ترجمو: يسرا عباسي
سڄيءَ دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو فيڊل ڪاسترو کي هڪ انقلابي اڳواڻ، طاقتور حڪمران ۽ آمريڪا جي نقاد طور سڃاڻن ٿا، پر هڪ ڇوڪريءَ لاءِ هو هڪ اهڙو شخص هو، جنھن جي موجودگي ته هر جاءِ تي هئي، پر هوءَ کيس پيءُ سڏي نه پئي سگهي.
ڪيوبا جي اڳوڻي صدر جي ڌيءُ الينا فرنينڊز ريويلٽا جي زندگي ڪنھن به سياسي تاريخ کان وڌ هڪ ذاتي الميي ۽ سڃاڻپ جي ڳولا معلوم ٿئي ٿي. ننڍپڻ ۾ الينا ٽي وي تي پنھنجي پيءُ کي ڏسندي هئي، هن جون تقريرون ٻڌندي هئي ۽ سڄو ملڪ فيڊل ڪاسترو جا نعرا هڻندو هو، پر کيس هرگز اها ڄاڻ نه هئي ته اهو شخص رڳو هڪ قومي اڳواڻ ئي نه پر هن جو پيءُ به آهي.
الينا جي دنيا ان وقت بلڪل ئي مٽجي وئي، جڏهن ڏهن ورهين جي عمر ۾ ماءُ کيس ٻڌايو ته جنھن شخص کي سڄي دنيا فيڊل ڪاسترو جي نالي سان سڃاڻي ٿي، اهو سچ پچ سندس ئي پيءُ آهي. اهو اهڙو راز هو، جنھن کان سندس خاندان ۽ مٽ مائٽ اڳواٽ ئي آگاھ هئا، پر الينا لاءِ اهو انڪشاف ڪنھن زلزلي کان گهٽ نه هو.
13 آگسٽ 2026ع تي فيڊل ڪاسترو جي پيدائش کي سئو سال پورا ٿيا. ان موقعي تي سندس مڃيل ڌيءُ الينا، جيڪا اڄڪلهه آمريڪا جي شھر مياميءَ ۾ رهي ٿي، پنھنجي زندگيءَ جي انهن پاسن بابت ڳالهائي ٿي، جيڪي اقتدار جي ايوانن کان وڌ هڪ ڌيءُ جي جذباتيت، اڪيلائيءَ ۽ سڃاڻپ بابت غير يقينيءَ واري صورتحال تي ٻڌل آهن.
1956ع ۾ هوانا ۾ پيدا ٿيڻ واري الينا، فيڊل ڪاسترو ۽ سماجي طور تي رسندي (اثر رسوخ) رکندڙ عورت نتاليا ريويلٽا جي لاڳاپن جو نتيجو هئي. جيتوڻيڪ هوءَ دنيا جي مشھور ترين سياسي شخصيتن مان هڪ جو اولاد هئي، پر هن ڪڏهن به ”ڪاسترو“ نالو يا ذات اختيار نه ڪئي. سندس چواڻي ته ان نسبت کيس آسانين کان وڌيڪ مورڳو اهنجن، مسئلن، دٻاءَ ۽ نجي آزمائشن جو شڪار بڻايو.

الينا اهو اعتراف ٿي ڪري ته جيڪا پھرين تصوير سندس ذهن ۾ اڀري ٿي، سا هڪ ڏاڙهيءَ واري مرد جي آهي، جيڪو 1959ع ۾ باغي جٿن جي قيادت ڪندي، هوانا ڏانھن اڳرائي ڪري رهيو هو ۽ ٽي وي تي ڇانيل هو. الينا جي بقول، ان شخص ڄڻ ته سندس ننڍپڻ جي وڻندڙ ڪارٽون ڪردار مِڪي مائوس جي جاءِ حاصل ڪري ورتي هئي.
سالن کان پوءِ، 1993ع ۾ الينا نقلي پاسپورٽ، وِگ ۽ جڙتو هسپانوي لھجي جي مدد سان ڪيوبا مان فرار ٿيڻ ۾ سوڀاري ٿي. آمريڪا پھچڻ کان پوءِ کيس شدت سان اهو احساس ٿيو ته جنھن سڃاڻپ کان الينا سڄي عمر پري ڀڄندي رهي، اها ئي در حقيقت سندس لاءِ ڪيوبا ۾ سياسي جبر ۽ حڪومتي پاليسين خلاف آواز اٿارڻ لاءِ هڪ ڪارگر وسيلو بڻجي ٿي سگهي.
اڄ فيڊل ڪاسترو جي نياڻي ميامي جي هڪ پُرسڪون رهائشي علائقي ۾ واقع گلن سان سينگاريل اڱڻ واري گهر ۾ اسان جي آجيان ٿي ڪري، جتي ھوءَ گذريل وڏي عرصي کان وٺي رھندي ھئي.
ستر ورهين جي الينا، ڳالهه ٻولهه دوران پنھنجي زندگيءَ جون اهڙيون وارتائون بيان ٿي ڪري، جيڪي ڪنھن به ريت فلمي داستانن کان گهٽ نه ٿيون لڳن. هيءَ ڪھاڻي انھن اوائلي يادگيرين سان شروع ٿي، جيڪي هڪ اهڙي انقلابي اڳواڻ سان لاڳاپيل آهن، جنھن نه فقط هن جي نجي زندگي پر پوري ڪيوبا جي تاريخ ۽ تقدير جو رخ به سدائين لاءِ تبديل ڪري ڇڏيو.
رات جي وقت ايندڙ مھمان
الينا اڃا ٽن ورهين جي به مس ٿي ته پھرين جنوري 1959ع تي فلخسينو بالتيستا ملڪ ڇڏي فرار ٿي ويو ۽ فيڊل ڪاسترو سانتياگو مان اهو تاريخي سفر شروع ڪيو، جنھن اٺن ڏينھن کان پوءِ کيس ڪيوبا جي نئين اڳواڻ جي حيثيت سان هوانا آندو. الينا کي ياد آهي ته سندس ٽي وي جي پردي تان مِڪي مائوس اچانڪ غائب ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ تي ڏاڙهين سان ڪي ڀائي نظر اچڻ لڳا، جيڪي گاڏين تي لٽڪيل هئا، مان کانئن ڏاڍو ڊڄندي هيس ۽ ڪيترا ئي ڏينھن اهي مرد ئي ٽيليويزن تي نظر ايندا رهيا.
اوائلي عوامي جشن ۽ خوشيءَ جو ماحول جلد ئي سندس يادن اندر هڪ مختلف منظرنامي ۾ بدلجڻ لڳو.
الينا چوي ٿي، تنھن کان پوءِ فائرنگ وسيلي سزائون ڏيڻ شروع ڪيون ويون، جن کي ٽي وي تي به ڏيکاريو ويندو هو ۽ عوامي مقدمه به هلايا ٿي ويا. ڪيوبا ۾ خوف ۽ تشدد جھڙي صورتحال پکڙجي پئي. ملڪ ۾ اچڻ واري ان وڏي بدلاءَ ڪيترن ئي ڪٽنبن کي ڀاڱا ڪري وڌو، جنھن ۾ سندس ڪٽنب به شامل هو. الينا جي ماءُ انقلاب کي قبوليو، جڏهن ته سندس ناني حڪمرانن تي تنقيد ڪندي رهي. ٻين گهر ڀاتين سميت اهو شخص به جنھن کي الينا پنھنجو پيءُ سمجهندي هئي، سڀ ڪجهه تياڳي، آمريڪا نڪري آيا.
ان دوران، جڏهن انھن سمورن معاملن کان اڻ واقف الينا وڏي ٿي رهي هئي، ته انقلابي اڳواڻ فيڊل ڪاسترو جي سندس گهر ۾ اچ وڃ شروع ٿي. الينا، فيڊل کي رات جي وقت اچڻ وارو مھمان سڏيو. تڪڙو تڪڙو ايندڙ مھمان. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ان سلسلي ۾ وٿي به اچي ٿي وئي.
الينا ٻڌايو ته، فيڊل گهر جي هڪ ڪمري ۾ پَٽ تي ويھي ساڻس راند ڪندو هو ۽ کيس تحفا به ڏيندو هو. اهڙن تحفن مان هڪ شيءَ کيس اڄ به چڱيءَ ريت ياد هئي.
