشا سامهون آيا۔

ورهاڱي جي نئين ٻولي

تاريخي طور ڏٺو وڃي ته ڏکڻ سنڌ جي شھري علائقن مان اٿندڙ سياسي تحريڪ پنھنجي مقصد کي هميشه ساڳئي انداز ۾ ڍَڪي نه رکيو آهي. ڪڏهن “ڪراچي صوبو” ڳالهه جو مرڪز رهيو، ته ڪڏھن “مھاجر صوبو” به هڪ استعمال ٿيندڙ اصطلاح هو. هاڻي ٻولي بدلجي وئي آهي. ورهاڱي جو تصور هاڻي عوامي انتظام ۽ حڪمرانيءَ جي اصطلاحن ۾ لڪایو وڃي ٿو. آباديءَ ۾ تڪڙي واڌ جو حوالو ڏنو وڃي ٿو، سيڪريٽريٽ ۽ عام شھري جي وچ ۾ فاصلي جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. ترڪيءَ جي ڪيترن ئي صوبن ۽ ڀارت جي ڪيترين ئي رياستن جا مثال ڏنا وڃن ٿا. ٻڌندڙ کي چيو وڃي ٿو ته اچو ته انتظامي ڪارڪردگيءَ تي بحث ڪريون، جڏهن ته بحث هيٺ اصل شيءِ صوبو ۽ ان جي وحدت هوندي آهي.
هيءَ تبديلي بي سبب ناهي. اها بنيادي طور منظم شھري سياست، خاص طور ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ ان سان لاڳاپيل آوازن مان اڀرندي رهي آهي ۽ ان کي وفاقي ٽيڪنوڪريٽن ۽ مرڪزي اقتدار جي ڪجهه حلقن جي پٺڀرائي حاصل رهي آهي. ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو معاشي ۽ ڪاروباري مرڪز، اهم بندرگاهه، وڏو ٽيڪس بيس ۽ سامونڊي علائقن سان ڳنڍيل شھر آهي. تنھنڪري ان جي سياسي ۽ انتظامي حيثيت بابت ڪا به تجويز رڳو مڪاني انتظام جو سوال نه آهي؛ ان سان وسيلن، ٽيڪس، بندرگاهه، زمين ۽ سياسي طاقت جا سوال به ڳنڍجي ويندا آهن. “انتظامي ڪارڪردگي” جي ٻولي ان لاءِ هڪ پردو ڏي ٿي، جنھن جي پويان ڳالهائيندڙ نسلي يا لساني مقصد کان انڪار ڪندي به ساڳئي سياسي منزل ڏانھن وڌي سگهي ٿو. ڪن حالتن ۾ تہ بنھ نسلي ڳالهه وڏي واڪي ڪئي وڃي ٿي.
هاڻي هڪ جملو ٽي وي اسٽوڊيوز کان وٺي سياسي بحثن تائين پڻ کانڀاڻيءٓ ۾ وجهي ڦیرایو پیو وڃي: “پاڪستان ناقابلِ تقسيم آهي؛ صوبا ته رڳو انتظامي يونٽ آهن.” سنڌ جي تاريخي سياسي شعور ۾ هيءُ جملو وفاق جي بنيادي تصور کي تاریخي تناظر ۾ ئي ڏسي ٿو. 1940ع جي قراردادِ لاهور/قرارداد پاڪستان کان پوءِ سنڌ ۾ وفاق جي تصور کي ان طرح سمجهيو ويو ته وفاق پنھنجن وفاقي يونٽن وسيلي وجود ۾ آیو آھي.
ھاڻوڪي ھلندڙ یونٽن واري رینگٽ سان سنڌ جي آئیني، تاریخي حیثیت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڄاڻي واڻي ڪوشش آھي.
لفظ “يونٽ” جو هڪ ٻيو فائدو به آهي، ۽ اهو سياسي طور وڌيڪ اهم آهي. “يونٽ” مان مراد هڪ ٻيو ڊپٽي ڪمشنر به ٿي سگهي ٿو، پر ساڳيو لفظ ٻي اسيمبلي، ٻئي چيف ايگزيڪيوٽو، نيشنل فنانس ڪميشن ۾ هڪ نئين حصي، يا سامونڊي پٽي جي ڪنھن حصي کي وفاقي انتظام هيٺ آڻڻ جو مطلب به ٿي سگهي ٿو. هڪ ئي لفظ مختلف امڪانن کي پنهنجي مطلب جي معنائن کي لڪایو ویٺو آھي. جڏهن سوال سخت هجي ته ڳالهه ضلعن تائين محدود ڪري سگهجي ۽ جڏهن سياسي موسم سازگار هجي ته ساڳي ڳالهه صوبو ٺاهڻ ڏانھن وڌائي ڇڏجي! سنڌ جو سياسي شعور ان لڪل معنا کي پھرين سٽ پرکي وڃي ٿو.
ٽي تاريخي نشان، جيڪي ڌوئي نٿا سگهجن.
سنڌ حادثاتي طور صوبو نه بڻي هئي. 1843ع ۾ انگريزن آزاد ملڪ سنڌ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ 1847 ۾ ان کي بمبئي پريزيڊنسي سان ڳنڍيو، پر گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع تحت 1936ع ۾ سنڌ کي ٻيھر الڳ صوبائي حيثيت حاصل ٿي. 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي برطانوي هندستان جي پھرين اسيمبلي هئي، جنھن پاڪستان جي وجود جي حق ۾ قرارداد منظور ڪئي. 1947ع ۾ سنڌ نئين وفاق ۾ ڪنھن بي نالي انتظامي حصي طور نه، پر پنھنجي نالي واري ڌرتي، پنھنجي گاديءَ جي ھنڌ، پنھنجي درياهه ۽ هيٺين سنڌوءَ سان پنھنجي تاريخ سمیت شامل ٿي. اهي حقيقتون اڄ به “انتظامي ڪارڪردگي” جي هر نئين دليل سامهون موجود آهن.

پوءِ پھريون وار ٿيو، پر ان کي وار نه چيو ويو. 10 فيبروري 1948ع تي سنڌ اسيمبلي قرارداد پاس ڪئي ته ڪراچي ڪنھن به قيمت تي مرڪز حوالي نه ڪئي وڃي. قرارداد ۾ چيو ويو ته اهڙو قدم سنڌ کي معاشي ۽ سياسي طور مفلوج ڪري ڇڏيندو ۽ قراردادِ لاهور ۾ ڏنل خودمختيار وفاقي يونٽن جي تصور جي به خلاف هوندو. ڪراچيءَ کي وفاقي گاديءَ جو علائقو بڻايو ويو. سنڌ حڪومت کي عملي طور پنھنجي گادي حيدرآباد منتقل ڪرڻي پئي. پوءِ ڪراچي ٻيھر سنڌ جي گادي بڻجي وئي، پر سبق پنھنجي جاءِ تي رهيو: سنڌ جو سڀ کان وڌيڪ دولت پيدا ڪندڙ ۽ اهم شھري مرڪز “گاديءَ جي انتظام” جي نالي ۾ سنڌ کان ڌار ٿيڻ واري خطري ھيٺ رھندو.
ٻيو ڌڪ: ون يونٽ. 1955ع ۾ اولھه پاڪستان جي سڀني صوبن کي گڏ ڪري هڪ ئي صوبو ٺاهيو ويو. سرڪاري ٻوليءَ ۾ ان کي قومي يڪجھتي، خرچ گهٽائڻ ۽ انتظامي سادگيءَ جي نالي سان پيش ڪيو ويو. اهو به چيو ويو ته پنجابي، سنڌي، پختون ۽ بلوچ الڳ الڳ سياسي سڃاڻپ طور موجود نه رهندا. سنڌ ۾ ون يونٽ کي رڳو هڪ انتظامي تبديلي طور ياد نه ٿو ڪيو وڃي؛ ان کي خود سنڌ جي صوبائي وجود جي گم ٿيڻ طور ياد ڪيو وڃي ٿو. اسڪولن ۽ آفيسن ۾ سنڌي ٻولي کي پوئتي ڌڪيو ويو، بئراجن جي زمين غير مقامي آفيسرن کي ڏني وئي، ۽ نقشي تان ئي “سنڌ” جو نالو هٽايو ويو. شاگردن، هارين، اديبن ۽ سياستدانن جي مزاحمت هڪ پوري نسل جي اهم شھري جدوجھد بڻجي وئي. جڏهن جنرل يحيٰ خان 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ڪيو ۽ ڪراچي ٻيھر سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ بڻي، ته ان کي ڪنھن حڪومت جو احسان نه سمجهيو ويو؛ ان کي هڪ سياسي وجود جي واپسي سمجهيو ويو.
جن ماڻهن پنھنجي صوبي کي “قومي يڪجھتي” جي نالي ۾ مٽجندي ڏٺو هجي، اهي ايندڙ ڀيري جڏهن ڪو ماڻهو “يونٽ” جو لفظ استعمال ڪري ته ڪنھن وائيٽ پيپر جو انتظار نٿا ڪري سگهن. ون يونٽ به انتظامي جديديت ۽ قومي يڪجھتيءَ جي ٻوليءَ ۾ لاڳو ڪيو ويو هو ۽ اهڙين اسيمبلين وسيلي نافذ ڪيو ويو هو، جيڪي ان جي مزاحمت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هيون. تنھنڪري ھاڻ جڏهن به ڪا تجويز ساڳي ٻولي، ساڳئي منطق ۽ ساڳئي قسم جي وضاحتن سان سامهون اچي ٿي، سنڌ ان کي ڪو نئون ۽ معصوم خيال نه، پر پنھنجي پراڻي تاريخ جي ايندڙ ڪڙي طور محسوس ٿئي ٿو.

