جديديت واري ٿيوري جي دور ۾ جيڪو انسان جو ثقافتي مزاج پيدا ٿيو، ان صنعتي دور کان بيزاري، انسان جو محض مشيني اوزار بڻجڻ، استحصال جو احساس، مصنوعيت ۽ شھري تمدن تي ٻڌل فطري احساسن کان خالي زندگي کي ظاھر ڪيو. اھڙي صورتحال ۾ ادبي تخليق جي داخلي، تصوري ۽ شعوري عنصرن جن فڪري محرڪن کي جنم ڏنو، انهن ۾
جديديت / وجوديت، ھيومنزم، مارڪسزم سان گڏ فرائيڊ جا نفسياتي ماڊل به شامل ھيا. صنعتي سماج جي داخلي وجودي تصورن جي بحران مان ادب جا مختلف مظھر عيان ٿيا، جن ۾ وجودي ادب، نفسياتي ادب ۽ سماجي حقيقت نگاريءٓ وارو ادب شامل آهن. ادب جي انهن لاڙن جي سياسي، سماجي، انساني صورتحال سمجهڻ ۽ انهن جي ادب سان لاڳاپي کي سمجهائڻ ۽ ان دور جي ادبي افاديت جي تعين لاء ڪجهه تنقيدي مڪتبن جنم ورتو. ان سان گڏ ڪجهه ادبي اظھار جون نيون ٽيڪنڪس به وجود ۾ آيون. تنقيد جي اھڙن نظرياتي مڪتبن ۾:
سائنٽفڪ تنقيد
تقابلي تنقيد
جمالياتي تنقيد
تاثراتي تنقيد
تاريخي تنقيد
عمراني تنقيد
نفسياتي تنقيد
مارڪسي تنقيد شامل آھن.
جڏھن تہ ادب جي ادبي انفراديت ۽ نج پڻو جاچڻ، فارم ۽ ھيئت جي خالص نڪتن کي سمجهڻ لاءِ
روسي فارملزم، نئين تنقيد،
ادب۾ شعور ۽ لاشعور جي لاڙي جي گڏيل اظھار لاءِ سريئلزم،
ادب ۾ ابھام جي پيچيدگين جي حسناڪين جي تصوراتي تشڪيل لاء تجريديت، حقيقت ۽ غير حقيقت جي ڳانڍاپي سان ماورائي حقيقت کي پيش ڪرڻ لاء ميجڪ ريئلزم، ادب جي اثريت واري پاسي کي سمجهڻ لاء اثريت, علامت پسنديءَ جھڙيون ٽيڪنڪس ۽ ادبي زاويا يا پيرايا وجود ۾ آيا. سائنٽيفڪ تنقيد ذريعي ادب کي خارجي مادي حالتن کي عقلي تناظر م جاچڻ، تقابلي تنقيد ذريعي مختلف ادب پارن جي وچ ۾ ڀيٽ ڪري ادب پارن جا معيار طئه ڪرڻ, جمالياتي تنقيد ذريعي ادب اندر حسن جمال جي تصورن، تخيل جي دنيا دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ٿي. تاثراتي تنقيد ذريعي فن پاري جي انساني ذھن تي ادبي جزئيات ذريعي تاثيري پھلو جي نشاندھي ڪئي وئي. تاريخي تنقيد ذريعي لکڻين جي تاريخي بنيادن تي معنا مفھوم جو تعين ڪيو ويو. عمراني تنقيد جي وسيلي ادب کي سماجي ثمر سمجهڻ ۽ ان جي تفھيم سماجي سرگرمين جي تناظر م ڪرڻ جي روايت پئي. مارڪسي فڪر جي تناظر م لکڻين طبقاتي شعور ۽ استحصال خلاف ردعمل جي اظهار کي سمجهيو ويو.
