Homeادبمضمونصوفي ورثو: جنگ، جنونيت ۽ نفرت آڏو متبادل بيانيو

صوفي ورثو: جنگ، جنونيت ۽ نفرت آڏو متبادل بيانيو

جنگ جدال مذاهب والي، سالڪ ترت سٽيندي (بيدل سائين)
باشعور وحدت پسند صوفين عارفن جي حلقي ۽ روايت جي تمام نشانبر ۽ نمائنده نالن بابا بلي شاهه، سچل سرمست، بيدل فقير کان ويندي مهدي سائين، اعجاز سائين تائين جو هڪڙو وڏو سلسلو آهي جنھن پنھنجي تخليقي آرٽ ذريعي هن خطي ۾ تنقيدي، مڪالماتي پبلڪ ڪلچر جي آبياري پئي ڪئي آهي. سندن وحدت پسنديءَ جو فڪري تعليمي اثاث جنھن عوامي ڪلچر جي ذريعي ۽ شڪل ۾ منتقل ٿيندو آيو آهي، ان جو محور مطلق آفاقي حقيقت (جنهن انساني روحن کان قالو بلا جو قول ورتو) سان برهه، عشق ۽ وحدت جي اڻ ميي جذبي ۽ اظھار جي جستجو، پاڻ سڃاڻڻ، ذاتي‌ يا فردي سڌارو، پنھنجي پاڻ يا نفس، لالچي، لوڀي، اقتداري حوس، ڪُڌي، ڪِروڌي سماجي وجود سان مسلسل جنگ جوٽڻ جي تصورن ۽ طريقت تي آڌاريل رهي آهي. صوفين جي ان طريقت کي هڪ ريڊيڪل (عام کان هٽيل ۽ خاصيتي طور نمايان، الڳ خيال ۽ عمل جي درجي جي معنا ۾ ) تحريڪ جي روپ ۾ پرکي سگهجي ٿو. جنھن ۾ صوفي ماڻهوء جي ان خاصيتي سڌار پسند پيماني ۽ پنڌ ۾ ٽرانسفرميشن ڏسڻ چاهي ٿو. وحدتي صوفي مذهبي، فرقيوار انساني دوئي يا ٻيائيءَ کان پري رهي ٿو. دوئي يا نفرت جي بنياد تي فرق رکڻ صوفين جي وحدتي خيال ۾ رڪاوٽ تصور ڪيو وڃي ٿو. جيئن سچل سائين اظھاريو ته، ‘وقت اها ٿي ويل دوئي دور ڪرڻ جي’. صوفي جا قدر خاصيتي ماڻهپو تعمير ڪرڻ جي پنڌ سان وابسته آهن.

Sarangaa صوفي ورثو: جنگ، جنونيت ۽ نفرت آڏو متبادل بيانيو

وحدتي صوفي ان خاصيتي سڌاري ۽ ٽرانسفرميشن جي پنڌ ۾ عام مُلان مُلواڻي کان مٿاهين درجي جو پانڌي ٿئي ٿو، ڇو ته هن جو سڄو زور ۽ محور پنھنجي پاڻ، اندر، باطن جي سڌاري تي آهي. ان معنا ۾ صوفي جو خيال ۽ عمل مذهب، ڌرم جي ظاهر پرستي يا ريا ڪاري، ڏيک ۽ استحصالي اوزار جو حصو نٿو بڻجي. صوفي ان ڪري ئي عارف سڏجي ٿو، جو هن جو خيال، ڄاڻ ۽ عمل خاص درجي ۽ پنڌ تي پھتل ٿئي ٿي، جنھن تحت هن جو شعور، نڪته نظر ۽ پيغام تخليقي، اعلیٰ تخيل جو عڪاس بڻجي پئي ٿو. صوفي ان معنا ۾ تنقيدي، سڄاڻ، دانشمند فرد طور روشن خيال، سڌار، ترقي پسند سماجي تحريڪ ۾ پنھنجو حصو ڳنڍي ٿو. هڪ عارف طور وحدت پسند صوفي جو اعلیٰ تخيل مذهبن جي ظاهري حد بندين کان آزاد ۽ نروار ٿي ‘سڀ صورت ۾ سُبحان ‘ ٿو ڏِسي. صوفي ازم ان حوالي سان فڪري تحريڪ جي روپ ۾ گروهي مذهبي ڪروڌ ۽ تشد د، نفرت، دوئي جي هٿيار بڻجڻ جي بجاء بين المذاهب رواداري، امن پسندي ۽ ڳانڍاپي جو ذريعو بڻجي ٿو. سنڌ ۾ سچل سائين، بيدل فقير جو وحدت پرست صوفي اسلام جو تخليقي علمي ورثو. سنڌ ۾ هن وقت مذهبي نفرت،جنونيت، انتھا پسندي ۽ جنگجو رجحانن، روين ۽ حالتن جي چٽي نفي ڪندي هڪ موثر ڪائونٽر فورس طور نمائندگي ڪري ٿو.
مذهب دا سَٽ ڪوڙا جھڳڙا، وحدت دا گِهن راهه (بيدل سائين)
ڇوڙ دوئي دا ديس، وحدت وطن سنڀال تون سگهڙا (بيدل سائين)
وقت اها ٿي ويل دوئي دور ڪرڻ جي
ڪڍ مذاهب من مان ساجھر ساڻ سويل
هندو مومن سان ملي، محبت جا ڪر ميل (سچل سائين)
هتي هي اھم سوال رکي سگهجن ٿا ته ارڙھين ۽ اڻويھين صديءَ جي سنڌي سماج ۾ سچل سائين ۽ بيدل فقير کي بطور صوفي شاعر سندن وحدت پرست فڪري تخليق سرجڻ جا محرڪ ڪھڙا هئا ۽ سندن سماجي شعوري رجحان جو ڪھڙو روپ هو ۽ ايندڙ نسلن لاء هو ڪھڙي قسم جي سماج جو تصور جوڙي رهيا هئا. ان جو ھڪڙو تز جواب اهو بيھندو ته هي ٻئي صوفي پنھنجي تخليقي تنقيد سان ان دور جي ڪرائسسز آف اميجينيشن کي ايڊريس ڪري رهيا هئا ۽ پنھنجي تنقيدي انفرادي خاصيت، فردي سڃاڻپ يا ايجنسي به اظھاري رهيا هئا. سوشل سائنسز ۽ هيومنٽيز جا علم ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري رهيا آهن ته موجوده دور ۾ ماڻهپي جي بحران، ماحولياتي، مذهبي، سرمائيداراڻن جنگي تضادن، مسئلن جو ڪارڻ ڪرائسسز آف اميجينيشن آهي، يعني انساني سماج اندر پاور آف اميجينيشن ڪمزور ڪيو ويو آهي جيڪو جابر، حاڪماڻي سرمائيدار جديديتي ڪلچر ۽ سماجي ڍانچي جي مد مقابل، متبادل، مڪالماتي تنقيدي بيانيي ۽ مزاحمت طور اُڀري.
مو جوده دور جي گهڻ طرفن تضادن، مارا ماري، جنگي جنونيت، نفرت، دوئين ۽ ٻيائين جنھن جي ڪري انساني سماج سان گڏوگڏ پوري ڌرتيءَ جي گولي جو فيوچر خطري هيٺ آهي، جو حل ڪرائسسز آف اميجينيشن کي ايڊريس ڪرڻ سان سلهاڙيل آهي. ان طرف بنيادي اوزار جو ڪم سوشل سائنسز ۽ هيومنٽيز جا علم ڪري سگهن ٿا، جن علمن کي موجوده دور جي سرمائيداراڻي مارڪيٽ ماڊل تي هلندڙ يونيورسٽين ۽ اسڪول سسٽمز بلڪل مَلياميٽ ڪري ٻاهر اڇلائي ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ تنقيدي سماجي شعور، جيڪو سماجي تبديلي، سڌاري ۽ سماجي انصاف کي بنياد فراهم ڪري ٿو، جو پڻ خاتمو ڪيو ويو آهي. موجوده دور جي سنڌ بلڪه پوري ملڪ پاڪستان ۾ مذهبي شدت پسندي، جنونيت، دهشتگرديءَ جو مسئلو رياست پاڪستان جي گلوبل سياست ۾ اڀريل نئين ۽ اهم رول کي چئلينج ڪري ٿو. پاڪستان جي هيومن ڊيولپمينٽ، امن ۽ سيڪيورٽي جو پائدار حل مذهبي نفرت، جنونيت ۽ تشدد جي خاتمي کان سواء نامڪمل رهندو.

Author

2 COMMENTS

  1. excellent analysis: جن علمن کي موجوده دور جي سرمائيداراڻي مارڪيٽ ماڊل تي هلندڙ يونيورسٽين ۽ اسڪول سسٽمز بلڪل مَلياميٽ ڪري ٻاهر اڇلائي ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ تنقيدي سماجي شعور، جيڪو سماجي تبديلي، سڌاري ۽ سماجي انصاف کي بنياد فراهم ڪري ٿو، جو پڻ خاتمو ڪيو ويو آهي.

  2. مان توهان جي تجزيي سان متفق آهيان جناب ته پاڪستان جي انساني ترقي، امن ۽ سلامتي جو هڪ پائيدار حل مذهبي نفرت، جنونيت ۽ تشدد جي خاتمي کان سواءِ نامڪمل رهندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا