مئي 1945 جي پھرين ھفتي ۾ جرمني، اتحادي فوج آڏو بنان شرطن جي ھٿيار ڦٽا ڪيا. انھيءَ کان اڳ، 30 اپريل تي نازي جرمني جي چانسلر اڊولف ھٽلر خودڪشي ڪري چڪو ھو. 1933 کان 1945 تائين جاري رھندڙ نازي راڄ، انھيءَ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ٻي مھاڀاري ويڙھہ ۽ انھيءَ ۾ آيل جرمني کي شڪست جرمن قوم لاءِ وڏي تباھي کڻي آئي. سڀ ننڍا وڏا جرمن شھر بمباري ۾ ڀُرجي چڪا هئا. لکين ماڻهو مارجي ، بي گهر يا قيد ٿي ويا. ملڪ ٻہ اڌ ٿي ويو. پاڻ تي فخر ڪندڙ جرمن قوم لاءِ اھو وڏو نفسياتي ۽ سماجي صدمو ھو.
ٻارھن سالن جي نازي راڄ ۾ گوئٽي، شلر، هائني، ٿامس مان، ۽ ڪافڪا واري عظيم ادبي روايت رکندڙ جرمن ادب بہ تمام وڏي ۽ گھري بحران مان گذريو. نازي راڄ هيٺ اديبن مان اها توقع ڪئي ويندي هئي تہ اهي رياست جي نظرياتي مقصدن مطابق لکن ۽ نازي سامراج جي ثقافتي منصوبن ۾ حصو وٺن. انھيءَ دور ۾ اديبن وٽ رڳو ٽي رستا هئا: نازي راڄ جي حمايت، خاموشي، يا جلاوطني. ڪيترائي اهم ليکڪ جرمني ڇڏي ويا، جن ۾ ٿامس مان، برٽالٽ بريخت ۽ ايرڪ ماريا ريمارڪ شامل هئا. ڪافي ليکڪن لکڻ بند ڪري ڇڏيو يا تخليقي زندگيءَ کان الڳ ٿي، ھڪڙي قسم جي ذھني ۽ فڪري قيد ۾ بند ٿي ويا. ادب جوسھيوڳي جرمن سماج سان تعلق جھڙوڪ ختم ٿي ويو. انھيءَ جي نتيجي ۾ ھڪڙي ثقافتي، فڪري ۽ تخليقي خلا جنم ورتو.
نازي راڄ جي خاتمي کانپوءِ برباد ٿيل جرمن سماج ۽ جرمن ادب کي ڪنھن مسيحائي ڇھاءُ جي گهرج ھئي. جرمني کي نئين، ادب، نئين ثقافت ۽ نئين ٻولي جي ضرورت ھئي. انھيءَ لاءِ 1947 واري سال ۾ جرمن ٻولي ۽ ادب جا وڏا نالا گڏ ٿيا تہ جيئن جرمن ادب ۽ ٻولي کي وري جيئاري سگهجي. انھي ۾ هينرچ بول، گنٽر گراس، انگيبورگ باخمين، يووي يونٽسن، هانس مئگنس اينٽسنبرگر، ايلسي آئخنگر، پيٽر وائيس، مارٽن والسر، سيگفرايڊ لينٽس ۽ ٻيا شامل ھئا. انھن اديبن ۽ نقادن اتي ھڪڙي تنظيم جو بنياد وڌو، جنھن کي انھيءَ سال جي نسبت سان گروپ 47 سڏيو ويو.
انھيءَ تنظيم کي ڄاڻي غير رسمي رکيو ويو. انھي جو ڪو آئين، رڪنيت جي في يا ڪو نظرياتي پروگرام نہ هو. ادبي گڏجاڻين ۾ ليکڪ پنھنجيون اڻ ڇپيل لکڻيون پڙهندا هئا ۽ بجاءِ تعريف جي اميد جي، پنھنجي تخليقن کي پنھنجن ساٿين جي سخت تنقيد لاءِ پيش ڪندا ھئا.
