عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ جي تاحيات شريڪ چيئرمين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب پنھنجي ئي نالي سان قائم ٿيل اداري تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ڀرڳڙي صاحب تاحيات شريڪ چيئرميني واري ذميواري تان پڻ استعيفا جو اعلان ڪيو آهي. هن کان اڳ اداري ۾ مرڪزي ذميواريون ادا ڪندڙ امر فياض استعيفا ڏئي چڪو آھي. امر فياض جي استعيفا ڀرڳڙي صاحب کي گوشــ نشيني ٽوڙڻ تي مجبور ڪيو آهي. پنھنجي گفتگو دوران سائين انتھائي ڏکارو نظر اچي رهيو آهي. ذاتي مشاهدي لاءِ سائين جي نالي سان موجود فيس بڪ اڪائونٽ) https://www.facebook.com/share/v/1HNj6HzuZ3/ (تي سندس موجود وڊيو ڏسي سگهجي ٿي.

سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ داخلا لاءِ سائين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جو باني وارو ڪردار رهيو آهي. ان ڪم جي مڃتا ۾ ئي حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ترقي لاءِ حيدرآباد ۾ جوڙيل ادارو عبدالماجد ڀرڳڙي جي نالي سان منسوب ڪيو.
سنڌ اسيمبليءَ جي رڪارڊ مطابق عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ بل 2019، 28 مئي 2021 تي منظور ٿيو ۽ 15 جون 2021 تي گورنر سنڌ جي دستخط ۽ منظوري کان پوءِ ايڪٽ بڻيو.
ائين سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه، کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري ۽ امر فياض جي ڪوششن سان عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ قائم ٿيو.
اداري ۾ ڇا پئي ٿيو ۽ ڪيئن پئي ھليو؟ ان جي خبر خدا کي، البتہ امر فياض جي فيس بڪ تي آيل براه راست نشريات مان اھو اندازو ٿي ويو ھيو، جنھن ۾ کڻي ھن اصل ڳالهيون کولي سامهون نه رکيون ھيون، ته بہ پنھنجي دامن جا ڳوڙها جھان کي ضرور ڏيکاريا ھيا. اڪثريت جو ڌيان اداري جي ڪاروهنوار، قاعدن، قانونن ۽ بجيٽ وغيره وارن سوالن تي وڃڻ بجاءِ امر فياض جي ڳوڙهن طرف هليو ويو، جن لاءِ قدر ۽ احترام آهي، پر ادارا روئڻ سان نہ ريجهن ٿا، نہ هلن ٿا.
هاڻي جڏهن عبدالماجد ڀرڳڙي پاڻ ڪجهه ڳالهين تان پردو هٽايو آهي ته اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته اداري کي هلائڻ لاءِ قانون مطابق جڙيل بورڊ کان رهنمائي نـ پئي ورتي وئي، جنھن جو شريڪ چيئرمين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب پاڻ آهي.
ھن اداري جي بورڊ جي جوڙجڪ هن ريت آهي: چيئرمين ثقافت کاتي جو صوبائي وزير هوندو، تاحيات شريڪ چيئرمين عبدالماجد ڀرڳڙي هوندو، جنھن استعيفا جو اعلان ڪيو آهي.
وڌ ۾ وڌ چار سرڪاري ميمبر هوندا، جن ۾ ثقافت کاتي جو سيڪريٽري پڻ شامل هوندو.
جڏهن ته وڌ ۾ وڌ پنج غير سرڪاري ميمبر شامل هوندا، جن کي چيئرمين(ثقافت کاتي جي وزير) جي سفارش تي وڏي وزير طرفان مقرر ڪيو ويندو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جا ٻه ميمبر شامل هوندا، جن کي اسيمبليءَ جو اسپيڪر نامزد ڪندو.
عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ کي پھرئين ڏينھن کان ”قناصرا برادران“ جي منشا تحت پئي هلايو ويو آهي، اداري ۾ جيڪي خالي جايون آهن، انهن مان هڪ به ڀري نه وئي. 19 يا 20 گريڊ جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيڻو هو، اهو مقرر نـ ٿيو. امر فياض کي سار سنڀال جي ذميواري ڏئي رکيو ويو ۽ پھريان هن جي پگهار اٽڪل ٽي لک رپين تائين هئي، جيڪا وڌڻ بدران گهٽائي گهٽائي آخر ۾ 40 هزارن تائين آندي وئي. اداري لاءِ ڪو جدا چيف فنانشل آفيسر مقرر نـ ٿيو. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر نه ٿيا. ادارو ٺھڻ کان وٺي تازي بحران تائين ائين ئي هلندو رهيو ۽ ڀرڳڙي صاحب سميت، بورڊ جي ميمبرن ۽ ثقافت کاتي جي اڳوڻي ۽ موجوده وزير تائين ڪنھن بہ ان ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو ته بورڊ جا اجلاس نٿا ٿين، تہ اداري جا فيصلا ڪير ۽ ڪيئن پيو ڪري. ادارو ڪري ڇا رهيو آهي؟ انت بحر دي ڪل نه ڪائي، رنگي رنگ بنايا وارو قصو پئي هليو ۽ ڪنھن ان تي ٻڙڪ نه ٻاڦي.
هاڻ جڏهن ڀرڳڙي صاحب ڳريءٓ دل سان پنھنجي دل ۽ ذهن جو غبار هلڪو ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون آهن، تڏھن ھي ادارو ٻيھر خبر بڻجڻ لڳو آھي. هڪ دفعو وري سوال اٿيا آهن ته ادارو اڳي هليو ڪيئن پئي ۽ ھاڻ ڪيئن ۽ ڪير پيو ھلائي؟ امر فياض استعيفا ڇو ڏني، امر فياض جي پگهارن ۾ ڪٽوتي ڇو ٿي؟ امر فياض جي استعيفا تحريري طور قبولي وئي يا نه؟ امر فياض جي استعيفا بعد اداري هلائڻ يا ان جي سار سنڀال جون ذميواريون منتقل ڪيئن ٿيون؟ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين چارج ڪنھن کان ورتي، هينڊنگ اوور ۽ ٽيڪنگ اوور ڪيئن ٿئي؟ هن وقت عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ جي مٿئين حصي ۾ ٺھيل ڪمرن کي گيسٽ هائوس طور ڪير پيو استعمال ڪري ۽ مٿي ڪنھن جي رهائش آهي؟
مٿي ڄاڻايل سوالن مان ڪجهه جا به جيڪڏهن ٺوس جواب آيا ته اندازو ٿي ويندو ته سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽيشنل ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ ترقي، واڌ ويجهه ۽ بھتر صحت لاءِ خواهشمند ڇا ڪري رھيا آھن ۽ اداري جي موجوده حالت جا اصل ذميوار ڪير آهن. دعوائن ۽ مبالغن ۾ اسان جو ڪو ثاني ڪونهي، پر حقيقتون ۽ انگ اکر ڏاڍا بيرحم ٿين ٿا. ڀرڳڙي صاحب جي استعيفا ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته اداري جو ”گورننس سسٽم ڪوليپسڊ“ آهي. امر فياض جي استعيفا مان پھريون فائدو ان کي ٿيو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ کان وڌيڪ حيدرآباد ۾ رهڻ لاءِ پريشان هو.
