Homeادبڪالمدل جي ڊائري

دل جي ڊائري

ٻي جنس کان اڳتي Beyond The Second Sex :

سيمون دي بووار جو هيءُ جملو ته “عورت پيدا ناهي ٿيندي، ٺاهي ويندي آهي” دراصل سندس مشھور ڪتاب The Second Sex جي بنيادي فڪري سِٽ آهي، جنھن ۾ هوءَ عورت جي سماجي حيثيت کي فطرت نه پر سماج جي ٺاهيل نظام جو نتيجو قرار ڏئي ٿي.
هن جو مطلب اهو آهي ته عورت جو عورت هجڻ صرف حياتياتي پيدائش تائين محدود ناهي، پر ان کي سماج، ثقافت، تعليم، مذهب، روايت ۽ طاقت جا نظام گڏجي هڪ مخصوص ڪردار ۾ جوڙيندا آهن. ڇوڪريءَ کي ننڍپڻ کان ئي اهو سيکاريو ويندو آهي ته هوءَ ڪيئن ڳالهائي، ڪيئن ويھي، ڪيئن گُهمي، ڇا سوچي ۽ ڪھڙيءَ حد تائين سوچي؟ هڪ حد کان وڌيڪ اها نه ٿي سوچي سگهي، نه ئي معاشري جي ڪٿيل اصولن کان ٻاهر هوءَ جيي سگهي ٿي ۽ اهڙيءَ ريت هڪ ترتيب ڏنل عورت وجود ۾ اچي ٿي.
سن 1949ع ۾ پيرس جي هڪ ايڪيتاليھ ورهين جي فلسفي ۽ ليکڪا سيمون دي بووار پنھنجو مشھور ڪتاب “The second sex” (ٻي جنس) شايع ڪيو.
هيءُ ڪتاب رڳو هڪ علمي تصنيف نه هو بلڪ صدين کان قائم هڪ سماجي ۽ فڪري نظام خلاف داخل ڪيل هڪ مضبوط ايف آءِ آر هئي… لڳ ڀڳ هزار صفحن تي پکڙيل هن ڪتاب جا ٻه جلد هئا، جيڪي هڪ سال کان وڌيڪ عرصي جي پڙهائي، مشاهدي، تحقيق، سوالن ۽ گھري فڪري جاکوڙ جو نتيجو هئا.
سيمون کي چڱيءَ طرح خبر هئي ته هوءَ جن خيالن کي للڪارڻ وڃي رهي آهي، انھن جون پاڙون صدين ۾ کُتل آهن. هُن کي اندازو هو ته سندس هر دليل کي پَرکيو ويندو، هر جُملي تي اعتراض اُٿاريو ويندو ۽ هر خيال کي رد ڪرڻ لاءِ نوان نوان جواز گهڙيا ويندا.
ڪتاب شايع ٿيڻ کان پوءِ ڄڻ ته يورپ جي فڪري دنيا ۾ زلزلو اچي ويو. پھرين ئي هفتي هزارين ڪاپيون وڪرو ٿي ويون. ويٽيڪن ان تي پابندي لڳائي ڇڏي، ڪيترائي دوست ناراض ٿي پيا، مذهبي ۽ قدامت پسند حلقن هن کي بي ادب، تلخ ۽ اخلاقي حدون اورانگهيندڙ قرار ڏنو. پيرس جي ڪيفيز، ادبي محفلن ۽ علمي حلقن ۾ سالن تائين هن ڪتاب ۽ ان جي ليکڪا بابت بحث هلندا رهيا.
پر ايتري وڏي ڪتاب جي سڄي بحث جو مرڪز آخرڪار هڪ ئي جملي ۾ سمايل هو ته:
“عورت پيدا نه ٿيندي آهي، پر ٺاهي ويندي آهي.”
هيءُ جُملو ٻڌڻ ۾ سادو لڳي سگهي ٿو، پر ان جي اندر هڪ وڏي فڪري انقلاب جي چڻنگ لڪل آهي. سيمون جو چوڻ هو ته جنھن شيءِ کي اسين “عورت هجڻ” جو نالو ڏيون ٿا، اها ڪا فطري ۽ اڳواٽ طئي ٿيل حقيقت ناهي اها هڪ مسلسل سماجي عمل جو نتيجو آهي.
هڪ ڇوڪري جڏهن هن دنيا ۾ قدم رکي ٿي ته کيس خبر نه هوندي آهي ته “عورت” هجڻ جو مطلب ڇا آهي. هوءَ آهستي آهستي اهو سڀ ڪجهه سکندي آهي. پنھنجن رانديڪن مان، پنھنجي لباس مان، پنھنجي ماحول مان، انھن لفظن مان جيڪي سندس تعريف ۾ چيا ويندا آهن. خاص طور تي تڏهن جڏهن هوءَ خاموش رهي يا فرمانبرداري ڏيکاري. انھن گهرن ۽ ڪمرن مان، جتي سندس مستقبل بابت فيصلا ته ٿيندا آهن، پر سندس راءِ نه پُڇي ويندي آهي. انھن ڪھاڻين مان، جيڪي کيس ٻڌائينديون آهن ته سندس زندگيءَ جو مقصد ڇا هجڻ گهرجي ۽ انھن خاموشين مان جيڪي تڏهن ڇانئجي وينديون آهن، جڏهن هوءَ اهڙي خواهش ظاهر ڪري جنھن جي کيس اجازت نه هجي.
ائين آهستي آهستي سندس چوڌاري هڪ اهڙو جھان اڏجي ويندو آهي، جنھن جون حدون ۽ دائرا اڳواٽ طئي ٿيل هوندا آهن. جڏهن هوءَ بالغ ٿئي ٿي ته گهڻو ڪري سندس آزاديءَ جون سرحدون اڳ ۾ ئي مقرر ٿي چڪيون هونديون آهن. پھرين سندس پَر ڪَٽيا ويندا آهن ۽ پوءِ کيس اُڏامڻ نه ڄاڻڻ جو ڏوھ ڏنو ويندو آهي.
هن سڄي عمل جي سڀ کان پيچيده ڳالهه اها آهي ته هڪ وقت کان پوءِ هوءَ پاڻ به سُڃاڻي نه ٿي سگهي ته ڪھڙي خواهش سندس پنھنجي آهي ۽ ڪھڙو خيال کيس ننڍپڻ کان سيکاريو ويو هو.؟ ڇو ته اهي سڀ پابنديون کيس زنجيرن جي صورت ۾ نه مليون هونديون آهن؛ اهي ته محبتن، تربيتن، تھذيبن، سليقن ۽ رواجن جي ويس ۾ ان مٿان مڙهيون وينديون آهن. اهي روزمره جي زندگيءَ جو اهڙو حصو بڻجي وينديون آهن جو انھن تي سوال ڪرڻ به ڏکيو لڳندو آهي.
جنھن عمر ۾ کيس اهو ٻڌائڻ گهرجي ها ته هوءَ به هڪ مڪمل انسان آهي ۽ کيس به چونڊ جو حق حاصل آهي، ان عمر ۾ کيس رڳو اهو سيکاريو ويندو آهي ته کيس ڪھڙي واٽ تي هلڻو آهي ۽ ڪھڙي تي ناهي هلڻو.
سيمون هن صورتحال کي هڪ اخلاقي خودفريبي قرار ڏنو. سندس خيال ۾ ماڻهو گهڻو ڪري انھن ڪردارن اندر رهڻ قبول ڪري وٺندا آهن جيڪي سماج سندن لاءِ مقرر ڪري ڇڏيا هوندا آهن، پر سيمون عورتن کي هن صورتحال جو ذميوار ناهي سمجهيو. هوءَ چوي ٿي ته هي قيد ايتري مھارت سان تيار ڪيو ويو آهي جو ڪيترن قيدين کي پنھنجون ديوارون ۽ زنجيرون به نظر نٿيون اچن ۽ شايد سندس فڪر جي سڀ کان اميد ڀري ڳالهه به اها ئي آهي ته جيڪڏهن هي سڄو ڍانچو انسانن ٺاهيو آهي ته ان کي تبديل به انسان ئي ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن عورت هن صورت ۾ پيدا نه ٿي آهي ته پوءِ هوءَ هميشه لاءِ ان جي قيدي به نه رهندي. جنھن عمل کيس هڪ مخصوص دائري ۾ آڻي بيھاريو آهي، اهوئي عمل کيس وري رڳو عورت نه پر هڪ مڪمل انسان طور به ڏسي سگهي ٿو.
اهو سفر آسان ناهي. اهو نسلن، ثقافتن ۽ سماجن مان گذرندڙ هڪ ڊگهو سفر آهي پر ناممڪن به ناهي.
سيمون دي بووار جي هن فڪر جو مرڪزي نُڪتو اهو آهي ته جيڪڏهن عورت جي سڃاڻپ سماج ٺاهي ٿو ته پوءِ ان کي بدلائي به سگهجي ٿو يعني عورت ڪنھن به فطري قيد ۾ بند ناهي پر تاريخي ۽ سماجي حالتن جو نتيجو آهي ۽ اهي حالتون تبديل ٿي سگهن ٿيون.
هيءُ جملو ئي دراصل آزاديءَ جو اعلان به آهي ۽ سوال به آهي. جيڪڏهن عورت ٺاهي وڃي ٿي ته پوءِ ان کي ٻيھر نئين سر آزاد، برابر ۽ خودمختيار ڇو نه ٿو ٺاهي سگهجي؟

اچو ته ان ڳالھ تي روشني وجهون.

  1. عورت کي “ٻيو” (The Other) بڻايو ويو آهي. سيمون چوي ٿي ته تاريخ ۾ مرد کي “اصل” ۽ “معيار” سمجهيو ويو، جڏهن ته عورت کي “ٻيو” يا ثانوي حيثيت ڏني وئي. يعني مرد کي انسان سمجهيو ويو ۽ عورت کي عورت…
  2. فطرت کان وڌيڪ سماج جو اثر: هوءَ دليل ڏئي ٿي ته حياتياتي فرق ضرور موجود آهن، پر اهي ايترا ناهن جو عورت ۽ مرد جي سماجي حيثيت جو تعين ڪن. گهڻو ڪجهه سماج، روايتن ۽ تربيت جو نتيجو آهي.
  3. آزادي انسان جي بنيادي ضرورت آهي، سيمون جي نظر ۾ عورت جو اصل مسئلو اهو آهي ته کيس پنھنجي زندگيءَ جا فيصلا ڪرڻ جي مڪمل آزادي نه ڏني ويندي آهي. آزادي کان سواءِ انسان پنھنجي مڪمل صلاحيتن تائين نه ٿو پھچي سگهي.
  4. معاشي خودمختياري:
    هوءَ عورت جي معاشي آزاديءَ کي تمام اهم سمجهي ٿي. سندس خيال ۾ معاشي انحصار اڪثر ٻين قسمن جي غلاميءَ کي به جنم ڏئي ٿو.
  5. محبت ۽ برابري:
    سيمون محبت جي خلاف نه هئي پر اهڙيءَ محبت جي حامي هئي جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جي آزادي ۽ انفراديت محفوظ رهي.

سيمون دي بووار جي خيال موجب عورت ۽ مرد جي وچ ۾ موجود گهڻا فرق فطرت کان وڌيڪ سماج جي ٺاهيل ڍانچي جو نتيجو آهن. سندس چوڻ آهي ته عورت کي ڄمڻ سان ئي ڪنھن مخصوص ڪردار لاءِ مقرر نه ڪيو ويندو آهي، پر سماجي قدر، روايتون ۽ تربيت آهستي آهستي کيس هڪ اهڙي دائري ۾ قيد ڪري ڇڏينديون آهن، جتي سندس سڃاڻپ ۽ صلاحيتن جو تعين ٻيا ماڻھو ڪندا آهن.
هوءَ عورت جي جسم بابت به اهم سوال اُٿاري ٿي. سندس نظر ۾ عورت جي جسماني وجود خاص ڪري ماءُ ٿيڻ جي صلاحيت کي اهڙي نموني استعمال ڪيو ويو آهي جو ان کي سندس سماجي حيثيت ۽ ذميوارين سان ڳنڍي کيس محدود دائري ۾ رکيو ويو نتيجي طور عورت جو جسم سندس آزاديءَ جو ذريعو بڻجڻ بدران ڪيترن ئي صورتن ۾ ڪنٽرول ۽ استحصال جو وسيلو بڻيو.
سيمون دي بووار پدرشاهي نظام تي به سخت تنقيد ڪري ٿي. هن نظام ۾ مرد کي مرڪزي حيثيت حاصل هوندي آهي، جڏهن ته عورت کان فرمانبرداري، قرباني ۽ خدمت جي اميد رکي ويندي آهي. اهڙي سماجي ترتيب عورت کي پنھنجي انفرادي وجود کان پري ڪري، کيس ٻين جي خواهشن ۽ فيصلن جي تابع بڻائي ڇڏي ٿي.
انھيءَ صورتحال جي مقابلي ۾ سيمون دي بووار عورت کي پنھنجي وجود جي سڃاڻپ، آزادي ۽ خودمختياريءَ ڏانھن سڏي ٿي. سندس خيال آهي ته عورت کي پنھنجي زندگيءَ بابت فيصلا ڪرڻ جو حق پاڻ وٽ رکڻ گهرجي ۽ پنھنجي قسمت جو رُخ پاڻ طئي ڪرڻ گهرجي. ڇو ته حقيقي آزادي تڏهن ممڪن ٿيندي، جڏهن عورت پاڻ کي ڪنھن جي تابع نه پر هڪ مڪمل ۽ خودمختيار انسان طور قبول ڪندي.

سيمون دي بووار جو چوڻ هو ته عورت رڳو حياتياتي حقيقت نه پر هڪ سماجي تشڪيل به آهي. ڇوڪري جڏهن جنم وٺي ٿي ته هوءَ رڳو هڪ انسان هوندي آهي پر پوءِ خاندان، روايتون، مذهب، ثقافت ۽ سماج گڏجي سندس لاءِ ڪردار لکن ٿا. سيمون جو اصل سوال اهو هو ته جيڪڏهن سماج عورت کي هڪ مخصوص صورت ۾ تشڪيل ڏئي سگهي ٿو ته پوءِ ان کي آزاد، خودمختيار ۽ برابر انسان طور تشڪيل ڇو نٿو ڏئي سگهي؟؟؟
وقت ثابت ڪيو ته سيمون جو سوال بيڪار نه هو. سندس ڪتاب کان پوءِ بيشمار عورتن نوان سوال اٿاريا، نوان خيال لکيا، نين تحريڪن جنم ورتو. اهي سوال، جن کي پڇڻ کان اڳ ماڻهو هٻڪندا هئا… شايد ان ڪري اڄ به، ڏهاڪن کان پوءِ، سندس اهو هڪڙو جملو دنيا جي فڪري تاريخ ۾ گُونجندو رهي ٿو:
“عورت پيدا نه ٿيندي آهي، پر ٺاهي ويندي آهي.”

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا