Homeادبڪالمدل جي ڊائري: حياتياتي نسلن کان اڳتي...

دل جي ڊائري: حياتياتي نسلن کان اڳتي…

هر نسل پنھنجا پنھنجا سماجي رجحان ۽ نفسياتي مونجهارا کڻي پيدا ٿيندو آهي. هر نسل جي سوچ جو انداز، سمجهه جو زاويو ۽ سرگرميءَ جو مقصد پنھنجي مجموعي حالتن جو نتيجو آهي. هونئن ته تاريخ ۾ لکين نسل پيدا ٿيا ۽ فنا ٿي ويا، انهن جي نفسياتي مسئلن ۽ سماجي حالتن جو گردان نٿو ٺاهي سگهجي. پر ويھين ۽ ايڪويھين صديون تاريخ جون سڀ کان تڪڙيون تبديل ٿيندڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ اثر ڇڏيندڙ صديون رهيون آهن، تنھن ڪري تاريخ ۽ عمرانيات جي ماهرن انهن ٻنھي صدين کي سموري انساني تاريخ جي سڀ کان عظيم ۽ سگهارين صدين ۾ شمار ڪيو آهي ۽ ڄاڻايل ٻنھي صدين دوران پيدا ٿيندڙ نسلن کي سندن پيدائش وارن سالن دوران رونما ٿيندڙ تاريخي واقعن، ثقافتي اثرن، سماجي ۽ معاشي حالتن، صنعتي ترقي ۽ ٻاروتڻ جي ماحول تحت هڪ خاص سڃاڻپ ڏئي، پنھنجي دورن جي عڪاسي ڪندڙ نالن سان سڏيو آهي.
اسان اڄ ڪالهه جين زي (Gen. Z) نالي جو پڙاڏو گهڻو ٻڌي رهيا آهيون. .Gen أصل ۾ Generation جو شارٽ فارم آهي يعني نسل… اهڙيءَ ريت Gen. Z مطلب “نسل Z” آهي. هي نالو هلندڙ صديءَ جي هاڻوڪي سڀ کان متحرڪ نسل جي نشاندهي ڪري ٿو. نسلن جي هھڙي سڃاڻپ جي ورڇ جو ڪو حياتياتي يا جينياتي پسمنظر قطعي ناهي، نه ئي هيءَ ورڇ ڪنھن ھڪ فرد جي ذات جي نمائندگي ڪري ٿي، پر هيءَ ورڇ انهن نسلن جي پيدائش وارن سالن جي وچ واري عرصي جي تاريخي، سماجي، ثقافتي، معاشي، نفسياتي، صنعتي، ميڊيائي ۽ ٻاروتڻ واري ماحول جي حالتن ۽ اثرن تي آڌاريل هڪ مجموعي عمراني سڃاڻپ آهي.
1901 کان وٺي حاضر دور تائين وارن سمورن نسلن کي هن وقت تائين ڪل 8 نسلن ۾ ورهايو ويو آهي. اڳتي اڃا ڪيترا نسل اچڻا آهن، ان جو تعين ايندڙ حالتون ڪنديون. هيٺ هر هڪ نسل کي ڏنل مخصوص نالي ۽ ان جي سڃاڻپ جي سببن جو مختصر پر جامع ذڪر ڪجي ٿو.

عظيم نسل Great Gen. (Great Generation) (1901-1927)
هن نسل کي عظيم نسل ان ڪري سڏيو ويندو آهي، جو هي دور سماجي، سياسي توڙي صنعتي طور انقلابن ۽ تبديلين جو دور هو. ان ئي دور کي علم ادب ۽ ڪتابن جو دور به سڏيو وڃي ٿو. پھرين مھاڀاري ويڙھ جي شروعات جتي انساني جانين کي هاڃو رسايو، اتي ان جي خاتمي عالمي ۽ جاگرافيائي طور نين سرحدن ۽ لاڳاپن کي جنم ڏنو. سوويت يونين جي قيام دنيا ۾ مظلوم قومن جي جيئاپي ۽ نئين سياسي صف بنديءَ جو بنياد وڌو. جتي جنگين ۽ انقلابن، غربت، وسيلن جي ڪمي، جديد نوآبادياتي نظام جھڙن مسئلن کي پيدا ڪيو، اتي وطن دوستي، فرض شناسي، نظم ضبط، صلاحيت جي فروغ، بچت جي عادت ۽ اجتماعي ذميداري جھڙا رجحان پيدا ڪيا. اهڙين عظيم تبديلين ۽ انقلابن هڪ عظيم دور کي پيدا ڪيو ۽ هڪ زبردست نسل کي جنم ڏنو.

خاموش نسل Silent Gen. (Silent Generation) (1928-1945)
ٻي مھاڀاري ويڙھ واري زماني ۾ پيدا ٿيندڙ نسل عالمي افراتفري، جنگي خوف، سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام، غير يقين مستقبل ۽ انسانن جي موت جا ڀيانڪ اثر کڻي پيدا ٿيو. ايٽم بمن جي موتمار اثرن ۽ جنگي تباهڪارين جي ڪري وٽس مستقبل بابت مايوسيءَ واري ڪيفيت هئي.
هُو اهڙين حالتن ۾ ڪا اڳڪٿي نه پئي ڪري سگهيو ۽ وائڙو، بتال ۽ ذهني دٻاءَ جو شڪار رهڻ لڳو، تنھن ڪري ئي کيس “خاموش نسل” سڏيو ويو. جيئن ته هر اوندھ کان پوءِ هڪ سوجهرو هوندو آهي، تنھن ڪري هن نسل اميد کي مضبوطيءَ سان پڪڙي شديد محنت ڪئي، سياسي ۽ معاشي نظام جي تعمير ۾ لڳي ويو ۽ پنھنجي وڃايل عظمت کي حاصل ڪرڻ لاءِ شديد محنت ۾ جُنبي ويو ۽ اڻپورن خوابن کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ خاموشي سان ترقي ۽ تعمير جي رستي تي ڊوڙڻ لڳو.

ٻارن ۾ غير معمولي اضافي وارو نسل Baby Boomers Generation (1946-1964)
ٻي مھاڀاري ويڙھ ۾ ضايع ٿيندڙ انساني جانين جي ڪري جنگ جي سڌي لپيٽ ۾ ايندڙ ملڪن ۾ خاص طور ۽ سڄيءَ دنيا ۾ عام طور مردن جي شديد کوٽ ٿي پئي. جنگ جي خاتمي کان پوءِ ملڪن کي نئين سر تعمير ڪرڻو هو، پر افرادي قوت خاص ڪري مردن جي شديد اڻاٺ جي ڪري ترقي ۽ تعمير ۾ رُخنو پئجي ويو. عورتون اڪيلي سر سڀ ڪم انجام نه پئي ڏئي سگهيون. يورپ جي اڪثريتي ملڪن توڙي ايشيا جي ڪجهه ملڪن ۾ باقي بچيل جنسي طور صحتمند جوڙن کي خاص مراعتون ڏنيون ويون ته اهي وڌ ۾ وڌ ٻار پيدا ڪن. جرمني، پولينڊ ۽ ڪجهه ٻين يورپي ملڪن ۾ باقاعده سرڪاري سرپرستي ۾ جنسي توقعات قائم ڪرڻ جا ادارا کوليا ويا. اهڙن اپائن جي ڪري هن دور ۾ ٻارڙن جي پيدائش ۾ غير معمولي اضافو ٿيو، تنھن ڪري ئي هن دور ۾ پيدا ٿيندڙ نسل کي Baby Boomers Generation سڏيو ويو.
هن نسل تعمير ۽ ترقي لاءِ وڏي محنت، همت ۽ جفاڪشي جو مظاهرو ڪري، دنيا کي سماجي ۽ معاشي استحڪام بخشيو ۽ صنعتي، سائنسي ۽ طبي ترقيءَ جو هڪ شاندار دور شروع ٿيو. ٽرانزسٽر ريڊيو، ٽيليويزن، پوليو ۽ ارڙي جون ويڪسين، سِلھ جو علاج توڙي ٻيون ايجادون ٿيون. خلائي سفر جي شروعات به هن ئي دور ۾ ٿي.
خلا ۾ پھريون ماڻهو ۽ پھريون هٿرادو گرھ به هن ئي دور ۾ موڪليا ويا. شھري حقن جون باقاعده تحريڪون ۽ سرد جنگ به هن ئي دور جي پيداوار هئا.

ايڪس نسل Gen.X (Generation X) (1965-1980)
هي نسل سڀ کان پيچيده ۽ پنھنجي سوچ ۾ سڀ کان وڌيڪ خودمختيار رهيو آهي. ترقي پسندي، روشن خيالي ۽ عقليت پسنديءَ کي هن ئي نسل سڀ کان وڌيڪ اپنايو. هن نسل وٽ حقيقت پسند ۽ تشڪيڪ پسند ٻئي رويا رهيا. هن کي روايت ۽ جديديت جي پل به سمجهيو ويندو آهي. هن کي “X” جو نالو ان ڪري ڏنو ويو جو X کي سبتو، ابتو، پاسيرو ڪھڙي به زاويي کان لکبو، پوءِ به X ئي رهندو. هن نسل سڀ کان وڌيڪ مٽاسٽا وارو دور ڏٺو. هن گاسليٽ جي بتيءَ کان بلب تائين ۽ ڪاغذي خط کان برقي خط تائين ٻئي دور هڪ ئي وقت تجربي ُ۾ آندا. فونو گراف، آڊيو ڪيسيٽون، ويڊيو ڪيسيٽ، سيڊيز، ڊي وي ڊي توڙي يُو ايس بي سڀ شيون پنھنجي تجربي ۾ آنديون. ٽائيپ رائٽر، سائيڪلو پرنٽ، ڪمپيوٽر ڪِي بورڊ تائين توڙي واڪي ٽاڪي، لينڊ لائين فون کان سمارٽ فون تائين سڀ استمال ۾ آندا. ڪتابن سان عشق، فلمن جو جنون، موسيقي سان رغبت، هيءُ نسل نظرياتي ۽ بحث مباحثي جو ذوق رکندڙ هو گڏوگڏ چالاڪ، پنھنجن مفادن کي اهميت ڏيندڙ ۽ پنھنجي مقصد کي اوليت ڏيندڙ به هو. عورتن ۾ ملازمت جو رجحان باقاعده وڌيو ۽ گڏيل ڪٽنبي نظام ٽٽڻ لڳو. چون ٿا ته جوڙن ۾ طلاقن جو لاڙو به هن ئي دور ۾ وڌيو. ٻارن جو والدين تي انحصار گهٽ ٿيو ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ جو لاڙو وڌيو. پارٽ ٽائيم جاب هن دور جو تحفو هو. سرد جنگ جو خاتمو به هن ئي نسل ڪيو، جيڪو اڳتي هلي سوويت يونين جي ٽٽڻ جو سبب بڻيو، عالمگيريت جو رستو به هن ئي نسل وٽان نڪتو. هن نسل جو سڀ کان وڏو ڪارنامو هو، چنڊ جي مٿاڇري تي پنھنجو پھريون قدم رکي، ڌرتيءَ کان ٻاهر ڪنھن ٻئي گرھ کي فتح ڪرڻ.

هزار سالا يا واءِ نسل Gen.Y (Millennial /Y Generation) (1981-1996)
توڙي جو هيءُ نسل صديءَ جي مٽجڻ کان اڳ ئي پيدا ٿي چڪو هو، پوءِ به هن کي هزار سالا (Millennial) ان ڪري ڪوٺيو ٿو وڃي جو هن هوش حواس ۽ سانڀر سان صديءَ کي مٽجندي ڏٺو. هن کي انگريزيءَ جي X اکر کان پوءِ جي سيريز طور “Y” نسل سڏيو وڃي ٿو. هيءُ نسل ان دور م پيدا ٿيو، جڏهن دنيا ۾ سائنسي، ٽيڪنالاجي، سياسي، عالمي ۽ سماجي طور تڪڙيون تبديليون ٿي رهيون هيون. سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ سوويت يونين جو ٽٽڻ، عالمگيريت ۾ تڪڙي واڌ، سمارٽ فون ۽ ليپ ٽاپ تائين تڪڙي رسائي، انٽرنيٽ جو باقاعده استعمال، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جو عام واهپو، اعلي’ تعليم ۽ پيشي وراڻي مھارت، مختلف قومن ۽ ثقافتن سان تڪڙا رابطا ۽ مثبت لاڳاپا، غير نصابي سرگرمين خاص ڪري راندين ۾ ماھرانہ صلاحيت جو استعمال، آن لائن تعليم ۽ ڊجيٽل ڪتب خانه، ڊجيٽل ڪارٽون ۽ ڊجيٽل ويڊيو گيمز وغيره. هن نسل ڪافي مشڪلاتون به ڏٺيون، جن ۾ ملازمت ۾ غير يقيني، ذاتي رهائش جو بحران، فرد توڙي ڪمپنين تي قرضن جو دٻاءُ، پيشہ ورانه مقابلي بازي ۾ رهجي وڃڻ، ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ڪري جسماني سرگرميءَ جو متاثر ٿيڻ، تڪڙي ترقيءَ جي ڊوڙ جا منفي اثر وغيره. هن نسل ۾ اميد ۽ مايوسي توڙي يقين ۽ خوف گڏ گڏ هلڻ لڳا.

زِي نسل Gen.Z (Generation Z) (1997-2012)
هن نسل کي عام طور Gen.Z سڏيو ويندو آهي، هي نالو ايڪس، واءِ الفابيٽ سيريز جي آخري اکر Z سان منسوب آهي. هن نسل جا ٻيا به لاڳاپيل ۽ غير مقبول نالا آهن جن م Zoomers, IGeneration and Digital Natives شامل آهن. هي اهو نسل آهي جنھن باقاعده ڊجيٽل دنيا ۾ اک کولي. تنھن ڪري هن جي زندگيءَ جو سڄو انحصار به ان تي ئي آهي. فيس بوڪ، يُوٽيوب، واٽس ايپ،انسٽاگرام، ٽڪ ٽاڪ، سنيپ چيٽ ۽ ٻيا سماجي رابطا هن نسل ۾ رتُ وانگر شامل آهن. سوشل ميڊيا هن نسل جو طاقتور هٿيار آهي، جنھن کان سواءِ ڄڻ هي نسل معذور آهي. هي پنھنجو پاڻ کان وڌيڪ سوشل ميڊيا تي يقين رکي ٿو. ڇا سچ آهي؟ ڇا ڪوڙ آهي؟ ڇا صحيح آهي؟ ڇا غلط آهي؟ ان جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بدران پنھنجي ذهن، پنھنجي پسند ۽ پنھنجي مقصد سان ملندڙ هر ڳالهه تي تڪڙو يقين ڪري ٿو ۽ وري سندس ڪا ڳالهه غلط ثابت ٿيڻ تي وٽس ڪو پڇتاءُ به ڪونهي… سوشل ميڊيا جي غلط استعمال جي ڪري هن نسل ۾ سائيبر ڪرائيم، مالياتي ۽ اخلاقي فراڊ، پوسٽ ڪيل مواد جي چوري ۽ ذاتي معلومات جي تحفظ جو خوف رهي ٿو. هن نسل کي معلومات تائين ترت ۽ درست رسائي جي ڪري تحقيق ۽ تشريح ڪرڻ ۾ سولائي ٿي آهي ۽ موسمياتي تبديلي، آفتن جي ترت آگاهي ملي ٿي ۽ ملڪي توڙي عالمي واقعن بابت باخبر به رهي ٿو، هيءُ نسل تفريح کي گهڻو وقت ڏئي ٿو ميمز، شارٽ ويڊيوز، مزاحيه اسٽيٽس ۽ آن لائن گيمنگ تي گهڻو وقت وڃائي ٿو.
هن نسل جو دور ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل ترقي جي انقلاب وارو دور آهي. تڪڙا ۽ مضبوط برقي لاڳاپا، بااعتماد برقي رابطا، ناڻي جي برقي مٽاسٽا واري ترت رسائي، مصنوعي ذهانت جو عظيم انقلاب، ويڊيو ڪالز، بااعتماد برقي بينڪنگ سسٽم وغيره شامل آهن. هي نسل روزگار جي سلسلي ۾ ڪنھن اداري ڏانھن واجهائڻ ۽ ان جو انتظار ڪرڻ بدران مھارت وسيلي گهر ويٺي آن لائن روزگار حاصل ڪري رھيو آھي. هن نسل لاءِ ڪافي مشڪلاتون به آهن جن ۾ ملازمت لاءِ سخت مقابلي بازي، آسائشن حاصل ڪرڻ لاءِ ناڻي جي کوٽ، مھانگائيءَ جي ڪري مالي تنگي، اسڪرين جي گهڻي واهپي جي ڪري جسماني ۽ ذهني مرضن ۾ واڌ، آن لائن هراسمينٽ، ڊجيٽل انحصار سبب يادداشت جو فقدان، سائيبر بلنگ ۽ اي چالان سسٽم، ڪمزور مواصلاتي سسٽم سبب برقي رابطن ۽ مالي مٽا سٽا ۾ رخنو وغيره.
جنريشن زي ٽيڪنالاجيءَ جي لحاظ کان ڄاڻ رکندڙ، عالمي شعور وارو، ابلاغ جي ڏسڻي ذريعن کي پسند ڪندڙ ۽ تيزيءَ سان ٿيندڙ تبديلين سان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻ وارو نسل آهي، جيڪو سوشل ميڊيا، مصنوعي ذهانت ۽ مسلسل ڊجيٽل رابطن واري دنيا ۾ ڄائو ۽ وڌيو ويجهيو آهي…

الفا نسل Gen.Alpha (Generation Alpha) (2012-2024)
نالن جي هيءَ سيريز يوناني الفابيٽ جي پھرئين اکر “الفا” کان شروع ٿئي ٿي. هن نسل جا والدين جين واءِ ۽ جين زي آهن. هيءُ نسل مڪمل طور مصنوعي ذهانت جي دور ۾ پيدا ٿيندڙ نسل آهي، تنھن ڪري هن کي AI Generation ۽ 5G به سڏيو ويندو آهي. هي مڪمل طور جديد ٽيڪنالاجي سان ليس نسل آهي، جنھن روبوٽائيزڊ اي آءِ جي جهوليءَ ۾ پرورش حاصل ڪئي ۽ هي نسل اڳتي هلي جيڪي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا معجزا ڪندو، اهي اسان جي سمجهه کان مٿي آهن. هي نسل آلات کي هٿ سان هلائڻ بدران هر قسم جو ڪم ڇھاءَ (click) سان ڪري ٿو. ان کان به اڳتي وڌي ڪنھن به ڪم لاءِ آوازي احڪام به ڏئي ٿو ۽ اي آءِ جي ذريعي اداڪارن، هدايتڪارن، موسيقارن توڙي سموري اسٽاف جو خرچ بچائي طويل فلمون، گانا، ڊاڪيومينٽريز ۽ اشتھار به رڳو هڪ ڪمپيوٽر جي مدد سان پاڻ ئي ٺاهي سگهي ٿو.