ادبي تنقيد جي انھن مڪتبن جون فڪري منشائون کڻي ھڪڙو تنقيدي عمل شروع ٿيو. اصل ۾ اھو دور ادب کي معروضي محرڪ سبجيڪٽ انسان جي مقدميت کي اڳيان رکي پرکڻ جو دور ھو. ڇو تہ جديديت جي وڏي عقلي( تصوراتي) ايجاد انسان کي جديديت ۾ سبجيڪٽ طور تصور ڪيو ويندو ھو، ان ڪري لکڻيءَ جو تجزيو پڻ سبجيڪٽ جي مرڪزيت تحت ٿيندو ھو. پر جيئن جيئن علمن جي ترويج ٿيندي وئي، سماج، انصاف، قانون، سياست جا بيانيہ وجود ۾ آيا تہ اھوئي انسان پنھنجين مختلف فڪري صورتن م طاقتن جي خطرناڪ صورت اختيار ڪندو ويو. قانون ۾ قانون جي پارکن ھڪ طاقت جي شخصي تصور کي شڪل ڏني. سياست ۾ سياسي شخصيتن طاقت جي شخصي تصور کي جنم ڏنو. انصاف ۾ منصف جي صورت ۾ شخصيت جو ھڪ طاقتور تصور اڀريو. ادب ۾ ادبي لکڻين جي صورت م ليکڪ ھڪ طاقتور شخصيت ٿي سامهون آيو. ساڳئي وقت ادب اندر مختلف تنقيدي ٿاٽس ذريعي ادب جون فڪري، تصوراتي، تخيلاتي تفھيمي تشريحون ڪندڙ نقاد ھڪ اجاري دار جي تصور طور سامهون آيو. جديديت جو روشن خياليءَ وارو (سبجيڪٽ جي) علمي، عقلي فلاح وارو تصور طاقت جي ھڪ خطرناڪ تصور ۾ تبديل ٿي ويو. اھو سبجيڪٽ يا انسان جيڪو جديديت کان اڳ ۾ اونداھي دور ۾ آقا/ غلامداري، چرچ/ پاپائيت، مطلق العنانيت جي ڳٺ جوڙ سان طاقت جي خوفناڪ صورت ۾ ظلم جبر جو شڪار ٿيندو رھيو، اھو ساڳيو انسان جديديت، روشن خياليءَ ۾ علمن، فڪرن، فلسفن، بيانين جي مختلف صورتن م طاقت جي صورت وٺندڙ ھڪ نئين شڪل ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر فڪرن جي اجتماعي نظام جي طاقتن جي تابع ٿيندو پئي ويو.
جديديت جي ھڪ تصور کي جديديت جو روح سمجهيو ويندو ھيو، جيڪو ھيو ” ھيومنزم“. ان ڪري ھر علم جو تجزيو انسان جي مقدميت کي اڳيان رکي ڪيو ويندو ھو. جديديت ۾ ادب جو ريڊنگ ماڊل ھيومنزم واري وصف وارو هو، جنھن ڪري ادبي فڪري ٽيڪنڪس سڌي يا اڻ سڌيءَ ريت انساني مرڪزيت جون حامل ھيون. انھي ريڊنگ ماڊل ۾ انسان کي مرڪزي حيثيت حاصل ھئي. جيتوڻيڪ انسان اڄ بہ ان ڌرتيءَ تي سوچ، سمجهه، فھم فراصت جو بنيادي مرڪزي محرڪ آھي، ان ڳالهه کان ڪوبہ انڪار ڪونهي، پر ان وقت ادب جو تجزيو انسان کي اڳيان رکي ليکڪ جي منشا تحت ڪيو ويندو ھو. لکڻيءَ جي منشا تي ليکڪ جي منشا کي ترجيح ڏئي، ليکڪ جي شخصيت جي تناظر ۾ لکڻي جو تجزيو فھم فراست جو تعين اصل ۾ ادبي رويي جي برعڪس شخصي رويو ھو. معنا جي رسائيءَ ۾ ادب، ٻوليءَ جي ڪارگذاريءٓ تي انحصار ڪرڻ بجاء ليکڪ جي ذاتي زندگيءَ تي انحصار ٿيڻ لڳو. ادبي لکت بدران ماڻهو ليکڪ جي شخصيت جي سحر ۾ جڪڙجندا ويا، جيڪو رويو ادبي نہ پر شخصي ھو. اسان وٽ شيخ اياز جو مثال ان سڄي صورتحال کي واضح ڪرڻ لاء بھترين مثال آھي. ان ڳالهه م ڪوبہ شڪ ڪونهي تہ شيخ اياز پنھنجي ادبي، فڪري، تصوري، تخيلاتي جھان ۾ نيون حسيتي ھيئتون متعارف ڪرائي، نئون ادبي اظھار ڏئي، سنڌي ادب کي گهڻو ڪجهه ڏنو، پر ماڻهن اياز جي سموري ادبي متن/ جنھن ۾ شاعري، ڪھاڻي، منظوم ناٽڪ وغيرہ شامل ھيا، انهن کي ادبي سرگرمي، ٻوليءَ جي ادبي رشتن، ٻوليءَ جي داخلي ڪارڪردگي ادبي فعاليت م ڏسڻ پڙھڻ بجاء شيخ اياز جي تخليقن کي شيخ اياز جي شخصيت کي اڳيان رکي پڙھيو. نتيجي م ادبي تصور بجاء شيخ اياز جو شخصي تصور ھڪ طاقت جي صورت م اڀري آيو ۽ جڏھن شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءٓ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو تہ شيخ اياز تي قسمين قسمين تنقيدن جا تير وسايا ويا. ڇاڪاڻ تہ ماڻهو شيخ اياز جي تحريرن کي شيخ اياز جي شخصيت کي اڳيان رکي پڙھندا رھيا ھئا. شيخ اياز جي تحريرن جي ادبي افاديت کان وڌيڪ ان جي شخصي افاديت جا قائل ھيا. حالانڪ شيخ اياز ھڪ فرد طور، وائيس چانسلر ٿيو ھو. ان جو ادب، ان جو آرٽ، ھن جو فن، ھن جو فڪر وائيس چانسلر ڪونہ ٿيو ھو! اھو تہ ان وقت بہ ساڳي ادبي، انساني، فني، جمالياتي ڪمٽمينٽ سان وطن پرست، انسان پرست ٿي بيٺل ھو، پر جيئن تہ ماڻهو ادب کي شخصيت جي تناظر ۾ ڏسندڙ رھيا، ان ڪري ھو تحريرن بجاء اياز کي بحيثيت ليکڪ “ شخصيت “ ۾ ڏسندي، منفي روين تي لھي آيا. جديديت ليکڪ جي ان طاقتور تصور کي جنم ڏنو، جنھن سبب ٻن قسمن جو نقصان ٿيو. ھڪ تہ طاقت جو خطرناڪ تصور اجاگر ٿيو، ٻيو ادبي تناظر ۾ ادب پارن کي ادبي سرگرمي، ادبي قدرن تحت پرکڻ جو رجحان گهٽ ٿيو. ادبي ڪارگردگي متاثر ٿي. ادبي جديديت جي ان سموري صورتحال جنھن ۾ ٻولي، لکڻي، متن کي
ليکڪ مرڪزيت/ اھميت حاصل ھئي، ان سموري صورتحال کي مابعد جديديت جي ساختياتي، پس ساختياتي صورتحال مشڪوڪ بڻائيندي ڄڻ انڪار ڪري ڇڏيو ء لکت جا ساختياتي، پس ساختياتي ريڊنگ ماڊل/ پڙھت جا نمونا متعارف ڪرائي، ليکڪ جي طاقتور شخصيت جي جاءِ تي ريڊر بيسڊ ريڊنگ ماڊل ڏئي، ليکڪ کي ڄڻ معطل ڪري، ان جاءِ تي پڙھندڙ کي اچي بيھاريو، جنھن لکت جي آزاد پڙھڻيءٓ جي تصور کي جنم ڏنو. ساختيات، پس ساختيات ادب جي اڀياس جو اھو طريقو اصل ۾ طاقت جي نفي آھي. فڪرن، فلسفن، نظرين، آدرشن ذريعي طاقت قائم ڪرڻ واري منشا کي سڀ کان پھرين مشل فوڪو تنقيدي زد ۾ آندو، جنھن چيو تہ سموري راند طاقت جي آھي. مشل فوڪو بنيادي طور انساني فڪر جو مورخ ۽ نقاد آھي. ھن ادارتي شخصي طاقت جي تصور جي مختلف صورتن ۾ نشاندھي ڪئي. ھن علم/ ڄاڻ جي روايتي طريقن کي رد ڪري، آرڪيالاجي آف ناليج جي ميٿڊ کي ترجيح ڏني. انساني فڪر جي تشڪيل جي روايتي تاريخ کي ھن تشڪيڪ جي نظر سان ڏٺو. ادب اندر ٻولي، تفھيم جي مرڪزيت تي پھريون وار لسانياتي فلسفي ” سوسيئر ڪيو، جنھن ٻولي، تاريخي مطالعي واري ميٿڊ بدران ٻوليءَ جو يڪ زماني Diachronic
وارو ميٿڊ متعار ڪرايو. ھن ٻوليء جي تاريخي مطالعي واري انداز تي تنقيد ڪندي چيوته ٻوليءَ جو تاريخي مطالعي وارو ميٿڊ ان سوال جو جواب ڏيڻ کان قاصر آھي تہ ٻولي ڪنھن خاص لمحي ۾ ڪھڙيءَ ريت ابلاغ ۽ رسائيءَ جو ڪم ڪندي آھي. سوسيئر ٻولي/ لفظ جي مرڪزيت بدران ٻولي لفظ ۾ معنا جي لاءِ محدود امڪانن کي پيدا ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جي تجريدي رشتن کي لانگ ۽ پارول ذريعي متعارف ڪرايو. ھن معنا جي سموري عمل کي ڄڻ ثقافتي عمل قرار ڏئي ڇڏيو. ھن زبان کي علامتن جو مجموعو قرار ڏئي، سسٽم آف سائن سڏيندي چيو تہ زبان جي ڪليت کي ٻوليءَ جي سرگرمي ذريعي گرفت م آڻي سگهجي ٿو. ھن جي نظر م انسان وٽ لساني صلاحيت فطري ھوندي آھي. بس ان جا ضابطا ۽ قاعدا معاشرو پنھنجي ثقافتي سرگرمين سان متعين ڪندو آھي. ھن ٻوليء کي مواد بجاء ھيئت قرار ڏئي، ٻوليءَ بابت روايتي تصورن کي رد ڪري، ٻوليءَ کي ھڪ فلسفياڻو عمل قرار ڏنو.
ٻوليءَ جي اھڙي فلسفياڻي سرگرمي جي تصور کي قائم ڪري، سوسيئر ڄڻ تہ ليکڪ جي ان ھستيءَ کي چئلينج ڪيو، جنھن کي لکت دوران لفظ/ معنا جو حقيقي وارث ليکيو ويندو ھو. سوسيئر جو لسانياتي فڪري نظام بہ ڄڻ طاقت جي تصور طور اڀريل ليکڪ جي تصور کان انڪار ھو. ادب ذريعي ليکڪ جي طاقتور تصور کي ٻي ضرب جڳ مشھور ساختياتي / پس ساختياتي نقاد ء مابعد جديديت جي مفڪر رولان بارٿ ھنئي، جنھن چيو تہ
Writing writes not writer
لکت / متن خود پاڻ کي تشڪيل ڏيندو آھي، ليکڪ نہ.
Death of Author ھن
جھڙو مضمون لکي، لکڻيءَ مان ليکڪ جي خاتمي جو اعلان ڪيو. ھتي اصل معاملو ڪنھن شخصيت کي مارڻ جو نہ پر ٻوليءَ جي سرگرميءَ ذريعي ثقافتي عمل جي شعريات ذريعي، ٻوليءَ جي ڪوڊز ذريعي ٻولي ءٓجي تفريقن/ مماثلتن/ مطابقتن ذريعي معنا جي حاصلات ء اختيار جو معاملو ليکڪ کان کسجڻ جو آھي. ان مان ٻي ڪابہ مراد ڪانهي. ھتي لکڻيءَ اندر ليکڪ بدران ٻوليءَ جي معنويت واري جديد استدلال ذريعي متن جي پيدا ٿيڻ جو معاملو آھي. معنا جي مرڪزيت ھتي بہ قائم ضرور آھي، پر اھا ٻوليءَ کي فريم يا سانچو سمجهي، ان ۾ اڳ کان معنا پيل ھجڻ جي تصور بدران معنا جو لمحي ۾ پيدا ٿيڻ وارو تصور آھي. ساڳيءَ ريت ادب اندر تشريح، تفھيم، تصوري رخن جي تشڪيل کي ٻوليءَ ۾ معنا جي مرڪزيت تي فرض ڪري، نقاد پنھنجي اٿارٽي۾ طاقت جي تصور ۾ زندہ رھيو آھي. اسان وٽ لکڻيءَ جي خودمختيار تشريح، تفھيم نقاد جي تابع رھي آھي. جڳ مشھور ناول نگار گارشيا مارڪيز چيو ھو تہ نقاد ” پڙھندڙ ء ليکڪ جي تعلق کي منتشر ڪري ٿو“. جيتوڻيڪ گارشيا مارڪيز جي اھا ڳالهه ٿي سگهي ٿو ڪنھن ذاتي مشاھدي طور چيل ھجي، پر ھتي نقاد جي شخصيت بطور علمي طاقت وري بہ دنيا جي طاقت جي نظام اندر شخصي تصور ۾ رھي آھي. جڳ مشھور پس ساختياتي مابعد جديدي مفڪر ” دريدہ” جو چوڻ ھو تہ اسان جو ٻوليءَ جو نظام طاقت جي نظام کي سھارو ڏيندڙ آھي. ھي رد تشڪليت / ڊيڪنسٽرڪشن جي ادبي نظريي۾ چوي ٿو تہ لکڻي اندر معنا جي ڪنھن مستقل مخصوص نظام کي تلاش ڪرڻ بجاءِ لکت جي ردتشڪيلي پڙھت ڪئي وڃي. ھن Binary opposites / ڳنڊيل مخالف ذريعي ڀيٽ ڪري، شين جي سڃاڻپ ڪرڻ واري طريقيڪار کي پڻ طاقت جي استدلال سان ڏسندي چيو تہ ھي سمورو معاملو فوقيت جو آھي، جنھن ۾ اسان ڳنڍيل تضادن ذريعي من پسند تصور جي چونڊ ڪندا آھيون. ڳنڊيل مخالف واري ٻوليءَ جي نظام کي ڪجهه ھيٺين مثالن ذريعي سمجهي سگهجي ٿو.
سٺو-خراب
اڇوـ ڪارو
اعلیٰ ـ گهٽ
معتبر- ڪمتر
امير ـ غريب
عزت ـ ذلت
سچ ـ ڪوڙ
جيئن تہ پنو، پريس ۽ منظم جامعاتي نظام سبب ” معنا“ جو تعين سدائين مقتدر ڌرين وٽ رھيو آھي، ان ڪري
ذريعي binary opposites
ٻوليءَ م ڀيٽ جي تصوري نظام جي اھا ڪسوٽي تعصب تي ٻڌل، من پسند چونڊن ڪارڻ طاقت جي تصور کي پيدا ڪندڙ آھي. ان منطق ۽ استدلال ذريعي ”نقاد بہ اُنهيءَ طاقت جي تشھير ڪندڙ رھيو آھي. اڇي اشرافيہ ۽ ککي ھاڻيون کاريون. ڪوجهي پورھيت جو تاريخي لاشعور ھميشہ نہ ختم ٿيندڙ طاقت جو تصور آھي، جيڪو فن پارن جي معيارن جو تعين طاقت جي ان استدلال ذريعي ڪندو رھيو آھي ۽ نقاد ان طاقت جي نظام جو مشتھر رھيو آھي. ھڪڙن کي مٿي رکڻو آھي، ھڪڙي طبقي کي حاشيي م رکڻو آھي. ھڪڙي طبقي کي مٿي ڏيکارڻو آھي، ھڪڙي طبقي کي ميرو، ڪوجهو، ڪارڙو، ککي ھاڻو ڏيکارڻو آھي. اهو تنقيدي شعور نہ پر اھو تعصبي شعور آھي، جنھن کي نقاد ھٿي وٺائي ٿو. جيڪڏھن نقاد جو تنقيدي منطق چونڊ ٻوليءَ جي ان استدلال تي ھجي تہ اھو ڪيئن ممڪن آھي تہ متن / تخليق جو آزاد خودمختيار تجزيو وجود ۾ اچي. ان ڪري نقاد ”طاقت“جي وجود کانسواء ڪنھن بہ ادبي لکڻيءَ ۾ ادبي انڪشاف جو متحمل نٿو ٿي سگهي. ان کانسواء ھاڻ جڏھن ادبي لکت پنھنجي ردتشڪيل پڙھڻ واري ماڊل ۾ ڪنھن بہ مرڪزي معنويت بدران لفظ/ ٻوليءَ جي متن جي سموري داخلي نظام ۾ انيڪ فرقن، تضادن، مماثلتن، تفريقن، ابتڙن ذريعي ٻولي، لکت، متن جي معنا خيزي واري عمل کي برقرار رکندي، معنا کي ملتوي ڪندي، لکت کي ڊي ڪوڊ ڪري ٿي تہ پوء نقاد وٽ ڪھڙي ڪسوٽي ٿي بچي معنا ڪرڻ جي. ڇو تہ معنا ھڪ ”لمحو“ آھي. نقاد جي اٿارٽي کي کڻي فرض بہ ڪجي تہ ھو معنا کي ھڪ لمحي م آڻي، متن جي تشريح ء تفھيم ڪري ٿو، پر پڙھندڙ وٽ ان تشريح جي رسائي ٻئي لمحي ۾ ٿئي ٿي. يقينن اھا معنا تبديل ھوندي. ڇو تہ معنا مستقل نہ قائم مقام آھي. ھاڻي معنا لکت جي متن ۾ نہ پر لکت، لکڻي، متن، پڙھندڙ، ٻولي، ثقافتي شعريات جي گڏيل سرگرميءَ طور وجود ۾ اچي ٿي. ان ڪري نقاد جو تصور اتي ختم ٿي وڃي ٿو. ڇو تہ صحيح۽ غير صحيح
جي تفريق ھڪ تہ ” موجودگي “ جي تصور مان ڦٽي ٿي. جڏھن تہ مابعد جديديت جي ردتشڪيلي تصور ”موجودگيءٓ“ کي مرڪزيت کان ڪٽي” مسلسل “ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي. ٻيو تہ معنا جي چونڊ جي تصورن جو استدلال بہ ھڪ طرفو آھي. بقول دريدہ جي تعصبي ۽ من پسند آھي.
ٻيو تہ لفظ يا زبان کي مستقل معنا بدران پنھنجو موضوع آھي، جيڪو ھر گهڙي التوا ۾ رھي ٿو. تخليق ڪنھن مرڪزيت ۽ ريفرنسز کان منقطع ٿيل آھي. موجودگي مستقل ناھي. ٻوليءَ جو نظام طئه ٿيل تصور بدران تناظر ۾ معنا ڏيندڙ آھي تہ پوء تنقيدي شعور تخليق اندر ڪھڙي ”موجودگي“ مرڪزيت کي بنياد بڻائيندو؟ ڇو تہ ردتشڪليت معنا، لفظ، تخليق، متن اندر مستقل موجودگيءَ کان انڪاري آھي. ھاڻي ان ڪري لکڻي تناظر جي دريافت پڙھندڙ جي ڪلوز ريڊنگ آھي، نڪو نقاد جو روايتي موجودگيءَ جو شعور. ان ڪري مان سمجهان ٿو متن جي ردتشڪيلي پڙھڻي ۽ ٻوليءَ ۾ لفظ، معنويت بدران ھيئتي ھجڻ ڊيٿ آف ڪرٽڪ جو ڄڻ اعلان آھي. ٻيو تہ معنوي گهڻائي خود ھڪ تنقيد عمل آھي، جنھن کي ريڊر پنھنجي پڙھت سان وجود ۾ آڻي ٿو. ان ڪري ھاڻ ادب جي مابعد جديدي / رد تشڪيلي تصور ۾ نقاد جو تصور بلڪل غير اھم سمجهيو وڃي ٿو. سو ان کي نقاد جو لاڏاڻو يا ڊيٿ آف ڪرٽڪ ئي تصور ڪرڻ گهرجي.