ڪير ورهاڱو چاهي ٿو، ۽ ڪير نٿو چاهي؟
هن بحث ۾ هڪ بنيادي حقيقت کي نظرانداز ڪرڻ سان سڄي تصوير بگڙي وڃي ٿي: سنڌ جي ورهاڱي يا نون صوبن جو مطالبو سنڌ جي مجموعي آباديءَ جو ڪو وسيع عوامي مطالبو ناهي. اهو بنيادي طور ڪراچيءَ جي مخصوص شھري سياسي جاگرافیائي ۽ ان سان لاڳاپيل محدود سياسي حلقن مان ورجایو ویندڙ مطالبو آهي. ڪراچيءَ جي آبادي، معاشي اهميت، ميڊيا ۽ سياسي مرڪزيت سبب هتان اٿندڙ آواز ملڪ جي سطح تي وڌيڪ نمايان ٿي سگهن ٿا، پر نمايان هجڻ ۽ وسيع عوامي نمائندگي رکڻ هڪ ئي ڳالهه ناهي.
سنڌ جي باقي شھري علائقن ڏانھن نظر ڪجي ته تصوير وڌيڪ واضح ٿئي ٿي. حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، نوابشاهه ۽ سنڌ جي ٻين شھرن ۾ ورهاڱي يا نئين صوبي جو مطالبو ڪنھن اهڙي وسيع عوامي تحريڪ جي صورت ۾ نظر نٿو اچي، جيڪا سنڌ جي مجموعي شھري سماج جي نمائندگي ڪري. ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي وسيع ٻھراڙيءَ ۾، جتي سنڌ جي آباديءَ جو وڏو حصو رهي ٿو، اهڙي مطالبي جي ڪا بہ عوامي قبوليت نظر نٿي اچي؛ ان جي ابتڙ، ورهاڱي جي مخالفت سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي سياسي ۽ سماجي شعور ۾ هڪ مضبوط ۽ مسلسل رجحان رهيو آهي. سنڌ جي ڳوٺن، ننڍن شھرن، زرعي علائقن ۽ درياهه سان جڙيل سماج لاءِ صوبو رڳو انتظامي نقشو ناهي. اهو زمين، ٻولي، پاڻي، تاريخ، وسيلن ۽ سياسي سڃاڻپ سان ڳنڍيل هڪ گڏيل وجود آهي. ان ڪري جڏهن صوبو ورهائڻ جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ان کي رڳو انتظامي ڪارڪردگيءَ جو سوال سمجهڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو.
پر هتي هڪ ڳالهه سمجهڻ به ضروري آهي. ڪراچيءَ کي ورهاڱي جي حمايت ڪندڙ هڪ ئي سياسي بلاڪ طور پيش ڪرڻ به حقيقت کي سادو ڪري ڇڏيندو. ڪراچي پاڻ به سنڌ جي وحدت جي حق ۾ مضبوط ۽ مسلسل آواز پيدا ڪندو رهيو آهي. شھر جي سياسي، ادبي، صحافتي، وڪيلن، شاگردن ۽ سول سوسائٽيءَ جي مختلف حلقن مان اهڙا آواز اڀرندا رھیا آهن، جيڪي ڪراچيءَ جي مسئلن جو حل سنڌ جي وحدت کي ٽوڙڻ بدران بھتر حڪمراني، مضبوط مڪاني ادارن ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۾ ڏسن ٿا. تنھنڪري مسئلو “ڪراچي بمقابلو باقي سنڌ” ناهي. ورهاڱي جي بحث کي صرف “شھري سنڌ ۽ ٻھراڙي واري سنڌ” نہ ٿو بڻائي سگهجي۔ هڪ بااختيار ميئر، مضبوط مڪاني حڪومت، واضح ذميواريون، مناسب مالي وسيلا ۽ جوابده انتظاميا ڪراچيءَ جي مسئلن جو حل ٿي سگهن ٿا، پر انهن مان ڪنھن به شيءِ لاءِ نئين صوبي جي سرحد لازمي شرط ناهي.
ڪراچيءَ کي آباديءَ جي دٻاءَ، ٽرانسپورٽ، پاڻي، صفائي، زمين جي استعمال، مڪاني ادارن جي اختيارن، وسيلن جي ورڇ ۽ حڪمرانيءَ بابت مسئلا آهن. انهن مسئلن جو حل گهربل آهي، ۽ اهو حل انتظامي اصلاح کان سواءِ ممڪن به ناهي. پر ڪنھن شھر جي بلدياتي بحران جو وجود پاڻمرادو ان ڳالهه جو ثبوت ناهي ته ان جو حل نئين صوبي يا نئين سرحد ۾ ئي موجود آهي. ڪراچيءَ کي بھتر حڪومت ڏيڻ هڪ سوال آهي؛ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ ٻيو سوال آهي. انهن ٻنهي سوالن کي هڪ ئي سوال بڻائڻ ئي هن بحث جي بنيادي فڪري غلطي آهي.
وفاقي پڙاڏو ۽ سنڌ جو ردعمل
مقامي مطالبي کي وڌيڪ سياسي طاقت تڏهن ملي ٿي، جڏهن ان جو پڙاڏو وفاقي سطح تي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. جڏهن مرڪزي حڪومت جا ذميوار ماڻهو چون ٿا ته موجوده نظام ڪم نٿو ڪري ۽ “انتظامي يونٽ، صوبا يا توهان ان کي جيڪو به نالو ڏيو” عوام جي سامهون آڻڻ گهرجن، ته سنڌ ان کي صرف انتظامي اصلاح جي تجويز طور نٿي ٻڌي. سنڌ جي تاريخي يادگيري 1948ع ۽ 1955ع تائين وڃي ٿي. سنڌ لاءِ سوال اهو ناهي ته انتظامي نظام ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي يا نه؛ سوال اهو آهي ته اهڙي تبديليءَ جي آڙ ۾ ڪٿي سياسي ۽ آئيني وحدت کي ٻيھر سالن ٻيھر ڇيڙ ڇاڙ ته نٿي ڪئي وڃي؟
انهيءَ ڪري ردعمل به رڳو سنڌ جي ٻھراڙيءَ مان نٿو اچي. ڪراچيءَ جي گهٽين، بارن، يونيورسٽين، صحافتي ۽ ادبي حلقن ۽ سياسي تنظيمن مان به سنڌ جي وحدت جي حق ۾ آواز اڀرن ٿا. جڏهن ڪراچيءَ مان ئي ڪو ماڻهو چوي ٿو ته شھر جا مسئلا شھر جي بھتر حڪمرانيءَ سان حل ٿيڻ گهرجن، صوبو ٺاهڻ سان نه، ته اهو هن بحث جي هڪ اهم حقيقت کي سامهون آڻي ٿو: ڪراچيءَ جي انتظامي مسئلن ۽ سنڌ جي ورهاڱي کي هڪ ئي شيءِ سمجهڻ بدنیتي آھي.
اهو ئي سبب آهي جو ردعمل ڪنھن هڪ پارٽيءَ تائين محدود نه ٿو رهي. آگسٽ جي آخر ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيل يڪجھتي مارچ ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن ٻنهي کي گڏ رد ڪيو ويو. قومپرست اتحادين احتجاج جو اعلان ڪيو ۽ کليل لفظن ۾ ون يونٽ جو حوالو ڏنو. وڪيلن چيو ته ڪنھن به نالي يا وضاحت سان سنڌ جي ڌرتيءَ کي ورهائڻ نه ڏنو ويندو. ان کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ چار ڏينھن جي بحث کان پوءِ 4 سيپٽمبر 2026ع تي اهڙي قرارداد منظور ڪئي، جيڪا رڳو “تقسيم” جي لفظ تائين محدود نه هئي. قرارداد ۾ ڪنھن به اهڙي تجويز، منصوبي، اسڪيم يا آئيني انتظام کي، “ڪنھن به نالي يا وضاحت سان”، رد ڪيو ويو، جيڪو سنڌ جون حدون تبديل ڪري، ان جي سرزمين مان نئون صوبو ٺاهي، ڪنھن ضلعي يا ڊويزن کي الڳ ڪري، يا سنڌ جي ڪنھن حصي کي ڪنھن الڳ يا وفاقي انتظام هيٺ آڻي.

هي جملو — “ڪنھن به نالي سان” — اصل ۾ انتظامي اصطلاحن جي پردي ۾ سياسي نقشو تبديل ڪرڻ جي هر ڪوشش لاءِ سنڌ اسيمبليءَ جو جواب آهي. سنڌ ان نوعيت جا جواب اڳ به ڏئي چڪي آهي: 1948ع ۾، 1954ع ۾، 2012ع ۾، 2013ع ۾، 2014ع ۾، 2019ع ۾ ۽ پوءِ فيبروري 2026ع ۾. سنڌ جا ماڻهو روزگار، پوليس، مڪاني ادارن ۽ حڪمرانيءَ جي طريقن تي هڪ ٻئي سان سخت اختلاف ڪري سگهن ٿا، پر جڏهن سوال خود ان سياسي ۽ جاگرافيائي وحدت تي اچي بيھي ٿو، ته مختلف ڌارائون اوچتو هڪ ئي هنڌ اچي بيھي وڃن ٿيون.
سنڌ جا ماڻهو ان ڳالهه جا مخالف ناهن ته حڪومت شھرين جي ويجهو اچي. هو ان ڳالهه جا مخالف آهن ته شھرين کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته جنھن ڌرتيءَ تي هو رهن ٿا، اها رڳو هڪ “انتظامي يونٽ” آهي، ۽ انتظامي يونٽ جڏهن سرڪار چاهي ته نئين سر ترتيب ڏئي سگهي ٿي. سنڌ کي انتظامي اصلاح گهرجي، پر انتظامي اصلاح جو مطلب لازمي طور نقشي جي تبديلي ناهي. ڪراچيءَ کي مڪاني اختيار گهرجن، پر ان جو مطلب لازمي طور نئون صوبو ناهي. سنڌ جي شھرن کي بھتر حڪمراني گهرجي، پر ان جو مطلب سنڌ جي تاريخي ۽ آئيني وحدت کي ٽوڙڻ ناهي.
شايد اصل فرق ايترو ئي سادو آهي: حڪومت کي ورهائڻ ۽ ڌرتيءَ کي ورهائڻ هڪ ڳالهه ناهي. اختيارن کي هيٺ منتقل ڪرڻ ۽ صوبو ٽوڙڻ هڪ ڳالهه ناهي. ڪراچيءَ کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ هڪ ڳالهه ناهي.
۽ شايد انهيءَ فرق کي سمجهڻ کان پوءِ “انتظامي يونٽ” جو لفظ به پنھنجي اصل ويزن سان ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. نالو ڪجهه به هجي، سوال اهو ئي رهندو: ڇا ڳالهه واقعي انتظام بھتر ڪرڻ جي آهي، يا نقشي کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي؟!

سنڌ خلاف نوني، انصافي ۽ ايم ڪيو ايمي استعمال ٿيندا؟
نون انتظامي يونٽن جي نالي جاري منصوبي ۾ سنڌ کي ورهائڻ جو سوچيندڙ پنڊي جا اسٽريٽجڪ پلانر ملڪي آئين جي ڇھين باب تي نظر رکيو ويٺا آهن. هو امڪاني سھارو وٺندا آرٽيڪل 239 جو، سندن اڳين وک لاءِ پنجوڙ بڻيل آهي ساڳئي آرٽيڪل جي شق نمبر چار، جنھن کي ڌر ڌڻي تبديل ڪرڻ ٿا چاهين. پنجوڙ ۾ واضح لکيل آهي ته، آئين ۾ ترميم بابت اهڙو بل جنھن سان ڪنھن صوبي جون حدون تبديل ٿيڻيون هجن، اهو بل صدرِ مملڪت وٽ منظوري لاءِ ان وقت تائين پيش نه ڪيو ويندو، جيستائين اهو بل لاڳاپيل صوبي جي صوبائي اسيمبليءَ طرفان ان جي ڪل ميمبرن جي ٻـ ڀاڱي ٽي واري اڪثريت سان منظور نه ڪيو وڃي.
آئين جو مقدس ڪتاب پنھنجي اکرن جي روح سان چوي ٿو:
(A Bill to amend the Constitution which would have the effect of altering the limits of a Province shall not be presented to the President for assent unless it has been passed by the Provincial Assembly of that Province by the votes of not less than two-thirds of its total membership.)

ڦير ڦار جي نيت سان جن کي آئين جي ويجهو وڃڻ کان سختي سان منع آهي، اهي سنڌ ورهائڻ لاءِ ”آئيني اسڪيم“ جو سھارو وٺڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. پنھنجو گهر فتح ڪرڻ جي تاريخ رکندڙ عادي پيشـ ورن آئين کي رديءَ جو ٽڪرو پئي سڏيو آهي. آيل پلان ۾ چيو پيو وڃي ته وفاقي پارليامينٽ ۾ نونين، انصافين ۽ ايم ڪيو ايم جو ووٽ وٺي آئينِ پاڪستان ۾ ترميم ڪري صوبن جي حدن ۾ تبديلي واري پنجوڙ ٽوڙي ويندي يعني آرٽيڪل 239 جي شق نمبر چار ۾ ترميم ڪري، صوبائي اسيمبلي مان بل منظور ڪرائڻ واري شرط کي ختم ڪيو ويندو.
سنڌ اسيمبلي سنڌ جي وحدت ۽ سنڌ جي جاگرافيائي حدن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي قيام بعد ايستائين 9 قراردادون پيش ڪري چڪي آهي. سنڌي ماڻهن جي ووٽ سان قائم سنڌ اسيمبليءَ جي قراردادن کي جيڪڏهن نونين، انصافين ۽ ايم ڪيو ايم جي مدد وٺي پنڊي اورانگهيو ته سنڌ جا ماڻهو ڪنھن به ريت اها زبردستي قبول نه ڪندا. سنڌ اسيمبلي ٽي سيپٽمبر 2026ع تي يڪراءِ اهو فيصلو ٻڌائي چڪي آهي، سنڌ جا اديب، شاعر، دانشور ۽ فنڪار اهو ساڳيو فيصلو دهرائيندا آيا آهن.
سنڌ مان تحريڪ انصاف کي ويجهو ويٺلن ۽ نون ليگ ۾ ويٺلن کي هاڻي تحريڪ انصاف ۽ نون ليگ کي سنڌ جي وطني وحدت بابت واضح ۽ چٽو ٿيڻ لاءِ چوڻو پوندو. تحريڪ انصاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيل قرارداد دوران پنھنجو ووٽ سنڌ جي حق ۾ نه ڏنو، جنھن بعد اها مشڪوڪ ٿي وئي آهي. نون ليگ کي واضح ٿيڻو آهي. ملڪ اندر وفاقي حڪومت نون ليگ جي آهي. کيئل داس ڪوهستاني کان وٺي شاهه محمد شاهه ۽ شاهه محمد شاهه کان وٺي بشير ميمڻ تائين سڀني کي نون ليگ جي قيادت سان سنڌ جي وحدت واري هن اھم مسئلي تي ڳالهائي ڳالهه چٽي ڪرائڻ گهرجي. جيڪڏهن نون ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جي مدد وٺي قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ ۾ بل آڻي صوبائي حدن ۾ ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي زبردستي ڪئي وئي ته نون ليگ ۽ تحريڪ انصاف ۾ ويٺلن ۽ انهن جي اتحادين لاءِ سنڌ ۾ سياست جو سفر تمام ٿي ويندو.
هن گهڙي پيپلز پارٽي عوامي دٻاءُ بعد سنڌ جي وحدت بابت صفا کلي سنڌ جي وحدت جي پاسي ٿي بيٺي آهي، جيڪڏهن قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ ۾ اهڙو تڪراري بل آندو ويو ته اهو بل سنڌ ۾ نه رڳو تحريڪ انصاف کي مڪمل اجنبي بنائي ڇڏيندو، پر جيڪي قومپرست ۽ کاٻيءٓ ڌر جون جماعتون هن گهڙي تحريڪ انصاف جون همدرد ۽ اتحادي آهن، انهن جو سياسي چھرو به واضح ٿي سامهون اچي ويندو.
هن وقت سنڌ جا ماڻهو ان ڳالهه جو حق رکن ٿا ته تحريڪ انصاف سان گوڏو گڏي ويٺلن کان پڇن ته تحريڪ انصاف سنڌ اسيمبليءَ جي 3 سيپٽمبر واري سنڌ جي وحدت متعلق قرارداد ۾ سنڌ کي ووٽ ڇو نه ڏنو؟ تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي ووٽ جي وقت تي يڪراءِ ٿيو وڃن. سنڌ جي وحدت جي معاملي تي جيڪڏهن تحريڪ انصاف پارلياماني فورمن تي سنڌ جي وحدت جي حق ۾ ووٽ نٿي ڏئي، پنھنجي راءِ نٿي ظاهر ڪري ته پڪ سمجهبو ته اها پنڊي جي اسٽريٽيجڪ ماهرن سان گڏجي وئي آهي. عمران خان جو نالو وٺڻ ۽ هن جو فوٽو هلائڻ جي ٽي وي چئنلن ۽ اخبارن کي جيڪا موڪل ملي آهي، خيبر پختون خواه جي وزير اعليٰ آفريدي کي جيڪو سنڌ جو دورو ڪرڻ جي ڇوٽ ملي آهي، ان کي ڪجهه تجزئي نگار پيپلز پارٽي جي سنڌ جي وحدت بابت موقف جو ردعمل چئي رهيا آهن.
پيپلز پارٽي جي قرارداد ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ بحث مبحاثي کان پوءِ پنڊي وارن اسلام آباد کي ماڊل صوبو بنائڻ وارو پلان بي ظاهر ڪيو آهي، جنھن اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڻي، معدني وسيلن ۽ ناڻي جي ورهاست تي ئي اصل واڳ ڌڻين جي نظر آهي. صوبن ۽ وفاق وچ ۾ پاڻي، ناڻي ۽ معدني وسيلن جي ورڇ جيڪا طئـ ٿيل آهي، ان کي پنڊي تبديل ڪرڻ ٿي گهري. پاڻي ۽ ناڻي جي ورهاست جو موجوده فارمولو، ارڙهين آئيني ترميم اصل واڳ ڌڻين جي راھ جي رنڊڪ آھي، ان ۾ ردوبدل ڪرڻ ۽ ترميمون ڪرڻ لاءِ پنڊي جا پلانر پنھنجا فارمولا ۽ منصوبا سامهون آڻين پيا. اهڙن منصوبن تي عملدرآمد لاءِ سندن پيدا ڪيل سياسي پارٽيون، پيدا ڪيل ٽي وي اينڪر، تجزيي نگار، يوٽيوبر ۽ ڪالم نگار ٿوڪ جي حساب سان دستياب آھن. اصل صاحبن جي برڪتن سان هاڻي سڄو ملڪ ملير لڳو پيو آهي، شال سنڌ کي خدا اهڙن برڪتين کان بچائي رکي.

سنڌو ۽ سنڌ کي ورهائي نٿو سگهجي
سنڌ جي ماڻهن لاءِ سنڌو درياهه، پاڻي ۽ ڌرتي ٽي الڳ وجود ناهن، بلڪ اهي پاڻ ۾ ملي، سنڌ جي مڪمل سڃاڻپ ٺاهين ٿا. سنڌوءَ کان سواءِ سنڌ جي ڌرتيءَ جو تصور اڌورو آهي. سنڌو پاڻي ارپي ٿو، پاڻي ڌرتيءَ کي سرسبز ۽ زنده رکي ٿو، ۽ اها ئي ڌرتي هتان جي تھذيب، سماج، زراعت، ٻيلن، ڊيلٽا ۽ ماڻهن جي بقا جي ضامن بڻجي ٿي. ان ڪري سنڌ واسين لاءِ درياهه رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي، زمين رڳو ملڪيت جو ٽڪرو ناهي ۽ پاڻي رڳو ورڇ جو ڪو مادي سامان ناهي؛ درياهه، پاڻي ۽ ڌرتي گڏجي سنڌ جو وجود آهن.
اهو ئي سبب آهي جو سنڌوءَ جي وهڪري بابت ٿيندڙ هر بحث کي رڳو پاڻيءَ جي ورڇ جو انتظامي يا فني مامرو سمجهڻ، سنڌ جي اجتماعي احساس ۽ فڪر کان اڻواقفيت ھجڻ برابر آھي. جڏهن سنڌ جو ماڻهو سنڌوءَ جي بقا جي ڳالهه ڪري ٿو، ته ان مان مراد رڳو پنهنجي حصي جي پاڻيءَ جو بچاءُ ناهي. ان جو مقصد پنھنجي زراعت، ڊيلٽا، ٻيلن، آبي جيوت، سامونڊي پٽي، ڳوٺن ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل کي بچائڻ آهي. سنڌوءَ جو وهڪرو گهٽجڻ، سنڌ جي نظر ۾ رڳو درياهه ۾ پاڻيءَ جو گهٽجڻ ناهي، پر سنڌ جي وجود مان زندگيءَ جي روانيءَ جو رڪجي وڃڻ آهي.
ڪجهه سرحدون سياسي هونديون آهن جيڪي نقشن تي چٽيون وينديون آهن؛ ڪجهه انتظامي حدون هونديون آهن جن کي قانونسازيءَ ذريعي بدلائي سگهجي ٿو؛ پر ڪجهه حدون فطرت، تاريخ ۽ درياهي وهڪرا طئي ڪندا آهن. سنڌو اهڙو ئي هڪ اڻ کٽ قدرتي نظام آهي، جيڪو صوبائي سرحدن، سياسي ترجيحن يا انتظامي سھولتن جو پابند ناهي. اهو پنھنجي مٿاهين علائقن کان وٺي عربي سمنڊ تائين هڪ مڪمل ۽ ڳنڍيل درياهي طاس جي صورت ۾ وهي ٿو. سنڌ، جيڪا هن طاس جي آخري ڇيڙي تي آباد آهي، صدين کان انهيءَ وهڪري سان گڏ پنھنجي تاريخ ۽ تھذيب گهڙيندي آئي آهي. تنھن ڪري ”سنڌو درياهه کي ورهائي نٿو سگهجي، ان ڪري سنڌ به ورهائجي نٿي سگهي“ رڳو ڪو سياسي نعرو ناهي، پر ان جي پٺيان هڪ پختي آبي، تاريخي، ماحولياتي ۽ ثقافتي حقيقت موجود آهي.
خود ”سنڌ“ جو نالو به سنڌوءَ مان ئي جنم وٺي ٿو. زمين ۽ درياهه جو اهو رشتو موجوده صوبائي حدن، جديد رياستي جوڙجڪ ۽ اڄوڪي سياسي نظام کان تمام گهڻو قديم آهي. درياهه اها جاگرافي جوڙي، جنھن جي هنج ۾ سنڌي سماج ارتقا جون منزلون طئي ڪيون. ان ڪري درياهه جي وهڪري ۽ فطري ترتيب ۾ ڪا به هٿرادو تبديلي آڻڻ اصل ۾ سنڌ جي بنيادن ۾ ڏار وجهڻ برابر آهي.
درياهه هڪ مسلسل ۽ متحرڪ آبي نظام هوندو آهي، جتي مٿئين وهڪري ۾ ٿيندڙ ڪنھن به دخل اندازيءَ جا اڻٽر اثر سڌو سنئون هيٺين وهڪري تائين پھچن ٿا. مٿان پاڻيءَ جو انحراف رڳو مقامي نوعيت جو فيصلو ناهي، بلڪه اهو پڇاڙيءَ تائين پاڻيءَ جي مقدار، پھچڻ جي وقت، لٽ جي رواني، زيرِ زمين مٺي پاڻيءَ جي سطح، لوڻياٺ جي واڌ، ٻيلن، آبي ماڳن ۽ سامونڊي ماحولي نظام کي سختيءَ سان متاثر ڪري ٿو. سنڌ جھڙي پوڇڙيءَ واري خطي لاءِ هي ڪو نظرياتي بحث ناهي، پر نسلن جي مادي ۽ ماحولياتي بقا جو معاملو آهي.
تاريخي طور تي سنڌو رڳو پاڻي ئي نه، پر هر سال وڏي پيماني تي زرخيز لٽ به عربي سمنڊ تائين کڻي ايندو رهيو آهي. اها لٽ سامونڊي ڪناري کي فطري ڪٽاءَ کان بچائڻ ۽ زمين جي ڌٻڻ واري عمل کي روڪڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندي هئي. مستند تحقيقي دستاويزن موجب، ماضيءَ ۾ سنڌوءَ جو ساليانو وهڪرو 150 ملين ايڪڙ فوٽن کان مٿي ۽ ڊيلٽا ڏانهن لٽ جي منتقلي لڳ ڀڳ 400 ملين ٽن هئي. اڄ صورتحال اها آهي جو ڊيلٽا تائين پھچندڙ لٽ تمام گهٽجي وئي آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ مٺي پاڻيءَ جو وهڪرو انتھائي غير يقيني ٿي ويو آهي ۽ سخت ڏڪار واري حالتن ۾ 1.5 ملين ايڪڙ فوٽن کان به گهٽجي وڃي ٿو. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو ڊيلٽا پنهنجي جنم ڏيندڙ ٻنهي بنيادي وسيلن يعني مٺي پاڻيءَ ۽ زرخيز لٽ کان محروم ٿي رهيو آهي.
انگ اکر هن ماحولياتي تباهيءَ جو چٽو ثبوت آهن. تاريخي سنڌو ڊيلٽا جيڪو لڳ ڀڳ 12,900 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل هو، اڄ ان جو فعال حصو گهٽجي هڪ هزار چورس ڪلوميٽرن کان به گهٽ بچيو آهي. لٽ 400 ملين ٽن مان ڇڄي ڇڻي رڳو 26 کان 30 ملين ٽن وڃي بيٺي آهي. تمر جا وسيع ٻيلا لڳاتار سڪڙجي رهيا آهن، جڏهن ته ٺٽي، بدين ۽ سجاول ضلعن ۾ سمنڊ تيزيءَ سان اڳتي وڌي لکين ايڪڙ زرعي زمينون ۽ مٺي پاڻيءَ جا ذخيرا ڳڙڪائي چڪو آهي. مٺي پاڻيءَ جي اڻاٺ سامونڊي ماحولي نظام کي درهم برهم ڪري ڇڏيو آهي، جنھن سبب مقامي ماهيگيري ۽ روزگار تباهه ٿي رهيا آهن.
ان ڪري سنڌوءَ جي مسئلي کي رڳو صوبن وچ ۾ معمولي ”پاڻيءَ جي کوٽ“ جو مامرو سمجهڻ تاريخي حقيقتن کان اکيون ٻوٽڻ برابر هوندو. هن تڪرار جون پاڙون اڻويھين صديءَ ۾ انگريز بيٺڪي دور تائين وڃن ٿيون، جڏهن وڏي پيماني تي واهن جي اڏاوت ذريعي مٿئين سنڌوءَ جي رخ ۽ وهڪرن کي موڙڻ جو سلسلو شروع ٿيو. مقصد چٽو هو ته زراعت مان محصول وڌايو وڃي ۽ نيون زرعي بیٺڪي علائقا قائم ڪیا وڃن. پر مٿئين وهڪري ۾ هر نئين کڻت هيٺئين وهڪري تي اثرانداز ٿي. سنڌ مسلسل احتجاج ڪندي رهي، جنھن جي نتيجي ۾ مختلف ڪميشنون قائم ٿيون ته جيئن درياهه جي ورڇ جا انصاف تي ٻڌل اصول طئي ٿي سگهن.
اهي تاريخي رڪارڊ ظاهر ڪن ٿا ته پوڇڙيءَ جي حقن جو تحفظ ڪو اڄوڪو سياسي موقف ناهي. 1921ع جي انڊس ڊسچارج ڪميٽي، 1930ع واري ڏهاڪي جي اينڊرسن ڪميٽي ۽ خاص طور تي 1941ع کان 1945ع تائين ڪم ڪندڙ رائو ڪميشن مٿئين وهڪري جي منصوبن جا سنڌ تي پوندڙ اثر ماپيا. رائو ڪميشن واضع طور تسليم ڪيو ته مٿئين وهڪري جا منصوبا سنڌ جي قديم آبپاشي حقن کي نقصان پهچائيندا، تنھن ڪري هيٺين حصي جي مفادن جو تحفظ ۽ ممڪن نقصانن جو ازالو لازمي آهي.
1947ع جي ورهاڱي هن آبي نظام کي بين الاقوامي سطح جي بحران ۾ وجهي ڇڏيو. درياهي طاس نئين سرحد ذريعي ورهائجي ويو ۽ پنجاب جي مکيه واهن جا هيڊ ورڪس ڀارت وٽ رهجي ويا. 1948ع جي پاڻي تڪرار کان پوءِ 1960ع ۾ سنڌ طاس معاهدو عمل ۾ آيو، جنھن تحت ٽي اوڀر وارا درياهه يعني راوي، بياس ۽ ستلج ڀارت جي حوالي ڪيا ويا ۽ ٽي اولھه وارا درياهه يعني سنڌو، جهلم ۽ چناب پاڪستان جي حصي ۾ آيا. اوڀر وارن درياهن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر لنڪ واهن ۽ وڏن ڊيمن جو هڪ وسيع ڍانچو تيار ڪيو ويو.
اهڙيءَ طرح هڪ عالمي تڪرار جي حڪمت عمليءَ پاڪستان اندر پاڻيءَ جي انتظام جي سڄي جوڙجڪ بدلائي ڇڏي. اولھه وارن درياهن جو پاڻي انهن علائقن ڏانهن موڙيو ويو جيڪي تاريخي طور اوڀر وارن درياهن تي ڀاڙيندا هئا. ان سموري انجنيئرنگ مداخلت سنڌوءَ کي مصنوعي لنڪ واهن ۽ بئراجن جي هڪ پيچيده نظام ۾ قيد ڪري ڇڏيو، جنھن جا سڀ کان هاڃيڪار اثر سڄي نظام جي پوڇڙيءَ تي واقع سنڌ تي پيا۔
لنڪ واهن، ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪينال، چولستان ۽ جلالپور ڪئنال جھڙن منصوبن بابت سنڌ جا خدشا هن تاريخي پسمنظر مان ئي جنم وٺن ٿا. سوال رڳو اهو ناهي ته ڪو نئون واهه ڪيترو پاڻي کڻندو، اصل معاملو وهڪري جي مقدار، ان جي وقت ۽ ان جي رخ تي سياسي توڙي انتظامي ڪنٽرول جو آهي. جيڪو خطو اڳ ئي درياهي پاڻيءَ جي غير يقيني صورتحال کي منهن ڏئي رهيو هجي، ان لاءِ مٿئين وهڪري تي وڌيڪ قبضو ماحولياتي ۽ معاشي بقا لاءِ سڌو سنئون خطرو آهي. مٿان کان ڏسندڙن لاءِ اهو زرعي ترقيءَ جو نقشو ٿي سگهي ٿو، پر پڇاڙيءَ وارن لاءِ اهو پنھنجي وجود جي خاتمي جو اڻٽر سبب بڻجي ٿو.
سنڌ ۾ پاڻيءَ جو مامرو رڳو معاشي ناهي، پر ان کي گهري جذباتي ۽ روحاني حيثيت به حاصل آهي. سنڌو ساڳئي وقت معيشت جو بنياد، ماحولياتي لنگهه ۽ ثقافتي علامت رهيو آهي. درياهه شاهه، جهولي لال ۽ خواجه خضر جون روايتون دراصل ان اجتماعي يادگيريءَ جو حصو آهن، جن صدين کان سنڌ واسين کي جاگرافيائي ۽ روحاني تسلسل بخشيو آهي. تنھن ڪري جڏهن سنڌو سڪي ٿو ته رڳو فصل نه ٿا مرن، پر ان خطي جو تھذيبي جوهر، گڏيل سڃاڻپ ۽ هزارين سالن جي تاريخي تسلسل جو توازن به ٽٽي پوي ٿو.
تاريخ جو بنيادي سبق اهو آهي ته سنڌوءَ جو حل رڳو کرڪڻي واري سياسي بيان بازيءَ يا رڳو سخت انجنيئرنگ ڍانچن ۾ ناهي. ڊيم، بئراج ۽ ٽيلي ميٽري نظام محض انتظامي اوزار آهن، اهي ڪنھن جامع قدرتي فلسفي جو متبادل نٿا ٿي سگهن. اصل سوال اهو آهي ته ڇا رياست درياهه کي الڳ الڳ ٽڪرن ۽ ترقياتي منصوبن جو ميڙ سمجهي هلائيندي يا ان کي هڪ مڪمل جاندار طاس طور تسليم ڪندي، جنھن جو زنده رهڻ هر صوبي ۽ ڌر جي پنھنجي بقا لاءِ ناگزير آهي.
هن نئين سوچ جو پھريون بنيادي نُڪتو اهو هجڻ گهرجي ته درياهه جي عربي سمنڊ تائين رواني بحال رکي وڃي. ڪوٽڙيءَ کان هيٺ وهندڙ ماحولياتي وهڪري کي ”واڌو پاڻي“ سمجهڻ جي روش مڪمل غلط آهي. اهو وهڪرو درياهه جي پنھنجي ماحولي نظام جي بنيادي ضرورت آهي. سائنسي اڀياس ٻڌائين ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ مسلسل وهڪرو سمنڊ جي اڳڀرائي روڪڻ، زميني پاڻي مٺو رکڻ ۽ تمر جي ٻيلن کي جيئارڻ لاءِ لازمي آهي. اهو حق بنا ڪنھن سوديبازيءَ جي رياستي پاليسين جو مرڪزي اصول تسليم ڪيو وڃي.
ٻيو قدم مڪمل شفافيت جو هئڻ گهرجي. انگن اکرن جي لڪ لڪوٽيءَ ۽ اڻ برابريءَ ڏهاڪن کان صوبن وچ ۾ اعتماد جو وڏو بحران پيدا ڪيو آهي. پاڻيءَ جي آمد، اخراج، واهن جي منڍ تي پاڻيءَ جي ورڇ ۽ ڊيمن جي آپريشن جو سمورو رڪارڊ گڏيل ۽ پاڻمرادي ٽيلي ميٽري نظام ذريعي عوام آڏو پڌرو هجڻ گهرجي، جيئن فني حقيقتون شڪ شبهن کان مٿانھيون ٿي سگهن. اها رڳو ٽيڪنالاجي جي ڳالهه ناهي، پر نيت ۽ ڏاهپ جو امتحان آهي.
ٽيون اصول اهو هئڻ گهرجي ته طاس بابت فيصلاسازيءَ ۾ پڇاڙيءَ جي هارين، ماهيگيرن ۽ ڊيلٽا جي مقامي آباديءَ جي راءِ کي اهميت ڏني وڃي. مقامي ماڻهن جو صدين وارو عملي تجربو اهڙو سچ آهي، جنھن کي رڳو آفيسن ۾ ويٺي تيار ڪيل انجنيئرنگ ماڊلن سان رد نٿو ڪري سگهجي. درياهي طاس رڳو سيمينٽ ۽ سرن جو نقشو ناهي، پر اهو ماڻهن ۽ فطرت جي سھڪار سان ڌڙڪندڙ هڪ جيئرو جاڳندو وجود آهي.
وفاق لاءِ به هتي هڪ اهم آئيني ۽ اخلاقي سبق موجود آهي. فيصلو پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخواهه يا بلوچستان جي وچ ۾ ترقيءَ جي ورهائڻ جو ناهي. ڪنھن به هڪ خطي جي اڏاوت ٻئي خطي جي ماحولياتي تباهيءَ جي قيمت تي ممڪن نٿي ٿي سگهي. مٿئين وهڪري جي پائيدار خوشحالي ڪڏهن به هيٺئين وهڪري جي موت مان جنم نٿي وٺي سگهي. سنڌو ڊيلٽا جو مڪمل ناس ٿيڻ رڳو سنڌ جو الميو نه هوندو، پر اهو سڄي ملڪ جي گڏيل ماحولياتي ۽ معاشي نظام جي ناڪامي ثابت ٿيندو.
”درياهه کي ورهائي نٿو سگهجي“ جو مطلب بنيادي ڍانچي يا حقيقي ترقيءَ جي انڌي مخالفت ناهي، پر ان جو مقصد فطرت جي قانونن کي تسليم ڪرڻ آهي. انجنيئرنگ وسيلي پاڻي موڙي ته سگهجي ٿو، پر اها ڪششِ ثقل، لوڻياٺ، لٽ ۽ طاس جي ماحولياتي توازن کي نٿي بدلي سگهي. درياهه جو وهڪرو پڇاڙيءَ تائين برقرار رکڻ ئي زمين جي حياتياتي بقا جي واحد ضمانت آهي.
سنڌ جو مستقبل سنڌو درياهه سان لازم ملزوم آهي. درياهه ڪنھن هڪ جي ملڪيت ناهي، پر اهو سڄي طاس، ان سان لاڳاپيل مخلوق ۽ سمنڊ تائين ڦھليل سموري ماحولياتي زنجير جو گڏيل ورثو آهي. رياست جو امتحان اهڙن منصفاڻن ادارن جي قيام ۾ آهي، جيڪي پاڻيءَ جي ان فطري وحدت کي تسليم ڪن. اصل چونڊ درياهه کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڏسڻ ۽ ان کي هڪ مڪمل طاس سمجهڻ واري روين جي وچ ۾ آهي؛ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان فطرت کي نقشن تي ورهائيندا رهنداسين، ته ان جو حتمي نتيجو اسان جي معيشت، ماحول ۽ سماج جي گڏيل تباهيءَ جي صورت ۾ ئي نڪرندو. سنڌو ڪنهن انساني لڪير جو محتاج ناهي، ۽ نه ئي سنڌ ان درياهه کان سواءِ پنھنجي وجود کي برقرار رکي سگهي ٿي. درياهه کي ورهائي نٿو سگهجي، ۽ جڏهن درياهه ڪنھن تھذيب جو روح هجي، ته ان جي وهڪري کي ٽوڙڻ دراصل ان تھذيب جي حياتيءَ تي وار ڪرڻ برابر آهي.

نون صوبن واري بحث پٺيان اصل حقيقتون ڇا آهن
جيڪي دوست ميڊيا سان واسطو رکن ٿا، تن ”ڊيڊ ڪيٽ اسٽريٽجي“ يا سنڌيءَ ۾ چئجي ته ”مئل ٻلي“ وارو اصطلاح ضرور ٻڌو هوندو. دنيا ڪنھن اهم مسئلي تي بحث ڪري رهي هجي، تڏهن اوچتو ڪو اهڙو موضوع اڇلائي ڇڏجي، جيڪو ماڻهن جو سڄو ڌيان اصل مسئلي تان هٽائي ڇڏي. پوءِ بحث اهو نه رهي ته ملڪ کي درپيش اصل مسئلا ڪھڙا آهن، پر اهو ٿي وڃي ته مئل ٻلي کي ڪنھن ماريو؟ جانورن جا حق ڇا آهن؟ ٻلين جا رنگ ڪھڙا ٿين ٿا؟
محسن نقوي جو نون صوبن بابت تازو بيان به ڪجهه اهڙو ئي لڳي ٿو. ملڪ ۾ ڪشمير جي صورتحال، بلوچستان جو امن امان، وڌندڙ مھانگائي، بيروزگاري، گئس جي کوٽ ۽ معاشي بحران جھڙا بنيادي مسئلا موجود آهن، پر اوچتو بحث نون صوبن ڏانھن موڙي ڇڏيو ويو.
پر هن معاملي کي الڳ ڪري نه ڏسڻ گهرجي، ڇو ته هيءُ رڳو هڪ بيان نه، پر پاڪستان جي سياسي تاريخ جي هڪ ڊگهي تسلسل جو حصو آهي. ملڪ جي قيام کان وٺي ٻه متضاد تصور پاڻ ۾ ٽڪراءَ ۾ رهيا آهن. هڪ تصور اهو آهي ته مضبوط مرڪز ئي رياست کي بچائي سگهي ٿو، جڏهن ته ٻيو تصور اهو آهي ته مضبوط وفاق ئي پاڪستان جي بقا ۽ استحڪام جي ضمانت آهي.
1955ع ۾ ون يونٽ اسڪيم لاڳو ڪئي وئي. دليل ڏنو ويو ته ان سان اوڀر ۽ اولھه پاڪستان وچ ۾ برابري قائم ٿيندي، ڇو ته اوڀر پاڪستان جي آبادي اولھه پاڪستان جي سڀني صوبن کان وڌيڪ هئي. اهو به چيو ويو ته انتظامي ڪارڪردگي بھتر ٿيندي. پر عملي نتيجو اهو نڪتو ته تاريخي صوبا ختم ٿي ويا، سندن سڃاڻپ ڪمزور ٿي ۽ اختيار وڌيڪ مرڪز ۾ گڏ ٿي ويا. 1958ع ۾ جنرل ايوب خان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ به اها پاليسي جاري رهي. نيٺ 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ڪيو ويو، پر ان وقت تائين اوڀر پاڪستان ۾ سياسي بي اعتمادي ايتري وڌي چڪي هئي، جو ايندڙ سال ملڪ ئي ٽٽي ويو.
تاريخ مان ڪو سبق حاصل نه ڪيو ويو. پوءِ مختلف دورن ۾ وري مختلف دليلن سان صوبن جي سياسي حيثيت کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون. جنرل ضياءُ الحق هجي يا جنرل پرويز مشرف، ٻنهي بلدياتي نظام کي اهڙي نموني ترتيب ڏنو، جو چونڊيل صوبائي حڪومتن کي باءِ پاس ڪري ضلعي سطح تي اهڙا انتظامي ڍانچا ٺاهيا ويا، جيڪي وڏي حد تائين وفاقي سرپرستيءَ هيٺ هليا. تنھنڪري نون صوبن واري بحث کي سياسي خال ۾ پيدا ٿيل خيال نه، پر پاڪستان ۾ مرڪزيت ۽ وفاق جي وچ ۾ هلندڙ پراڻي ڇڪتاڻ جي تسلسل طور ڏسڻ گهرجي.
ارڙهين آئيني ترميم ۽ ستين اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ پھريون ڀيرو مضبوط وفاق واري تصور کي عملي شڪل ملي. ڪنڪرنٽ لسٽ (يعني اهي معاملا جن تي وفاق ۽ صوبا ٻئي قانون سازي ڪري سگهندا هئا) ختم ڪئي وئي ۽ انهن مان گهڻا اختيار صوبن ڏانھن منتقل ڪيا ويا، جنھن سان صوبائي خودمختياري کي آئيني تحفظ مليو. اين ايف سي ايوارڊ جي سڀ کان اهم خصوصيت اها آهي ته آئين جي آرٽيڪل 160(3A) موجب ايندڙ ڪنھن به اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو مجموعي حصو پوئين ايوارڊ کان گهٽ نٿو ڪري سگهجي.
بدقسمتيءَ سان آئين جي ان روح تي به مڪمل عمل نه ٿي سگهيو آهي. ستين اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ آئين موجب هر پنجن سالن ۾ نئون ايوارڊ اچڻ گهرجي ها، پر اڄ تائين اهو عمل اڳتي نه وڌي سگهيو آهي. نتيجي ۾ پراڻي فارمولي تي ئي هلڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته ان ۾ بھتري جي وڏي گنجائش موجود آهي، خاص طور آبادي کي ڏنل وزن بابت، جنھن جو سڀ کان وڌيڪ فائدو پنجاب کي ملي ٿو.
اهڙيءَ صورتحال ۾ جڏهن نون صوبن جو بحث اڀري ٿو ته ڪيترن ماڻهن کي اهو خدشو پيدا ٿئي ٿو ته ڪٿي هي بحث ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ ذريعي مضبوط ٿيل صوبائي خودمختياريءَ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪنھن وڏي سياسي منصوبي جو حصو ته ناهي. جيڪڏهن وفاق کي مالي مسئلا درپيش آهن ته انهن جو حل صوبن جا اختيار گهٽائڻ نه، پر وفاق جي مالياتي نظام ۾ سڌارا آڻڻ آهي.
جيئن ڪيترائي وفاقي ماهر چون ٿا، پاڪستان وفاقي وحدتن مان جڙيو آهي؛ وفاق صوبا پيدا نه ڪيا، بلڪه صوبا وفاق جو بنياد بڻيا. تنھنڪري منهنجيءَ نظر ۾ ذوالفقار علي ڀٽي به هتي هڪ سياسي غلطي ڪئي. 1973ع جي آئين ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جو آئيني رستو ضرور رکيو ويو، جيتوڻيڪ ان لاءِ لاڳاپيل صوبي جي اسيمبليءَ جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت لازمي قرار ڏني وئي. پر جيڪڏهن صوبا وفاق جا خالق آهن ته پوءِ ڪنھن تاريخي صوبي جي جاگرافيائي سالميت کي تبديل ڪرڻ جي آئيني گنجائش ئي ڇو رکڻ گهرجي ها؟ منهنجي خيال ۾ اهو سوال اڄ به بحث طلب آهي.
آخر ۾ هندستان جو مثال بار بار پيش ڪيو ويندو آهي، پر اڪثر اڌ سچ ٻڌايو ويندو آهي. هندستان ۾ گهڻيون رياستون لساني، ثقافتي ۽ تاريخي بنيادن تي ٺھيون. آنڌرا پرديش، مھاراشٽر ۽ گجرات ان جا واضح مثال آهن. ڪجهه رياستون، جھڙوڪ جهارکنڊ، ڇتيس ڳڙهه ۽ اتراکنڊ، علائقائي مطالبن ۽ انتظامي ضرورتن جي گڏيل بنيادن تي ٺھيون، جڏهن ته تلنگاڻا لڳ ڀڳ پنجيتاليھه سالن جي سياسي جدوجھد، ڪميشنن، پارلياماني بحثن ۽ آئيني عمل کان پوءِ وجود ۾ آيو. يعني هندستان ۾ به نيون رياستون ڪنھن بيوروڪريٽ جي خواهش يا هڪ بيان سان نه ٺھيون.
رهي ڳالهه وڏن صوبن جي، ته اهو دليل به حقيقتن سان نٿو ٺھڪي. دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن، جتي وڏا وفاقي يونٽ ننڍن يونٽن کان وڌيڪ خوشحال آهن. آمريڪا جي ڪيليفورنيا، ڪينيڊا جي آنٽاريو ۽ هندستان جي مھاراشٽر جھڙا وڏا وفاقي يونٽ في ماڻهو آمدني ۽ معاشي ڪارڪردگي ۾ ڪيترن ئي ننڍن يونٽن کان اڳتي آهن. پاڪستان ۾ به پنجاب، جيڪو آباديءَ جي لحاظ کان سڀ کان وڏو صوبو آهي، ڪيترن ئي معاشي اشاريَن ۾ ننڍن صوبن کان اڳتي آهي. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ڪنھن صوبي جي وڏي يا ننڍي هجڻ جو سڌو سنئون تعلق نه غربت سان آهي ۽ نه ئي سٺي يا خراب حڪمراني سان.
جيڪڏهن واقعي انتظامي ڪارڪردگي ئي مسئلو آهي ته پوءِ رڳو صوبن کي ورهائڻ جون ڳالهيون ڇو؟ ڪراچي بابت به ته وقت بوقت چيو ويندو آهي ته اهو تمام وڏو شھر آهي. پوءِ ان کي انتظامي بنيادن تي ٻه يا ٽي حصن ۾ ورهائي نيون ڊويزنون يا ميٽروپوليٽن يونٽ ٺاهڻ جي بحث کان ڇو ڪيٻايو وڃي؟ جيڪڏهن دليل صرف آبادي ۽ ماپ جو آهي ته پوءِ اهو اصول هر هنڌ هڪجھڙو لاڳو ٿيڻ گهرجي.
حقيقت اها آهي ته خراب حڪمرانيءَ جو تعلق جاگرافيائي ماپ سان نه، پر حڪمراني جي معيار سان آهي. جمهوريت جو ڪمزور هجڻ، صاف ۽ شفاف چونڊن جو نه ٿيڻ، آئين ۽ قانون جي بالادستي جو فقدان، ادارن جي ڪمزوري، مالي بدانتظامي ۽ ڪرپشن اهي بنيادي مسئلا آهن، جيڪي صوبي جي ماپ بدلائڻ سان حل نٿا ٿين.
تنھنڪري مضبوط مرڪز واري ناڪام تصور ڏانھن موٽڻ بدران مضبوط وفاق واري تصور کي اڳتي وڌائڻ گهرجي، ڇو ته پاڪستان جو وفاق پنھنجي وفاقي وحدتن جي رضامنديءَ سان وجود ۾ آيو آهي. بلوچستان سميت ملڪ کي درپيش ڪيترن ئي مسئلن جو حل وڌيڪ مرڪزيت ۾ نه، پر حقيقي صوبائي خودمختياري، آئيني وفاق ۽ جمهوري ادارن جي مضبوطي ۾ لڪل آهي.
سو، اصل سوال نوان صوبا ناهن، پر پاڪستان جي وفاقي روح جو مستقبل آهي. جيڪڏهن هر ڀيري عوام جي سامهون هڪ ”مئل ٻلي“ اڇلائي اصل مسئلن تان ڌيان هٽايو ويندو ته نه گورننس بھتر ٿيندي، نه وفاق مضبوط ٿيندو ۽ نه ئي پاڪستان جا بنيادي مسئلا حل ٿيندا.

جڏهن سياست هر هنڌ هجي، پر تبديلي ڪٿي به نه هجي
برطانيا جي نوجوان سياسي مفڪر ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي استاد اينٽن ييگر (Anton Jäger) جو نئون ڪتاب Hyperpolitics: Extreme Politicization without Political Consequences ڇپجڻ شرط يورپ ۽ آمريڪا جي علمي حلقن ۾ وڏي پذيرائي ماڻي رهيو آهي. دي گارجين سميت ڪيترين عالمي اخبارن ۽ رسالن هن ڪتاب تي تفصيلي تبصرا، انٽرويو ۽ بحث شايع ڪيا آهن. ايتري گهٽ عمر ۾ ڪنھن ليکڪ جو عالمي سياسي بحث جو مرڪز بڻجڻ واقعي وڏي ڳالهه آهي.
مون اڃا تائين هيءُ ڪتاب پڙهيو ناهي، پر دي گارجين ۽ ٻين بين الاقوامي اخبارن ۾ ڇپيل تبصرن ۽ ليکڪ جي انٽرويوز پڙهڻ کان پوءِ محسوس ڪيم ته سنڌي پڙهندڙن کي به هن نئين فڪر سان واقف ڪرائڻ گهرجي. ڇاڪاڻ⁠ تہ هن جا ڪيترائي خيال پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي سياسي سفر کي سمجهڻ لاءِ هڪ نئون زاويو فراهم ڪن ٿا.
ييگر جو چوڻ آهي ته گذريل سئو سالن ۾ يورپ جي سياست چئن وڏن مرحلن مان گذري آهي. پھريون دور “ماس پوليٽڪس” جو هو، جڏهن سياسي پارٽيون، مزدور يونينون، شاگرد تنظيمون ۽ سماجي ادارا سياسي زندگيءَ جو مرڪز هئا. ماڻهو رڳو ووٽر نه، پر ڪنھن نه ڪنھن سياسي يا سماجي تنظيم جا سرگرم ڪارڪن هوندا هئا. ٻيو دور “پوسٽ پوليٽڪس” جو آيو، جڏهن سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ اهو تاثر پيدا ٿيو ته هاڻي نظرياتي تڪرارن جو دور ختم ٿي ويو آهي ۽ معاشرا مارڪيٽ، معيشت ۽ ماهرن جي انتظام هيٺ وڌيڪ بھتر هلي سگهن ٿا. ٽيون مرحلو “اينٽي پوليٽڪس” جو هو، جيڪو 2008ع جي عالمي مالي بحران کان پوءِ شروع ٿيو، جڏهن ماڻهن جو روايتي سياسي پارٽين ۽ حڪمران اشرافيه تان اعتماد گهٽجڻ لڳو. ييگر موجب اڄ دنيا “هائپر پوليٽڪس” جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي هر ماڻهو سياست تي ڳالهائي ٿو، هر ڪو راءِ ڏئي ٿو، احتجاجن ۾ شامل ٿئي ٿو، پر ان سڄي سرگرميءَ باوجود سياسي نظام ۾ بنيادي ۽ مستقل تبديلي گهٽ نظر اچي ٿي.
‎سندس بنيادي دليل اهو آهي ته اڄ سياست لاءِ جذبو اڳ کان گهڻو وڌي ويو آهي، پر انهن جذبن کي منظم ۽ مستقل سياسي قوت ۾ بدلائيندڙ ادارا ڪمزور ٿي ويا آهن. سوشل ميڊيا تي لکين ماڻهو ڪنھن هڪ مسئلي تي گڏ ٿي سگهن ٿا، پر اها گڏجاڻي گهڻو ڪري هڪ تحريڪ کان اڳتي وڌي پائيدار سياسي تنظيم ۾ تبديل نه ٿي سگهندي آهي.
‎پاڪستان جي سياسي تاريخ يقيناً يورپ کان مختلف آهي، پر ييگر جو هي تجزيو هتي به ڪيترين جڳھين تي ٺھڪي اچي ٿو. پاڪستان تحريڪ کان وٺي جمهوريت، آئين ۽ عوامي حقن لاءِ هلندڙ جدوجھد تائين سياسي تنظيمون اهم ڪردار ادا ڪنديون رهيون. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ منظم عوامي تحريڪ جي صورت اختيار ڪئي. پوءِ جنرل ضياءَ الحق جي آمريت خلاف جمهوريت جي بحالي واري ايم آر ڊيتحريڪ، خاص ڪري سنڌ ۾، سياسي تنظيم، قرباني ۽ عوامي مزاحمت جو هڪ يادگار مثال بڻجي سامهون آئي. اها سياست ٽيليويزن اسٽوڊيوز يا سوشل ميڊيا تي نه، پر ڳوٺن، شھرن، پارٽي آفيسن، جلسن، ڪارڪنن ۽ عوامي نيٽ ورڪن وسيلي هلي رهي هئي.

سنڌ جو سياسي سفر به اهڙن ئي مثالن سان ڀريل آهي. بمبئيءَ کان سنڌ جي عليحدگيءَ واري جدوجھد، ون يونٽ خلاف تاريخي مزاحمت، سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري حيثيت ڏيارڻ واري تحريڪ، صوبائي حقن لاءِ جدوجھد، ٻٽي مڪاني نظام خلاف هلندڙ تحريڪون—اهي سڀ ٻڌائين ٿيون ته سنڌ ۾ سياسي شعور ۽ اجتماعي مزاحمت جي روايت هميشه زنده رهي آهي. انهن تحريڪن جي پٺيان سياسي تنظيمون، شاگرد، اديب، وڪيل، هاري ۽ ڪارڪن موجود هئا، جن سالن جا سال اهو سفر جاري رکيو.
‎پر گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ سياسي منظرنامو تيزيءَ سان بدلجي ويو آهي. اڄ پاڪستان ۾ شايد اڳ کان وڌيڪ ماڻهو سياست تي ڳالهائين ٿا. يوٽيوب، فيس بڪ، ايڪس ۽ واٽس ايپ تي هر ڏينهن نوان سياسي محاذ کلي وڃن ٿا. هڪ تقرير يا هڪ وڊيو ڪلاڪن اندر لکين ماڻهن تائين پھچي ٿي. خاص ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف اهو ثابت ڪيو ته ڊجيٽل دنيا ۾ غيرمعمولي عوامي موجودگي ڪيئن پيدا ڪري سگهجي ٿي. پر ساڳئي وقت اهو به ڏٺو ويو ته اهڙي ڊجيٽل مقبوليت کي هر حال ۾ ڊگهي عرصي واري منظم زميني سياسي قوت ۾ تبديل ڪرڻ آسان ناهي. ييگر جي “هائپر پوليٽڪس” واري تشريح جو هڪ اهم پھلو شايد اهو ئي آهي.
‎ٻئي طرف سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو سياسي ڪردار به وقت سان گڏ تبديل ٿيو آهي. هڪ زماني ۾ اها مضبوط نظرياتي تنظيم ۽ عوامي تحريڪ جي علامت هئي، پر اڄ اقتدار هلائڻ جي صلاحيت ان جي سڀ کان وڏي سياسي قوت بڻجي وئي آهي. اهو تاثر به وڌندو پيو وڃي ته سٺي حڪمراني، ادارن جي ڪارڪردگي ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي هاڻي اقتدار برقرار رکڻ جا بنيادي وسيلا نه رهيا آهن. اقتدار جي سياست ۽ عوامي تنظيم جي سياست، ٻئي آهستي آهستي هڪ ٻئي کان الڳ ٿينديون نظر اچن ٿيون.
تازو ڇھن نون ڪينالن خلاف ٻٻر لوءِ کان ڪراچي تائين هلندڙ عوامي تحريڪ به سنڌ جي سياسي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي. هزارين ماڻهو روڊن تي نڪتا. وڪيل، هاري، شاگرد، اديب، سياسي ڪارڪن ۽ عام شجري هڪ آواز بڻيا. اها تازن سالن جي سڀ کان وڏي عوامي مزاحمتي لھرن مان هڪ هئي. پر احتجاج ختم ٿيڻ کان پوءِ اها غيرمعمولي عوامي توانائي ڪنھن مستقل سياسي يا سماجي تنظيم جي صورت اختيار نه ڪري سگهي. ييگر جي ڪتاب جو بنيادي مشاهدو شايد هتي وڌيڪ چٽو ٿي سامهون اچي ٿو؛ عوامي جوش ۽ جذبو پنھنجي جاءِ تي، پر ان کي ڊگهي مدي واري سياسي قوت ۾ بدلائڻ هڪ الڳ مرحلو آهي.
ظاهر آهي ته پاڪستان ۽ يورپ جا سياسي تجربا هڪجھڙا ناهن. هتي فوجي مداخلتون، جاگيرداري، برادري، نسلي ۽ علائقائي سياست، رياستي ادارن جو ڪردار ۽ ٻيا ڪيترائي عنصر سياسي ارتقا تي اثرانداز ٿيندا رهيا آهن. تنھن هوندي به اينٽن ييگر جو هي خيال اسان لاءِ سوچڻ جهڙو ضرور آهي ته ڪنھن سماج ۾ سياسي شعور وڌڻ ۽ مضبوط سياسي ادارا پيدا ٿيڻ، ٻئي هڪجھڙيون شيون ناهن.
‎سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته هتي مزاحمت جي کوٽ ڪڏهن به نه رهي آهي. هر دور ۾ ماڻهن پنھنجن حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ وڏي قيمت به ادا ڪئي آهي. شايد هاڻي وقت ان ڳالهه جو آهي ته اهو شعور، اها مزاحمت ۽ اها اجتماعي توانائي رڳو احتجاجن تائين محدود نه رهي، پر اهڙين مضبوط ۽ پائيدار تنظيمن ۾ به تبديل ٿئي، جيڪي وقت جي لهرن سان گڏ گم نه ٿين، پر ايندڙ نسلن جي سياسي ۽ سماجي سفر جو به بنياد بڻجن.

پاڪستاني سياست ۾” گيم آف ٿرونز“۽ فڪري تسلط
ڇا ملڪ ۾ سڀ ڪجهه صحيح پيو هلي، پر صرف چند مخصوص ماڻهن کي غلط پيو لڳي؟ يا ماڻهو غلط سَھڻ، غلط ڪرڻ ۽ غلط کي صحيح سمجهڻ جا عادي ٿي چڪا آهن؟ يا ماڻهن مان غلط ۽ صحيح جي حس ئي ڇڏائي وئي آهي؟ يا وري سسٽم ئي اهڙو جوڙيو ويو آهي، جيڪو هر سرنديءَ واري جي ذاتي مفادن جو پورائو ڪري ته جيئن هو اجتماعي غلط جو حصو هجي يا ان تي رضامند رهي! بھرحال، هن غريب معاشري جي ايتري رضامندي واري عجيب روش به ڪمال آهي.

اطالوي مفڪر ۽ فلسفي انتونيو گرامشي (Antonio Gramsci) جي مشھور نظريي هيجموني (Hegemony) يعني بالادستي يا فڪري تسلط مطابق، حڪمران طبقا رڳو پوليس، فوج يا لٺ جي زور تي راڄ ناهن ڪندا، پر اهي عوام جي ذهني رضامندي (Consent) حاصل ڪري پنھنجو اقتدار برقرار رکندا آهن. ذهني رضامنديءَ ذريعي هيجموني برقرار رکڻ به اصل ۾ هڪ جادوئي عمل آهي، جنھن تحت حڪمران طبقو معاشري ۾ پنھنجي فڪر، نظام ۽ ترجيحن لاءِ پنھنجو بيانيو اهڙي نموني پيش ڪري ٿو جو عام ماڻهن کي اهو سڀ ڪجهه فطري ۽ عقلِ سليم لڳندو آهي، نتيجي ۾ عوام اڻڄاڻائيءَ ۾ پنھنجي ئي مظلوميت تي رضامند هوندو آهي. اها هيجموني ڪنھن جيل ۾ نه، پر سول سوسائٽي جي ادارن ذريعي پيدا ڪئي وڃي ٿي. گرامشيءَ جو چوڻ آهي ته اشرافيه، ميڊيا، مذهبي، ثقافتي ۽ تعليمي ادارن ۾ مخصوص بيانيي ذريعي عوام جي ذهنن کي اهڙي نموني پيرويءَ جو عادي بڻائي ڇڏي ٿي جو عام ماڻهو موروثي سياست ۽ اميرن جي هن تسلط کي هڪ اڻٽر فطري نظام سمجهي قبول ڪري وٺي ٿو. هو اهو به چوي ٿو ته هر طبقو پنھنجي سوچ کي ڦھلائڻ لاءِ پنھنجا دانشور پيدا ڪندو آهي. مثال طور، جيئن حڪمران طبقي جا نمائندا پاڻ يا سندن درٻاري دانشور، ڪالم نگار، اينڪرز ۽ بيوروڪريٽس حڪومت جي ناقص ايجنڊا ته ٺھيو پر موجوده نظام جي سمورن خرابين کي به جائز قرار ڏيڻ لاءِ دليل ڳوليندا آهن.

گرامشيءَ جي خيال پٽاندر، جيڪڏهن وچولي يا پورهيت طبقي کي تبديلي آڻڻي آهي ته کين پنھنجا آرگينڪ دانشور (Organic Intellectuals) پيدا ڪرڻا پوندا، جيڪي عوام ۾ سياسي شعور بيدار ڪن. سادن لفظن ۾، آرگينڪ دانشور مان مراد اهي ماڻهو آهن جيڪي ڪنھن خاص سماجي طبقي (جھڙوڪ پورهيت، هاري يا وچولي طبقي) جي اندران پيدا ٿين ۽ پنھنجي طبقي جي حقن، تڪليفن ۽ سياسي مفادن کي زبان ڏين. اهي رڳو ڪتابي ڳالهيون ڪرڻ بدران عملي طور تي پنھنجي ماڻهن سان گڏ بيھي حقيقي جدوجھد به ڪن. لڳي ايئن ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ به اهڙي ئي طريقي سان بالادستي ۽ فڪري تسلط قائم آهي، جتي پورهيت ۽ وچولي طبقي کي اهو باور ڪرايو ويو آهي ته سياست صرف وڏن خاندانن جو، اخلاقي اصولن ۽ جمهوري روايتن کان آجو ڪو مھانگو شغل آهي، تنھن ڪري عام ماڻهو اڻڄاڻائيءَ ۾ پنھنجي ئي سياسي محروميءَ تي رضامند آهي. هتي سوال اهو به آهي ته ڇا اسان وٽ پورهيت يا وچولي طبقي مان پيدا ٿيندڙ دانشور موجود آهن؟ جي آهن، ته ڇا انهن جو تعداد گهٽ يا دانش اڻپوري هجڻ ڪري هن هيڏي وڏي بالادستي (Hegemony) سامهون اڃا بي وقعت آهن؟ يا تبديليءَ لاءِ ماحول ۾ اڃا اها مانڌاڻ جي منزل پري آهي، يا ماڳهين ڪو ٻيو جهول آهي؟
جارج آر. آر. مارٽن (George R.R. Martin) جي جڳ مشھور ناول ۽ ايڇ بي او (HBO) جي سيريز گيم آف ٿرونز (Game of Thrones) جو هڪ تمام مشھور جملو آهي ته ”اقتدار هڪ اهڙي راند آهي، جتي يا ته توهان کٽيندا آهيو يا مري ويندا آهيو، وچ وارو ڪو رستو ناهي هوندو.“ اها ڊراما سيريز خيالي ڪھاڻي ويسٽروس (Westeros) جي ستن راڄن ۽ ان جي لوهي تخت (Iron Throne) جي چوڌاري ڦري ٿي. پر جيڪڏهن اسان ڪھاڻي جي ان خيالي پردي کي هٽائي پنھنجي ملڪ جي سياسي تاريخ تي نظر وجهون، ته معلوم ٿيندو ته گذريل اڌ صديءَ کان پاڪستاني سياست به ڪنھن بي رحم گيم آف ٿرونز کان گهٽ ناهي رهي؛ جتي هڪ طرف ته سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ جيل، سزائون، سختيون ۽ موت نظر اچي ٿو، ته ٻئي طرف اقتدار رڳو چند موروثي سرمائيدار خاندانن وچ ۾ گردش ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ڊرامي گيم آف ٿرونز ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن طاقتور گهراڻا (جھڙوڪ لئنيسٽر يا تاريگرين) پنھنجن مفادن لاءِ مذهبي ڪارڊ جو چالاڪيءَ سان استعمال ڪن ٿا، پنھنجي بقا ۽ اقتدار جي توسيع لاءِ خاندان جي عورتن جو سياسي سودو ڪن ٿا، ۽ دولت گڏ ڪرڻ کي پنھنجو سڀ کان وڏو هٿيار بڻائين ٿا. پاڪستاني سياست جو منظرنامو به ان کان مختلف ناهي. هتي به اليڪشن وڙهڻ ۽ اقتدار جو هماءُ پنھنجي مٿان ويھارڻ لاءِ اربين روپين جي سيڙپڪاري گهربل آهي، نتيجي ۾ هر دفعي اقتدار جا دعويدار به اهي ئي سرمائيدار سياسي گهراڻا ٿين ٿا. هاڻي ته انهن وٽ سيڙپڪاريءَ لاءِ نه صرف گهڻو پئسو آهي، پر اثر انداز ٿيڻ لاءِ سياسي ورثو، عوام کي هڪلڻ ۽ تخت لاءِ سودي بازيءَ جو چاليھن سالن کان مٿي جو تجربو به موجود آهي. اها سودي بازيءَ جي مھارت کين گڏيل فائدن ۽ نفعي لاءِ اتحاد ٺاهڻ ۾ مدد پڻ ڏئي ٿي. پر جيئن ڊرامي ۾ ٿيندو آهي، پنھنجن مفادن کي اڳتي وڌائڻ دوران ڌوڪن ۽ بي وفاين ڪري اهي اتحاد هميشه عارضي ثابت ٿيندا آهن.
ان پوري راند ۾ جيڪي پردي جي پٺيان اصل ڪردار هوندا آهن، تن کي ڊرامي جي ٻوليءَ ۾ اسپائي ماسٽرز (Spymasters) يا ڪنگ ميڪرز (Kingmakers) چيو وڃي ٿو، جھڙوڪ ليٽل فنگر يا لاهري ويرس. اسان جي خطي ۾ به سياسي منظرنامو انتھائي غير يقيني ۽ اوچتو تبديلين جو شڪار رهندو آهي. پردي جي پٺيان ويٺل سياسي چالباز اخلاقيات ۽ جمهوري قدرن کي هميشه هڪ اهڙي مبھم خاني ۾ رکندا آهن، جتي صحيح ۽ غلط جي تميز ختم ٿي ويندي آهي. نتيجي طور، اسان وٽ جمهوريت جي تعريف صرف چونڊ عمل دوران اڪثريت جا انگ اکر پوري ڪرڻ تائين محدود ٿي وئي آهي. خاص طور تي پوين ويھن سالن ۾ ٿيندڙ سياسي واقعن ۽ ميڊيا جي بنياد تي ٺھيل مصنوعي بيانيي هن روايتي جمهوريت کي مڪمل طور وائکو ڪري ڇڏيو آهي. قدرن ۽ معيارن کان خالي هيءَ جمهوريت هاڻي هڪ جهور پراڻي پر دلڪش حويلي ٿي چڪي آهي، جنھن جي ڀتين تي يادگار تصويرون ۽ ماضي جي سياسي قربانين جا قصا لکيل آهن. سرمائيدار سياسي پارٽين لاءِ هاڻي هن حويلي جو نماءَ صرف پئسا ڪمائڻ جو ذريعو آهي. هن سياسي گيم آف ٿرونز سڀ کان وڏو نقصان ملڪ جي اخلاقي ۽ جمهوري قدرن کي رسايو آهي. اقتدار جي بک ۽ ذاتي مفادن جي حاصلات لاءِ سياسي چالبازن معاشري مان صحيح ۽ غلط جي تميز کي ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اڄ اسان هڪ اهڙي دور مان گذري رهيا آهيون، جتي سٺي ۽ خراب، رشوت ۽ ايمانداريءَ جي وچ ۾ جيڪا هڪ واضح ۽ نمايان ليڪ هوندي هئي، سا مڪمل طور ميسارجي چڪي آهي. جيڪا شيءِ ڪنھن دور ۾ سماجي ۽ اخلاقي طور تي هڪ عيب يا گناهه سمجهي ويندي هئي، تنھن کي هاڻي سياسي چالاڪي، مصلحت يا وقت جي ضرورت جي خوبصورت اصطلاح طور قبول ڪيو وڃي ٿو.
جڏهن ملڪ جا اعليٰ سياسي ڪردار اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سرعام وفاداريون تبديل ڪن ٿا، نظرياتي سياست جو سودو ڪري پنھنجن ئي اصولن تان هٿ کڻن ٿا، تڏهن سڄي معاشري ۾ هڪ هاڃيڪار نفسياتي تبديلي جنم وٺي ٿي. ان جي نتيجي ۾ ايمانداري ۽ ديانتداري، جيڪي ڪنھن به جمهوري معاشري جا بنيادي ٿنڀ هوندا آهن، تن کي بيوقوفي يا ڪمزوريءَ سان تشبيھه ڏني وڃي ٿي. رشوت، جيڪا سماج جو ناسور هئي، سا هاڻي نظام کي هلائڻ لاءِ هڪ لازمي ”سھولت“ بڻائي پيش ڪئي وڃي ٿي. اڳي ماڻهن جي سڃاڻپ سندن ڪردار، علم ۽ ايمانداريءَ مان ٿيندي هئي، پر هن ڪسٽمائيزڊ سياست معاشري کي اهو سبق ڏنو آهي ته پئسو ۽ طاقت ئي سڀ ڪجهه آهن. جيڪڏهن توهان وٽ دولت آهي، ته توهان جا سڀ عيب، ڏوهه ۽ بدعنوانيون سياسي طاقت جي گندگي هيٺ لڪي وڃن ٿيون. ۽ پوءِ جڏهن اخلاقي ليڪون ميسارجي وينديون آهن، تڏهن عوامي شعور ڌنڌلائجڻ سبب ماڻهو سٺي ۽ خراب جي سڃاڻپ وڃائي ويھندا آهن. ماڻهو بدعنوان ڪردارن کي ”توهان جو چور، اسان جو ليڊر“ چئي مٿن ڀاڙڻ لڳندا آهن. مطلب ته عالم آشڪار نااهل ۽ بدعنوان سياستدان لاءِ به معاشري ۾ هڪ هاڪاري طبقو موجود رهندو آهي. اخلاق جو ھيءُ ابھام (Moral Ambiguity) معاشري کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندو آهي، ڇاڪاڻ ته جتي سچ ۽ ڪوڙ جو فرق ئي ختم ٿي وڃي، اتي ڪنھن به سڌاري يا احتساب جي اميد نٿي رکي سگهجي.