گروپ 47 جو سڀ کان اهم ڪم جرمن ٻوليءَ جي وڃايل ويساھہ کي ٻيھر بحال ڪرڻ جي ڪوشش هئي. نازين، ٻوليءَ کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري انھيءَ جي بنيادي معنى ۽ معصوميت برباد ڪري ڇڏي. لفظن پنھنجي اصلوڪي معنا وڃائي نازي نظرياتي معنا سان سلھاڙجي ويا. ڌرتي، عوام ۽ قوم جھڙا لفظ نازي پروپيگنڊا ۾ استعمال ٿي نسل پرستي، نفرت ۽ سامراجي ايجنڊا جا ھٿيار ٿي ويا. ”آخري حل“ جھڙن اصطلاحن ذريعي ٿيندڙ نسل ڪشي جھڙن ڏوھن کي ڍڪيو ويو. جرمن ليکڪن آڏو اھو ھڪڙي وڏو سوال ھو تہ نازي راڄ جي خاتمي کانپوءِ جرمن ٻوليءَ ۾ سچائي سان ڪيئن لکجي سگهبو، جيڪا نازي پروپئگنڊا سبب پنھنجي اصلوڪي صورت وڃائي ويٺي ھجي.
گروپ 47 جي ڪيترن ئي ليکڪن انھيءَ لاءِ بناوٽي، سينگاريل ۽ ٺوڪيل اسلوب، وڏين معنائن ۽ نظرين وارن لفظن ۽ نسل پرستي سان جڙيل اصطلاحن جي بدران سادي اسلوب، ڀوڳ ۽ طنز واري ٽيڪنڪ ۽ روزمرھ جي عام زندگيءَ جي موضوعن کي اختيار ڪيو. اھا نازي فڪر جي غير حقيقي نظرياتي ٻوليءَ جي ابتڙ حقيقي انساني تجربي ڏانھن موٽڻ جي شعوري ڪوشش ھئي.


انھيءَ کانسواءِ، ادب ذريعي تنقيدي سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ پنھنجو پاڻ کان اھي سوال بہ پڇڻ شروع ڪيا، جن کان سڀ لنوائي رھيا ھئا. اھي سوال اٿاريا ويا تہ ان وقت ٿيندڙ ڪلورن تي ماڻهن جي ماٺ ڇو ھئي يا عام جرمنن هٽلر کي ڪيئن قبول ڪيو؟ يھودين، اقليتن، جپسين جي وڏي پيماني تي نسل ڪشي تي اجتماعي ڏوھہ جو تصور ڇا آھي؟ ادب انهن تجربن جو اظھار ڪيئن ڪري، جيڪي اظھار جوڳا ناھن؟ گروپ 47 ۾ شامل اديب انھيءَ تي بہ متفق ھئا تہ تہ 1933 کان 1945 واري جرمني کي وساري هڪ صحتمند جمهوري سڃاڻپ نٿي ٺاهي سگهجي. جرمن قوم کي پنھنجي اجتماعي ڏوھہ کي قبول ڪري ئي اڳتي وڌي سگهي ٿي.
انھيءَ تحريڪ جي ڪري تخليق ٿيل لکڻين ھڪ نئين فڪري ۽ اسلوبي ڌارا کي جنم ڏنو. هئنرچ بول کي 1972 ۾ ملندڙ ادب جي نوبل انعام ۾ سندس تخليقي ڪم کي جنگ کان پوءِ جرمن ادب جي تجديد سان جوڙيو ويو.
ساڳي طرح گنٽر گراس ڏيکاريو تہ جرمن ادب سياسي طور تي جڙيل رهندي بہ ڪافي حد تائين جديد تجربا ڪري سگهي ٿو. سندس ناول ”ٽين جو دُھل“ جنگ کان پوءِ جي جرمن ادب جي اهم ترين لکڻين ۾ سمجهيو ويندو آھي. انھيءَ ناول ۾ گراس ماضيءَ کي روايتي حقيقت پسنديءَ سان پيش ڪرڻ بدران طنزيہ جادوئي حقيقت نگاري جو استعمال ڪيو. انھيءَ عجيب اسٽائل ذريعي اهڙي سماج کي پيش ڪيو ويو، جنھن جي اخلاقي حقيقت بگڙيل هئي. انھيءَ ناول ذريعي گراس پڙهندڙن کي ڏوهہ ۾ شراڪت، بزدلي ۽ اجتماعي ذميواريءَ کي منھن ڏيڻ تي مجبور ڪيو.
انگيبورگ باخمين جنگ کان پوءِ جي جرمن شاعريءَ کي نئون موڙ ڏنو. سندس شاعري جنگ، تاريخي يادگيري، محبت، تشدد ۽ ھڪ ٻئي سان اظھار جي مسئلن جي باري ۾ آھي. خاص طور سندس شاعري ۾ ٻولي بہ ھڪ فرد جيان انھن ڏوھن ۾ شريڪ ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ تشدد ۽ نظرياتي استعمال جون يادون موجود آهن.
گروپ 47 ۾ پال سيلان جي شاعريءَ تي وڏا بحث ٿيا جنھن جي ڪري جنگ کان پوءِ جو جرمن ادب هڪ اسلوب ذريعي نہ، پر ان بحث ذريعي وڌيو تہ تباهيءَ کان پوءِ ٻولي پاڻ ڇا ڪري سگهي ٿي.
گروپ 47 ادبي صلاحيتن لاءِ هڪ نرسري جو ڪردار بہ ادا ڪيو، جتي پراڻن ۽ نون ليکڪن کي گڏ آندو ويو. جوان ليکڪ، اڳ مڃيل ليکڪن آڏو پنھنجون لکڻيون پڙهي سگهندا هئا ۽ انھن تي راءِ وٺي سگهندا هئا. گروپ، ليکڪن، پڙهندڙن، پبلشرن ۽ ثقافتي ادارن وچ ۾ رابطو بہ پيدا ڪيو.
گروپ شروعات ۾ قائم ٿيل ادبي اسٽيبلشمنٽ جي مخالفت ڪئي هئي. پر پوءِ اھو گروپ پاڻ بہ ادبي اسٽيبلشمنٽ ٿي ويو. جنھن سان انھيءَ جي زوال جو سلسلو شروع ٿيو. 1967 ۾ گروپ جي آخري گڏجاڻي شاگردن جي احتجاجي ماحول ۾ ٿي. انھيءَ جو خاتمو انھيءَ ڪري نہ ٿيو جو انھيءَ سان جڙيل جرمن ادب ناڪام ٿي چڪو هو، پر انھيءَ جي ڪري جو اھو پراڻو ماحول تبديل ٿي چڪو ھو، جنھن انھيءَ تحريڪ کي جنم ڏنو.
گروپ 47 جي سڀ کان وڏي حاصلات ڪنھن خاص ادبي نظريئي بدران اھڙو ماحول جوڙڻ ھو، جنھن ۾ جرمن ادب ٻيھر شروعات ڪري سگهي. ھن تحريڪ ذريعي ادبي بحث شروع ٿيا. نوجوان ليکڪن جي حوصلي افزائي ٿي. ادب کي نازي اثرن مان ڪڍي جمهوريت سان جوڙيو ويو. ٻوليءَ جي غلط استعمال کي روڪي، انھيءَ جو ويساھہ، سادگي ۽ معصوميت واپسي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان تحريڪ جرمن ادب کي يورپي ثقافتي زندگيءَ ۾ ٻيھر آندو.

ڏاڍو سٺو.وڏو معلوماتي مضمون آھي.