(رسول میمڻ جي ناولٽ “ڪُتا” جو اڀیاس)
افسانوي ادب جو سڄي دنیا ۾ نہ تہ ڪو ھڪ گھاڙیٽو, فني ضابطو ۽ موضوعاتي دائرو طئي ٿیل آھي ۽ نہ وري اھو ممڪن آھي. ڪو بہ تخلیقي, تصوراتي ۽ تخیلاتي اظھار ڪنھن طئي ٿیل ضابطي اندر مقید نہ ٿو رھي سگھي، ھا ان ۾ مُک لاڙا ضرور ھوندا آھن. انھن ۾ جدید ادب ۽ خاص طور افسانوي ادب ۾ ھڪ لاڙو سُریئل ازم جو بہ آھي. “سُریئل” لفظ اصل ۾ ھڪ مرڪب لفظ آھي, جنھن ۾ “س” فرانسيسي اڳياڙي “Sur” مان آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي “مٿانهون”, “کان اڳتي”, “ماورا” یعني “حقيقت کان مٿانهين يا ماورائي حقيقت” یا “عام حقيقت کان پَرانھین حالت یا دنيا”. سُریئل ازم جو اطلاق گزریل صديءَ کان افسانوي ادب ۾ وڌیڪ ٿیندو رھیو آھي، جنھن ۾ انسان جو لاشعور یادن یا خواب یا تخیل جي صورت ۾ موجود حقیقت یا حال سان ملي ھڪ اھڙي صورتحال پیدا ڪندو آھي, جنھن ۾ حقیقت، افسانویت، شعور، لاشعور، زمان ۽ مڪانَ جون زماني، شعوري، احساساتي سرحدون پاڻ ۾ ملي ویندیون آھن. انڪري سُریئل ازم جي مزاج جي حامل افسانوي ادب تي حقیقت نگاري, سماجي حقیقت نگاري ۽ منطقي منظر نگاري جا اصول لاڳو نہ ٿیندا آھن. اھو ئي سبب آھي جو سُریئلسٽ ادب ۾ علامت نگاري، خوابن، بي ربط یادن، آزاد تخیل ۽ منتشر خیالن جو استعمال شعوري طور ڪیو ویندو آھي. ڪھاڻي ۽ افسانو ھجي یا ناول انھن ۾ مُنڍَ، وِچَ ۽ منطقي پُڄاڻيءَ کي لازمي سمجھیو نہ ویندو آھي ۽ ان باغیانہ رویي ئي سُریئلسٽ افسانوي ادب کي روایتي ڪلاسیڪل ۽ جدید ادب کان جُدا ڪري بیھاریو ھو۔ اھڙو ادب خارجي حقیقت یا معروضي سَچَ جي ڀیٽ ۾ داخلي سچ جي ڳولا، دریافت یا اظھار کي وڌیڪ اھمیت ڏیندو رھیو آھي. جیتوڻیڪ گارشیا مارڪیز جادوئي حقیقت نگاريءَ جو وڌیڪ نمائندہ لیکڪ آھي پر ھن جي ناول “اڪیلائيءَ جا سئو سال” ۾ بہ سُریئلسٽ عنصر ڳولي سگھجن ٿا, جن ۾ سماجي حقيقت ۽ تصوراتي جادوئي عنصر گڏ گڏ ھلن ٿا, جنھن ۾ مئل ماڻهو ڳالهائين ٿا، ڇوڪري آسمان ڏانهن اڏامي وڃي ٿي، ۽ وقت واچوڙي یا ڪُنَ وانگر ھڪ دائري وانگر ڦرندو رهي ٿو. ھونئن جادوئي حقیقت نگاري ۽ سُریئل ازم ۾ فرق اھو آھي تہ سُریئلسٽ ادب نفسیاتي وھڪري ۾ اڳتي وڌي ٿو ۽ جادوئي حقیقت نگاريءَ ۾ ڪهاڻي عام طور منظم ۽ سماجي حقيقت سان ڳنڍيل هوندي آهي، صرف ان ۾ افسانوي مبالغي جي ڪري جادوئي عنصر شامل هوندا آهن. جڏھن تہ سُریئلسٽ ادب سگمنڊ فرائيڊ جي نفسياتي نظرين یا مجموعي طور نفسیاتي بحرانن یا حالتن کان وڌیڪ متاثر رھیو آھي. جادوئي حقیقت نگاري ۾ وري لوڪ ڪهاڻين، ڏند ڪٿائن، مقامي ثقافت ۽ نوآبادياتي تاريخ کي وڌیڪ اھمیت ڏني وئي آھي. سُریئلسٽ ادب پڙهندڙ کي بيچيني، حيرت، نفسياتي مونجھارا ۽ یادن جو اضطرابُ ۽ لاشعوري یا خوابناڪ احساس ڏئي ٿو جڏھن تہ جادوئي حقیقت نگاريءَ ۾ پڙهندڙ کي محسوس ٿئي ٿو ته “جادو یا جادوءَ جھڙو تصوراتي وڌاءُ به زندگيءَ جي حقيقت جو ئي حصو آهي”. ٻنھي روایتن جي افسانوي ادب جي مثالن کي تفصیل سان ادبي حوالن سان بیان ڪري سگھجي ٿو پر ھتي اسانجو موضوع رسول میمڻ جو ناولٽ “ڪُتا” آھي.
رسول میمڻ جیتوڻیڪ ھن ڪتاب جي مھاڳ ۾ اُھا دعوي ناھي ڪئي تہ ڪو سندس ھيءُ ناولٽ سُریئلسٽ فني ۽ فڪري اثر ھیٺ لکیو آھي ۽ ڪنھن بہ لیکڪ کي اھڙي وضاحت جي گھرج بہ ناھي ھوندي پر اُھا پرک متن جي فني، موضوعاتي ۽ فڪري بیھڪ مان ٿَي سگھندي آھي، انکي ئي ادبي تنقید چئبو آھي. لیکڪ پنھنجي مھاڳ ۾ اھو چئي اُھا ڳوٽَ ڀَڃي ڇڏي آھي تہ “ لاشعور رولو ڪُتو آھي, جنھن جو چَڪُ ماڻھوءَ کي چریو ڪري ٿو. انسان اڪیلائيءَ سان ڳالھیون ڪري ٿو، اُھو وِڦلي ٿو. انکي پنھنجو چِھرو ٻین جو چھرو محسوس ٿئي ٿو ۽ ٻین جو چھرو پنھنجو چھرو محسوس ٿئي ٿو. اھو تصور ۾ جیئي ٿو ۽ حقیقت ۾ مري ٿو” ھو وڌیڪ لکي ٿو تہ “ لکڻ کان اَڳُ مون ڪُتن جي ٻولي سکڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪُتن جي ٻولي لفظ نہ علامتون آھن، انڪري توھان کي ناول ۾ ھر ھنڌ علامتون نظر ایندیون.” سندس ھي پنھنجا لفظ ناولٽ جو سڄو موضوع ۽ مزاج چِٽو ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن تہ “ ھن ناول جو پروٽاگونسٽ “مان” آھیان ۽ سڀ ڪردار “مان” چوڌاري ڦرن ٿا. اھو “مان” مان نہ آھیان پر “مان” جھڙا اڪیلا انسان آھن. اُھي پنھجین اڪیلائین کي دور ڪرڻ لاءِ ڪُتن کي یاد ڪن ٿا ۽ ڪُتا انھن جي تصور ۾ ڀونڪي خاموشيءَ کي ٽوڙي وجھن ٿا. ڪُتا علامت آھن.” ان لحاظ کان ھن ناولٽ کي جنھن کي لیکڪ ناول سڏي ٿو, کي ھڪ بي ترتیب سُریئلسٽ ناولٽ چئي سگھجي ٿو. ناولٽ ۾ احساساتي انتشار، خیالن جي آزاد وھڪري ۽ لاشعور جي ٽُٻڻيءَ مان نڪرندڙ بي ترتیب یادن جي سُریئلسٽ پیرائي ۾ اظھار جو ذڪر مان مَٿي اَڳُ ئي ڪري آیو آھیان.
ھي ناولٽ مونولاگ بجاءِ بیانیہ انداز ۾, زمانَ ۽ مڪانَ جي ھڪ احساساتي ویڳاڻپ جي ڪیفیت ۾ لکیل آھي جنھن ۾ گھر جي در ٻاھران ھڪ پالیل ڪُتو راڪو اندر اچڻ جي بیچینيءَ ۾ “سُڏڪا” ڀري رھیو آھي ۽ سندس ویڳاڻپ ۾ ورتل مالڪ ٻاھریون در نہ ٿو کولي جو ھڪ ڏینھن اڳ ھن بیزار ٿي کیس گھران ڪڍي ڇڏیو ھو. ڪُتي جا سُڏڪا دراصل جادوئي تخیل آھي، جیڪو لیکڪ ھڪ صیغي ۾ استعمال ڪیو آھي. بقول سندس تہ کیس گھر کان ٻاھر ڪڍڻ جو سبب سندس یعني لیکڪ جي (وجودي) وحشت آھي. جیئن تہ بقول سندس تہ کیس ڪُتن سان پیار جي پیدائشي بیماري آھي, انڪري ناولٽ جي پُڄاڻيءَ تي نیٺ ھُو در کولي ڇڏي ٿو ۽ راڪو وَسندڙ مِینھنَ ۾ پنھنجو پُڇُ لوڏیندو ڊُڪندو اندر اچي ٿو ۽ مالڪ جي پیرن تي ڪنڌُ رکي سمھي رھي ٿو ۽ ان تي ئي ناولٽ جي پُڄاڻي ٿئي ٿي. وچ ۾ سڄو لاشعور، منتشر یادون، منتشر یادن جا ٽُٽل عڪسَ ۽ راڪي جي مالڪ جي وجودي بحران جا بي ترتیب اولڙا آھن جیڪي ناولٽ جي بي ترتیب ڪھاڻيءَ جي خال کي ڀرین ٿا. سُریئلسٽ لیکڪ اھو شعوري طور انڪري ڪندا آھن جو ھو سمجھندا آھن تہ زندگيءَ جو اصل جوھر شعور بجاءِ لاشعور ۾, سڌي اظھار بجاءِ علامتن ۾ ۽ احساسن، خیالن ۽ واقعن جي ڪنھن شعوري ترتیب بجاءِ غیر منطقي بي ترتیبي ۾ ھوندو آھي ۽ ادب جو ڪم انجي اھڙي ئي بي ترتیب عڪسبندي ھوندو آھي. مان ان سوچ سان اختلاف رکندي بہ فني ۽ تخلیقي تجربن کي اھم سمجھان ٿو شرط اھو آھي تہ نواڻِ میڪانڪي مقصد نہ پر معنویت یا تخیل ۽ جمالیات جي واٽَ ھجي.
ھن ناولٽ جي پھرین خوبي انجو غیرروایتي موضوع آھي، سنڌي افسانوي ادب تي سیاسي جذبا ون یونٽ کان وٺي گھڻو حاوي رھیا آھن, انڪري ھن ناولٽ ۾ موضوعاتي نواڻ محسوس ٿئي ٿي. “ڪُتا”, ناولٽ ۾ لیکڪ “ڪُتن” کي ٽن مختلف پاسن کان علامتي طور استعمال ڪیو آھي. یعني پھریون ڪُتن جي جھانَ ۾ جزویات ۽ پوري وجودي حساسیت سان گھُوري پاتل جھاتي، ٻیو ڪُتن جي فطري طور انسانن سان سنگت ۽ نسبت ۽ ٽیون انساني زندگيءَ مان ویساھ کڄڻ کي علامتي طور ڪُتن جي خصلتن جي صیغن ۾ بیان ڪرڻ. ھي ناولٽ بنیادي طور انساني المین ۽ ان سان نسبت رکندڙ ڪُتن جي جَھانَ ۾ جھاتي آھي, جنھن ۾ وچ وچ ۾ بي ترتیب ۽ اڻ پوریون انساني ڪھاڻیون ننڍن ننڍن ۽ ڪٿي وڏن انساني المین جي صورت ۾ اچن ٿیون جو ناولٽ جو بنیادي خیال ۽ انجا بنیادي علامتي ڪردار ڪُتا آھن.
ناولٽ ۾ ڪُتن جون خصلتون اھڙیون بیان ٿیل آھن جو ماڻھو ڪُتن آڏو وقتي طور احساسِ ڪمتريءَ جو شڪار ٿیو وڃي ۽ ھن جي اشرف المخلوقات واري نرگسیت سوالیہ نشان بڻجیو وڃي. مثال طور “ڪُتن جي مقابلي ۾ مون ڪڏھن ڪُتو مرندي نہ ڏٺو ۽ ماڻھن جي مقابلي ۾ ماڻھو ائین مرندا آھن جیئن ڪُتو مري ویو”، “فقیرن جیان ڪُتا ڪڏھن بہ جُوتا نہ پائیندا آھن”، جیئن ملڪن جون سرحدون آھن ائین ڪُتن جون بہ سرحدون آھن”, “جیڪڏھن ڪُتن کي نہ ڇیڙیو وڃي تہ ڪُتن جا ایندڙ نسل گونگا پیدا ٿین”, “ڪُتي جي موت تي فرشتن کان سواءِ ڪیر نہ روئندو آھي, ڪُتو جیئرو ھوندو آھي تہ فرشتا ڄڻ مُئل ھوندا آھن”, “انسان ڌرتيءَ تي ملڪ ٺاھڻ ڪُتي کان سکیو آھي, مُٽَ جي سرحد ھٿیارن جي سرحد کان وڌیڪ محفوظ ھوندي آھي, ھٿیارن جي سرحد کي ٽَپیندي لکین ماڻھو مارجي چُڪا آھن. مُٽَ جي سرحد پار ڪندياڄ تائین ڪوبہ ڪُتو ماریو نہ ویو آھي”, “وفادار ڪُتي کي اھو ڏسي ڏُکَ ٿیندو آھي تہ انجو مالڪ کیس ھَٿُ لائڻ کان پوءِ ھَٿَ ڌوئي ٿو”, “تخلیق سان گڏ ڪُتو ۽ انسان گڏ نسریا آھن، انڪري ٻنھي جون عادتون ھڪ ٻئي ۾ منتقل ٿیون آھن”, “ امڙ ٻُڌائیندي ھئي، ھن جي پُڦي ھئي. انکي اولاد نہ ٿیندو ھو. ڳوٺُ کان سَتَ ڪوھَ پَري ھڪ بي اولاد عورت جنھن کي “پاڙي ماءُ” چوندا ھیا، اُھا بي اولاد عورتن جي حق ۾ دُعا گھرندي ھئي تہ کین اولاد عطا ٿیندو ھیو. پُڦيءَ کي ان وٽ وٺي ویا. پاڙي ماءُ پُڦيءَ کي ڏسي چیو “ ڳوٺ جا ڪُتا مارجي وڃن تہ ھر بلا جو رستو صاف ٿي ویندو آھي” پوءِ سوال ڪیو “ڳوٺ ۾ گھڻا ڪُتا آھن؟”
پُڦي سوچ ۾ پئجي وئي ۽ پوءِ جواب ڏنو “نہ ھجڻ برابر”
پاڙي ماءُ فڪرمند ٿي وئي ۽ ڏُکَ مان اَکیون بند ڪري دُعا گھري, پوءِ اَکیون کولي پُڦيءَ کي چیو “ وَڃُ توکي خدا ڪُتو عطا ڪندو!”
پُڦي ڳوٺ آئي کیس پیٽُ ٿیو ۽ خوبصورت پُٽُ ڄایو جیڪو ھن سان سڄي زندگي وفادار رھیو.”
ائین سڄو ڪتاب ڪُتن بابت نھایت دلچسپ ۽ گھرن علامتي جُملن سان ڀریل آھي, جیئن مثال طور “ ڪُتو ان وقت سَھارو بڻجندو آھي جڏھن خدا ھَٿُ ڪڍندو آھي” , ماڻھو خدا کان گھٽ , ڪُتي کان وڌیڪ ڊڄندا آھن”, “گھرن جي حفاظت لاء ماڻھو گھرن ۾ پاڪ ڪتاب رکندا ذھن پر چورَ چوري ڪري ویندا آھن, جنھن گھر ۾ ڪُتو ھجي ان گھر ۾ نہ گھڙندا آھن”, “اَڳڪَٿي ڪرڻ ڪُتن جو ڪم آھي”, “ڪُتي جي ننڊَ, ڪُتي جو مڪر ھوندي آھي. ڪُتو ڪڏھن بہ ننڊ نہ ڪندو آھي, ھو اکیون بند ڪري جاڳندو آھي”, “ڪُتا ڪنھن بہ پیغمبر جي اُمت نہ آھن, نہ اُھي جنت جا داعي آھن ۽ نہ دوزخ کي مڃیندڙ. ڪُتا ڌرتيءَ جا اُھي ڪافر آھن جیڪي انسان کي خدا مڃین ٿا”, “ڪُتو ڪیترو بہ جاھل ھجي انکي ڳڻڻ ضرور ایندو آھي”, دنیا ۾ سٺن انسانن ۽ ڪُتن جي حیاتي ننڍي آھي”, “جڏھن ڪائنات ٺھي ھئي, لفظ نہ ھیس تہ ڪُتن جي ٻولي ڳالھائي ویندي ھئي. ڌرتي تي پھریون “ص” ڪُتن جي ٻوليءَ ۾ ھُو, پوءِ جیئن ماڻھن لفظ ٺاھیا تہ اُھي ان “ص” کان پري ٿیندا ویا. ڪُتا اَڄُ بہ ان “ص” تي عمل ڪن ٿا. انھن جو مذھب انسان دوستي ۽ مالڪ جي حفاظت آھي”.
ناولٽ جو بنیادي موضوع انسان جي اڪیلائي ۽ بي وفائي آھي. اصل ۾ اڪیلائي ۽ بي وفائي جا تصور بہ سماجي تشڪیل آھن، جانورن ۽ پکین اُھي شڪایتون ڪڏھن بہ نہ ڪیون آھن ڇاڪاڻ تہ انھن اھڙو سماج جوڙیو ئي ناھي, جو انھن کي زندگيءَ یا ٻین سان اھڙیون شڪایتون ڪرڻیون پون، تڏھن تہ روسو فطرت ڏانھن واپسيءَ جو شوقین ھو. ھن تہ سماجي معاھدي جو تصور مجبوريءَ ۾ ھابس ۽ لاڪ جي تسلسل ۾ پیش ڪیو ھو. ھن ناول جي مُک ڪردار کي اڪیلائي پسند ھئڻ باجود زندگيءَ ۾ اڪیلائيءَ ۽ بي وفائيءَ جي نہ کُٽندڙ شڪایتن ۽ ویڳاڻن احساسن جو روڳُ آھي. وقت دراصل تبدیليءَ جو مظھر ۽ صیغو آھي پر ھو تبدیلین جي بي رحمین کي ڏسندي چوي ٿو “ وقت جھڙو ڪمینو مون نہ ڏٺو، پاڻ سان گڏ گذاري, دنیا مان گذاري ڇڏي ٿو”. جیئن تہ سُریلسٽ ڪنھن ھڪ ڳالھ، خیال ۽ ڪیفیت تي بیھندا ئي ناھن اُھي یادن, ویچارن ۽ احساسن جي منتشر آزاد وھڪري ۾ وھندا ویندا آھن انڪري اُھي ڳالھیون بہ متضاد ڪندا آھن، شاید اھو انھن جو قصور ناھي جو زندگي اُھي سڀ تضاد گڏ گڏ کڻي ھلي ٿي. ھو وري ٻئي ھنڌُ وقت لاءِ چوي ٿو تہ “ جیئڻ سکو تہ وقت کان سکو، جیڪو ڪڏھن مري نہ ٿو. وقت جھڙو ڏاھو, فلسفي ۽ حڪیم ڪیر بہ نہ آھي. وقت فلسفي جو بادشاھ آھي, وڻیس تہ ڪنھن کي قبول ڪري ۽ نہ وڻیس تہ قتل ڪرائي. وقت ڏاھپ کي آڱر کان پڪڙي گڏ گھمائیندو آھي, ۽ ھر منزل جي ڏاھپ ان دور جي ڏاھپَ ھوندي آھي پر وقت ڪُتي کان شڪست کائي ٿو. ڪُتو وقت کي نہ مڃیندو آھي, ان وٽ ڪلھ, اڄ ۽ سڀاڻي ۾ ڪوبہ فرق نہ آھي. سڀ ڏینھنُ ھڪ جھڙا آھن. ڪُتا واچ نہ پائیندا آھن، ڪیلنڊر نہ ٺاھیندا آھن, اھو ئي سبب آھي جو گزریل وقت تي افسوس نہ ڪندا آھن.حال جي پرواھ نہ ڪندا آھن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي نہ ٺاھیندا آھن.” اڪیلائي جیئن تہ ھن کي زندگيءَ جو مستقل وجودي روڳَ لڳي ٿي جو ھو سمجھي ٿو تہ “انسان جو مقدر اڪیلائي آھي”. انڪري چوي ٿو تہ “ انسان ازل کان اڪیلو آھي. فطرت انسان جي اڪیلائین جو خیال رکي ٿي, انڪري ڪُتو ضروري آھي”. ناولٽ ۾ منتشر خیالن جو وھڪرو پاڻُ سان گڏ انیڪ تضاد کڻي ھلي ٿو. اڪیلائيءَ بابت ھو وري ھیئن بہ لکي ٿو تہ “ اڪیلائي گھڻن عذابن کان بچائي ٿي, یادون اڪیلائيءَ جون دشمن آھن” اڪیلائي ھن سان گڏ نفسیاتي طور پاڇي جیان گڏ گڏ ھلي ٿي ۽ جڏھن ھو اڪیلائيءَ جو شڪار نہ بہ ٿیو ھو تڏھن بہ سوچیندوچھو تہ “ انسان جو مقدر اڪیلائي آھي ۽ امڙ جي اڪیلائي محسوس ڪري لڳندو ھیو مان بہ ائین اڪیلو ٿي ویندس. وڃڻ وقت مون امڙ کان موڪلایو ھو ۽ ھن پیار مان چیو ھو “تون منھنجي حیاتيءَ جو آخري ڪُتو آھین.”
ھو انسان جي اڪیلائيءَ کي بي وفائيءَ مان سِرجندي ڏسي ٿو ۽ پاڻ کي بہ بي وفا سمجھندي چوي ٿو تہ “ امڙ گذاري وئي, امڙ جي موت جو سبب اسانجي بي وفائي ھئي.” ھن جو جملو نھایت گِھرو ۽ دل کي ڇُھندڙ آھي تہ “ ماڻھو جیئري مُنھن نہ ڏسندا آھن پر مُئي مُنھن ڏسندا آھن.” جیئن تہ ھو ڪُتن جي وفادار وَڙَ کي انسانن کان اُتم سمجھي ٿو, انڪري چوي ٿو تہ “ انسان پیار کي پیار سمجھي پیار ڪري ٿو. ڪُتو پیار کي پیار سمجھي پیار نہ ٿو ڪري. اھو ئي سبب آھي جو بيوفائي انسانن وٽ نظر اچي ٿي, ڪُتن وٽ نہ.” ناولٽ ۾ موتُ بہ بي وفائيءَ جي ھڪ صورت آھي، اُھا بي وفائي شعوري نہ پر حالتن ۽ زندگيءَ جي مڙھیل جبر جو نتیجو آھي. انڪري ئي ناولٽ جو مُک ڪردار ڪنھن بہ اڪیلائي, جُدائي ۽ بي وفائيءَ جو ڏوھ ڪنھن ٻئي ڪردار کي نہ پر حالتن کي ڏئي ٿو. موت لاءِ چوي ٿو تہ “ موت ڪُتي کان بدتر آھي, ڇو جو ڪڏھن بہ ڀونڪي حملو نہ ٿو ڪري. اُھو ایندو آھي ۽ گزري ویندو آھي. موت کي بخمل جا جورابا پاتل ھوندا آھن. ان کئ ڏسڻ جي سگھ انسان ۾ ناھي.” دراصل اڪیلائي, بي وفائي ۽ موتَ ۾ ھڪ نظر نہ ایندڙ تعلق آھي, جیڪو لیکڪ اڻ سڌي طرح ۽ منتشر خیالن جي وھڪري ۾ چِٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. موت وڇوڙي جو استعارو آھي، وڇوڙو نہ کُٽندڙ درد کي جنم ڏئي، اندر ۾ اوطاقون ڪري ویھي رھي ٿو ۽ ناولٽ جو مُک ڪردار ڄَڻُ تہ رَڙِ ڪندي وڏي واڪي چوي ٿو تہ “ یادن مان جان ڇڏائڻ جو طریقو اھو آھي تہ توھان ھر پُراڻي شئي کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏیو. انھن ڪپڙن کي, بوٽن کي, ڦڻین ۽ فوٽن کي گڏ ڪري تیلي ڏئي ڇڏیو. اُھي آئینا ڀَڃي ڇڏیو جن اڳیان توھان بیھو تہ عڪس ڪنھن ٻئي جو نظر اچي.”