هن ڊرامي گيم آف ٿرونز ۾ جارج آر. آر. مارٽن جو هڪ تمام گھرو جملو آهي ته ”جڏهن وڏا لاهري (Lords) گيم آف ٿرونز وڙهندا آهن، تڏهن سڀ کان وڌيڪ نقصان رڳو عام عوام جو ٿيندو آهي.“ اڄ پاڪستان جو پورهيت ۽ وچولو طبقو به ان عظيم جنگ جو نتيجو ڀوڳي رهيو آهي، جتي اڻھوند، بک، مھانگائي، بي روزگاري ۽ ناانصافي عوام جو مقدر بڻيل آهن، اتي اشرافيه دولت جا مزا ماڻيندي، اٽڪلن ذريعي تخت کي بچائڻ ۾ مصروف آهي. جمهوريت صرف ووٽ ڏيڻ يا پارليامينٽ جي عمارت جو نالو ناهي، پر هڪ اهڙي طرزِ سياست آهي جيڪا ايمانداري، شفافيت ۽ برابريءَ جي اصولن تي بيھندي آهي. پر جڏهن اشرافيه پنھنجي تخت کي بچائڻ لاءِ انهن سڀني اصولن کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏي ٿي، تڏهن سڄو معاشرو اهڙي اخلاقي بحران ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي، جتي قانون جي حڪمراني رڳو ڪمزورن لاءِ، جڏهن ته طاقتور هر ڏوهه کان آزاد هوندو آهي.
ان ڪري، سياسي عمل جي نئين سر وصف جوڙڻ جو مطلب صرف نظام بدلائڻ ناهي، پر ان ميسارجي ويل اخلاقي ليڪ کي ٻيھر واضح ڪرڻ آهي، جيڪا ايمانداريءَ کي رشوت تي ۽ سچ کي ڪوڙ تي برتري ڏياري ٿي. جيڪڏهن اسان کي هڪ منصفاڻي، ترقي پسند ۽ برابري واري سماج جي اڏاوت ڪرڻي آهي، ته پوءِ اسان کي هن سياسي عمل جي نئين سر وصف جوڙڻي پوندي. اسان کي موروثي راڄن جي هن شيشي جي ديوار کي ٽوڙي، وچولي ۽ پورهيت طبقي جي متوازن شموليت کي يقيني بڻائڻو پوندو. جيستائين سياست عام ماڻهو جي ڏاهپ، قابليت ۽ سياسي شعور جي تابع نه ٿيندي، تيستائين ملڪي مستقبل کي تبديل نٿو ڪري سگهجي.

ڏيکاءُ نه، نظام بھتر ڪيو
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه هجڻ کپي ته وفاقي وزير عطاءاللہ تارڙ جو مايوس نوجوان اظھر ميمڻ سان همدرديءَ وارو ورتاءُ قابلِ تعريف آهي۔ کيس شاباس هجي جو هن نوجوان کي اسلام آباد گهرائي پنهنجي آفيس ۾ ويھاريو، بلڪه پنھنجي ڪرسيءَ تي ويھاريو ۽ کيس بيحد عزت ڏني۔ وفاقي وزير جو اهڙو قربائتو رويو محسوس ڪندي اظھر جي اکين مان لڙڪ لڙڻ فطري ردعمل هو۔
جنھن ڇوڪري اهو سمجهي ورتو هو ته سندس قابليت، محنت ۽ اخلاق جو هن ديس ۾ ڪو قدر ناهي، ان کي اوچتو ڪو وزير ايڏو وڏو مان ڏئي، ته اهو يقيناً ڪنھن معجزي کان گهٽ نه لڳندو۔ عطا تارڙ پنھنجي هن عمل سان سنڌ واسين خاص طور، ۽ پاڪستانين جون عام طور، دليون کٽي ورتيون آهن۔ هن سڄي معاملي مان اهو تاثر اڀريو ته سياسي اڳواڻن کي نوجوانن جو خيال آهي، ڀلي اهو وفاقي اڳواڻ ئي هجي؛ حڪومتي نظام ڪم ڪري ٿو؛ ۽ ٽيون اهو ته ميرٽ جو قدر موجود آهي۔ ائين ئي آهي نه؟
پر ٿورو ترسو۔ هن صورتحال جو گھرائيءَ سان جائزو وٺون ٿا، ته جيئن اهو ظاهر ٿي سگهي ته هن معاملي جا اهي پاسا به سامهون اچن، جيڪي سوشل ميڊيا جي شور ۾ دٻجي وڃن ٿا۔ تارڙ صاحب جس لھڻي، جنھن هن نوجوان جي سار سنڀال ڪئي، جنھن کي سنڌ سرڪار مان شايد ڌيان ڏيڻ جي به لائق نه سمجهيو ويو۔ پر مسئلو اهو آهي ته اها اظھر کي مليل نوڪري ميرٽ تي نه، پر همدرديءَ جي بنياد تي ڏني وئي آهي (يعني باقاعده مقابلي بدران ذاتي مداخلت سان)۔ اها نوڪري ڪيترا ڏينھن هلندي، اهو هڪ الڳ سوال آهي۔ پر اظھر جھڙا لکين قابل ۽ بي روزگار نوجوان سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه سميت سڄي ملڪ ۾ موجود آهن. انهن جي واهر ڪيئن ٿيندي؟

تنھنڪري، آئون سمجهان ٿو ته جيتوڻيڪ تارڙ صاحب جو اهو عمل شاندار آهي، پر اهو علامتي به آهي۔ هڪ نوجوان جي وارثي ڪرڻ جو مطلب اهو نه هجڻ گهرجي ته خراب گورننس تي سٺي گورننس جي فتح ٿي وئي آهي، يا هڪ پارٽي خراب ۽ ٻي بھتر آهي۔ هتي ضروري آهي ته اسين مسئلي جي جڙ تائين پھچون، ڇو⁠تہ سطحي ۽ جذباتي تجزيا هن صورتحال ۾ گهڻو مددگار ثابت نٿا ٿين۔
هيءُ رڳو سنڌ جي حالت ناهي، بلڪه پوري پاڪستان ۾ ساڳي صورتحال آهي، جتي هڪ ئي وقت ٽي نظام هلندي نظر اچن ٿا۔ پھريون، فارمل نظام آهي، جنھن ۾ قانون، ڀرتيءَ جا قاعدا ۽ اصول واضح ٿيل آهن۔ ٻيو، غيررسمي يا انفارمل نظام آهي، جتي اقتداري پارٽين جا لاڳاپا، قبيلا ۽ ذاتي رشتا سفارشي نظام کي زنده رکندا اچن ٿا۔ ٽيون، ڏيکاءُ وارو نظام آهي، جيڪو ميڊيا وسيلي ٺھندو آهي، جتي اقتداري ڌريون هڪ يا ٻن علامتي سٺن عملن ذريعي پنھنجو مثبت تاثر ٺاهين ٿيون، ۽ ان سان نظام جون وڏيون خرابيون لڪايون وڃن ٿيون۔
انهن ٽنهي نظامن جو گڏيل الميو اهو آهي ته فارمل نظام ڪمزور آهي، جتي قانون مطابق ميرٽ تي نوڪري حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي؛ جڏهن ته غيررسمي نظام تمام مضبوط آهي، جتي پئسو، پارٽي سفارش ۽ ذاتي لاڳاپا ڪاميابيءَ جو ذريعو بڻجن ٿا۔ ميڊيا وري ڪنھن هڪ واقعي کي وائرل ڪري سٺو يا خراب تاثر پيدا ڪري ٿي، جيڪو جذبات ته وڌائي ٿو، پر اصل مسئلو حل ڪرڻ ۾ مددگار نٿو ٿئي۔ اهڙا حقيقتن کان پري تاثر ڊگهي عرصي تائين قائم به نٿا رهن.
نوجوان سان همدرديءَ وارو عمل يقيناً وڻندڙ آهي، پر هن طريقي سان ڪيترا نوجوان پنھنجي بيروزگاريء جي دُٻڻ مان نڪري سگهندا؟ ٿورو سوچي ڏسو۔ تارڙ صاحب، توهان حڪومت ۾ ويٺا آهيو. سرڪاري نظام کي بھتر ۽ مضبوط ڪريو، ته جيئن ملڪ جا قابل نوجوان سفارش ۽ پئسي جي کوٽ سبب مايوس ٿي نشي ۾ پناه وٺڻ بدران، ڀرپور ميرٽ تي مقابلو ڪري پنھنجي ۽ ملڪ جي خدمت ڪري سگهن.