نئون نسل – Sarangaa

ٿڌي سڙڪ تي ويٺل سنڌ جو آئيندو
حيدر جو آواز سڻندڙ سنڌ جو آئيندو ميرپورخاص وارن جي ننھن ۽ سيوهاڻي سرڪار جي “سسٽم” خلاف حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ تي ويٺل آھي. ھيءُ احتجاج رڳو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميرٽ دشمن امتحاني نتيجن خلاف ناھي، پر ھي احتجاج پنھنجن پٽن، ڌيئرن، ڀائيٽن، ڀاڻيجن ۽ ٻين ويجهن عزيزن کي 16ھين ۽ 17 گريڊ جون نوڪريون “ادي” جي منظوريءَ سان “پارٽي ۽ فيملي سيٽون” چئي ڏياريندڙ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن ۽ چونڊيل نمائندن خلاف بہ آھي. ھيءُ احتجاج انهن سڀني جي خلاف آھي، جيڪي حاجي صاحب ۽ اديءَ جي منظوري ۽ مرضيءَ سان ھلندڙ “منظم سسٽم” جا حصيدار آھن. “ادي” رڌڻ واري آھي ۽ “ادا” کائڻ وارا آھن.
جهڏي واري لالڻ سائين جون بد دعائون ڪميشن ۽ ڪرپشن سسٽم ھلائيندڙن کي لوڙھين يا نه، پر حيدر بخش جتوئي، فيض، جالب ۽ اياز جا گيت ڳائيندي ۽ رقص ڪندي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندڙ سنڌ جي ڳاڙھن ڳڀروئن جي مزاحمت کين سک سان ويھڻ نه ڏيندي.

ميرٽ جي لتاڙ، پنھنجا نوازي ۽ ڪروڙن جي اگهه تي نوڪريون کپائيندڙن جو ھيءُ سسٽم اجهو ڪي اجهو ڊھڻ تي آھي. اھو يقين احتجاج ۾ شامل ھر نوجوان کي آھي. تڏھن ته ھو ايڏي اعتماد سان نعرا هڻندي ٻڌجن ٿا: “ھو نيٺ ته توکي چاھيندا” “ھم نھين مانتي، ايسي دستور ڪو” “
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ” “اھو جام مينا ٻه ٽي ڏينھن آھي مگر پوءِ ڀي ڇا ڇا ٻه ٽي ڏينھن آھي”…..
فيلڊ مارشل کي تاحيات قبولي ويٺل موجوده حڪمران سمجهن ٿا ته ھاڻي ھي به شايد تاحيات اسيمبلين ۽ وزارتن ۾ رھندا، ۽ ڇو ته تاحيات کين لھر لوڏو نه آهي، ان ڪري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جھڙن ادارن کي وڏيرڪي انداز ۾ پيا ھلائيندا. پر نوجوانن جي مستقل مزاجي اھو ثابت ڪيو آهي ته اھو سندن وھم آھي. سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر ادي سسٽم وسيلي اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار ۽ ڊي ايس پي جون سيٽون وٺڻ بعد ھاڻ ته پنھنجي نااهل اولاد لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ايجنٽن ۽ ميمبرن کان به پئسن تي نوڪريون خريد ڪن ٿا، جو ڪروڙ کان ساڍن ٽن ڪروڙن ۾ سندن جڏي ڪٽنب مان ڪو نه ڪو ھمراھ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊي ايس پي ٿيو وڃي، جيڪو سودو ھنن لاءِ ڪو گهڻو مھانگو نه آهي.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف اٿيل ھن نئين لھر بابت تاثر اھو ھيو تہ شايد ھي احتجاج به ڪجهه ڏينھن کان پوءِ ٿڌو ٿي، ختم ٿي ويندو. پر ايئن ناھي ٿيو ۽ اھا لھر ھوريان ھوريان ھڪ سگهاري تحريڪ جو روپ ڌاري رھي آھي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مرڪزي آفيس ٻاھران رڳو حيدرآباد جا ئي نه پر قمبر شھدادڪوٽ، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد جا ئي نوجوان به ويٺل آھن. اھي ايترا ڏينھن ويھڻ باوجود ٿڪا ناھن. احتجاجي ڪئمپ تي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جيئن پر امن احتجاج رڪارڊ ڪرائي رھيا آھن، ڪتاب پڙھي رھيا آھن، گيت ڳائي رھيا آھن، رقص ڪري رھيا آھن، اھا ئي محبت ۽ جذبي ڀري مزاحمت سندن مثبت روپ ۽ اصل سگهه آھي. لائبريريون ڇڏي ھو جيئن ناانصافيءَ ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف اچي روڊ تي ويٺا آھن، سا ڪا عام ڳالهه نه آهي. انھن جي ڪاوڙ، غصو ۽ نفرت ٻڌائي پئي ته سنڌ بدلجي پئي. پر جي سنڌ حڪومت ۽ ان جي حڪمران جماعت اڃا به اکين تي ٻڌل پٽيون نه لاٿيون ته جھڙيءَ ريت حڪمران جماعت جو نوجوان قائد پنجاب ۾ پيپلز پارٽي ۽ جيالا پيو ڳولي، ڪٿي ائين نه ٿئي ته ايندڙ ڏھن سالن دوران ھن کي سنڌ اندر به پيپلز پارٽي ۽ جيالا ايئن سرچ لائٽ کڻي تلاشڻا پون.
ڪتابن سان دوستي ڪرڻ وارا نوجوان پبلو نرودا ۽ اياز جي شعرن جي سگهه ۽ ھمت سان ويٺا آھن، انھن جا سينا مزاحمتي ادب سان سرشار آھن.

