عزيز گوپانگ سنڌي ۽ اردوءَ جو نامور شاعر ۽ نثر نگار آھي. ھن جو نثر روايتي ڍنگ کان مختلف، تاثر سان ڀريل آهي. ھن جي لکڻين ۾ ھڪ مخصوص تخليقي رس چس محسوس ٿيندو، جنھن ۾ داخلي اک سان خارجي جھان جا ڪڍيل نقش نگار انوکي انداز ۾ ڏسڻ لاء ملن ٿا. ھن جو نثر بيحد الڳ ۽ عزيز جو ئي اسٽائل جو نشاندھي ڪري ٿو.