ڪاسترو، کيس هڪ رانديڪو ڏنو، فيڊل ڪاسترو نما هڪ گڏو، جنھن کي فيڊل جھڙو ئي لباس پھريل هو ۽ الينا سندس ڏاڙهيءَ جا وار پٽي ٿي ڇڏيا. ڇو جو اهو سندس لاءِ محض هڪ رانديڪو هو. کيس ايترو به ياد آهي ته فيڊل جي اچڻ وقت هن جي ”امڙ خوشيءَ مان ٻھڪي اٿندي هئي. محبت کي سڃاڻي يا سمجهي سگهجي ٿو، امان کي فيڊل سان محبت هئي.”
جڏهن ناٽي ريويلٽا ۽ فيڊل جي وچ ۾ لاڳاپو شروع ٿيو ته ٻئي پرڻيل هئا. ناٽي جو وھانءُ، دل جي بيمارين جي ماهر اورلينڊو فرنينڊز سان ٿيل هو، جڏهن ته فيڊل جي ڪنوار (وني) ميرٽا دياث بالارت هئي.
اورلينڊو، الينا کي پنھنجو نسب ڏنو، الينا ان ڀروسي سان ئي پالنا حاصل ڪئي ته اورلينڊو ئي سندس والد هو. ايتري قدر جو 1961ع ۾ ڪيوبا ڇڏڻ کان پوءِ به. جڏهن الينا ڏهن ورهين جي ٿي ته کيس اهڙي پروڙ پئي. هن چيو ته ”امان پاڻ مونکي ان بابت ٻڌايو. هن منھنجو اسڪول تبديل ڪرڻ ٿي گُهريو ۽ چاهيو ٿي ته ڪو به ٻيو شخص مونکي اهو راز نه ٻڌائي.“
جيتوڻيڪ اها پڌرائي الينا لاءِ مڪمل طور تي ڇرڪائيندڙ هرگز به نه هئي. ڇاڪاڻ ته وقت بوقت فيڊل جي اچ وڃ جي ڪارڻ هوءَ ساڻس گهڻي ڀاڱي رلي ملي چڪي هئي. فيڊل کيس پيءُ جيان محسوس ٿيندو هو، پر پوءِ به کيس اهو سڀ ٻڌي ويساهه گهاتي ۽ دولاب جو احساس ٿيو.
”هيءُ هڪ اهڙو راز هو، جنھن بابت سمورو سماجي دائرو (سرڪل) ڄاڻندو هو، سواءِ منھنجي.“
ٻارھن تيرهن ورهين جي عمر ۾ الينا سندس خانداني نالو مٽائڻ کان نابري واري.
هوءَ گهڻو ڪري انڪار ڪندي هئي، جڏهن ماڻهو کائنس پڇندا هئا ته ڇا هوءَ ڪاسترو جي ڌيءُ آهي؟ الينا چيو، ”مونکي مناسب نٿي لڳو ته اوچتو هڪ ڏينھن بدليل نالي (سڃاڻپ) سان سڀني جي آڏو اچان. مونکي ان ۾ ڪو به فائدو نه ٿي نظر آيو. مون ڪڏهن به فيڊل کي پاپا نه سڏيو.“ هن لاءِ اهو لفظ فقط ان شخص سان منسوب هيو، جنھن کي الينا پنھنجي شروعاتي زندگي کان وٺي پيءُ جي حيثيت سان سڃاتو ٿي.
وقت گذرڻ سان گڏ الينا جي مايوسي نه فقط پنھنجي پيءُ پر ان سياسي تنظيم مان به وڌندي وئي، جنھن جي فيڊل ڪاسترو ڪيوبا ۾ اڳواڻي ٿي ڪئي.
ماڻهو کيس خط ڏئي ڇڏيندا هئا، ان آس تي ته هوءَ ڪاسترو کي اماڻيندي .
اهي درخواستون کيس اهڙن ڪٽنبن وٽان اينديون هيون، جن جي ويجهن کي ڦاسي ڏني وئي، جيڪي ملڪ ڇڏڻ لاءِ اجازت جا منتظر هئا يا وري جن جا ڀاتي سياسي قيدي هئا.
الينا ٻڌايو ته ننڍپڻ کان ئي هن پنھنجي اکين اڳيان اهو سڀ ٿيندي ڏٺو هو. هن جي بقول هي اهو دور هو، جنھن ۾ هڪ نئين ماڻهوءَ جي ٺاهڻ جا انقلابي تصور، نظرياتي سکيا ۽ اڳواڻ جي شخصيت جي چوڌاري وڌندڙ عقيدت روزاني زندگيءَ جو حصو بڻجي ويئي هئي.
فيڊل ڪاسترو سان هن جو لاڳاپو
”هفتي جي پڄاڻيءَ نالي ڪا شيءَ نه هوندي هئي. ڇاڪاڻ ته هو رضاڪاراڻن پورهين لاءِ مخصوص هو. جيتوڻيڪ اهي ڪم ضروري به هوندا هيا. لاڳيتيون جنگي مشقون ۽ ڌار ڌار مھمون هلنديون رهنديون هيون. هڪ شخص يعني فيڊل ڪاسترو جيڪو ٽي وي تي ست ست ڪلاڪ تقريرون ڪندو هو، اهي اسان لاءِ ڏسڻ (ٻڌڻ) لازمي هونديون هيون ۽ ٻئي ڏينھن ڪلاس دوران ان تي ڳالهه ٻولهه به ڪرڻي پوندي هئي. مون لاءِ اهو سڀ ڪنھن ڊيڄاريندڙ خواب مثل هو.“
هن هڪ ساهيءَ کان پوءِ چيو، ”توهان کي ايئن محسوس ٿيندو ڄڻ توهان ڪنھن پاڳل خاني ۾ رهندا هجو.“
فرانس ۾ ڪجهه عرصو گذارڻ کان پوءِ فيڊل ڪاسترو جي هن جي زندگيءَ مان سڌي سنئين موجودگي تھائين گهٽ ٿي وئي. تنھن کان پوءِ به وقت بوقت اچانڪ فيصلن وسيلي فيڊل سندس ذاتي زندگيءَ کي متاثر ڪندو رهيو.
”ڪڏهن هو منھنجي ڪنھن رشتي جي مخالفت ڪندو، ڪڏهن منھنجو تعليمي ادارو بدلائي ڇڏيندو،“ هوءَ چوي ٿي. ”سندس خيال اڪثر غير متوقع هوندا هئا، مون هن کان سواءِ جيئڻ جو ڍنگ سکي ورتو هو.“
جڏهن اسان کانئس پڇيو ته ذاتي زندگيءَ ۾ فيڊل ڪاسترو ڪھڙي شخصيت جو مالڪ هو؟ ان تي الينا جو جواب ڪافي منجهيل هو.
هوءَ فيڊل کي نھايت ئي ذهين، چالاڪ، مھذب ۽ پُر تجسس شخص سڏي ٿي، پر يڪ ساهيءَ ۾ اهو به چوي ٿي ته هو ماڻهن کي پنھنجي قابو ۾ رکندڙ ۽ حقيقتن يا سچائيءَ کي پنھنجي لاءِ استعمال ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هو. ”هن مون سان به ڪيترا ڪوڙَ ڳالهايا.“ الينا چيو.
الينا جي بقول، فيڊل ڪاسترو سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ به آسان ڪونه هو. هو مڪالمي جي بجاءِ هڪ طرفي گفتگو جو قائل هو. جي هو مون سان ڳالهائڻ چاهيندو هو ته سندس مقصد در اصل پنھنجو پاڻ کي ئي ٻڌڻ هوندو هو.
هڪ فلمي فرار
جوانيءَ ۾ ئي الينا کي ڪيوبا ڇڏڻ جي خواهش هئي. وقت گذرڻ سان گڏ هوءَ پنھنجي والد سان ذهني هم آهنگي وڃائي چڪي هئي. سندس قائم ڪيل سياسي نظام کي رد ڪرڻ لڳي هئي ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ لڳي هئي.
سندس چوڻ هو ته فيڊل ڪاسترو ئي اهو شخص هو، جنھن ان سموري انتشار جو بنياد وڌو. انقلاب جي ڪاميابيءَ جي فقط ٻن سالن کان پوءِ ئي غذائي قلت جو بحران ڪَر کڻڻ لڳو.
1990ع جي ڏهاڪي ۾ سوويت بلاڪ جي خاتمي کان پوءِ ڪيوبا ۾ جنھن دور جو آغاز ٿيو، تنھن کي خاص دور چيو وڃي ٿو. اهو دور شديد معاشي بحران، خوراڪ جي گهٽتائي، بک، بدحالي، بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۽ چرپر جي وسيلن جي شديد کوٽ تي ٻڌل آهي.
الينا چواڻي، ان دور ۾ هوءَ حڪومتي پاليسين تي کلي تنقيد ڪندي هئي ۽ هر وقت گرفتاريءَ جي خوف ۾ ورتل رهندي هئي.
19 ڊسمبر 1993ع تي هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت الينا ڪيوبا مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
هڪ اسپيني خاتون پنھنجو پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ کيس ڏني، جڏهن ته هڪ ٻئي ماڻهوءَ سفري ڪاغذن ۾ گهربل تبديليون آنديون، جنھن کان پوءِ الينا، هوانا جي هوائي اڏي طرف رواني ٿي.
هن ياد ڪندي چيو، ”جيئن ئي مان ٽيڪسيءَ ۾ ويٺس، مون اسپيني لھجي ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته جيئن پاڻ کي ان جڙتو ڪردار لاءِ پختو ڪري سگهان.“ مصنوعي وارن جي وِگ ۽ تمام گهڻو ميڪ اپ ڪري، هوءَ هوائي اڏي تي پھتي،
”مون کي گهٻراهٽ نه پئي ٿي، بلڪ مون هڪ عجيب قسم جي خاطري محسوس ڪئي، منھنجي ذهن ۾ فقط هڪ ئي خيال هو يا ته اسان جون زندگيون مڪمل طور سڌري وينديون يا وري مڪمل تباھ ٿي وينديون.“
هوءَ ڪسٽمس جي جانچ مان بي خوف گذري، جھاز ۾ ويٺي. پھرين ميڊرڊ ۽ پوءِ آمريڪا پھتي.
31 ڊسمبر 1993ع تي هڪ مذهبي اڳواڻ جيسي جيڪسن جي صلح جي نتيجي ۾، سندس 16 ورهين جي ڌيءُ به آمريڪا پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ٻنهي گڏجي نئين سال کي ڀليڪار ڪئي.
”آمريڪا اچي مان واقعي فيڊل ڪاسترو جي ڌيءُ بڻيس.“
آمريڪا ۽ اسپين ۾ ڪجهه وقت گذارڻ کان پوءِ الينا فرنينڊز مستقل طور ميامي ۾ رهائش اختيار ڪئي.
سندس چوڻ هو ته جنھن حسب نامي کي هوءَ ورهين تائين لڪائيندي رهي، جلاوطنيءَ کان پوءِ اها ئي سڃاڻپ هن لاءِ ڪيوبا جي حالتن تي تنقيد ۽ اظھار جي آزاديءَ جو مضبوط وسيلو بڻجي وئي.
”جيڪو ڪم مان ڪيوبا ۾ رهي ڪڏهن به نه ڪري سگهيس يعني فيڊل ڪاسترو جي باري ۾ کُلي ڳالهائڻ يا پاڻ کي سندس ڪٽنب جو حصو مڃڻ، اهو مون هتي اچي ڪيو. چاليھه سالن جي ڄمار ۾ مان واقعي فيڊل ڪاسترو جي ڌيءُ بڻيس.“
ميامي ۾ الينا هڪ سيل ڪلچر ليبارٽري ۾ ٽيڪنيشن طور ڪم ڪيو، تنھن کان پوءِ ريڊيو پروگرام ”صرف الينا“ جي ميزبان بڻي.
1997ع ۾ الينا جي آتم ڪھاڻي، ”الينا: فيڊل ڪاسترو جي باغي ڌيءُ جون يادگيريون“ شايع ٿي، جنھن کي اسپين ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ٿي، جيڪا پوءِ ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪئي وئي.
کانئس، 25 نومبر 2016ع تي فيڊل ڪاسترو جي موت بابت سوال ڪيو ويو ته هن جي جواب ۾ احتياط ۽ خبرداري شامل هئي.
”نه، مون کي تمام گهڻو صدمو پهتو، نه وري مون ڪا خاص خوشي محسوس ڪئي. مون لاءِ اهو ڪو غير معمولي وڇوڙو يا واقعو نه هو.“
هن سال جي اپريل مھيني ۾ شايع ٿيل دستاويزي فلم ”ريوليوشنز ڊاٽر“ ۾ الينا پنھنجي زندگيءَ جي تجربن ۽ ڪيوبا سان واسطو رکندڙ جلاوطن ماڻهن جي وسيلي 1959ع ۾ انقلاب کان پوءِ قائم ٿيڻ واري سموري نظام جو تنقيدي جائزو پيش ڪيو آهي.
هن جي ويجهو اڄ جو ڪيوبا ان ئي سياسي ۽ سماجي ماڊل جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي، جنھن جو بنياد الينا جي پيءُ رکيو هو.
”جڏهن به رياست سمورين ڪاروباري ۽ معاشي سرگرمين تي قابض بڻجندي آهي ته، عام ماڻهو بي وس ٿي پوندا آهن“
الينا جو خيال آهي ته ڪيوبا ۾ حقيقي اقتدار اڄ به طاقتور فوجي اشرافيه (هڪ طاقتور جٿي) جي هٿ وس آهي، جيڪي کيس آسانيءَ سان ڇڏڻ لاءِ راضي نه ٿيندا.
رٽائرڊ زندگي گهارڻ واري الينا ميامي ۾ سادگيءَ سان جي رهي آهي. سندس چوڻ آهي ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هن جو ڪاسترو خاندان سان ڪو به رابطو باقي ناهي رهيو. ايستائين جو انھن مٽن مائٽن سان به نه، جيڪي پاڻ جلاوطنيءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن.
جڏهن اسان الينا کان پڇيو ته سندس والد جون ڪهڙيون خاصيتون کيس ورثي ۾ مليون؟ ته هوءَ هڪ گهڙيءَ لاءِ ماٺ ٿي وئي.
”مان هڪ عملي ۽ عقلي مزاج واري انسان آهيان. جيستائين فيڊل جو سوال آهي ته مون کي پاڻ ڄاڻ ناهي ته هو ڪھڙي ۽ ڪيتري حد تائين اهڙو هو، ڇاڪاڻ ته هن ڪڏهن به اهڙي ڪا ثابتي نه ڏني.“
ڪجهه دير کان پوءِ هوءَ وري ڳالهائي ٿي، ”ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن تي تنقيد ڪرڻ لاءِ توهان ڪو مثبت (هاڪاري) پھلو به ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو، پر مون کي اهڙو ڪو پاسو نظر نه ٿو اچي.“
ڳالهه ٻولهه جي پڄاڻيءَ تي جڏهن اسان کانئس پڇيو ته 13 آگسٽ 2026ع تي پنھنجي پيدائش جا سئو سال مڪمل ڪرڻ واري ڪيوبا جي انقلابي اڳواڻ کي تاريخ ڪھڙي حيثيت سان ياد رکندي؟ ته الينا جو جواب بلڪل کرو هو.
”منھنجو خيال آهي ته هاڻ تاريخ به ان کي اڳ واري اهميت نه ٿي ڏئي. دنيا گهڻو اڳتي وڌي چڪي آهي. ڪاسترو کاٻيءَ ڌر جي هڪ علامت طور رهجي ويو آهي، جنھن جو ذڪر هاڻ اڳ جھڙو مقبول ناهي ۽ ڪيوبا جي موجوده حالت ايتريقدر واضح آهي، جو هاڻ ان جي ذميواري ٻين جي کاتي ۾ وجهڻ ممڪن ناهي رهي.“
فيڊل ڪاسترو جي سياسي ورثي تي دنيا جي راءِ اڄ به ورهايل آهي. تنھن هوندي به فيڊل جي ڌيءُ الينا جو داستان هڪ اهڙي فرد جي نجي ۽ سياسي زندگيءَ جي وچ ۾ موجود منجهيل رشتي تان پردو کڻي ٿو، جنھن اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تائين ڪيوبا جي سياست ۽ معاشري تي گھِرا اثر ڇڏيا.
(بي بي سي جي ٿورن سان. هيءَ ڳالهه ٻولهه فيڊل ڪاسترو جي ستن ٻارن مان اڪيلي ڌيءُ الينا فرنينڊز سان بي بي سي منڊو جي رپورٽر اتا هوالپا اميريسي ڪئي).