ڪميشن ۽ ڪرپشن ڪلچر جي چمتڪار سان طبقو مٽائيندڙ ڪامورا نوجوانن جي ھن احتجاج تي چٿرون پيا ڪن، پر کين ياد رکڻ گهرجي ته توھان جي سسٽم جو دور ماضيءَ جو قصو ٿي ويندو ۽ تخليقي صلاحيتن سان ڀرپور احتجاج ڪندڙ نوجوان تازي ھوا جي جهوٽي جھڙو زمانو پنھنجي تحريڪ ۽ ثابت قدميءَ سان کڻي ايندا.
جيڪڏھن ھن تحريڪ کي بنگلاديشي نوجوانن جي تحريڪ ۽ ڪاڪروچ جنتا پارٽي وانگي ڪا مستقل صورت ملي ته لڳي ٿو ھي ويھن کان ٽيھن سالن جي عمر وارا آزاد روح ملڪ ۾ ايندڙ حڪومتن ۽ حاڪمن بابت بہ فيصلا ڪرڻ جي اھل بڻجي ويندا.

جنريشن زي جي بيانيي ۾ چڙ ۽ ڪاوڙ ڇو آھي؟
جنريشن زي (Gen Z)، جنھن ۾ عام طور تي 1990ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن کان وٺي 2010ع تائین پيدا ٿيل نوجوان شامل آهن، تنھن بابت هڪ عام تاثر اهو ڏنو ويندو آهي ته هيءَ ٽھي نازڪ مزاج، ذهني دٻاءَ هيٺ رهندڙ، گهٽ ڌيان ڏيندڙ، سخت محنت کان ڪيٻائيندڙ ۽ سياسي طور غير سنجيده آهي. پر سوال اهو آهي ته ڇا واقعي مسئلو هن ٽھيءَ ۾ آهي يا ان دنيا ۾ جنھن ۾ هيءَ ٽھي جوان ٿي آهي؟ حقيقت اها آهي ته جن خامين کي اڪثر جنريشن زي جي ڪمزوري سمجهيو وڃي ٿو، اهي گهڻي ڀاڱي انهن غيرمعمولي معاشي، سماجي، ماحولياتي ۽ سياسي حالتن جو ردعمل آهن، جيڪي هن ٽھيءَ کي ورثي ۾ مليون آهن. تنھن ڪري اصل سوال نوجوانن جي ڪردار بابت نه، پر انهن نظامن بابت هجڻ گهرجي، جن ۾ اهي پلجي وڏا ٿيا آهن.
ڪجهہ ماڻهن لاءِ جوڙيل معيشت
جنريشن زي جي زندگيءَ جو سڀ کان اهم پس منظر هڪ اهڙو معاشي نظام آهي، جنھن ۾ دولت ۽ طاقت ٻنهي جو ٿورڙن ماڻهن وٽ گڏ ٿیڻ، ڪیپیٽلسٽ جي شاھوڪاريءٓ ۾ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. عالمي انگن اکرن موجب دنيا جي امير ترين هڪ سيڪڙو ماڻهن وٽ هاڻي هيٺئين 95 سيڪڙو انسانن جي گڏيل دولت کان به وڌيڪ ملڪيت موجود آهي. 2025ع تائين عالمي دولت 600 ٽريلين ڊالرن تائين پھچي وئي، پر ان واڌاري جو وڏو حصو نئين پيداوار يا حقيقي معاشي سرگرمين بدران اثاثن/ وسیلن جي قيمتن ۾ واڌ سبب پيدا ٿيو. نتيجي طور جن وٽ اڳ ئي زمينون، شيئر، ڪاروبار يا ٻيا وسیلا موجود هئا، انهن وٽ دولت جا ڍیر ٿیندا ویا، جڏهن ته باقي آباديءَ لاءِ معاشي ویڇو وڌندو ويو.

هيءَ نابرابري رڳو دولت تائين محدود ناهي؛ اها سياسي ۽ ادارتي طاقت ۾ به تبديل ٿي وڃي ٿي. دنيا جي پنجاهه وڏين ڪارپوريشنن مان ٽئين حصي کان وڌيڪ تي سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح ارب پتين جو اثر آهي. اھي حڪومتن جوڙڻ کان وٺي، پالیسین تائین اثرانداز ٿین ٿا؛ اهڙيءَ صورتحال ۾ ٽيڪسن، قرضن، واپاري ضابطن ۽ عالمي ادارن جي وھنوار تي به انهن جو اثر رسوخ وڌي وڃي ٿو. نتيجي طور نوجوانن ۾ اهو احساس وڌڻ لڳو آھي ته معاشي راند جا اصول سڀني لاءِ هڪجھڙا ناهن.
نوجوانن لاءِ هيءَ ورڇ صرف طبقاتي نه پر نسلي ۽ ٽھي کان ٽھيءَ تائین ھلندڙ پڻ آهي. آمريڪا ۾ بيبي بومرز جي سراسري خالص ماليت اٽڪل 288 هزار ڊالر ( في سال) ٻڌائي وڃي ٿي، جڏهن ته نوجوانن وٽ اها صرف لڳ ڀڳ 14 هزار ڊالر آهي. ياد رهي ته ‘بيبي بومرز’ مان مراد اها ٽھي آهي جيڪا ٻي مھاڀاري جنگ جي خاتمي کانپوءِ، يعني عام طور تي 1946 کان 1964 جي وچ ڌاري پيدا ٿي، انهن ڏھاڪن ۾ دنيا ۾ پيدائش جي شرح ۾ اوچتو وڏو واڌارو ڏٺو ويو هو. هيءَ ٽھي هاڻوڪي معاشي نظام ۾ سڀ کان وڌيڪ بیٺل ۽ محفوظ پوزيشن ۾ آهي ۽ دنيا جي وڏي حصي جي ریئل اسٽيٽ ۽ مالي وسیلن تي ان جو قبضو آهي.
اھو منطق عجیب آھي تہ جنريشن زي ڪم ڪرڻ نٿي چاهي يا گهٽ محنتي آهي؛ حقيقت ۾ اھا هڪ اهڙي معاشي راند ۾ شامل ٿي آهي، جنھن جا بھترين موقعا ۽ گهڻا وسيلا اڳ ۾ ئي ٻين جي قبضي ۾ آهن. پنھنجي ڇت، پنھنجو گهر ھنن لاءِ اھڙین حالتن ۾ اڻپوري ٿیندڙ خواب جیان آھي.
جيئري رهڻ جي وڌندڙ قيمت
معاشي اڻبرابريءٓ جو سڀ کان نمايان اثر زندگيءَ گهارڻ جي وڌندڙ قيمت جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. جیئڻ ڪارڻ جیڏیون، مون وڏا وس ڪیام واري ڪیفیت مان گذرڻو پوي ٿو۔ خاص طور تي رهائش جو بحران نوجوانن لاءِ هڪ وڏي آزمائش بڻجي چڪو آهي. 2026ع جي هڪ سروي موجب جنريشن زي جي 67 سيڪڙو ماڻهن کي رهائش جا خرچ پورا ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. هيءَ شرح ٻين سڀني ٽھين کان وڌيڪ آهي. اڄ صورتحال اها آهي ته جنريشن زي مان صرف 27 سيڪڙو ماڻهن وٽ پنھنجو گهر آهي، جڏهن ته بيبي بومرز ۾ اها شرح 70 سيڪڙو کان مٿي آهي. 2015ع کان 2024ع جي وچ ۾ آمريڪا ۾ گهرن جي قيمتن ۾ اٽڪل 50 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته نوجوانن جي پگهارن ۾ رڳو 15 سيڪڙو اضافو ٿيو. ساڳئي وقت تعليمي قرضن جو ٻوجهه به مسلسل وڌيو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ جيڪڏهن نوجوان شادي، گهر خريد ڪرڻ يا خاندان جوڙڻ جھڙن فيصلن ۾ دير ڪن ٿا ته ان کي ناپختگي نه پر معاشي حقيقتن جي عڪاسي سمجهڻ گهرجي. منزلون ساڳيون آهن، پر انهن تائين پھچڻ جو سفر گهڻو مھانگو ٿي ويو آهي.
ماحولياتي ٿڪ ۽ بيوسي
جنريشن زي پھرين اهڙي ٽھي آهي جنھن پنھنجي سڄي شعوري زندگي موسمياتي تبديليءَ جي خطري هيٺ گذاري آهي. هنن لاءِ موسمياتي بحران ڪو مستقبل جو امڪاني خطرو نه، پر موجوده حقيقت آهي. عالمي سروي ظاهر ڪن ٿيون ته 62 سيڪڙو نوجوان موسمياتي تبديليءَ بابت ڳڻتيءَ جو اظھار ڪن ٿا، جڏهن ته 45 سيڪڙو جو چوڻ آهي ته اها سندن روزمره زندگيءَ تي سڌو اثر وجهي ٿي. پر ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته هاڻي انهن نوجوانن ۾ بي وسيءَ جو احساس وڌي رهيو آهي. 2020ع ۾ 33 سيڪڙو نوجوانن جو خيال هو ته انفرادي ڪوششن سان ڪو وڏو فرق نٿو پوي؛ 2024ع تائين اهو انگ وڌي 42 سيڪڙو ٿي ويو. هي لاتعلقي نه پر نااميدي آهي. جڏهن ڪو نوجوان ڏسي ٿو ته دنيا جي امير ترين 0.1 سيڪڙو ماڻهن مان هڪ فرد ساليانو اٽڪل 298 ٽن ڪاربن خارج ڪري ٿو، جڏهن ته دنيا جي غريب اڌ آباديءَ مان هڪ فرد جو حصو صرف 0.8 ٽن آهي، ته پوءِ ماحولياتي انصاف بابت سوال اٿارڻ فطري ڳالهه آهي.
نوان جنگ جا ميدان
اڄ جي دنيا ۾ تڪرار صرف بارود ۽ بمباري تائين محدود ناهن رهيا. معاشي پاليسيون، وسيلن جي ورڇ، ڄاڻ تي ڪنٽرول ۽ عوامي ادارن جي ڪمزوري به طاقت جي جدوجھد جا نوان ميدان بڻجي چڪا آهن. انڊونيشيا، نيپال ۽ ٻين ملڪن ۾ نوجوانن جا احتجاج رڳو ڪرپشن خلاف نه، پر انهن پاليسين خلاف آهن، جيڪي نابرابريءٓ کي ٻيھر پيدا ڪن ٿيون. ساڳئي وقت ڄاڻ پڻ هڪ نئين جنگي ميدان جي حيثيت اختيار ڪري وئي آهي. جتي شھري شعور ۽ سياسي تعليم ڪمزور هوندي آهي، اتي نوجوانن کي حقيقتن کي سمجهڻ بدران جذباتي نعريبازي ۽ مصنوعي تڪرارن ۾ مصروف رکڻ آسان ٿي ويندو آهي. اهڙي ماحول ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ فرق ڪرڻ پاڻ هڪ سياسي جدوجھد بڻجي وڃي ٿو.
سياسي لاتعلقي يا سياسي بي اعتمادي؟
جنريشن زي تي سياسي لاتعلقيءٓ جو الزام عام آهي، پر حقيقت ان کان گهڻي مختلف آهي. تحقيق ظاهر ڪري ٿي ته نوجوانن جو وڏو حصو سياسي طور سرگرم، شھري شعور رکندڙ ۽ جمهوري قدرن سان وابسته آهي. مسئلو لاتعلقيءٓ جو نه، پر بي اعتماديءَ جو آهي. هيءَ ٽھي اهڙي دور ۾ جوان ٿي آهي جتي سياسي ادارا معاشي نابرابري، ڪوڙي جمهوريت، موسمياتي بحران ۽ وڌندڙ مھانگائيءٓ جھڙن مسئلن جو اثرائتو حل پيش ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچن ٿا. نتيجي طور ڪيترا ئي نوجوان روايتي سياسي نظامن کان مايوس آهن. سندن اها مايوسي بي رخي نه آهي، هو جمهوريت کان منھن نٿا موڙين، پر موجوده سياسي ڪارڪردگيءَ کان مطمعن به ناهن.
تنقيد کان اڳ فھم
جنريشن زي بابت ڪيل گهڻيون تنقيدون ان وقت ڪمزور نظر اچن ٿيون، جڏهن انهن کي هن ٽھيءَ جي حقيقي حالتن جي پس منظر ۾ ڏٺو وڃي. جنھن کي پريشاني چيو وڃي ٿو، اهو گهڻو ڪري حقيقي خطرن جو صحيح ادراڪ آهي. جنھن کي لاتعلقي سڏيو وڃي ٿو، اها ڪيترين حالتن ۾ ناڪام ادارن خلاف بي اعتماديءَ جو اظھار آهي. جنھن کي حق جتائڻ سمجهيو وڃي ٿو، اهو دراصل معاشي ناانصافيءَ خلاف ردعمل آهي.
جنريشن زي کي هڪ اهڙي دنيا ورثي ۾ ملي آهي جيڪا اڳين ٽھين کي مليل دنيا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اڻبرابر، وڌيڪ مھانگي، ماحولياتي لحاظ کان وڌيڪ غير محفوظ ۽ سياسي طور وڌيڪ غير يقينيءٓ واري آهي. ان ڪري هن ٽھيءَ کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان سندن رويي بابت فيصلو ڪرڻ کان اڳ ان دنيا جو جائزو وٺون، جيڪا کين ورثي ۾ ملي آهي. ۽ ٻیو تہ اسان ڪیر ٿیندا آھیون فیصلو ڪرڻ وارا؟! سمجهڻ گهرجي ڪنھن به ٽھيءَ کي انهن بحرانن جي بنياد تي نٿو پرکي سگهجي، جن جي تخليق ۾ ان جو ڪو ڪردار ئي نه رهيو هجي! ایئن پرک ڪري اسان استعماري ڪیپیٽلسٽ لڏي جا ساٿاري تہ نہ ٿي رھیا آھیون؟!

محبت، جنس ۽ جنريشن زِي
مترجم: علي حسين

جنريشن زِي‘ هڪ نئون اصطلاح آهي، جيڪو نوجوانن جي ان نسل لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جيڪو 1997 کان 2012ع جي وچ ۾ پيدا ٿيو آهي- هيءُ نسل ڊجيٽل دنيا جو پھريون حقيقي رهاڪو آهي. ٽيڪنالاجيءَ جي حيرت ۾ وجهندڙ ترقيءَ کي ماڻيندڙ يا ان کان متاثر ٿيندڙ هيءُ نسل ورثي ۾ مليل قدرن، روايتن ۽ تصورن کان گهڻو مختلف بلڪ ابتڙ به سوچي ٿو. هن وٽ ٻين ڳالهين سان گڏ عشق محبت جي حوالي سان به پنھنجو نڪتئه نظر ۽ تجربو آهي، جيڪو  گذريل نسلن جي ماڻهن کي عجيب به لڳي ٿو ته ڇرڪائيندڙ به. جنريشن زِي وٽ محبت ۽ جنس جي حوالي سان موجود روين کي آڏو رکي، بي بي سي چائنا هڪ سروي نما مضمون شايع ڪيو آهي، جنھن جو ترجمو سارنگا جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو.)

چين سان واسطو رکندڙ 26 سالن جي زويو (فرضي نالو) پنھنجي هڪ بواءِ فرينڊ کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ئي ماڻهن سان جنسي لاڳاپن تي ٻڌل رشتا جوڙڻ شروع ڪيا. ”مون سيڪس کي جذبات يا محبت کان الڳ ڪرڻ شروع ڪيو.“ هوءَ ڊيٽنگ ائپس تي ماڻهن سان ملي ۽ جڏهن اهي لاڳاپا شروع ٿيا ته ڌرين پنھنجون حدون طئي ڪرڻ شروع ڪيون. جيڪڏهن ڪو اهي حدون ڪراس ڪرڻ ٿي لڳو، ته زويو کيس ياد ٿي ڏياريون.

زويو اڳ ۾ به اهڙن پنجن ڇھن لاڳاپن ۾ رهي چڪي آهي. هوءَ جنس کان آزاد ڪنھن سان به رومانوي لاڳاپا قائم ڪرڻ کي عيب نٿي سمجهي. هن مردن، عورتن ۽ کدڙن سان به لاڳاپا رکيا.

جنريشن زي جنس ۽ جنسي رجحانن جي حوالي سان اڳوڻن نسلن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گوناگون آهي. گئلپ سروي موجب آمريڪا ۾ 23.1 سيڪڙو جنريشن زي پنھنجي هم جنس پرست طور سڃاڻپ ڪرائي ٿي.

گذريل ڪجهه سالن دوران زويو ڪجهه اهڙن مبھم ۽ اڻ چٽن لاڳاپن ۾ به رهي آهي، جن کي واضح طور بيان ڪرڻ مشڪل هيو، پر انهن لاڳاپن جي غير يقيني ڪيفيت کيس ٿڪائي وڌو ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيو.

هن بي بي سي چائنا کي ٻڌايو ته ”ڏيڍ سال تائين اڻ چٽي لاڳاپي ۾ رهڻ، نه هِي نه هُو، مون لاءِ ته اهو لڳ ڀڳ اڻ سونھائيندڙ هيو.“

جڏهن هوءَ انهن مبھم لاڳاپن کي برداشت نه ڪري سگهي، ته هن هڪ ڀرپور ساٿ جي ڳولا شروع ڪري ڏني. تنھن هوندي، کيس ويجهر ۾ اهو احساس ٿيو ته، ان ريت، جڏهن اوهان لاڳاپي جي خواهش لاءِ جنسي طور به ويجها لاڳاپا قائم ڪري ٿا وٺو، ته اهو رشتو بيحد ڪمزور بڻجي وڃي ٿو.

ڪجهه سالن ۾، هڪ نئين قسم جو لاڳاپو ”سچوئيشن شپ“ به سامهون آيو آهي. هي لفظ سچوئيشن(صورتحال) ۽ رليشن شپ يا لاڳاپن سان ملي ٺھيو آهي. هن قسم جي لاڳاپي ۾ ٻئي ڌريون رومانوي تعلق قائم رکن ٿيون، پر پوءِ به تعلق کي واضح طور قبول نٿيون ڪن. اها دوست ۽ محبوب جي وچ واري اڻ چٽي ڪيفيت آهي.

لاڳاپي جو هيءُ قسم جنريشن زي ۾ مقبول ٿي چڪو آهي.

ان جي هوندي، ڊيٽنگ ائپ ’ٽنڊر‘ جي تازي سالياني رپورٽ موجب 18 کان 25 سال جي عمر تائين ڊيٽنگ ڪندڙ نوجوانن ۾ ’واضح لاڳاپي جي وضاحت‘(ڪِليئر ڪوڊنگ) 2026ع جو نئون لاڙو آهي.

’ٽنڊر‘ جو چوڻ آهي ته سنگلز هاڻ ’ڊِي ڪوڊنگ‘ مان بيزار ٿي چڪا آهن ۽ هاڻ اهي ملاقات وقت پنھنجي نيت چٽي نموني ظاهر ڪن ٿا. صاف صاف لفظن ۾ ٻڌائن ٿا ته اهي ڪھڙي قسم جو واسطو رکڻ گهرن ٿا ۽ اندازي تي ٻڌل ڪيفيت کي ختم ڪري رهيا آهن.

”ڪڏهن ڪڏهن مونکي بيحد ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي آهي.“

20 سالن جي سي مس (فرضي نالو) جو واسطو مڪائو سان آهي ۽ هوءَ هن وقت تائيوان ۾ پڙهي پئي. هن بي بي سي کي ٻڌايو ته هوءَ ٽن چئن ويجهن لاڳاپن ۾ رهي چڪي آهي.

مڪائو ۾ رهندي، هوءَ سمجهندي هئي ته لاڳاپن بابت هن جي سوچ ڪافي محدود آهي، پر تائيوان اچڻ کان پوءِ جڏهن هن ڏٺو ته هن جا دوست مختلف قسمن جا لاڳاپا آزمائي رهيا آهن، ته هوريان هوريان هوءَ ڄاڻڻ لڳي ته لاڳاپن جون ڪئين صورتون ۽ امڪان موجود آهن.

گذريل ڪجهه سالن دوران هوءَ اهڙي تعلق ۾ رهي،  جنھن کي هن واضح طور تسليم نه ڪيو. اهو ماڻهو هن جو سينيئر هيو. ٻئي چپ چپ ۾ عاشقن وانگي ڳنڍيل رهيا. ”اسان ڪڏهن به صاف صاف نموني نه چيو ته اسان جو تعلق ڪيئن ۽ ڪھڙو آهي.“

اهو واسطو اٽڪل ٽن مھينن تائين هليو، پوءِ اهو شخص پنھنجي پڙهائيءَ لاءِ ٻئي شھر هليو ويو ۽ اهو تعلق ختم ٿي ويو. ”هو ماسٽرس ڪرڻ لاءِ تائي پي هليو ويو ۽ پوءِ اهو سڀ ختم ٿي ويو. سبب اهو آهي ته جڏهن تعلق چٽو نه هجي ته ماڻهو ڪنھن به وقت لاڳاپو ختم ڪري ٿا ڇڏين.“

في الحال هن سان گڏ اهڙو ساٿي آهي، جنھن سان هوءَ زندگي ونڊي رهي آهي، پر سي مِس جو چوڻ آهي ته هوءَ کيس بواءِ فرينڊ نٿي سڏي.

”اسان روزاني زندگيءَ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيندا آهيون ۽ عام عاشقن کان بلڪل مختلف ناهيون.“

سي مس چوي ٿي ته ٻئي مختلف هنڌن سان واسطو رکن ٿا. ” اسان سوچيو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اسان جي زندگيءَ جا رستا مختلف هوندا. جيڪڏهن تعلق شروع نه ڪجي، ته ان جو خاتمو به نه ٿيندو، ۽ جيڪڏهن واقعي وڇڙي وڃون ته شايد ايڏو ڏک به نه ٿئي.“

هوءَ سمجهي ٿي ته موجود ساٿيءَ سان ڊگهي پنڌ وارو لاڳاپو ممڪن نه آهي، پر پوءِ به هوءَ اهڙي ڪيفيت ۾ آهي، جتي الڳ ٿيڻ به يقيني ناهي.

”ڪڏهن ڪڏهن مونکي پاڻ کي به بيحد ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي آهي.“

هن مشاهدو ڪيو آهي ته گذريل ڪجهه سالن ۾ هن جي هم عمر دوستن مان ڪيترائي ’سچوئيشن شپ‘ معنا اڻ چٽن لاڳاپن ۾ رهيا آهن.

”منھنجي هڪ دوست اهڙي صورتحال ۾ ڪئين سالن کان رهي پئي. هن جو مسئلو اهو آهي ته اها ڪنھن هڪ شخص سان محبت نٿي ڪري سگهي.  ان ڪري اها بواءِ فرينڊ يا گرل فرينڊ جو رشتو قائم نٿي ڪري، ۽ اهو واسطو ڊگهي مدي تائين نٿو هلي سگهي.“

تنھن هوندي به سي مِس اهو چٽيءَ ريت چوي ٿي ته اها ڪيفيت مثالي نه آهي، بلڪ دل کي ٿڪائي وجهندڙ آهي. ”ڪنھن لاڳاپي ۾ جذبات شامل نه ڪرڻ ايترو سولو نه آهي. جڏهن اوهان ڪنھن سان ڊگهي عرصي تائين رهو ٿا ته ماڻهوءَ جو احساسن کان صفا خالي رهڻ لڳ ڀڳ ممڪن نٿو رهي.“ پر جڏهن تعلق جو ڪو نالو، ڪا تصديق يا ڪو آئيندو نه هجي، ته اهڙي رشتي کي قائم رکڻ ۽ هلائڻ سڀ کان ٿڪائيندڙ ڳالهه آهي.

سي مِس مڃي ٿي ته جيڪڏهن ملاقات جي ابتدا ۾ ئي ٻئي ڌريون پنھنجي نيت ۽ گهربل واسطي جي چٽائي ڪري ڇڏين، ته اهو وڌيڪ بھتر عمل هوندو، ۽ غلط فھمين جو امڪان به گهٽ هوندو.

هن جي دل جي ڪنھن ڪنڊ ۾ اها خواهش به موجود آهي ته هوءَ بھرحال هڪ ڊگهو ۽ مستحڪم لاڳاپو چاهي ٿي.”مان شادي به ڪرڻ گهُران ٿي.“

ان جي باوجود جنريشن زي جي هڪ ميمبر جي حيثيت ۾، هوءَ سمجهي ٿي ته اڄڪلھه رومانوي واسطا جڙڻ ڏينھون ڏينھن ڏکيا ٿيندا پيا وڃن. ”جڏهن سڀ ماڻهو گهڻو ڪري ته پنھنجي ذاتي ترقيءَ تي ڌيان ڏين ٿا، ته اهي ڪنھن ٻئي شخص تي اضافي خرچ ڪرڻ نٿا گهرن، ۽ ايئن رومانوي احساسن کي حاصل ڪرڻ جي خواهش به گهٽ ٿيندي ويندي آهي.“

ٽيڪنالاجي جنريشن زِي جي ويجهن لاڳاپن ۾ رنڊڪ ڪيئن پئي بڻجي؟

تائيوان جي نيشنل يانگ مِنگ چيائوتنگ يونيورسٽيءَ جي ڪميونيڪيشن ۽ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ جي ايسوسيئيٽ پروفيسر  چن وي پِنگ، جيڪا ٽيڪنالاجي ۽ ويجهن لاڳاپن جي موضوع تي تحقيق ڪندي رهي آهي، تنھن موجب ته جنريشن زي جي واڌ ويجهه سوشل ميڊيا ۽ ڊيٽنگ پليٽ فارمن وسيلي ٿي آهي.

”هنن لاءِ ويجهن لاڳاپن کي سمجهڻ جو عمل ابتدا کان وٺي مضبوط ڊجيٽل خاصيتن سان جڙيل رهيو.“

چن وي پِنگ وضاحت ڪري ٿي ته نوجوان نسل لاءِ ٽيڪنالاجي فقط هڪ ذريعو يا اوزار نه آهي، بلڪ لاڳاپن کي سمجهڻ جو هڪڙو فريم ورڪ آهي.

”هي نسل الگورٿم جي اثر واري ماحول ۾ ويجها لاڳاپا سکي ٿو، ۽ انهن الگورٿمز جي منطق کي اندروني طور اپنائي وٺي ٿو.“

چن وي پِنگ مشاهدو ڪيو آهي ته اڳوڻي نسل جي ابتڙ، جيڪو محبت کي قدرتي طور وڌڻ ويجهڻ ڏيندو هيو، نئون نسل وڌيڪ چٽائيءَ سان سمجهي ٿو ته مختلف مرحلن ۾ هو ڪھڙي قسم جو واسطو يا شدت چاهي ٿو.

ڪجهه ماڻهو ڊيٽنگ ائپس تي پنھنجي تعارف ۾ لکن ٿا ته مان فقط اهڙو دوست چاهيان ٿي/ٿو، جيڪو مون سان گڏ ميلو گهمڻ هلي- يا مان هڪ مضبوط لاڳاپي جي ڳولا ۾ آهيان…مطلب ته واسطن جي باري ۾ پنھنجي توقع واضح طور بيان ڪن ٿا.

چن وي پِنگ جي چوڻ موجب ’ڪليئر ڪوڊنگ‘ ڏانھن لاڙو رڳو هن ئي سال سامهون ناهي آيو، پر ان مرحليوار ارتقا ڪئي آهي ۽ اها هڪ اهم تبديلي آهي. ”گذريل ڪجهه سالن ۾ ڪووِڊ- 19 جي غير يقينيءَ واري صورتحال ’سچوئيشن شپ‘ معنا اڻ چٽن لاڳاپن کي هٿي وٺائي آهي. ماڻهن کي ڪا خبر نه هئي ته آئيندو ڇا هوندو، ان ڪري واسطي کي واضح طور بيان ڪرڻ کان لھرائيندا هيا، ۽ اها اڻ چٽائي اڃا وڌيڪ غير يقينيءَ واري ڪيفيت کڻي آئي.“

هن وڌيڪ چيو ته ’ڪليئر ڪوڊنگ‘ جو رجحان جنريشن زي جي جذباتي خاصيتن سان ڳنڍيل آهي.

”ڪجهه مھينن تائين اهو جاچڻ کان سواءِ ته ٻيو شخص ڇا ٿو چاهي، سٺو آهي ته اٿندي ئي اميدون چٽيون ڪري ڇڏجن. ان ۾ لاڳاپي جو قسم، آئيندي جا ارادا، ويندي اوهان جو سياسي نڪتئه نظر به شامل ٿي سگهي ٿو، ۽ اهي سموريون ڳالهيون شروع ۾ ئي آڏو رکي ڇڏجن.“

هي طريقو اهڙن ماڻهن کي شروع ۾ ئي ڌار ڪري ڇڏيندو آهي، جن جا قدر هم آهنگ ناهن ۽ اهو سڀ نئين نسل جي اثرائتي ڊيٽنگ ڪلچر جي عڪاسي ڪري ٿو.

ان جي باوجود، چن وي پِنگ خبردار ڪري ٿي ته ان جا ڪجهه نقصان به آهن. ”اهڙا ذاتي گُڻ يا جذباتي لاڳاپا جيڪي وقت سان گڏ هوريان هوريان اڳتي وڌندا آهن، ۽ جن کي هڪدم چٽو ڪرڻ ممڪن نه آهي، شايد ڪڏهن به ظاهر نه ٿي سگهن.“

27 سالن جو هوانگ هن وقت تائين ٻه ڀيرا رومانوي لاڳاپن ۾ رهي چڪو آهي. هن وقت هو آمريڪا ۾ پڙهي پيو ۽ هن جي هاڻوڪي محبوبا ٻاهرئين ملڪ جي آهي. سندن اهڙو لاڳاپو چئن سالن کان هلندڙ آهي.

هو اهو چٽيءَ ريت ٻڌائي ٿو ته توڙي جو هيءُ رشتو هڪ حد تائين مضبوط آهي، پر آئيندي جي باري ۾ اڃا به غير يقينيءَ واري ڪيفيت موجود آهي. هوانگ چوي ٿو ته هو ۽ هن جي محبوبا اڪثر آئيندي جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا رهندا آهن، ”۽ يقينن اسان چاهيون ٿا ته ايندڙ وقت ۾ به اسان گڏ رهون، پر اهو سڀ زور زبردستيءَ سان نٿو ڪري سگهجي.“

جنريشن زي جي ڀاتيءَ طور هو مڃي ٿو ته گذريل نسل جي ڀيٽ ۾، جيڪو مضبوط رشتن کي اوليت ڏيندو هيو، اڄوڪي زماني ۾ غير يقينيءَ جي صورتحال وڌيڪ آهي. ” هن ۾ حد کان وڌيڪ بي چيني آهي ۽ ان جي به خبر نه آهي ته استحڪام ڪا حاصل ٿيڻ جوڳي شئي به آهي يا نه-ان ڪري گهڻو تڻو ڌيان حال تي ئي رهندو آهي.“

ٻئي پاسي زويو جي دل ۾ اڃا به اها خواهش موجود آهي ته هوءَ هڪ اهڙو ساٿي ڳولي لھي، جيڪو مستقل هن سان گڏ هجي ۽ جنھن سان ڪو ڳُوڙهو تعلق قائم ڪري سگهجي.

”هڪ ئي وقت ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سان لاڳاپا رکڻ هڪ ٿڪائيندڙ عمل آهي. جڏهن اوهان پنھنجي توانائي اڻ ڳڻين ماڻهن تي خرچ ڪريو ٿا، ته هڪ گھرو لاڳاپو جوڙڻ ممڪن ئي نٿو رهي.“