هي ورسٽي ناول، ٻين ورسٽي ناولز کان ٿورو مختلف ٿو لڳي. اڪثر سنڌي ورسٽي ناولن ۾ يونيورسٽي کي صرف هڪ جاءِ (Place) جي طور استعمال ڪيو ويو آهي، جتي رومانوي ڪھاڻي جنم وٺي ٿي يعني اصل ۾ اهي رومانوي ڪھاڻيون آهن، جن جو مقام (Locale) يونيورسٽي آهي. هن ناول ۾ استاد، ڪلاس روم ۽ انهن ۾ ٿيندڙ بحث آهن. استاد ڪجهه سٺا ته ڪجهه بيڪار آهن. رومانس به آهي، پر ان جي حيثيت ثانوي آهي.
هن ناول جو مک ڪردار ڪامريڊ آهي. ڪامريڊ گهڻو ڪري کاٻي ڌر يا قوم پرست سياست ڪندڙ کي چيو ويندو آهي، پر هن ڪامريڊ جو سياست سان ڪو تعلق ئي ناهي. سندس نالو ئي ڪامريڊ آهي، جيڪو عجيب لڳي ٿو. ڪامريڊ خدائي خدمتگار آهي ۽ سڀني جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو هڪ آدرشي انسان آهي، جنھن جي دل پنھنجيءَ قوم جي نوجوانن جي بي عملي تي ڪڙهي ٿي. يونيورسٽيءَ جي تعليم کان پوءِ هي انهن نوجوانن کي دڳ لائڻ جو ارادو رکي ٿو.
ڪامريڊ سائڪالاجي شعبي جو شاگرد آهي. نوري سندس ڪلاس فيلو آهي ۽ ٻئي هڪٻئي سان محبت ڪن ٿا. سرمد سندس ويجهو دوست آهي ۽ ارم، سرمد جي دوست آهي. سڀ ڪلاس فيلوز آهن.
ناول پڙهندي ائين لڳو ته ڪامريڊ جو ڪردار، ٿري ايڊيٽس جي عامر خان کان متاثر آهي، جيڪو دوستن جي هر مشڪل ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪري ٿو، جنھن سبب دوست به ساڻس محبت ڪن ٿا. ڪامريڊ وارن جو هڪ دوست، روحل آهي، جيڪو بزنس ائڊمنسٽريشن جو شاگرد آهي ليڪن پنھنجي شعبي ۾ سندس ڪا دلچسپي ناهي. هو سنڌي ادب پڙهڻ چاهي ٿو، پر سندس پيءُ جي خواهش آهي ته هو بزنس ائڊمنسٽريشن جي ڊگري وٺي، پنھنجي پيءُ جا خواب پورا ڪري، جيڪو خيرپور ۾ استاد آهي. روحل جي پڙهائيءَ ۾ دل نٿي لڳي ۽ هو روزبروز تنھائي ۽ ڊپريشن جو شڪار ٿيندو ٿو وڃي. ڪامريڊ سرمد ۽ نوري، روحل جي پيءُ کي راضي ڪري، روحل جي سنڌي ادب ۾ داخلا ڪرائين ٿا. شايد روحل جو ڪردار به ٿري ايڊيٽس جي فرحان قريشيءَ کان متاثر آهي. عامر خان، راجو جي پيءُ کي ايمرجنسي ۾ بائيڪ تي ويھاري اسپتال وٺي وڃي ٿو ته هتي ڪامريڊ، چاچي آچر کي بائيڪ تي ويھاري ايمرجنسي ۾ اسپتال وٺي وڃي ٿو. خير، متاثر ٿيڻ ڪا بري ڳالھ ناهي. اسان سڀ ڪنھن نه ڪنھن کان متاثر ٿيون ٿا.
هن ناول ۾ ڪچھريون، ليڪچر ۽ نصيحتون گهڻيون آهن، جيڪي گهڻو ڪري سڀ نفسيات سان لاڳاپيل آهن بلڪ نفسيات جي هڪ برانچ، ائبنارمل سائڪالاجي سان واسطو رکن ٿيون، جن ۾ نفسياتي بيمارين، انهن جي سببن ۽ علاج بابت تفصيلي ڳالهيون آهن، جن سان پڙهندڙ کي سٺي معلومات ملي ٿي. ڪٿي ڪٿي ته ناول گهٽ نفسيات جو ڪو نصابي ڪتاب ٿو لڳي. معلومات جي ڀرمار کي ادبي تنقيد ۾ (Info Dump) چيو ويندو آهي، جنھن جو هجڻ ناول جي صحت لاءِ ڪو سٺو سنئوڻ ناهي. ايتري نفسياتي ڄاڻ ڏيڻ جي باوجود هن کي نفسياتي ناول نٿو چئي سگهجي.
يونيورسٽي جو استاد سر همير هڪ آئيڊيل استاد آهي، جنھن سان شاگرد پيار ڪن ٿا، پر ساڳي ڊيپارٽمينٽ ۾ پروفيسر نرگس ۽ تنوير آهن، جيڪي نه صرف منفي مزاج رکن ٿا پر هو ڊرگ مافيا جا ايجنٽ آهن ۽ انهن جا ڊاڪٽر نيلم سان گھرا لاڳاپا آهن. نيلم سائيڪياٽرسٽ هجڻ سان گڏ منشيات فروش رئڪيٽ جي اڳواڻ آهي، جيڪا يونيورسٽي ۾ آئيس ۽ ٻيو نشو ڦھلائي ٿي. نرگس، تنوير ۽ سرڪار سندس ٻانھن ٻيلي آهن. سرمد جي دوست ارم به مجبوري ۾ نيلم لاءِ ڪم ڪري ٿي. ڇو ته کيس بلئڪ ميل ڪري ڌمڪايو ويو آهي. سرمد ۽ ڪامريڊ سندس، هڪ ٻي دوست ڊاڪٽر سنڌو جي مدد سان ارم کي فرار ٿيڻ ۾ مدد ڪن ٿا. آخر ۾ خير خوبي سان سندن تعليم مڪمل ٿئي ٿي.
هن ناول ۾ ٻوليءَ ۽ منظر نگاريءَ کان وٺي ڪردار سازي ۽ ڪھاڻي جي جزئيات سان جيڪا ويڌن ٿيل آهي، اها ڏسي سڄاڻ پڙهندڙ ته ڪنن جو پاپڙيون جهليندو.
ٻولي:
” اسڪول ۾ ڪامريڊ سڀني استادن سان ملندو هيڊ ماستر جي آفيس ۾ آيو، جتي مهراڻ سندس هيڊ ماستر سان تعارف ڪرايس.“ درست جملو ٿيندو،”….جتي مهراڻ سندس تعارف هيڊ ماستر سان ڪرايو.“
ص 67: ” اڄ ته تون مونکي حيران ڪري ڇڏيو…..“ هي ڊاڪٽر سنڌو جو جملو آهي، جيڪو هو ڪامريڊ سان مخاطب ٿي چوي ٿي. سندن اها پھرين ملاقات آهي. پھرين ملاقات ۾ هتي، اڄ ته، استعمال نٿو ڪري سگهجي. درست جملو ٿيندو، ”توهان مونکي حيران ڪري ڇڏيو.“
اهڙن ٻين مثالن سان گڏ ناول ۾ ڪاما، فل اسٽاپ ۽ گرامر جون ڪيئي چڪون آهن. ڊڪشن ۾ ڪو رٓس چٓس ناهي. ناول جو جمالياتي پاسو انتھائي ڪمزور ۽ تشبيھون، پھاڪا، اشارا ۽ ڪنايا ذري گھٽ ناپيد آهن.
مشاهدي جون غلطيون:
مهراڻ ۽ پارس ساڳي اسڪول ۾ استاد آهن. پارس ڪامريڊ کي چوي ٿي،” منھنجي آفيس ۾ مونسان ملي وٺجان….“ اسڪولن ۾ استادن کي الڳ الڳ آفيسون نه هونديون آهن، سو به ڳوٺ جي هڪ اسڪول ۾.
عجيب ڳالهيون:
ڪامريڊ سائڪالاجي جو شاگرد آهي، پر هر جڳھ تي هو پاڻ کي ماهرِ نفسيات ٿو سڏائي. نه صرف ايترو پر هن ماهرِ نفسيات جي تعارف وارو وزيٽنگ ڪارڊ به ڇپايل اٿس.
ڪامريڊ وارن جو هڪ دوست دماغي علاج لاءِ ڪنھن سينٽر ۾ داخل آهي، جنھن جو انچارج ڊاڪٽر عاطف آهي ۽ ڊاڪٽر نيلم اتي سائيڪاٽرسٽ آهي ليڪن دماغي بيماريءَ بابت ليڪچر ٽائيپ بريفنگ وري ڪامريڊ ڏئي ٿو، جيڪو نفسيات جو صرف شاگرد آهي. عجيب ڳالهه آهي ته نفسيات جا ڊاڪٽر، نفسياتي بيماريءَ جون نشانيون هڪ شاگرد کان ٿا پڇن! خدا خير ڪري اهڙين اسپتالن جو.
نوري اپر ڪلاس جي آهي. سندس گهر حيدرآباد ۾ آهي، پر رهي هوءَ هاسٽل ۾ ٿي. وٽس ڪار به آهي ته آزادي به. خيرپور تائين ڪلاس فيلوز سان گڏ ڪار ڊرائيو ڪري وڃي ٿي، رات جي وقت، انهن سان گڏ جهوڪ شريف وڃي ٿي. ڪامريڊ کي پنھنجي گهر ۾ رات رهڻ جي صلاح هڻي ٿي، مائٽن طرفان ايتري آزادي ۽ سپورٽ هوندي به هو مائٽن جي گلا ڪري ٿي.
روحل جو پيءُ هڪ استاد آهي، پر روحل وٽ ڪوٽڙي ۾ هڪ فليٽ آهي ۽ وٽس بائيڪ به آهي، پر رهي وري هاسٽل ۾ ٿو. ڪامريڊ ۽ منصور به هاسٽل ۾ رهن ٿا، پر سندن ڪيئي ملاقاتون وري روحل جي فليٽ تي ٿين ٿيون!
ڪنھن زماني ۾ عورتن جي هڪ بيماري کي هسٽريا (Hysteria) چيو ويندو هو، پر فاضل مصنف جي علم ۾ شايد اهو نه اچي سگهيو آهي ته 1980 کان پوءِ هي اصطلاح متروڪ ٿي چڪو آهي ۽ بيماريءَ جي تشخيص لاءِ هن اصطلاح کي ممنوع قرار ڏنو ويو آهي. پر فاضل مصنف ڪيئي جڳھين تي هي اصطلاح استعمال ڪيو آهي!
سنڌيء ۾ ورسٽي ناولن جي شروعات کان وٺي اڄ تائين اڪثر ناولن ۾ ڇوڪرا سچا عاشق ۽ ڇوڪريون بي وفا هونديون آهن. پر شڪر آهي هن ناول ۾ ٻئي ڇوڪريون يعني نوري ۽ ارم بي وفا ناهن. باقي ڪجهه ورسٽي ناولن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڇوڪري اهڙي ڏيکاري ويندي آهي، جيڪا مک ڪردار سان همبستري ڪرڻ لاءِ تيار هوندي آهي. اها ڇوڪري گهڻو ڪري مک ڪردار جي محبوبه جي دوست هوندي آهي. گهڻو ڪري مک ڪردار انهيءَ ايڪسٽرا ڇوڪري ڏانھن به ڍرڪي پوندو آهي. مطلب ته هر هيرو لاءِ ٻن هيروئنز وارو فلمي فارمولا تيار هوندو آهي. پر هتي هڪ قدم اڳتي آهي. ڪامريڊ کي نوري ته دل ڏيئي ويٺي آهي، پر ڊاڪٽر نيلم ۽ ڊاڪٽر سنڌو به ڪامريڊ تي عاشق ٿي پون ٿيون. نه صرف ايترو پر ڊاڪٽر نيلم ڪامريڊ کي پنھنجي ڪار ۾ ويھاري پنھنجي بنگلي تي وٺي وڃي ٿي ۽ پوءِ ٻنپھرن جي وقت سنهڙا سيڪسي ڪپڙا پائي، هن کي پنھنجي بيڊ روم ۾ گهرائي، کيس شراب پيئن جي دعوت ڏئي ٿي!!! خبر ناهي ته هي نرگسيت آهي يا فرسٽريشن.
ڊاڪٽر نيلم منشيات فروشن جي گروھ سان تعلق رکي ٿي، پر هڪ جڳھ تي فاضل مصنف هن کي مظلوم ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڇو ته اهو ڌنڌو ڪرڻ لاءِ کيس مجبور ڪيو ويو هو. ائين ته پوءِ هر منفي ڪردار ئي مظلوم بنجي ويندو. ڊاڪٽر نيلم ڪامريڊ اڳيان پنھنجي مظلوميت ثابت ڪرڻ جي باوجود پنھنجي ڪڌي ڪم تان هٿ نٿي کڻي. ص 150 تي ڪامريڊ چوي ٿو: ” سچي ڳالهه اها آهي ته مان توهان کان الاهي انسپائرڊ ٿيو آهيان، توهان کي سمجهڻ ۽ توهان کان سکڻ چاهيان ٿو……“ جيڪڏهن ڊاڪٽر نيلم مظلوم آهي ته پوءِ پروفيسر نرگس ۽ پروفيسر تنوير به مظلوم هوندا، ٿي سگهي ٿو ته انهن کي به ڪنھن مجبور ڪيو هجي. هن صورتحال ۾ ڪھاڻي جو پڃرو ٽڙڪاٽ ڪري ٽٽي پوي ٿو.
يونيورسٽي ۾ منشيات جو ڌنڌو ٿئي ٿو، جنھن ۾ استاد به ملوث آهن، پر اهو صرف سرسري انداز ۾ بيان ڪيل آهي. هي زبردست موضوع آهي، هن موضوع تي وڌيڪ توجهه ڏيڻ جي ضرورت هئي. ظفر جوڻيجي پڻ پنھنجي ناول، ” اجهاميو ٻران“ ۾ هن موضوع کي ڇيڙيو هو.
بحران جي غير موجودگي:
ناول کي ناول ڪرڻ واري شئي آهي بحران (Crisis) جيڪو ٽڪراءُ (Conflict) مان جنم وٺي ٿو. بحران ئي مک ڪردار جي عملي زندگيءَ جو سبب بنجي ٿو ۽ آخر ۾ کيس تبديل (Transform) ڪري ٿو. اها تبديلي مثبت به ٿي سگهي ٿي ته منفي پڻ. بحران کان سواءِ، اهو صرف سفرنامو، ڊائري يا يادگيرين جو ڪتاب ٿي سگهي ٿو.
هتي ائين لڳي ٿو ته مک ڪردار ڪامريڊ ڄمندي ڄام آهي. هو جھڙو ناول جي شروع ۾ آهي، تھڙو ئي ناول جي آخر ۾ آهي. منجهس ڪا تبديلي نٿي اچي. هو اڳ به ٻين جي مدد ڪرڻ وارو آدرشي انسان هو ۽ آخر ۾ به اهڙو ئي رهي ٿو. اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو ڪامريڊ جي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪو بحران آهي ئي ڪونه. هڪ دفعو اغوا ٿئي ٿو، پر ڪجهه ڪلاڪن ۾ رها ٿي وڃي ٿو، جنھن ۾ سندس ڪو عمل دخل ناهي. ننڍا ننڍا مسئلا به ٻين سان ٿين ٿا، جن کي حل ڪرڻ ۾ هي مدد ڪري ٿو، پر ساڻس ڪو مسئلو نٿو ٿئي، جيڪو سندس ذهانت، علم ۽ عقل جو امتحان وٺي سگهي ها.
اها حيرت جھڙي ڳالهه آهي ته جڏهن سنڌي مرد ناول لکن ٿا ته انهن جي اڪثر مرد ڪردارن سان ڇوڪريون همبستري ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار هونديون آهن. صفحي 57 تي لکيل آهي، ” اها صنوبر به ياد اٿس جنھن هڪ رات مهراڻ سان گذارڻ لاءِ جتن ڪيا هئا….“ اهڙي فرسٽريشن مونکي ٻين ٻولين جي ناولن ۾ نٿي ملي، سواءِ ڪن ڊائجيسٽي پاپولر بازاري ناولن جي.
هن ناول جو سڀ کان بھتر جملو مونکي هي لڳو: ” هڪ ڪامياب زندگيءَ کان هڪ مطمعن زندگي بھتر هوندي آهي.“ هي خيال، دنيا جي تمام وڏي ماڻهو گوتم ٻڌ جي فڪر سان ٺھڪندڙ آهي.
ڪامريڊ ۽ سرمد ڪنھن ٺڳ پير سان وڃي مليا، جيڪو ماڻهن جا جِن ڪڍڻ جو ڍونگ ڪندو هو. ان سان سٺو، ڪارآمد ۽ منطقي بحث ڪيائون.
اميد ته فاضل مصنف وسيم لاکو، پنھنجي ٻئي ناول ۾ ساڳيون غلطيون نه دهرائيندو.

ڏاڍي سٺي تحرير سموري ناول جو مول مقصد ڪميو ڪوتاهيون سمجھ اچي ويون . اھڙيون تحريرون نون پڙھندڙ (اسان جھڙن )لاء ڪار آمد آھن.
شاندار،صحتمند تنقيد۔
شاندار،صحتمند تنقيد۔
لغاري صاحب، ناول تي انتهائي پروفيشنل انداز ۾ تنقيد ڪئي آهي، اسان وٽ تنقيد نگاري جو وڏو فقدان آھي، جنھن سبب غير معياري ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچن ٿا……