ايران جي هڪ فوجداري عدالت نامور ايراني گلوڪاره پرستو احمدي ۽ ٻين اٺن ڄڻن کي حجاب کان سواء پرفارم ڪرڻ جي ڏوھ ۾ سخت سزا ٻڌائيندي، کين 74 ڪوڙن، سفر تي پابندي ۽ ٻن سالن تائين سندن پرفارمنس تي پابندي مڙھي آھي. بي بي سي موجب 29 سالن جي پرستو احمدي ۽ ڪاروانسرا ڪنسرٽ سان لاڳاپيل اٺن ڄڻن مٿان اھڙي پابندي قم جي فوجداري عدالت پاران ھڪ فيصلي ۾ وڌي وئي آهي. 21 مارچ 1997 تي ڄاول پرستو 2024 ۾ ڪاروانسراء ڪنسرٽ ۾ بنا حجاب جي پرفارمنس ڪرڻ سبب ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي ھئي، جنھن کان پوءِ مختلف حلقن ھن خلاف ردعمل ظاهر ڪيو ھو
