Homeسنڌنيوز اسٽوريسنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏينداسين: سنڌ جي ادیبن ، شاعرن ۽...

سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏينداسين: سنڌ جي ادیبن ، شاعرن ۽ ساڃاھوندن جي گڏجاڻي ۽ پڌرنامو

سارنگا
سارنگاhttps://sarangaa.org
سارنگا لفظن وسيلي خيال، احساس ۽ سماجي مشاهدو بيان ڪري ٿو۔ 
هن جي لکڻين ۾ سنڌ، سنڌيت، ثقافت، ادب ۽ روزمره جي زندگي جا رنگ نظر اچن ٿا۔

اربع 19 آگسٽ 2026 تي شام جو ڄامشوري ۾ سنڌ جي نامور دانشور ۽ اديب جامي چانڊيي جي گهر تي سنڌ جي قلمڪارن جي ھڪ اھم گڏجاڻي ٿي گذري، جنھن ۾ نامور ليکڪ ۽ سنڌ جي وسيلن جي ماھر نصير ميمڻ ملڪ کي درپيش چئلينجن ۽ سنڌ کي ٿيندڙ نقصانن بابت خاص بريفنگ ڏني. جامي چانڊيي سنڌ جي موجوده صورتحال ۽ سنڌ جي امڪاني ورھاڱي بابت ٿيندڙ اڳڀراين تي مدلل روشني وڌي. ان کان پوءِ گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ عالمن، اديبن ۽ قلمڪارن پاران گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو، جيڪو ھيٺ پيش ڪجي ٿو.

اسین سنڌُ جا ادیب، شاعر، آرٽسٽ، اسڪالر ۽ مختلف شعبن جا ساڃاھوند ملڪ جي موجودہ صورتحال تي سخت ڳڻتيءَ جو اظھار ڪندي واضح ٿا ڪیون تہ اسانجي نظر ۾ ملڪ ۾ ھن وقت نہ تہ حقیقي عوامي جمھوریت آھي ۽ نہ جمھوري وفاقیت. ان جي نتیجي ۾ ھڪ اَڳُ ئي انیڪ بحرانن جي ور چڙھیل ملڪ ۾ نہ رُڳو بین الحڪومتي ۽ بین الصوبائي تضاد وڌي رھیا آھن پر عوام ۽ ریاست جي وچ ۾ تڪرار ۽ تضاد خطرناڪ حد تائین وڌي چڪا آھن. ھڪ طرف بلوچستان جنگ جو میدان بڻیل آھي تہ ٻئي طرف خیبر پختونخوا پڻ بدترین بد امني جي صورتحال جو شڪار آھي، آزاد ڪشمیر ۾ پڻ باھ ٻري رھي آھي. پنجاب کي مڪمل طور پولیس اسٽیٽ ۾ تبدیل ڪیو ویو آھي ۽ سنڌ ۾ بہ مجموعي صورتحال سبب عوام ۽ خاص طورنوجوانن ۾ سخت بي چیني ۽ موجودہ نظام کان بیزاري موجود آھي.

اسین سمجھون ٿا تہ ملڪ ۾ آئین کي بھتر ڪرڻ ۽ ارڙھین ترمیم تي عمل ڪرڻ بجاءِ عملي طور ڄڻ تہ آئین کي نہ رُڳو بگاڙیو ویو آھي پر انکي مسلسل غیر جمھوري ۽ غیر وفاقي ترمیمن ذریعي اھڙي ریت بگاڙیو پیو وڃي جو انکي ڪنھن بہ ریت جمھوري ۽ وفاقي سڏي نہ سگھبو. اِھو ھاڻي ھڪ کُلیل راز آھي تہ ملڪ جا سڀ وڏا ادارا، سرشتا ۽ فیصلن جا اختیار مڪمل طور اسٽیبلشمینٽ جي ھٿ ۾ آھن. جڏھن تہ اھا ھڪ عالمي طور مڃیل حقیقت آھي تہ دنیا جي ڪابہ جمھوري ریاست ۽ رضاڪارانہ سماجي معاھدي تي قائم وفاقي ملڪ ان ۾ شامل قومن، صوبن ۽ شھرین کي پاسیرو یا فیصلي سازي کان بي دخل ڪري توازن ۽ ڪامیابيءَ سان نہ ٿو ھلي سگھي، انجو ثبوت موجودہ پاڪستان جا گھڻ طرفا ریاستي بحران آھن.

اسین سمجھون ٿا تہ ان سموري بدترین ۽ نازڪ صورتحال ۾ ھڪ پاسي ڪارپوریٽ فارمنگ جي نالي ۾ ملڪ ۽ سنڌ جي لکین ایڪڙ زمینن تي قبضي، انھن غیرآباد زمینن کي آباد ڪرڻ جي بھاني سان سنڌو دریاھ ۽ ان ۾ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي غیر آئیني ۽ غیر قانوني طور طاقت جي زور تي ڌاڙیل واھ ڪڍڻ، مائننگ ۽ نام نھاد ترقيءَ جي نالي ۾ قدرتي وسیلن تي قبضي جا منصوبہ ھن ملڪ ۾ اھڙا تضاد پیدا ڪري رھیا آھن جو انھن کي حل ڪرڻ ڪنھن جي بہ وس ۾ نہ رھندو. نظر آئین پیو اچي تہ ایندڙ غیر وفاقي ۽ غیر جمھوري ترمیمن ذریعي صوبن جا نہ رڳو اھم اختیار اسٽیبلشمینٽ جي ڳیجھو مرڪز حوالي ڪرڻ جا سانباھا ٿي رھیا آھن پر ناڻي، پاڻي ۽ قدرتي وسیلن تي صوبن جي اختیارن کي بہ گڏیل مفادن جي ڪائونسل یعني وفاقي لسٽ ٻہ مان ڪڍي مرڪز ڏانھن منتقل ڪرڻ جون سازشون ٿي رھیون آھن. اسین سمجھون ٿا ۽ واضح طور پڌرو ڪیون ٿا تہ تازو ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاھڻ جي منصوبي پویان بہ اھي ئي مقصد آھن تہ جیئن صوبن جي مالیاتي ۽ قدرتي وسیلن، زمینن ، پاڻي، جبلن ۽ سیاسي خودمختیاري تي نون صوبن جي صورت ۾ راتاھا ھنیا وڃن ۽ صوبن تي قومن جي تاریخي اختیارن ۽ سندن تاریخي سڃاڻپن کي ختم ڪیو وڃي.اسین سمجھون ٿا تہ جي ڪجھ صوبا ٺاھڻا آھن تہ انھن صوبن ۾ ٺاھیا وڃن جن جي صوبائي اسیمبلین آئین جي آرٽیڪل 239/4 تحت پنھنجین صوبائي اسیمبلین مان انجي حق ۾ ٺھراءُ پاس ڪیا آھن، جیئن پنجاب اسیمبلي نوازشریف جي حڪومت ۾ ڪري چڪي آھي، جڏھن تہ سنڌ اسیمبلي پنج ڀیرا سنڌ جي وحدت جي تحفظ لاءِ ٺھراء پاس ڪري چڪي آھي.

اسین سنڌُ جا ادیب، شاعر، آرٽسٽ ۽ ساڃاھ وند ھڪ ڀیرو واضح ٿا ڪیون تہ اسین سنڌ کي پنھنجو تاریخي ناقابلِ تقسیم مادرِ وطن سمجھون ٿا ۽ انجي ورھاڱي کي ڪنھن بہ نالي ۽ جواز تحت باطل رٿا سمجھي نہ رُڳو رد ڪیون ٿا پر اھو تاریخي وچن پڻ ڪیون ٿا تہ اسان پنھنجي عوام سان گڏ زندگي جي آخري ساھَ تائین انجي حفاظت لاءِ ھر انفرادي ۽ اجتمائي طور ھر ممڪن جدوجھد ڪنداسون ۽ تاریخي قومن خلاف اُھي باطل فیصلا ڪرڻ نہ ڏینداسون. اسان واضح ٿا ڪیون تہ سنڌو دریاھ تي ناجائز ڪینالن، ڌاڙیل واھن ۽ بدنیت ڊیمن کي رد ڪندي, پنھنجي جیاپي جي وسیلي پاڻي جي حفاظت لاءِ سنڌو دریاھ جي حفاظت کي سنڌ جي تاریخي، قومي، تھذیبي، ثقافتي، معاشي ۽ ماحولیاتي وجود سان مشروط سمجھون ٿا. اسین سمجھون ٿا تہ ملڪ ۾ جمھوریت ۽ صوبن جي خودمختیاري تي ٻڌل وفاقیت کي عملي طور معطل ڪرڻ، صوبن جي آئیني خودمختیاري تي راتاھا ھڻڻ, صوبن جي ناڻي, زمینن، جبلن، ٻیلن، ڍنڍن، قدرتي وسیلن ۽ سیاسي خودمختیاري تي راتاھا ھڻڻ دراصل اَڳُ انیڪ بحرانن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ سان بدترین دشمني جي مترادف آھي. اسین واضح بور چئون ٿا تہ سنڌ 1940 جي ان ٺھراءَ تحت ملڪ جي وفاق ۾ رضاڪارانہ طور شامل ٿي ھئي جنھن ۾ صوبن جي آزاد ۽ خودمختیار حیثیت جي تعین جو واعدو ڪیل ھو ، انڪري سنڌ جي ملڪ جي وفاق سان الحاق جو تعلق سڌي ریت سنڌ جي وحدت، خودمختیاري ۽ تاریخي وجود جي آئیني تحفظ سان مشروط آھي.

پڌرنامي تي دستخط ڪندڙ:

نصیر میمڻ
عامر لطیف صدیقي
ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري
اڪبر سومرو
ڊاڪٽر اسحاق سمیجو
آفتاب احمد خانزادہ
ڊاڪٽر حسین مسرت شاھ
امر سنڌو
ڊاڪٽر عرفانہ ملاح
ڊاڪٽر سنتوش ڪمار
مرتضي سیال
یوسف جویو
غلام رسول چانڊیو
ڊاڪٽر ڀائي خان شر
منیر چانڊیو
ادریس لغاري
وحید چانڊیو
علي دوست عاجز
عزیز گوپانگ
جامي چانڊیو

اچو ته پنھنجي وطن جي بقا لاءِ ھن پڌرنامي جي تائيد ڪيون

Author

  • Sarangaa سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏينداسين: سنڌ جي ادیبن ، شاعرن ۽ ساڃاھوندن جي گڏجاڻي ۽ پڌرنامو

    سارنگا لفظن وسيلي خيال، احساس ۽ سماجي مشاهدو بيان ڪري ٿو۔ 
    هن جي لکڻين ۾ سنڌ، سنڌيت، ثقافت، ادب ۽ روزمره جي زندگي جا رنگ نظر اچن ٿا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا