صورتحال – Sarangaa

نياڻين جي تربيت يا سماجي بدلاءُ: زومبي سوچ جو خاتمو ۽ انسانيت جي اڏاوت
سنڌ ۾ سماجي رابطن جي ويب سائيٽن تي، ٻرندڙ مسئلن تي اھم بحث ھمہ وقت جنم وٺندا آھن. جڏهن نياڻين جي تحفظ جو بحث هلي ٿو، تڏهن گهڻو ڪري زور کين “مضبوط” بنائڻ ۽ “حفاظتي تدبيرون” اختيار ڪرڻ تي هوندو آهي. سڄاڻ لیکڪ ۽ ٻولین جي بڻ۔ بنیاد جي تحقیق ڪار امر فياض برڙو صاحب جي کنيل نڪتي ته “نياڻين کي پڙهائڻ سان گڏ اهو به ٻڌايو ته ٻاهر وحشي زومبيز پڻ اٿو، تن کي ڪيئن سڌو ڪجي، ان لاءِ کين مضبوط ڪريو” هڪ اھم دفاعي حڪمت عملي جي عڪاسي ڪري ٿو، پر ان کان اڳتي ۽ پھریان اھم ڳالهیون پڻ آھن . ان تي نئين ٽھيء جي سیاسي ۽ سماجي ایڪٽوسٽ ورسا زلف پاران اٿاريل سوال هڪ گھري سماجي سڌاري جي گهر ڪن ٿا. ورسا جو اهو موقف ته “رڳو نياڻين جي تربيت ڪرڻ ڪافي ناهي، زومبيز ڇو آهن؟ انسانيت ڇو ناهي؟ ۽ ڪيئن مثبت سماج اڏجي سگهجي ٿو؟” اسان کي ان بنيادي بيماريءَ ڏانھن وٺي وڃي ٿو، جنھن جو علاج رڳو دفاع ۾ نه پر سماجي ڍانچي جي تبديليءَ ۾ لڪل آهي.

زومبي سوچ جي تخليق ۽ سماجي عمل

امر فیاض جواستعمال ڪیل استعارو زومبیز تمام اھم آھي. سماج ۾ اهڙا مرد جيڪي عورتن جي وجود لاءِ خطرو بڻجي وڃن ٿا، اهي ڪنھن بايولوجيڪل ( حیاتیاتي یا پیداشي) نقص جو نتيجو ناهن، پر اهي هڪ مخصوص “سماجي عمل” (Socialization) ذريعي پيدا ڪيا وڃن ٿا. نفسياتي ماهر البرٽ بانڊورا جي “سوشل لرننگ ٿيوري” (Social Learning Theory) مطابق، ٻار پنھنجي ماحول مان مشاهدي ذريعي سکندا آهن. جڏهن هڪ گهر ۾ پٽ ڏسندو آهي ته سندس پيءُ يا ٻيا مرد عورتن سان حقارت سان پيش اچن ٿا يا کين فيصلن کان محروم رکن ٿا، ته هو لاشعوري طور ان کي ئي “طاقت” ۽ “مردانگي” جو معيار سمجهي وٺندو آهي. اها سوچ اڳتي هلي ان کي هڪ اهڙي زومبي ۾ تبديل ڪري ٿي، جيڪو عورت کي هڪ برابر انسان بدران هڪ شئي يا مفتوح وجود سمجهي ٿو. زومبي سوچ جي اها تخليق تڏهن روڪي سگهبي جڏهن سکيا جا اهي ماڊل تبديل ٿيندا.

مردانگي جو محدود دائرو ۽ تحقيق جا نتيجا

عالمي تحقيقي اداري “Equimundo” پاران ڪيل تحقيق “The Man Box” (مردانگي جو محدود دائرو) ظاهر ڪري ٿي ته سماج مردن تي ڪي سخت شرط لاڳو ڪري ٿو، جھڙوڪ جذبات کي لڪائڻ، تشدد کي طاقت سمجهڻ ۽ عورتن تي اختيار هلائڻ. اها تحقيق ٻڌائي ٿي ته جيڪي مرد ان دائري يا “باڪس” ۾ قيد رهن ٿا، انهن ۾ تشدد جو لاڙو وڌيڪ هجي ٿو. ورسا زلف جو سوال ته “زومبيز ڇو آهن؟” جو اصل جواب ان تنگ نظري واري باڪس ۾ آهي. اسان جي سماجي تربيت مرد کي “انسان” بڻجڻ بدران هڪ اهڙو “شڪاري” بڻائي ٿي جنھن جي اندر مان همدردي ۽ لطافت ختم ٿي وڃي ٿي. جڏهن مرد کي اهو سيکاريو وڃي ٿو ته “مرد کي درد ناهي ٿيندو”، تڏهن هو ٻين جي درد کي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت به وڃائي ويھي ٿو، جيڪا وحشي پڻي جو پھريون ڏاڪو آهي.

انسانيت جو بحران ۽ صنفن جي وچ ۾ ٻيائي

انسانيت جو بنياد ان ڳالهه تي آهي ته اسان ٻئي جي وجود کي تسليم ڪريون. ورسا جو سوال ته “انسانيت ڇو ناهي؟” ان ڪري اهم آهي، جو اسان جي تعليمي ۽ سماجي نظام ۾ عورت کي هڪ مڪمل “شھري” يا “انسان” طور پيش ناهي ڪيو ويو. اڪثر صورتن ۾ عورت جو احترام رڳو “رشتن” جھڙوڪ ماءُ، ڀيڻ يا ڌيءُ سان مشروط ڪيو ويندو آهي. سمجهڻ گھرجي تہ جڏھن  احترام  رڳو رشتن جو هجي نه ڪي انسان جو، تڏهن هڪ اڻڄاتل عورت لاءِ سماج ۾ وحشي پڻو  پيدا ٿيندو آهي. انسانيت جي اڏاوت لاءِ ضروري آهي ته اسان رشتن جي مان ۽ تقدس کان مٿانھان  ٿي “انساني وجود جي تقدس” کي مڃون، جيڪو هڪ هاڪاري سماجي لاڙو پيدا ڪري سگهي ٿو. جتي احترام جو معيار رشتو نه پر انسانيت هجي، اتي زومبي سوچ کي هٿي نه ملندي.

هاڪاري سماج جي اڏاوت لاءِ حڪمت عمليون

هڪ هاڪاري ۽ انساني سماج جي اڏاوت لاءِ اسان کي پنھنجي تربيت جي “منشور” (Manifesto) کي تبديل ڪرڻو پوندو. پھريون قدم پٽن جي تربيت ۾ “رضامندي” (Consent) ۽ “صنفي برابري” جي تصور کي شامل ڪرڻ آهي. تحقيق ثابت ڪيو آهي ته جنھن گهر ۾ پٽ پنھنجي پيءُ کي گهرو ڪمن ۾ حصو وٺندي ۽ ماءُ سان احترام سان ڳالهائيندي ڏسندا آهن، اهي مرد ٿي ڪري عورتن لاءِ خطرو ناهن بڻجندا. اسان کي پنھنجي نصاب ۾ اهڙا موضوع شامل ڪرڻا پوندا، جيڪي ٻارن کي “تنقيدي سوچ” (Critical Thinking) سيکارين ته جيئن اهي سماج جي غلط روايتن کي چئلينج ڪري سگهن. نياڻين کي مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ پٽن کي “حساس” ۽ “محترم” بڻائڻ هڪ هاڪاري سماج جي اڏاوت لاءِ لازمي آهي.

رياستي ذميواري ۽ قانوني تحفظ جو ڪردار

صرف سماجي تربيت ڪافي ناهي، پر زومبي سوچ کي روڪڻ لاءِ قانون جي سختي به لازمي آهي. جڏهن رياست عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين تي خاموش رهندي آهي يا قانوني عمل ۾ رڪاوٽون وجهندي آهي، ته اها خاموشي ( ڪن حالتن ۾ ھٿي ڏیڻ) وحشي روین  کي وڌائیندي آهي. هڪ هاڪاري سماج لاءِ ضروري آهي ته قانون جو خوف زومبي سوچ رکندڙن لاءِ هڪ مضبوط ديوار بڻجي وڃي. اسان کي هڪ اهڙو نظام جوڙڻو پوندو جتي عورت کي پنھنجي تحفظ لاءِ رڳو مارشل آرٽ يا ڪنھن اوزار تي ڀاڙڻو نه پوي، پر رياست ۽ سماج جو هر فرد سندس محافظ بڻجي بيٺو هجي. قانوني احتساب ئي اهو ذريعو آهي جيڪو سماجي بگاڙ کي لغام ڏئي سگهي ٿو.

هڪ نئين انساني تحرڪ جي ضرورت

ورسا زلف جا سوال اسان کي روشن راھن ڏانھن وٺي وڃن ٿا. نياڻين کي مضبوط ڪرڻ هڪ وقتي بچاءُ ٿي سگهي ٿو، پر زومبين جي پيدائش کي روڪڻ لاءِ اسان کي پنھنجي مردن کي ٻيھر “انسان” بڻائڻو پوندو. اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان طاقت جي تصور کي تشدد کان ڌار ڪري ان کي همدردي ۽ احترام سان ڳنڍينداسين. اسان کي هڪ اهڙي سماج جي اڏاوت ڪرڻي آهي جتي نياڻيون ٻاهر نڪرندي پاڻ کي شڪار نه پر هڪ آزاد انسان محسوس ڪن. زومبي سوچ جو خاتمو رڳو نياڻين جي بھادريءَ ۾ نه پر سماجي نظام جي مجموعي انسانيت ۾ لڪل آهي.

ھي اھم موضوع آھي، جنھن تي لاڳاپیل سڄاڻ محققن ۽ عملي استادن کي لکڻ گھرجي؛ ۽ سنڌ سماج ۾ تحرڪ پیداڪرڻ گهرجي۔

حوالا ۽ وڌيڪ مطالعو:

سوشل لرننگ ٿيوري ۽ مشاهدي واري سکيا

نفسياتي ماهر البرٽ بانڊورا پاران 1977ع ۾ متعارف ڪرايل “سوشل لرننگ ٿيوري” هيءَ وضاحت ڪري ٿي ته انسان رڳو تجربن مان ناهي سکندو، پر هو پنھنجي آس پاس جي ماڻهن (رول ماڊلز) جي عملن کي ڏسي به سکندو آهي. “زومبي سوچ” ان وقت پيدا ٿيندي آهي جڏهن ٻار پنھنجي گهر يا سماج ۾ مرد کي تشدد ڪندي يا عورت جي تذليل ڪندي ڏسندا آهن. بانڊورا جي تحقيق موجب، جيڪڏهن ماحول ۾ “جارحيت” (Aggression) کي انعام يا طاقت جي نشاني طور ڏيکاريو وڃي، ته ٻار ان کي پنھنجي زندگيءَ جو حصو بڻائي وٺندا آهن. ان ڪري زومبين جو خاتمو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن سماجي “ماڊلنگ” کي تبديل ڪيو وڃي.

دي مين باڪس (The Man Box) ۽ مردانگي جو بحران

ايڪوئمنڊو (Equimundo) پاران سال 2017ع ۾ آمريڪا، برطانيه ۽ ميڪسيڪو ۾ نوجوان مردن تي ڪيل جامع تحقيق “The Man Box” اهڙن سماجي دٻاءُ جي قسمن ۽ ڪارڻن جو جائزو وٺي ٿي جيڪي مردن کي هڪ مخصوص دائري ۾ قيد ڪن ٿا. هن تحقيق مان ثابت ٿيو ته جيڪي مرد پاڻ کي “سخت مردانگي” (Hyper-masculinity) جي معيارن تي پورو پنو ڏسڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهي نه صرف پاڻ نفسياتي طور پريشان رهن ٿا، پر اهي عورتن خلاف تشدد ۾ به وڌيڪ شامل هوندا آهن. هيءَ تحقيق ٻڌائي ٿي ته سماج ۾ نياڻين جي تحفظ لاءِ ضروري آهي ته مردن کي ان “مين باڪس” مان ٻاهر ڪڍي کين انساني جذبن ۽ همدرديءَ جي آزادي ڏني وڃي.

پدرشاهي نظام ۽ انساني حقن جو ٽڪراءُ (ڪملا ڀاسين جا ويچار)

ڏکڻ ايشيا جي مشھور سماجي اڳواڻ ۽ مفڪر ڪملا ڀاسين پنھنجي لکڻين ۾ پدرشاهي نظام (Patriarchy) کي هڪ اهڙي نظام طور پيش ڪيو آهي جيڪو نه صرف عورتن لاءِ، پر مردن لاءِ به نقصانڪار آهي. هن جو چوڻ هو ته پدري نظام مردن کان سندن “انسانيت” کسي کين هڪ “سخت گير مالڪ” بڻائي ٿو ڇڏي. ورسا زلف جي سوال “انسانيت ڇو ناهي؟” جو جواب ڪملا ڀاسين جي ان نڪتي ۾ آهي ته جتي صنف جي بنياد تي برتريءَ جو احساس هوندو، اتي انساني برابريءَ جو تصور مري ویندو یا ھیڻو ھوندو . انسانيت جي بحاليءَ لاءِ پدري نظام کي پاڙان پٽڻ ضروري آهي.

جامع صنفي تعليم (Comprehensive Sexuality Education – CSE)

گڏيل قومن جي اداري (UN Women) ۽ يونيسڪو پاران پيش ڪيل “جامع صنفي تعليم” جو تصور رڳو جسماني ڄاڻ  تائين محدود ناهي، پر ان ۾ رضامندي (Consent)، احترام، ۽ صنفن جي وچ ۾ برابريءَ جا سبق شامل آهن. عالمي تحقيقون ٻڌائين ٿيون ته جن ملڪن ۾ اسڪولي سطح تي ٻارن کي ٻئي جي وجود جي حدن (Personal Boundaries) جو احترام سيکاريو وڃي ٿو، اتي عورتن خلاف ٿيندڙ  في سیڪڙو ڏوهن ۾ چٽي گهٽتائي آئي آهي. علم  ئي اهو اوزار آهي جيڪو زومبي سوچ جي پيدائش کي روڪي سگهي ٿو.

ٽرانسفارميٽيو جسٽس يا تبديلي پسند انصاف

تبديلي پسند انصاف هڪ اهڙو جديد سماجي ۽ قانوني تصور آهي جيڪو ڏوهه کي رڳو فرد جي غلطي ناهي سمجهندو، پر ان کي پوري سماجي نظام جو بگاڙ قرار ڏئي ٿو. ورسا زلف جو موقف به ان نظريي سان سلهاڙيل آهي، جتي مقصد رڳو ڏوهاري کي سزا ڏيڻ يا نياڻيءَ کي دفاع سيکارڻ ناهي، پر ان پوري نظام کي تبديل ڪرڻ آهي جيڪو تشدد کي جنم ڏئي ٿو.

ٽرانسفارميٽيو جسٽس جو بنياد “شفا” (Healing) ۽ “تبديلي” (Transformation) تي آهي، ته جيئن سماج مان تشدد جي بنیاد کي ختم ڪري هڪ اهڙو محفوظ ماحول جوڙجي جتي ڪنھن کي به خوف ۾ جيئڻو نه پوي. ٽرانسفارمیٽو جسٽس ۾ اهو ڏسڻو هوندو آهي ته “ڪھڙين حالتن هڪ فرد کي وحشي يا ڏوهاري بڻايو؟” ۽ انهن حالتن کي ڪيئن بدلجي. هي نظام پوري ڪميونٽيءَ کي ان ڳالهه جو ذميوار بڻائي ٿو ته هو هڪ ٻئي جي تربيت ڪن ۽ اهڙو ماحول جوڙين جتي تشدد جا سبب (جھڙوڪ غربت، جھالت، پدري نظام، يا نفسياتي بيماريون) ختم ٿي سگهن، ته جيئن سماج هڪ مثبت ۽ محفوظ شڪل اختيار ڪري سگهي