انھن سمورین وارتائن جو حتمي نتیجو ڏُکُ آھي, جنھن کان انسان نہ بچي سگھي ٿو ۽ نہ انکي ٽاري سگھي ٿو. “ انسان جي دل لوڻ سان ڀَریل آھي, دل جا سڀ رستا اکین ڏي وڃن ٿا.” ھي جملو بہ ڇرڪائیندڙ آھي تہ “ڏُکُ بورچیخاني جي باھ جیان آھي.” ائین ڏُک بابت انیڪ جملا آھن جیڪي زندگيءَ جي معنویت ۽ بي معنویت ٻئي سمجھائین ٿا, جیئن ھي جملو تہ “سانوڻُ ڏُک جي موسم ھوندو آھي, ڇو جو وَسڻ کان پوءِ ڌرتيءَ تي ڳوڙھن جي بوءِ ھوندي آھي.” زندگيءَ ۾ خوشیون عارضي ھجن ٿیون ۽ ڏُکَ ڊگھو سفر ڪن ٿا جنھن جي ترجماني ھي جملو ڪري ٿو تہ “ خوشي اُمت آھي ۽ درد خِضر, اُمت جي عمر ننڍي ۽ خضر جي حیاتي وڏي ھوندي آھي. خوشي نیڪيءَ جیان وسري ویندي آھي ۽ درد پنھنجي زخم ڪري سدائین یادن ۾ رھجي ویندو آھي.”
جیئن مون شروع ۾ لکیو تہ ھن ناولٽ ۾ جتي ڪُتي کي وفاداريءَ جي علامت طور ھرھنڌ انیڪ معنائن ۾ استعمال ڪیو ویو آھي, اُتي انکي اڻ سڌي طنز طور انسانن مان ویساھُ کَڄڻ جي علامتي صیغن ۾ بہ استعمال ڪیو ویو آھي. ھڪ ھنڌُ مُک ڪردار چوي ٿو تہ “ مون امڙ کان پُڇڻ چاھیو ۽ پُڇي نہ سگھیس تہ “ جڏھن ڪُتو موجود ھو تہ انسان جو ڪھڙو ضرور ھیو؟” ھو پنھنجي وجودي فینٽیسي کي بہ ڪُتي جي علامت ۾ اظھاري ٿو ۽ چوي ٿو تہ “ ھن پیار ۽ حسرت مان ڪُتي کي ڏٺو. ڪُتو ڊوڙندو آیو ۽ ھوُ ڪُتي ۾ تبدیل ٿي ویو.” اھا ترڪیب بہ جادوئي تخیل جي آھي. ھن ناولٽ جو اھم پاسو انسانن، رشتن ۽ وفا مان ویساھُ کڄڻ آھي جنھن جي ڀیٽ ۾ ڪُتي جي وَڙَ ۽ وجودي ڳُڻن جي واکاڻ جو سَھارو ورتو ویو آھي. مثال طور ائین چوڻ تہ “ ڪُتا ٻارَ کي ۽ ٻارَ ماءُ کي وڻندا آھن.”،”ڪُتا انسانن کي خدا سمجھندا آھن.”، “ ڪُتي ڇھون حس انسان کي اوڌر تي ڏنو آھي.”, “ڪوبہ ڪُتو, ڪنھن ڪُتي جي خوراڪ, بیماري یا بچاءَ جو ذمیوار نہ ھوندو آھي. نہ ڪُتو ڪُتي جي صلاح تي ھلندو آھي ۽ نہ ڪنھن ڪُتي کي شوق ھوندو آھي تہ اھو ٻئي کي نصیحت ڪري.”، “انسان ۾ ڪُتي جون خاصیتیون ھجن تہ اُھو ڪامیاب انسان ھوندو آھي ۽ ڪنھن ڪُتي ۾ انسان جون خاصیتون ھجن تہ اھو در در جون ٺوڪرون کائي مرندو آھي.”، “ ڪُتي کي ڪیڏو بہ ماریو, اھو انکي پنھنجي گُناھن جي سزا سمجھي توھان کي معاف ڪري ڇڏیندو. مالڪ تي ڪڏھن حملو نہ ڪندو.”، “ ڀل انسان ڪُتن کي یاد نہ ڪن پر ڪُتا انسانن کي یاد ڪندا, ڇو جو انسان مالڪ کي وساري سگھي ٿو, ڪُتو مالڪ کي ڪڏھن نہ وساریندو آھي.”، “ڪُتي جي دل مالڪ جي بوٽ ۾ ھوندي آھي, انجي دل بوٽ جي آواز سان ڌڙڪندي آھي.” انسان صدین کان مالڪ لاءِ مري رھیو آھي, نہ انکي ڪڏھن مالڪ نظر آیو ۽ نہ مالڪ جو پاڇو. اھو مالڪ لاءِ مري ٿو ۽ ماري ٿو. انسان مڪمل ڪُتو ھجي ھا تہ انجو مذھب انسانیت ھجي ھا. انسانیت ڪڏھن بہ انسانن جو مذھب نہ رھیو آھي, اُھو ڪُتن جو مذھب آھي. ڪُتن جي مذھب ۾ انسان مالڪ ۽ انسانیت مذھب آھي.”
مان ھتي ناولٽ جي مڪمل ڪھاڻي جیڪا ھونئن ئي منتشر ۽ ڀَڳلَ آرسيءَ جي ٽُڪرن کي ملائڻ جھڙي آھي، کي مڪمل طرح کولي انڪري نہ ٿو رکان جو ان سان پڙھندڙ جو تجسس مري ویندو. افسانوي ادب جي پرک ۾ انجي اسڪیم یا ڪھاڻي کي مڪمل طور بیان نہ ڪرڻ گھرجي, ان سان نئون پڙھندڙ ان ڏانھن پنھنجو چاھُ یا اُتساھُ وڃائي ویھندو. البتہ مان ھتي ناولٽ جي ڪجھ ڪمزور پاسن تي بہ ضرور لکڻ چاھیان ٿو. ھن ناولٽ کي ڪنھن سُٺي افسانوي ادب جي ڄاڻو ایڊیٽر جو ھٿ لڳي ھا تہ ناولٽ ۾ ھڪ بھترین ناولٽ جي گنجائش ھئي. ھيءُ سٺن جملن ۽ گِھرن خیالن باوجود مجموئي طور ھڪ ڪَچو ناول آھي, ڄڻ ھڪ سٺي ٿیم جو ایبارشن آھي. ناولٽ جي ڪجھ ڪمزور پاسن جي اُپٽار کان اڳ ڪجھ فڪري وضاحت ضروري آھي. سُریئلسٽ افسانوي ادب ۽ وجودیت پسندي مختلف ھئڻ باوجود پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو رکن ٿا، جيتوڻيڪ ٻنهي جون فڪري ڌارائون ۽ مزاجَ مختلف ۽ ڪٿي متضاد بہ آهن. سُریئل ازم بنيادي طور لاشعور، خوابن، داخلي خواهشن ۽ غير منطقي دنيا تي زور ڏئي ٿو، جڏهنتہ وجودیت پسندي انسان جي آزادي، اڪيلاپڻ، بي معنويت ۽ وجودي بحران تي بحث ڪري ٿي. پر جديد ادب ۾ ڪيترن ليکڪن ٻنهي لاڙن کي گڏايو پڻ آهي جیئن سارتر، ڪافڪا, ڪامیو ۽ ادب ۾ سُریئلسٽ لاڙي جي ھڪ باني آندري بریٽن، جنھن خاص طور لاشعور کي ادب ۾ اھم حیثیت ڏیڻ جي ڪوشش ڪئي. رسول میمڻ بہ ھن ناولٽ ۾ شعوري یا لاشعوري طور ائین ئي ڪیو آھي. سُریئلسٽ افسانوي ادب ۾ ڪردار اڪثر اهڙي دنيا ۾ رهندا آهن، جتي حقيقت ۽ خواب غیر محسوس طریقي سان ملي وڃن ٿا. وجودیت پسند ادب ۾ به انسان پنهنجي اندروني خوف، اڪيلائي ۽ بي معنويت جو شڪار ٿیندو, ان سان پیو وڙهندو آهي. ان ڪري ٻنهي ۾ “انسان جي داخلي سچائي” اهم موضوع بڻجي وڃي ٿي. ٻئي لاڙا روايتي سماجي، مذهبي يا اخلاقي ڍانچن کي چئلينج ڪن ٿا. رسول میمڻ جا ڪجھ جملا تہ اھڙا آھن جو انھن کي ھن سماج ۾ ورجائیندي بہ سوچڻو پوي ٿو. سُریئلسٽ چون ٿا تہ حقيقي سچ شعور کان ٻاهر لاشعور ۾ لڪل ھوندو آهي جڏھن تہ وجودیت پسند چون ٿا تہ انسان پاڻ پنهنجي معنيٰ پيدا ڪري ٿو, ڪا اڳواٽ طئي ٿيل معنيٰ ناهي. ان ڪري ٻنهي ۾ “روايتي حقيقت” خلاف بغاوت موجود آهي. رسول میمڻ جي ناولٽ ۾ اُھا بغاوت وجودي ویڳاڻپ جي صورت ۾ ھڪ روڳَ ۽ المیي جي صورت ۾ ئي ظاھر ٿئي ٿي.

اھو ٺیڪ آھي تہ سُریئلسٽ ادب ۾ جمالیات روایتي یا ڪلاسیڪي ادب جیان سادي, متوازن ۽ ھم آھنگ صورتن ۾ ناھي ھوندي پر اُھا غیر روایتي معني ۾ یعني حیرت, یادن, خوابناڪیت, علامتن، لاشعور ۽ داخلي آزاديءَ جي صورتن ۾ بي ترتیبي سان ئي سھي پر ظاھر ضرور ٿیندي آھي پر رسول میمڻ جي ناولٽ ۾ مک ڪردار جي وجودي بحران جي منتشر خیالن ۽ احساسن جي وھڪري ۾ سُریئلسٽ جمالیات یا معنویت بہ ڪا جاءِ وٺندي نظر نہ ٿي اچي. اڪیلائین کان اڪیلائین جي وِٿین ۾ خوشیون ۽ جمالیات بہ جھومندي نظر ایندي آھي پر مُک ڪردار جي نفسیاتي حالت انھن کي یادن ۾ بہ جاءِ ڏیڻ لاءِ تیار نہ آھي. ساڳي طرح ھن ناولٽ جي ٻولي ڪمزور آھي. خیالن جي اظھار ۾ تہ ٻولي ھڪ حد تائین ٺیڪ آھي پر جیتریون سگھاریون ڪیفیتون ھن ناولٽ ۾ موجود آھن، ان جي ڀیٽ ۾ لیکڪ وٽ ٻولي ۽ لفظ کُٽي ٿا پون. ٻوليءَ جي وُسعت ۽ گُھرائي ئي ھوندي آھي جیڪا ویچارن, احساسن, ڪیفیتن ۽ تخیل کي انھن داخلي ۽ خارجي پاتار ۽ پولارن ۾ وٺي ویندي آھي. ھن جي وجودي بي چیني ھن تي غالب ٿي ھن کي ڪنھن بہ خیال، احساس، ڪیفیت ۽ تخیل تي ڪجھ دیر بہ بیھڻ نہ ٿي ڏئي، ھو جملن کي اڻ پوري پیرائي ۾ وجودي انتشار جي تڪڙ ۾ اُڪلائي ٿو.
ٽین ڳالھ تہ افسانوي ادب ۾ رڳو یادون ئي ڪافي ناھن ھوندیون پر لاشعور تخیل ذریعي بہ باڪمال اظھار ڪري سگھي ٿو. ھن ناولٽ ۾ لیکڪ لاشعور کان رڳو بي ترتیب یادن کي تڪڙ ۾ بیان ڪرڻ جو ئي ڪم وٺي ٿو. انڪري ڪیترا خیال، احساس ۽ وارتائون وڌیڪ اثرائتي ۽ گِھري اظھار کان محروم رھجي وڃن ٿا. سُرئیلسٽ ادب ھونئن بہ انساني ارادي کي انساني زندگيءَ ۾ بنیادي یا فیصلہ ڪُن حیثیت نہ ٿو ڏئي, جو ان روایت جا حامل سمجھن ٿا تہ انسان جي شخصيت، خواهشن ۽ عملن تي لاشعور، خوابن، دٻیل ۽ دٻايل خواهشن ۽ نفسياتي قوتن جو گهرو اثر ھوندو آھي. ھن ناولٽ ۾ بہ مُک ڪردار پنھنجي ڪنھن شعوري ارادي کي پنھنجي زندگيءَ ۾ بنیادي اھمیت نہ ٿو ڏئي جو سُریئلسٽ روایت انسان کي شعوري وجود کان وڌیڪ لاشعوري وجود سمجھي ٿي. سُریئلسٽ ادب انساني “عقل” یا شعور کي مڪمل سچائي نٿو سمجهي, انهن لاءِ انساني ارادو صرف شعوري سوچ جو نتيجو ناهي، انجي ابتڙ خوابَ ،دٻیل یا دٻایل جنسي خواهشون, خوفَ ، لاشعور مان پاڻ مرادو ایندڙ يادگيريون ۽ دٻايل احساسَ به انسان جي عملن ۽ زندگيءَ جي تلخ حقیقتن کي طئي ڪن ٿا. يعني مجموعي طور انسان جو ارادو شعور جي هڪ وحدت ناهي، پر انسان جي اندروني تضادن جو ميدان ۽ مجموعو آهي. انڪري ناولٽ جو مک ڪردار ڪٿي بہ حالتن تي پنھنجي شعوري وجود جي مَٿَڀرائپ کي پیرَ کوڙائیندي نظر نہ ٿو اچي سواءِ انجي جو ھو ناولٽ جي پُڄاڻيءَ تي پنھنجي ڪُتي راڪي کي اندر اچڻ لاءِ گھر جو ٻاھریون دروازو کولي ڇڏي ٿو. مجموعي طور ھو پنھنجي زندگي ۾ المین جي ڪُکِ مان جنم وٺندڙ بي معنویت کي پنھنجي وجود تي طاري ڪندو, پنھنجي ارادي کي شعور سان ڳنڍي پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪا نئین ۽ پنھنجي معنویت پیدا ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي ٿو.

مان ادب جو شاگرد ھجڻ ناتي ھن رويو کي دلچسپي سان پڙھيو . ڏاڍو ڀلو رويو لکيل آھي ،ان سان نوان پڙھندڙ،رويو لکندڙ،اھو سمجھي سگھن ٿا ته رويو ڪيئن لکڻ گھرجي ڪھڙيون ڳالھيون مد نظر رکجن . پر منھنجو ھڪ سوال به آھي اھو ته ڪھڙن بنيادن تي ناول کي ناولٽچيو اٿو جيڪڏھن ٻڌائيندو ته آئندہ ناول ۽ ناوليٽ م فرق ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي .