شھيد دولھه دريا خان سنڌ جي سمن سلطانن جي دور ۾ ڄام نظام الدين عرف عام ڄام نندي جي وقت جو نھايت بھادر سپھه سالار ۽ محب وطن تاريخي ڪردار ٿي گذريو آهي، جنھن سنڌ تي ارغوني وار ۽ ڪاھ کي منھن ڏيندي، خان واھ (موجوده ضلعي ٺٽي) ڀرسان پٽن سميت شھادت ماڻي. شاھ بيگ ارغون سبي کان ڪاهيندو، علائقا تاراج ڪندو، باغبان ۾ قتل عام ڪندو، ڳوٺ ڳاها (جوهي لڳ) جو رت منڇر ۾ وهائيندو، ٽلٽي ڏانھن وڌيو، جتي درياھ خان جي پٽن محمود ۽ مٺڻ سان گڏ راڻي رڻمل ۽ ٻين سوڍن، سھتن ٽلٽي قلعي وٽ ساڻس جهيڙيو. سيوهڻ جي قلعي مان به وڏي شورش اٿي، جنھن سبب هو جابلو علائقي (موجوده محال ڪوهستان) منجهان ٿيندو، ٺٽي نگر تي وڃي ڪڙڪيو.
ٺٽي فتح ٿيڻ کان پوءِ شاھ بيگ ارغون سيوهڻ قلعي کي آسانيءَ سان فتح ڪيو، جنھن ۾ سندس سھڪاري قاضي قاضن هو. ٽلٽيءَ جي قلعي ۾ دولھه جي پٽن مقابلي جا سانباها ڪيا ۽ باغبان ۾ محب وطن عالم شھيد مخدوم بلاول ارغوني يلغار خلاف مزاحمت جو جهنڊو بلند ڪيو. قاضي قاضن دريا خان جي پٽن کي روڪڻ ٽلٽي ويو ته ٽلٽيءَ جي گهٽين ۾ سندس خلاف نعرا لڳا هئا. شاھ بيگ ارغون سيوهڻ قلعي کان ٽلٽيءَ تي حملو ڪيو هو ۽ ٽلٽي رت ۾ ٻڏي وئي هئي. مخدوم بلاول به شھيد ڪيو ويو هو ته باغبان (موجوده مخدوم بلاول) به رت جون الٽيون ڪيون هيون. سنڌ ارغونن جي قبضي هيٺ هلي وئي.
تاريخن ۾ هڪ عجيب ۽ غير منطقي بيان ملي ٿو ته شاھ بيگ ارغون کي سنڌ تي ڪاھ ڪرڻ لاءِ مدينه ماڇياڻي اڪسايو هو ۽ ان لاءِ هوءَ هرات، افغانستان وئي هئي. (هوءَ هرات ڪنھن سان گڏجي وئي هئي؟ ان جو جواب ڪير به نٿو ڏئي!) خبر نه آهي ته مورخن ان ڳالهه تي ڇو پردو وڌو آهي ته مھدوي تحريڪ جو باني ميران محمد جونپوري شاھ بيگ ارغون جو مرشد هو، جنھن جي مزار اڄ به افغانستان جي شھر فرح ۾ آهي. جونپوري ڄام نظام الدين ۽ مخدوم بلاول هٿان سنڌ ۾ رسوا ٿيو هو. شاھ بيگ ارغون جي سنڌ تي ڪاھ جا ٻيا ڪارڻ به آهن، پر اهو ڪارڻ ڪنھن به تاريخ نه ڄاڻايو آهي ته جونپوري ۽ سنڌ ۾ سندس حامين جي چوڻ تي شاھ بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو هو.
بھرحال، هتي منھنجو اصل مقصد ان ڳالهه جي ڳولا ڪرڻ آهي ته ڇا مڪليءَ ۾ موجود جنھن مزار کي اسين دولھه دريا خان جي مزار طور ڏسون ٿا، ڇا واقعي اها شھيد دولھه دريا خان جي مزار آهي؟

نيٺ به مڪليءَ ۾ جنھن مزار تي اردوءَ ۾ بورڊ هنيو ويو آهي ته ”ڄام مبارڪ خان عرف دولھه دريا خان (895ھ-1490ع“ يا سنڌيءَ ۾ بورڊ لڳل آهي ته ”مبارڪ خان (دولھه دريا خان) جو مقبرو 895ھ – 1490ع- 1521ع“، سا جيڪڏهن دولھھ دريا خان جي نه آهي، ته پوءِ اها مزار ڪنھن جي آهي؟.
هتي اهو سوال پڻ اڀري ٿو ته جڏهن دولھه دريا خان پنھنجي وطن جي دفاع ۾ ارغونن سان لڙندي، شھيد ٿيو، ته ڇا ارغون پنھنجي ايڏي وڏي دشمن کي مڪليءَ تي ئي اهڙي شانائتي نموني دفن ڪري پئي سگهيا؟ مٿان وري اهڙو شاندار مقبرو به ٺھرائيندا ته مزار تي اهڙا ڪتبا به لڳرائيندا؟ مزار جي ڪتبن ۾ مبارڪ خان جي پاران تعمير يا بنياد جي حڪم جو سن 895ھ جماد الاول بمطابق 1489ع /1490ع ڄاڻايل آهي. ڇا دولھه دريا خان ان سن کان اڳ ڄام نندي وٽ آيو هو؟ جي ها ته ڪڏهن؟ ڇا دولھه دريا خان سندس وفات کان 30 يا31 سال اڳ مقبري ٺھرائڻ جو حڪم ڏنو هو ؟ يا اهو سندس پيدائش جو سن آهي؟ جي اهو سندس پيدائش جو سن ناهي ته سندس پيدائش جو سن ڪھڙو آهي؟ ڇا ارغون سندس خواهش يا وصيت موجب سندس ئي جوڙايل يا بنياد رکرايل مقبري جي چوديواريءَ ۾ کيس دفن ڪرائيندا، اهو سڀ منطقي طور درست آهي؟ سوال اهو به آهي ته مزار تي ڪتبا پھريان لڳايا ويا هئا يا 1521ع ۾ سندس شھادت وقت لڳايا ويا؟ سندس شھادت کان پوءِ لڳايا ويا ته ڪتبي ۾ ڪٿي به 1521ع يا هجريءَ جو سن ڇو لکيل نه آهي- يا ڪتبي ۾ ڪٿي به دولھه يا دريا خان لکيل ڇو ناهي؟ هڪ هنڌ ”ڪاتب جو نالو قطب الدين بن محمود احمد بن دريا خان“ آهي، جنھن مان دريا خان ڪاتب جو ڏاڏو لڳي ٿو، جنھن مزار تي ڪتبا لکيا يا اُڪيريا- پر ’مڪلي نامي‘ ۾ شڪ ظاهر ڪيل آهي ته دريا خان جو پٽ احمد به هو، جيڪو درست نه ٿو لڳي. تاريخن ۾ دولھه دريا خان کي وزير اعظم لکيو ويو آهي. پر ڪنھن به تاريخ ۾ دولھه دريا خان کي ’خان الاعظم‘ لکيو ويو هجي، سو منھنجي علم ۾ نه آهي.
هاڻ مڪليءَ ۾ دفن ٿيل تاريخي ڪردار جي ڳولا ڪريون ٿا.
آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، بمبئي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ طرفان 1921ع ۾ ڇپايل ڪتاب “آرڪيالاجي پراگريس رپورٽ” جي صفحي 59 تي لکيل آهي ته “جيئن ته خان الاعظم مبارڪ خان 895 ھ بمطابق 1489ع يا (1490ع ۾ مغلن (ارغونن) سان وڙهندي شھيد ٿيو هو. هيءَ اهم تاريخ ڄام نظام الدين جي پوئين دور ۾ ضرور هئڻ گهرجي. ان ڪري ڄام نظام الدين جي تخت نشينيءَ واري تاريخ بابت مرزا قليچ بيگ جي “سنڌ جي تاريخ” ۾ نقل ٿيل “تاريخ معصومي” جو بيان درست نه آهي. هن بيان موجب ڄام سنجر 895 ھ ۾ وفات ڪئي ۽ ساڳئي سال ربيع لاول جي 25 تاريخ تي ڄام نظام الدين سنڌ ۾ تخت نشين ٿيو.“ هاڻ سوال پيدا ٿو ٿئي ته مڪليءَ ۾ دفن ٿيل ”خان الاعظم مبارڪ خان“ دولھه دريا خان آهي، ته هيءَ قنڌارين سان لڙندي خان الاعظم مبارڪ خان 895ھ بمطابق 1489ع /1490ع ۾ شھيد ٿيندڙ ڪير آهي؟
جڏهن ته ڪتبن ۾ به خان الاعظم ميان مبارڪ خان يا مبارڪ خان ۽ سن به 895 ھ بمطابق 1489ع /1490ع لکيل آهي. هن مان چٽي نموني ظاهر ٿئي ٿو ته هيءُ ڪردار ڪو ٻيو آهي، جنھن 1487ع/1485ع ۾ شاھ بيگ ارغون جي ڀاءُ سان جنگ ڪئي. ان جنگ ۾ دريا خان نه پر ڄام مبارڪ فتح حاصل ڪئي، جنھن ۾ شاھ بيگ ارغون جو ڀاءُ محمود/محمد قتل ٿيو، ۽ پوءِ 1489ع /1490ع ۾ ارغونن سان لڙندي شھيد ٿيو.
ان جي نشاندهي مختلف تاريخن ۾ پڻ ٿيل آهي ته قنڌارين تي اها سوڀ دولھه نه پر مبارڪ خان ماڻي. ان سلسلي ۾ وليم ارسڪن (William Erskine) جي ڪتاب ”هسٽري آف انڊيا، دِي ٽو فرسٽ سووِرينس، تيمور، بابر اينڊ همايون، واليوم 1,“ جي صفحي 342 تي لکيل آهي: “1479ع ۾ ذوالنون شال (ڪوئيٽا) ۽ مستونگ قنڌار سان ملايا. ڪجهه سال پوءِ اٽڪل 1486ع ۾، سندس پٽ شاھ بيگ ارغون سبيءَ تي قبضو ڪيو ۽ ڄام نندي جي مقرر ماڻهو بھادر خان کان کسي، ڀاءُ محمد جي حوالي ڪئي. محمد سنڌ جي اِڪيڙي (Ikeri) ۽ چانڊڪا پرڳڻن ڏانھن وڌڻ جي ڪئي. ان وقت سنڌ ڄام نندي جي حڪمرانيءَ هيٺ هئي، جنھن مبارڪ خان جي سپھ سالاريءَ ۾ لشڪر سبيءَ موڪليو. جنگ ۾ محمد شڪست کاڌي ۽ ناڪام ٿيو (مارجي ويو) ۽ سبي ٻيھر سنڌ ۾ شامل ٿي”. هيءُ حوالو ڪتبن ۾ لکيل قنڌارين تي مبارڪ خان جي ڪاميابيءَ کي ظاهر ڪري ٿو.
ايم ايڇ صديقي پنھنجي پي ايڇ ڊي جي مقالي“ارغونن ترخانن جي تاريخ” ۾ به بحث ڪيو آهي ته دولھه دريا خان ۽ مبارڪ خان ٻه الڳ شخص آهن. هيءُ مقالو 1972ع ۾ سنڌالاجي پاران شايع ٿيل آهي. ايم ايڇ صديقيءَ جي راءِ کي ڊاڪٽر لاکي پنھنجي ڪتاب “سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو” ۾ رد ڪرڻ جي نھايت ڪمزور ڪوشش ڪئي آهي.
اسين هڪ نظر مڪليءَ واري دولھه دريا خان جي ڄاڻايل مزار جي ڪتبن تي به وجهون ٿا ته جيئن هنن ڪردارن جي معمي تي غور ڪري، سمجهي سگهجي ته دولھه دريا خان ۽ ڄام مبارڪ خان ٻه الڳ الڳ امر ڪردار هئا.

ڪتبا:
مبارڪ خان جي مزار جي تعمير وارو ڪتبو:
هٰذا المقام في زمان خان الاعظم ميان مبارک خان بن سلطان نظام الدين شاه سخي حبيب الله. آغاز بنياد من جمادي الاول سنه خمس وتسعين وثمان مائة.
ترجمو:
ھيءُ مقبرو خان اعظم ميان مبارڪ خان پٽ سلطان نظام الدين شاھ ، سخي ﷲ جي دوست (حبيب الله) جي دور ۾ تعمير ڪيو ويو. ھن جي تعمير جي شروعات جمادی الاول سن 895 ھ ۾ ڪئي وئي. ( ھن جو بنياد جمادی الاول سن 895 ھ ۾ رکيوويو.)
ڪاتب:
کتبه قطب الدين بن محمود –احمد بن دريا خان غفرالله.
ترجمو:
هيءُ ڪتبو قطب الدين پُٽ محمود احمد پُٽ دريا خان لکيو آهي. الله تعاليٰ سندس مغفرت فرمائي.
ڏکڻ واري دروازي جي ٻاهران پيشانيءَ تي ڪتبو:
قال النبي صه اذتحيرتم في الامور والستعي نو من اهل القبور صدق يارسول الله. هٰذا المقام بامر خان الاعظم مبارڪ خان بن سلطان نظام الدين شاهه بن صدرالدين شاهه بن صلاح الدين شاهه بن سلطان رکن الدين شاهه. وهو المظفر علي مغلان الهريٰ والقندهار.
ترجمو:
نبي اڪرم صه جن فرمايو: جڏھن توھان دينداري مامرن ۾حيران ۽ پريشان ٿي وڃو ته پوءِ الله وارن جي مزارن ذريعي مدد حاصل ڪيو.
اي الله جا رسول تو سچ فرمايو.
ھن مزار (مقبري/روضي) جي تعمير ڪئي وئي آهي، بحڪم خان الاعظم مبارڪ خان پٽ سلطان نظام الدين شاھ پٽ صدرالددين شاھ پٽ صلاح الدين شاھ پٽ سلطان رڪن الدين شاھ۔ هيءَ اھا شخصيت آهي، جنھن ھرا (هرات) ۽قنڌار جي مغل بادشاھن تي فتح حاصل ڪئي هئي.
مبارڪ خان جي مزار جي سيرانديءَ وارو ڪتبو:
يا ﷲ، هذا مرقد المعطرللخان الاعظم شهيد مبارک بن سلطان نظام الدين.
ترجمو:
يا ﷲ.. هيءَ سُرهي مزار خان الاعظم شھيد مبارڪ خان بن سلطان نظام الدين جي آهي.
مٿين حوالن مان چڱيءَ ريت سمجهي سگهجي ٿو ته ڪتبن ۾ ڪٿي به دولھه دريا خان لکيل نه آهي. مبارڪ خان ئي لکيل آهي، جيڪو ڄام نظام الدين جو پُٽ ڄاڻايل آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته مبارڪ خان هڪ الڳ ڪردار آهي ۽ دولھه دريا خان الڳ ڪردار آهي. مڪليءَ جي قبرستان ۾ ڄاڻايل مزار دولھه دريا خان جي نه پر اها خان الاعظم ڄام مبارڪ خان جي مزار آهي. ڪتبن ۽ تاريخي حوالن جي روشنيءَ ۾ ثابت ٿئي ٿو ته ڄام مبارڪ خان هڪ ٻيو بھادر ڪردار هو، جيڪو 1489ع يا 1490ع ۾ ارغونن سان لڙندي شھيد ٿيو، ۽ دولھه دريا خان هڪ الڳ ويڙهاڪ ڪردار هو، جيڪو 1489ع يا 1490ع بمطابق 895هه کان پوءِ ڄام نندي وٽ آيو، ۽ 1520ع يا 1521ع ۾ ارغونن سان خان واهه وٽ لڙندي، وطن تان نثار ٿيو. تنهنڪري دولھه دريا خان جي مزار مڪليءَ ۾ يا مڪليءَ کان ٻاهر ٻئي هنڌ تلاش ڪرڻ گهرجي.
سنڌ جي تاريخ اڪثر مسخ ٿيل آهي، جنھن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيتوڻيڪ شھيد دولھه دريا خان ۽ شھيد ڄام مبارڪ خان ٻه الڳ ڪردار آهن، پر نه رڳو اڪثر تاريخن ۾ ٻنهي ڪردارن کي هڪ ڪردار ڪري ڄاڻايو ويو، پر افسوس ته ڄام مبارڪ خان جي مزار کي به دولھه دريا خان سان منسوب ڪيو ويندو رهيو