تعليمي ادارن ۾ نياڻين جو تحفظ ڪيئن ٿيندو؟
جڏهن مونکي دوست اسحاق سميجي چيو ته ميرپورخاص ۾ تازو ميڊيڪل شعبي جي هڪ شاگردياڻيء پاران ڪيل آپگهات واري ڪيس بابت سارنگا لاءِ ڪجهه لکان، ته مون هڪدم پاڻ کان سوال ڪيو ته منھنجو هن معاملي بابت پنھنجو موقف ڪھڙو آهي؟ ٻيو ته ان موقف جي سگهه ڪيتري آهي؟ خاص طور اهو سوچڻ لڳس ته منھنجي ڪالم سبب هن ڪيس بابت مختلف فورمن تي هلندڙ گفتگو ڪيئن مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي سگهي ٿي. هونئن به اهڙن مسئلن تي ”سنجيده“ گفتگو تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن ليکڪ پڙهندڙ کي ڳالهه سمجهائڻ ۽ سلجهائڻ ۾ مددگار ٿئي.

تنھنڪري، جتي خلق رڳو مذمت، روڄ راڙو ۽ الزام تراشين تائين محدود هجي، اتي ”سارنگا“ ذريعي حالتن جو باخبريء سان تنقيدي جائزو وٺڻ انتھائي اهم ٿي وڃي ٿو.

‎سچ پڇو ته مونکي به هن نياڻيءَ جي خودڪشيءَ بابت ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو. سوچيم ته ڪاش، هوءَ ائين نه ڪري ها! هن پنھنجي گهر ۾ سيني تي پستول جو فائر ڪري پنھنجي ڏکايل دل کي خاموش ڪري ڇڏيو. ذهني بيمارين جو ماهر پروفيسر ڊاڪٽر منظور جمالي چوندو آهي ته ڊپريشن اها واحد بيماري آهي جنھن ۾ ماڻهو مرڻ چاهي ٿو، نه ته هر بيماريءَ ۾ ماڻهو علاج ڪرائي ٺيڪ ٿيڻ چاهي ٿو. پر موجود معلومات مان ائين لڳي ٿو ته فهميده لغاريءَ جو ڪيس صرف روايتي ڊپريشن تائين محدود نه هو.

جيڪڏهن اهو رڳو ڊپريشن نه هو ته پوءِ ڇا هو؟ بيشڪ هي هڪ اهم سوال آهي. خودڪشي هڪ وڏو موضوع آهي، جنھن ۾ حياتياتي، نفسياتي ۽ سماجي سبب گڏجي ڪم ڪن ٿا. ڪجهه ڪيسن ۾ ماڻهو مھينن تائين منصوبابندي ڪندا آهن، ته ڪجهه ۾ اوچتو جهٽڪي ۾ فيصلو ڪيو ويندو آهي. ڪي وري پاڻ سان صرف موت جي خواهش کڻي هلندا آهن، پر ڪندا ناهن، جنھن کي انگريزيءَ ۾ “ڊيٿ وش” چيو وڃي ٿو. پاڻ وٽ گيتن ۾ به اهڙا احساس ملن ٿا: “دنيا بناني والي سن، تيري دنيا سي جي ڀر گيا!” موجود حالتن مان لڳي ٿو ته فهميده جو قدم هڪ اوچتي نفسياتي جهٽڪي، يعني “ٽرگر ايونٽ”، جو نتيجو هو. ‎هاڻي جاچ ڪندڙ ٽيم جي بہ ذميواري آهي ته اها واقعي جي اصل سببن تائين پھچي: آخر اهڙو ڪھڙو واقعو يا دٻاءُ هو، جنھن هن کي هن انتھائي قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو؟ ڇا ڪا ڌمڪي ملي هئي؟ ڇا ڪو بليڪ ميلنگ يا مسلسل دٻاءُ جو معاملو هو؟ هن حوالي سان موت کان اڳ وارا اٺيتاليھ کان ٻاهتر ڪلاڪ انتھائي اهم آهن. ان عرصي جي هر قسم جي رابطن، پيغامن ۽ حالتن جو تفصيلي جائزو وٺڻ لازمي آهي.

هتي هڪ اهم ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي: فهميده لغاريءَ وارو ڪيس ڪو الڳ ٿلڳ سانحو ناهي. اهو هڪ وڏي سماجي ناڪاميءَ جو حصو آهي، جنھن ۾ هڪ واضح پيٽرن نظر اچي ٿو. ماضيءَ ۾ نائلا رند، نمرتا ۽ ٻين جا ڪيس به ان ئي سلسلي جون ڪڙيون آهن. تنھنڪري، مسئلي کي رڳو فردي ڪمزوري طور پيش ڪرڻ اصل مسئلي کان فرار آهي.

اهو به سوال آهي ته اسان جو تعليمي ۽ سماجي نظام ڪھڙي قسم جون حالتون پيدا ڪري رهيو آهي؟

اهي “هائبرڊ حالتون” آهن: جتي استاد ۽ شاگرد وچ ۾ طاقت جو توازن ناهي؛ شاگرد جو سڄو تعليمي مستقبل استاد جي هٿ ۾ آهي؛ عزت ۽ غيرت جو تصور رڳو عورت تائين محدود آهي، پر انتظاميا جي احتساب جو تصور ناهي. يونيورسٽي انتظاميا انصاف ڏيڻ بدران اداري جي ساک بچائڻ کي ترجيح ڏئي ٿي؛ ۽ سماج ۾ گهٽ ۽ ٻوسٽ آهي. اهي سڀئي عنصر گڏجي هڪ اهڙو نفسياتي دٻاءُ پيدا ڪن ٿا، جتي شاگردياڻي پاڻ کي مڪمل طور ڦاٿل محسوس ڪري ٿي. جتي نڪرڻ جو حل رڳو خودڪشيءَ ۾ محسوس ٿئي ٿو.

‎حراسمينٽ کي اڪثر هڪ الڳ واقعي طور ڏٺو ويندو آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ اهو هڪ مڪمل ڦاسائڻ جو عمل آهي، جنھن کي انگريزي ۾ ”A process of entrapment“ چيو وڃي ٿو. جيڪڏهن واقعي اهو سچ آهي ته فهميده پنھنجي والد سان گڏ وائيس چانسلر وٽ هڪ استاد خلاف شڪايت ڪئي، ۽ ان تي ڪو قدم نه کنيو ويو، ته پوءِ اها صرف هڪ انتظامي غفلت نه، پر هڪ سنگين ناڪامي آهي.

‎ان بنياد تي، صرف هڪ فرد خلاف ڪارروائي ڪافي ناهي. وائيس چانسلر ۽ لاڳاپيل انتظاميا کي به جوابدار بڻائڻو پوندو ته شڪايت باوجود ڪارروائي ڇو نه ٿي؟ هتي قانون به واضح آهي. 2010ع ۾ ڪم واري جاءِ تي حراسمينٽ خلاف قانون ٺھيو، جنھن ۾ 2022ع ۾ ترميم ڪري شاگردن ۽ تعليمي ادارن کي به شامل ڪيو ويو. هن قانون تحت هر يونيورسٽي پابند آهي ته هڪ فعال حراسمينٽ ڪميٽي قائم ڪري. جيڪڏهن اهڙيون ڪميٽيون موجود ناهن يا غير فعال آهن، ته اها سڌيءَ ريت قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

‎اهڙي صورتحال ۾ مسئلو صرف اخلاقي اپيلن سان حل نه ٿيندو. ضروري آهي ته:

* هر اهڙي ڪيس جي آزاد ۽ شفاف جاچ ٿئي.

* يونيورسٽين جي حراسمينٽ ڪميٽين جي باقاعده آڊٽ ڪئي وڃي.

* شاگردن لاءِ محفوظ ۽ بااعتماد شڪايتي نظام قائم ڪيو وڃي.

* ۽ ادارن کي به قانوني طور ذميوار بڻايو وڃي.

‎اسان جي سماج جي المناڪ سچائي اها آهي ته جيڪڏهن شاگردياڻيون شڪايت ڪن ٿيون ته کين برو سمجهيو وڃي ٿو، ۽ جيڪڏهن خاموش رهن ٿيون ته اندر ئي اندر ٽٽنديون رهن ٿيون. ٻنهي صورتن ۾ نقصان انهن جو ئي ٿئي ٿو.

‎هاڻي هن ڪيس جي ايف آءِ آر به ٿي چڪي آهي، جاچ به ٿيندي، قانوني ڪارروائي به اڳتي وڌندي. پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسان هن واقعي مان سکڻ لاءِ تيار آهيون؟

‎ڇو ته جيڪڏهن نه، ته پوءِ اهڙا واقعا رڪجڻ ممڪن ناھن.

‎۽ پوءِ هر ڀيري اسان وٽ رڳو افسوس ئي رهجي ويندو—۽ هڪ وڌيڪ وڃايل زندگي.

‎ڪاش، اسان ٻين جي نياڻين کي به پنھنجين نياڻين وانگر خلوص، پيار ۽ شفقت ڏيڻ سکي وٺون.

Asgharsoomro @gmail.com

امِ رباب کي اپيل ۾ انصاف ملندو؟
صحيح چيو ويندو آهي ته قانون ڪوريئڙي جو ڄار آهي، جنھن ۾ ڪمزور ڦاسي پوي ٿو، جڏهن ته طاقتور ان کي ڦاڙي نڪري وڃي ٿو۔ ڇا امِ رباب چانڊيو جي والد، چاچي ۽ ڏاڏي جي ٽن قتلن واري ڪيس ۾ به ائين ئي ٿيو؟ ڇا ٻه طاقتور قبائلي سردار، جيڪي موجوده سنڌ اسيمبلي جا ميمبر به آهن، پنھنجو اثر استعمال ڪري عدالت مان بري ٿيا آهن؟

هن اهم سوال جو سنجيدگيءَ سان جواب ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته 223 صفحن تي مشتمل عدالتي فيصلو پڙهجي ۽ سمجهجي۔ پر لڳي ٿو ته گهڻا ماڻهو ان کي پڙهڻ کان سواءِ ئي راءِ قائم ڪري رهيا آهن۔ امِ رباب کي انصاف ملڻ گهرجي، پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن اسين مضبوط بنيادن تي اهو سمجهي سگهون ته معاملو ڪٿي بگاڙ

جو شڪار ٿيو آهي۔

ڇا جج ملزم خلاف پيش ڪيل ثبوتن کي نظرانداز ڪيو؟

قانون جي ڪٿي ۽ ڪھڙي غلط تشريح ٿي؟ ۽ جن بنيادن تي ملزم کي آزاد ڪيو ويو، انهن ۾ ڪهڙيون ڪمزوريون موجود آهن؟ جيستائين انهن سوالن جا واضح ۽ قانوني جواب سامهون نٿا اچن، انصاف جي راهه ۾ رڪاوٽون برقرار رهنديون۔

ڪيس جي ُمک جوابدارن ۾ سردار خان ۽ برهان خان شامل آهن، جن تي الزام هو ته انهن جي “بڇ يا شھ” تي امِ رباب جي والد، چاچي ۽ ڏاڏي کي قتل ڪيو ويو۔ هي الزام ان نوعيت جو آهي، جنھن تحت ذوالفقار علي ڀٽو کي آمر ضياءُالحق جي دور ۾ ڦاسي ڏني وئي هئي. ڀٽو شايد اهو واحد مثال آهي، جنھن کي اهڙي الزام تي سزا ملي. نه ته اهڙن ڪيسن ۾ سزا ٿيڻ انتھائي ڏکيو هوندو آهي. ڀٽي جي ڦاسي پٺيان سياسي مفاد هئا، تنهنڪري اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ان کي عدالتي قتل قرار ڏنو. نامياري وڪيل جاويد قاضي موجب ڀٽو ۽ هن ڪيس ۾ هڪ اهم فرق عوامي خواهشن جو به آهي. ڀٽو لاءِ عوام بچاءُ چاهيو، جڏهن ته هتي سزا جي اميد رکي پئي وئي.

بھرحال، سڀ کان پھرين اهو سمجهڻ ضروري آهي ته بڇ يا

شھ وارو ڪيس قانوني طور ثابت ڪرڻ انتھائي ڏکيو هوندو آهي. عدالت سزا هميشه مضبوط ثبوتن جي بنياد تي ڏيندي آهي. اهڙي الزام کي ثابت ڪرڻ لاءِ عام طور ٽي اهم ڳالهيون گهربل هونديون آهن: پھريون، اهڙو شاهد، جنھن پاڻ ملزم کي مقتول کي ڌمڪيون ڏيندي ڏٺو هجي۔ ٻيو، اصل قاتل جو ملزم سان واضح ۽ ويجهو لاڳاپو ثابت ٿئي۔ ٽيون، قاتل جو اهو اعتراف ته هن فلاڻي جي چوڻ تي قتل ڪيو.

هاڻي سوال اهو آهي ته امِ رباب واري ڪيس ۾ ڇا ٿيو؟ هڪ اهم شاهد موجود هو، جنھن ڌمڪيون ڏٺيون هيون، پر اهو شاهد ئي غائب ٿي ويو. اهڙي حالت ۾ بڇ وارو الزام ڪيئن ثابت ٿئي؟ ان کان علاوه، پوليس جاچ دوران اثر، پئسن يا دٻاءَ هيٺ ڪم ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي۔ جڏهن جوابدار پاڻ طاقتور ۽ حڪومتي ڌر سان لاڳاپيل هجن، ته جاچ جو رخ متاثر ٿيڻ جا

امڪان وڌي وڃن ٿا۔

هاڻي جج جي فيصلي جي ڪجهه ڪمزورين تي نظر وجهون ٿا۔ سڀ کان پھرين “دانست نامو” يعني لاش جي چڪاس واري رڪارڊ تي اعتراض ڪيو ويو ته ان ۾ جوابدارن جا نالا ڇو شامل ناهن. جڏهن ته دانست نامو جو مقصد رڳو زخمن ۽ ڌڪن جو احوال ڏيڻ هوندو آهي، نه ڪو جوابدارن جي نشاندهي ڪرڻ۔ هتي لڳي ٿو ته قانون جي فني ڳالهه کي ملزمن جي فائدي لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي۔

ٻيو اعتراض ايف آءِ آر جي سورهن ڪلاڪن جي دير تي ڪيو ويو. عام طور دير کي شڪ جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي، پر جج صاحب کي اهو به ڏسڻ گهرجي ها ته هڪ ئي گهر ۾ ٽن قتلن کان پوءِ بچيل ماڻهن جي ذهني حالت ڪھڙي هوندي؟ خوف، صدمو ۽ پوليس جي ممڪن عدم تعاون به اهڙي دير جا سبب ٿي سگهن ٿا. هتي به قانون جي سخت تشريح ملزمن کي فائدو ڏئي وئي.

ٽيون، شاهدن جي بيانن ۾ تضادن کي بنياد بڻايو ويو۔ جڏهن ته قانوني لحاظ سان تضاد ان کي چيو ويندو آهي، جتي بنيادي حقيقت ئي تبديل ٿي وڃي. معمولي فرق، جھڙوڪ عمر يا ننڍڙن تفصيلن ۾ اختلاف، قدرتي هوندا آهن. خاص ڪري جڏهن واقعي کي سال گذري چڪا هجن. بنيادي تضاد تڏهن ٿيندو، جڏهن هڪ بيان هجي ته مقتول چاڪو سان مئو جڏهن ته ٻيو بيان هجي ته بندوق سان!

چوٿون، شاهدن کي “انٽريسٽيڊ وٽنيس” قرار ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته اهي مقتول جا مائٽ هئا. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن قتل گهر اندر ٿئي، ته شاهد ٻاهريان ڪيئن ٿيندا؟ وڌيڪ اهو به چيو ويو ته دڪاندارن يا پوليس کي شاهد ڇو نه بڻايو ويو، جڏهن ته اهڙين حالتن ۾ عام ماڻهو طاقتور ڌرين خلاف شاهدي ڏيڻ کان ڪيئن اڳتي ايندو؟

مختصر اهو ته فيصلي ۾ ڪافي قانوني ڪمزورين جا اشارا ملن ٿا. جيڪڏهن امِ رباب کي اپيل ۾ هڪ مضبوط وڪيل ۽ بيباڪ جج مليو، ته انصاف جي هڪ اميد ضرور جاڳي سگهي ٿي.