شاھپور چاڪر ۽ ھلال جا کٽا مٺا کٽمٺڙا
اڄ اھو مفاصلو چئن ڪلاڪن کان وڌيڪ جو ناھي، مگر ان زماني ۾ سانگهڙ کان درٻيلي پھچندي، پورا ڏھه ڪلاڪ لڳندا ھئا.
چاليھه پنجاهه سال اڳ سڀ روڊ رستا ھڪ طرفا ھوندا ھئا ۽ سرڪاري بسون به حال سارو مڙوئي روڊن تي چُرنديون ھيون. تيز ھلڻ انهن جي وس ۾ ڪونه ھوندو ھو. ڪنھن ڊرائيور کي اگر گهڻو لاچار ھوندو ته ھُو سٺ ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان بس ڊوڙائيندو ھو. سٺ تي ڪانٽي رکڻ وارو محاورو به شايد انهن ڏينھن جو ئي جُڙيل ٿو لڳي.
سانگهڙ کان درٻيلي ويندي، ڪيترا ئي ننڍا وڏا اسٽاپ رستي تي پوندا ھئا. سلطان ڪوٽ، راوتياڻي، شاھپورچاڪر، گپچاڻي، نوابشاه، سڪرنڊ، قاضي احمد، نواب ولي محمد لغاري، نانگو شاه، دولت پور، شاھپور جھانيان، مورو، نوشھروفيروز، ٺاروشاه ۽ آخر ۾ درٻيلو.
شاھپور چاڪر پھريون وڏو اسٽاپ ھوندو ھئو. اتي پھچي ڊرائيور ھڪ ھوٽل جي اڳيان بس بيھاري، پنھنجي ڪنڊڪٽر ۽ ڪلينر سوڌو ماني کائڻ يا چانھن پاڻي پيئڻ واسطيبس مان لھي ويندو ھئو.
ڪجھه مسافر پڻ ھيٺ لھي سگريٽ ٻيڙي ڇڪڻ لڳندا ھئا، تڏھن ھڪ گهورڙيو بس ۾ چڙھي مٿي ظاھر ٿيندو ھو. اھو گهورڙيو مون کي اڄ به ائين ياد آھي، جيئن ڪنھن ديواني کي اوچتو پنھنجو نالو ياد اچي وڃي.
ٻارن جون شيون کپائيندڙ اھو گهورڙيو، پنھنجي شڪل شبيھه ۾ بھاري يا بنگالي لڳندو ھو. رنگ جو چِٽو ڪارو ھو ۽ قد ٻارن جيترو ھوس. ھونئن به ٻارن جون شيون کپائيندڙ ماڻهو، قد ۾ ٻارن جيترا ئي رھجي ويندا آھن.
ھو بس ۾ اندر گهڙي، ھڪ عجيب ھوڪو ڏيندو ھو. مون اھڙو ھوڪو پوري حياتي وري ڪڏھن ڪونه ٻڌو.
اھو ڪو عام رواجي ھوڪو ڪونه ھوندو ھو. اھو حياتيءَ جو ھڪ قدر ھئو، جيڪو ماڻهن کي ياد ڏيارڻ واسطي، ھُو ھر بس ۾ چڙھي ايندو ھو. ھُو اڌوگابري سنڌيءَ ۾ ھوڪو ڏيندي چوندو ھو:
منھنجون ڀينرون
منھنجا ڀائرو
اسلام عليڪم!
اڄ جڏھن خير سان، اوھان پنھنجو سفر پورو ڪري، پنھنجن پنھنجن گهرن کي رسندا ته اوھان جي گهرن جا ننڍڙا ٻار اوھان کي ڏسي ڊوڙندا اچي اوھان جي ھنج لھندا ۽ اوھان جي ھٿن ڏانھن حسرت وچان ڏسندا. ھو اوھان کان پڇندا ته:
بابا، چاچا، ماما، ادا
امان، ماسي، ڦڦي، ادي!
اوھان اسان لاءِ ڇا وٺي آيا آھيو. تڏھن کين ڏيڻ لاءِ اگر اوھان وٽ ڪجهه نه ھوندو ۽ اوھان جا ھٿ خالي ھوندا ته اوھان کين ڪھڙو جواب ڏيندا!
تڏھن اوھان کي سخت شرمساري ٿيندي، اوھان ندامت وچان کين ڏسي به ڪونه سگهندا.
۽ اڄ اوھان کي اھڙي شرمساري ۽ ندامت کان بچائڻ لاء آئون توھان لاءِ کڻي آيو آھيان،
ھلال جا کٽا مٺا کٽمٺڙا
ھلال جا کٺا مٺا کٺمٺڙا…
رپئي جا ٻارنھن
رپئي جا ٻارنھن
رپئي جا ٻارنھن. . . . . .
ان گهورڙئي جو آواز تارَ جھڙو سَنھو ۽ تيز ھوندو ھو، جيڪو دلين کي چيري، انهن منجهه ھلال جي کٽن مٺن کٽمٺڙن جي جڳھه پيدا ڪري وٺندو ھو. ھو ٻارن اڳيان شرمسار ٿيڻ کان بچائي وٺندو ھئو. . . .
