Homeادبمضمونسنڌ جا تعليمي ادارا مقتل گاھ ڇو پيا بڻجندا وڃن؟

سنڌ جا تعليمي ادارا مقتل گاھ ڇو پيا بڻجندا وڃن؟

تعليمي ادارا جتي به هجن، انهن مان شعور، علم، ڏاھپ ۽ بھتر مستقبل جي اُميد رکي ويندي آهي. سنڌ جا تعليمي ادارا ماضيءَ ۾ سياسي شعور، ادب، ڏاھپ جي آماجگاهه رهيا آهن، پر خاص طور ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن مان نوجوانن جا لاش ئي ملندا رهيا آهن. ميرٽ جي لتاڙ، حراسمينٽ، مارڪن عيوض بليڪ ميلنگ، خوف جي ماحول سبب ڪجهھ وقت کان ايندڙ خبرون ۽ واقعا روح کي ڏڪائي ڇڏيندڙ آهن.

ڪڏهن ڪا نياڻي پنھنجيءَ هاسٽل جي ڪمري ۾ پنھنجن خُوابن جو خاتمو ڪري ٿي ته ڪڏهن ڪو شاگرد پريشان ۽ ذهني دٻاءَ کان تنگ ٿي پنھنجي زندگيءَ جو انت آڻي ٿو.پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اهي سمورا واقعا بيوسي، حراسمينٽ، ذهني دٻاءَ جي ڪري پاڻ هارائيندڙن طرفان خودڪشيون آهن يا اداري جي ساک بچائڻ لاءِ حق سچ، انصاف، برابري بجاءِ ملوث ڪردارن کي بچائي مسئلن کي دٻائڻ جو نتيجو؟

اڄ جو نوجوان جيڪو ڪنھن به تعليمي اداري جو حصو آهي يا حصو رهيو آهي، اُهو اُستادن ۽ انتظاميه جي ڳٺ جوڙ سان شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ٿيندڙ ناانصافين، حراسمينٽ ۽ مختلف طريقن سان ٿيندڙ انتقامي ڪارروائين کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو، ۽  ان جو شڪار پڻ ٿئي ٿو. ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ اُستادن ۽ آفيسرن جي رُوپ ۾ ويٺل جنسي بگهڙ نياڻين کي خودڪشي ڪرڻ يا ادارو ئي ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن. ماضيءَ ۾ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاه جي وائيس چانسلر جي سيٽ سنڀاليندڙ حراسمينٽ جي شڪايت کڻي ايندڙ شاگردياڻين سامهون دعويٰ ڪئي ته 99% حراسمينٽ جا الزام ڪُوڙا آهن ۽ ٻئي پاسي حراسمينٽ سبب خودڪشين جو انگ وڌندو ئي نظر اچي ٿو.

 سنڌ جي مختلف اهم تعليمي ادارن ۾ حراسمينٽ، تذليل ۽ شاگردن سميت شاگردياڻين جي خودڪشين جا ڪجهھ انگ اکر هيٺ ڏجن ٿا.

-نائلا رند (2017) – سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو

-ڊاڪٽر نمرتا چنداني (2019) – چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، لاڙڪاڻو

-ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي (2021) – چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، لاڙڪاڻو

-عبدالله سومرو (2025) – لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، ڄامشورو

-عصمت راجپوت – پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي، نوابشاهه

-آصف بليدي (2026) – سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊوڄام

-راشد ڪلوئي (2023) – قائد عوام يونيورسٽي، نوابشاهه

-نادر چنه (2026) – قائد عوام يونيورسٽي، نوابشاهه

-ڊاڪٽر فهميده لغاري (2026) – محمدي ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص

هنن مان اڪثر شاگردن پنھنجي هاسٽل جي ڪمري ۾ ئي پنھنجي زندگيءَ جو انت آندو، جنھن کي خودڪشيءَ جو رنگ ڏنو ويو، پر دراصل ان جون اصل ذميوار غلط انتظامي پاليسيون، ايذائيندڙ رويا ۽ذهني دٻاءُ آهن.

ماضيءَ ۾ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاه ۾ هڪ شاگردياڻي وائيس چانسلر ارشد سليم کي حراسمينٽ ۾ ملوث قرار ڏنو هو، جنھن تي هن استعيفا پڻ ڏني. جڏهن ته  20 کان 30 شاگردياڻين پاران هاسٽل وارڊن جي ناجائزين ۽ جبر خلاف شڪايت ڪرڻ جي ڏوھ ۾  موجوده انتظاميه پاران سندن داخلائون رد ڪري هاسٽل تان پڻ بيدخل ڪيو ويو، جنھن تي شاگردياڻين نوابشاه پريس ڪلب سامهون خراب موسم ۽ هلندڙ بارش دوران احتجاج ڪري انتظاميه کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. ٻئي پاسي سبو يونيورسٽي نوابشاه سميت سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ شاگردن تي دهشتگردي ۽ بغاوت جا ڪيس ڪرڻ سميت سندن داخلائون رد ڪري، شاگردن جو مستقبل تباھ ڪيو ويو آهي.

هيٺ ڪجهھ تجويزون ڏجن ٿيون، جن سان سنڌ جي شعور کي مايوسي ۽ خودڪشين کان بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

1: شاگرد يونين جي بحالي

شاگردن جي سياسي ۽ سماجي شعور جي واڌاري لاءِ شاگرد يونين جي بحالي ضروري آهي، جيئن شاگرد اڪيلو نه هجي ۽ اهم فيصلن ۾ پڻ شريڪ ٿي سگهي.

2: آزاد حراسمينٽ ڪميٽيون

هر تعليمي اداري ۾ مضبوط ۽ آزاد حراسمينٽ ڪميٽيون جوڙيون وڃن، جيڪي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو آواز دٻائڻ بجاءِ ملوث ماڻهن کي سزا ڏياري سگهن.

3: اُستادن سميت سمورن ملازمن جي اخلاقي تربيت

هر وقت شاگردن تي نظر رکڻ ڪافي ناهي، استادن ۽ انتظامي عملي لاءِ به “ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ” (اخلاقي ضابطو) سخت ڪيو وڃي ۽ ان جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي. جڏهن ته ان کان اڳ استادن ۽ ملازمن جي اخلاقي تربيت ڪرڻ ۾ پڻ ڪا اربع خطا نه ٿيندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا