پيارا علي حيدر!
هي منظر يا ته مينھن ٿر جي مک تي ملهاري ڇڏيندو آهي ۽ يا ته ڪا ڪجلي وينگس وٺي جي هير ۾ پنھنجي سي گِرين وائلي کي اڏائي تخليق ڪندي آهي. هيل جڏهن سچن سِڪن جھڙيون مِينھن ڦڙيون ڪارونجهر جي جهول ۾ ڪِري رهيون آهن ۽ ياد جي نيرين ندين ۾ چنڊ جھڙا پير شاعريءَ جي مک تي ڦلارجڻ لڳا آهن ته، آئون چاهيان ٿو تون تصور جي چيچ جهلي ڪارونجهر جي اتھاس جي رستن تي نڪري پئو… ۽ انهن اکين سان ملي اچ، جيڪي هن ڏونگر جي ساحريءٓ ۾ جنمن کان پنڊ پھڻ ٿيل آهن. توڙي جو انهن جهپڪڻ ڇڏي ڏنو آهي، پر جڏهن به وڄ وراڪو ڏيندي آهي ته ان جي سڄي روشني انهن اکين ۾ زندگيءَ جو روح ٿي پوندي آهي.
۽ پوءِ اهي اکيون مورن جي رتاوٓن نيڻن ۾ وسندي مينھن ڳاڱين جي ڳاڙهن ڳلن تان ڀني رات جي ورتل چميءَ جو اسڪيچ سام رکي ڇڏينديون آهن.
توکي خبر آهي تہ اهي اکيون ڪنھن جون آهن؟ ها اهي اکيون ان عاشق جون آهن، جنھن جي پيرن ۾ هن ڏونگر جي هر پٿر جي سرگوشي سنجها جي ٽاڻي سارڌڙي جي سنان گهاٽ تي چنڊ کي چيڙائڻ ايندي آهي ۽ چنڊ انهي سرگوشيءٓ تي ان لاءِ ٿورئي چڙندو آهي ته اهو ان سرگوشيءٓ جي زبان سمجهي ٿو، پر اهو چڙندو ته ان لاءِ آهي جو ان کي لڄائيندڙ ان پوڄارڻ جون اکيون جيڪا ٻولي ڳالهائينديون آهن، اها صرف ان عاشق کي سمجهه ۾ ايندي آهي جيڪو وِڄ کي هن جي ويڻي ۾ چوڙي ڪري پارائڻ چاهيندو آهي. آئون چاهيان ٿو ڀنيءٓ جي ڪنھن ورهانڊ تون اهي پل به ڏسي اچين، جيڪي صدين کان مور انهن آسڻن تان چُڳي رهيا آهن ‘ڪنھن کل جي کجڪار جُهڙ ڦڙ لايو بيٺي آهي‘، يار جي ڀاڪر ۾ ويڙهجي وکرڻ جو جادو جهونگاري رهيو آهي، چمي وٺڻ مھل ڳلن جي لام تي ڦلاريل شفق رنگ ڦولڙا ايٽيٽيوٽ ڏيکارڻ لڳن ٿا، موڪلائڻ مھل اجهامي ٻرڻ جو احساس ڇاتين کي ڪيئن ڇني ٿو ‘ تون اهي منظر هڪ دفعو ضرور اميجن ڪري ڏسجان.
۽ ها تون ڪاسٻي به ضرور وڃجان ۽ يوسف فقير جي اکين سان ملي اچجان، انهن اکين جي اونداهيءَ پٺيان هڪڙي اهڙي روشني آهي، جيڪا هن جي اکين وٽان هن جي ڪنٺ وٽ ڪنوٓرٽ ٿي ويئي آهي. ان روشنيءَ جي سُجهندي ۾ وسندي مينھن هٿ تريءَ سان ڏيئي کي اجهامڻ کان بچائيندڙ مندر جي چائنٺ تي ڪا وڄ ورڻ وينگس ٻاپوءَ کي ريجهائڻ کان وڌيڪ ان ريساڙي يار کي ريجهائڻ آئي آهي، جيڪو هن سان ان ڪري رٺو آهي، جو هن ڏانھن ايندي هن کي جُتي ڇو ياد آئي.
ويندي ڏانھن پرين، جُتي جات نه پائيان!
تون يار جي ريجهائڻ لاءِ هن جا سڄا سانگ ضرور ڏسجان ته هو مينھن ۽ مورن جا ميڙ منٿ قافلا ڪيئن قطاري اچي ٿي، ڪيئن هو انڊلٺ ٿئي ٿي ته ڪيئن کنوڻين جيئن کيل ڪري ٿي. ڪيئن بوندن جيئن برسي ٿي، ڪيئن گولاڙن جيئن ٻکجي ٿي، ڪيئن گهنگهور گهٽائن جيئن گهيرا ڪري ٿي… پوءِ تون يوسف فقير کي غور سان ٻڌجان ته توکي سمجهه ۾ ايندو
وسڻ جا ويس ڪيا ‘ اڄ پڻ منھنجي يار…
۽ ها تون ڀالوا به وڃجان ته جيئن توکي ميرو ئي محبوب جو فلسفو سمجهه ۾ اچي… ۽ تو کي اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچي ته کٿيري تان کِل لطيف کي ايتري ڏکي ڇو لڳي هئي؟ آخر هن صحرا ۾ اهڙو ڇا هو، جو مارئي محلن تي ٿڪ هڻي، ان ملير ڏانھن مھاڙ ڪري روئندي پئي هئي، جنهن ملير ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي به ڪونه هو. ها تون وسندي مينھن اها ملير جڏهن ڏسندين، تڏهن توکي خبر پوندي ته ان ملير ۾ ڪھڙو ڌن هو، رڳو ڀٽ تي بوند پوڻ سان ان جي بدن مان ڀنڀلائجي اٿيل خوشبوءِ سان ملجان ته ان ۾ ڪهڙو جادو آهي. تون اڱڻ تي اٺي ويل ڪڏندڙ ڇيلڙن جي مستيءَ جو مشاهدو ڪجان، تون جُهوپن جي ڀڄڻ ۽ انهن مان اٿندڙ سانجهڻ جي دونھن جا ڪڪر ڏسجان، وٿاڻن ڏي ورندڙ راين ۽ ساين جي چڙن جي لئه ڪنائجان، هرڻن جي خوشيءَ جي ماپ انهن جي ڇال سان ئي ممڪن آهي.
تون گوڙيءَ جي مندر به ضرور وڃجان. ان جي گنبذن مان توکي اڏي سامهان ايندڙ چمڙا انهن رات جي ڪھاڻين جا قصا اورڻ ايندا ته ڪيئن نه سُڪي پيٽ ويٺل اهي ساڌو يار کي ريجهائڻ لاءِ روئندا هئا. توکي عشق ۾ دنيا تياڳڻ جي چريائين جا قصا رڳو حيرت ۾ ڪونه وجهندا، پر ماڻهو جي ان نھج تي پھچڻ جا اسرار سمجهه اچڻ لڳندا.
تون ڀوڏيسر کي به هڪ نظر مان ڪڍي اچجان، جنھن جي تلاءِ تي ميران جا ڪوڏ به تڙ ڪندي ملندا، جيڪي ڪيسوٻا جي پيرن جا ڏانوڻ ٿي پيا هئا. اصل ۾ ان ڪري ئي هن ڪارونجهر کي ڪوري کڻڻ جو شرط رکيو هو. ڇو ته هن جي اکين ۾ ڪارونجهر جو وزن ڳرو ان لاءِ هيو، جو ان ۾ ميران ڦلن جيئن ترندي هئي.
۽ ها انهن سڀني ڪهاڻين، قصن، منظرن ۽ محبتن سان ملڻ لاءِ ساگر کي ويراواه مان ضرور ڀيڙو وٺي وڃجان، ڇو ته انهن سان ملڻ جو رستو هن فقير جي دل مان گذرندو آهي…