ايئن به ناهي ته الفا نسل ايڊوانس ٽيڪنالاجي جي ڪري هميشه خوش رهندو، پر ان کي آلات جي استعمال جي منفي اثرن ۽ خطرن توڙي ماحولياتي آفتن سان به منھن ڏيڻو پوندو. مثال طور ماحولياتي طور وڌندڙ گرمي پد، ڀيانڪ موسمياتي تبديليون، آلودگي ۽ غير صحتمند آبھوا، هاڃيڪار ڪيميائي مادا، مادي جيوت لاءِ خطرا، نقصانڪار کاڌا وغيره. ٻئي پاسي وري آلات جي استعمال طور اسڪرين جي گهڻي استعمال ڪري دماغي ۽ نفسياتي بيماريون، سوشل ميڊيا جي اثرن جو ذهني دٻاءُ، جسماني سرگرمي جي ڪمي سبب جسماني ڪمزوريون، آلات تي ڀاڙڻ جي ڪري يادداشت ۾ شديد ڪمي ۽ ويسر جي عادت، آن لائن رازداري چورائجڻ جا خدشا، سائبر ڪرائيم ۽ آن لائن هراسمينٽ جو خطرو، مالياتي خساري جو خوف، ڊجيٽل آلات جي علت، درست معلومات ۽ غلط معلومات ۾ فرق ڪرڻ جو فقدان وغيره جھڙا مسئلا پيش ايندا.
الفا جو آئندو روزگار لاءِ نه ته نوان شعبا ايجاد ڪندو، جيڪي اسان ٻڌا به نه هوندا. مثال طور مصنوعي ذهانت جو خود ٽيڪنالاجي طور اڀري اچڻ، روبوٽ ٽيڪنالوجي، ليونر ٽيڪ، مارسولاجي، ڪوانٽم اينرجي وغيره.
مجموعي طور جنريشن الفا هڪ انتھائي ڊجيٽل، مصنوعي ذهانت کان واقف ۽ عالمي سطح تي ڳنڍيل نسل آهي، جيڪو سمارٽ فونن، مصنوعي ذهانت، خودڪاري (آٽوميشن)، موسمياتي تبديليءَ جي خدشن ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ سان جڙيل تيزيءَ سان بدلجندڙ دنيا ۾ پالنا حاصل ڪري رهيو آهي.

بيٽا نسل Gen.Beta (Generation Beta) (2025-…….)
“بيٽا” يوناني اکرن جي سيريز جو ٻيو نمبر اکر آھي ۽ اهوئي هن نسل جو نالو به آھي. بيٽا نسل 2025 کان پيدا ٿيو آهي، جيڪو هينئر ٿورو ٿورو پنڌ ڪري يا بانبڙا پائي رهيو آهي. هونئن ته هن جي آخري حد جو ڪو تعين نٿو ڪري سگهجي، پر اڳڪٿي طور هن کي 2039 تائين شمار ڪيو ٿو وڃي. هيءُ نسل اهڙي دور ۾ ڄمي رهيو آهي، جيڪو اسان جي اندازي کان به گهڻو ايڊوانس هوندو. هو مشينن ۽ آلات جي وچ ۾ ڄمي پيو ۽ انهن کي ڄاڻڻ جو هنر سندس رت ۾ شامل آهي. هي پتڪڙا ٻارڙا سمارٽ فونن ۽ ڪمپيوٽر جا ايترا عادي ٿي چڪا آهن جو روئندڙ اڳيان فون رکو ته روئڻ بند ٿا ڪري ڇڏين ۽ اسڪرين تي آڱريون هڻي بي سمجهي م به اسڪرولنگ پيا ڪندا. هن نسل لاءِ وقت کان اڳ پڪ سان نٿو چئي سگهجي، پر اها ويجهي حقيقت آهي ته وٽن خودڪار گاڏيون ۽ خودڪار گهر هوندا، در پاڻ ئي کلندا، بلب پاڻ ئي ٻرندا، ڪرسي پاڻ وٽن سُري ايندي. هي ناقابل علاج بيمارين جو علاج ڳولي وٺندا، هر عضوي جي مصنوعي پيوندڪاري ٿيندي، جنھن ڪري سراسري طور وڏي ڄمار ماڻيندا. جينياتي ٽيڪنالاجي جي ڪري پنھنجي مرضيءَ جي شڪل ۽ عادتن وارا ٻار ڄڻيندا. سندن دوست عام ڇوڪرا گهٽ پر مصنوعي ذهانت وارا خودڪار انساني شڪل جا روبوٽ هوندا. روبوٽن سان سندن تعلق گهر جي ڀاتين ۽ مائٽن جھڙو هوندو. هر ڪم مصنوعي ذهانت جي ڪري پوري وقت تي ٿي ويندو، جنھن ڪري سندن ٽائيم تي انحصار ختم ٿي ويندو. سندن ڪٓرائين ۾ واچن بدران روبوٽ ۽ آلات جا ريموٽ هوندا. ماهر چون ٿا ته بيٽا نسل الگورٿم نسل هوندو، جيڪو هو سوچيندو، اهو ٿي ويندو يعني آلات سندن سوچ ۽ دلچسپي سمجهي ويندا.
بيٽا نسل کي ٽيڪنالاجي ۽ آلات جي ڪري اهي ئي مشڪلاتون، دماغي ۽ نفسياتي مسئلا رهندا جيڪي الفا نسل وٽ رهيا. ان کان سواءِ جيڪي اضافي دشواريون پيش اينديون، انھن ۾ شديد موسمي ۽ ماحولياتي حالتون، پاڻيءَ جي کوٽ، توانائي جي شديد ضرورت، جسماني سرگرمي جو فقدان، سماجي تنھائي ۽ اڪيلائپ، رشتن کان ويڳاڻپ وغيره شامل آهن.
مجموعي طور جنريشن بيٽا کي اهڙو نسل سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو اهڙي دنيا ۾ پيدا ٿيندو، جتي مصنوعي ذهانت روزمره زندگيءَ جو بنيادي حصو هوندي. انھن جو ٻالڪپڻ AI، روبوٽڪس، حياتياتي ٽيڪنالاجي، جديد ڊجيٽل تجربن ۽ موسمياتي تبديليءَ جھڙن عنصرن کان متاثر ٿيندو.
اڄ اسان پٿر جي دور کان مصنوعي ذهانت جي دور تائين پھچي ويا آهيون. اسان مشينن کي سوچڻ سيکاري ڇڏيو، روبوٽن کي هلڻ، ڪمپيوٽرن کي لکڻ ۽ مصنوعي ذهانت کي اسان جي سوالن جا جواب ڏيڻ سيکاري ڇڏيو، پر ڇا اسان اڃا تائين پاڻ کي محبت ڪرڻ، محسوس ڪرڻ، معاف ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جو درد سمجهڻ سيکاري سگهيا آهيون؟
شايد ايندڙ نسل وٽ اهڙيون مشينون هجن، جيڪي سندس چھري مان اُداسي پڙهي وٺن، سندس آواز مان خوف سڃاڻي وٺن ۽ سندس خواهش پوري ٿيڻ کان اڳ ئي سمجهي وڃن، پر جيڪڏهن ان نسل وٽ ڪنھن انسان جو هٿ پڪڙڻ لاءِ وقت نه هوندو ته پوءِ اها سموري ترقي آخر ڪھڙي ڪم جي؟
نسل بدلجندا رهندا، نالا بدلجندا رهندا، ٽيڪنالاجيون بدلجنديون رهنديون، دنيا هر نئين نسل سان وڌيڪ تيز ٿيندي رهندي پر انسان جي اصل ارتقا شايد ان ڏينھن ٿيندي، جڏهن هو پنھنجي هٿ ۾ موجود سموري طاقت باوجود ٻئي انسان کي نقصان نه پھچائڻ جو شعور حاصل ڪندو…

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا